سورت القَمَرِ (معنيٰ: چَنڊُ)
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-22
منڪرن کي اڳين قومن جي تباهيءَ مان سبق سکڻ گهرجي.
(١) (تباهيءَ جي) گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي ۽ چنڊ ڦاٽي پيو آهي. (٢) ۽ هي (ڪافر) جيڪڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته منهن موڙي هليا ٿا وڃن ۽ چون ٿا ته هي وقتي (يا معمولي) جادو آهي. (٣) هو (حق کي) ڪوڙو ٺهرائين ٿا ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا. پر (هنن کي يقين رکڻ گهرجي ته) هر ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت مقرر آهي، (سو سندن تباهي به مقرر وقت تي اچي ويندي). (٤) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته هنن (ڪافرن) وٽ گهڻيون ئي خبرون (۽ پيغمبرن جا چتاوَ ۽ اڳوڻين قومن جي تباهيءَ جا احوال) اچي چڪا آهن جن ۾ ڪافي تنبيهه آهي. (٥) (۽ جن ۾ دلين تي اثر ڪندڙ) اعليٰ حڪمت رکيل آهي، پر (افسوس جو هنن ڪافرن کي) خبردار ڪندڙن (پيغمبرن) جون نصيحتون ڪجهه به فائدو ڪونه ٿيون ڏين. (٦) سو (اي پيغمبر!) هنن (ڪافرن) کي ڇڏي ڏي. جنهن ڏينهن سڏ ڪندڙ (کين) سخت اڻ وڻندڙ (عذاب جي) واقعي ڏي سڏيندو. (٧) تنهن ڏينهن سندن اکيون جهڪيل هونديون ۽ قبرن مان ائين نڪري پوندا جو ڄڻ ته ٽڙيل پکڙيل ماڪڙ آهي. (٨) هو هڪ هنڌ کتل اکين سان سڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. (۽) ڪافر چوندا ته هي ڏينهن ته ڏاڍو سخت آهي! (٩) کانئن اڳي نوح جي قوم به (حضرت نوح جي نصيحت کي) ڪوڙو ٺهرايو. سو هنن اسان جي ٻانهي (حضرت نوح) کي نه مڃيو ۽ چيائون ته، هو مجنون (چريو) آهي ۽ هن کي تڙي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏنائون. (١٠) سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان عاجز آهيان، سون منهنجي مدد ڪر. (١١) سو اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات سان کولي ڇڏيا (۽ مينهن پرٽجي پيو). (١٢) ۽ (ان سان گڏ) زمين مان چشمان به وهائي ڇڏياسين. سو (آسمان ۽ زمين جو) پاڻي گڏجي پيو ۽ (الله جي) حڪم موجب ٺهرايل حد تائين چڙهيو. (١٣) ۽ اسان هن کي (يعني حضرت نوح کي سندس ماڻهن سميت) تختن ۽ ڪِلين واري ٻيڙيءَ تي کڻي وياسين. (١٤) جا اسان جي اکين اڳيان (اسان جي خاص نظر ۽ سنڀال هيٺ) هلڻ لڳي (۽ کيس سلامت کڻي ويئي) اهو (خاص) بدلو مليو انهيءَ کي جنهن کي ڪافرن نه مڃيو. (١٥) ۽ يقيناً اسان ان کي نشانيءَ طور ڇڏيو. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي. (١٦) پوءِ (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي. (١٧) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ ۽ (ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي! (١٨) عاد جي قوم به (پيغمبرن جي تعليم کي) نه مڃيو ۽ ان کي رد ڪيو، سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي. (١٩) اسان انهن (عاد جي ماڻهن) جي مٿان هڪڙو سخت طوفان اهڙي ڏينهن موڪليو جو سخت نڀاڳائي ۽ زبردست مصيبت وارو ڏينهن هو. (٢٠) جنهن انهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پٽي (اڇلائي) ماريو جو ڄڻ ته هو پاڙون پٽيل کجين جا ٿڙ هئا. (٢١) سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي. (٢٢) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ (۽ ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي!
رڪوع ٢ آيت 23-تا-40
ثمود جي قوم ۽ حضرت لوط عليه السلام جي قوم جي تباهي.
(٢٣) ثمود جي ماڻهن به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو. (٢٤) هنن چيو ته، ڇا اسان مان هڪڙو انسان، اڪيلوئي اڪيلو! اسان هن جي پيروي ڪيون ۽ سندس تابعدار ٿيون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته گمراهي ۽ چريائيءَ ۾ پئجي وينداسين. (٢٥) ڇا اسان سڀني جي وچئون اچي هن (مڙس) تي (خدائي) پيغام نازل ٿيو آهي؟ (بلڪل نه) بلڪ هو ڪوڙو ٻٽاڪي آهي. (٢٦) (اي حضرت صالح) هي (نادان) سڀاڻي ئي ڏسي وٺندا ته، ڪير ڪوڙو ۽ ٻٽاڪي آهي. (٢٧) اسان ڏاچي موڪلڻ وارا آهيون جا هنن لاءِ آزمائش آهي. سو تون ترس ۽ ڏس ۽ صبر اختيار ڪر. (٢٨) ۽ هنن کي ٻڌائي ڇڏ ته پاڻي سندن وچ ۾ ورهايل آهي ۽ هرڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي (۽ پنهنجي ڍورن کي پاڻي پياري). (٢٩) پر هنن ڇا ڪيو جو پنهنجي (هڪ شرير) سنگتيءَ کي سڏيائون، سو هن هڪ تلوار هٿ ۾ کنئي ۽ ان ڏاچيءَ جا پير ڪپي وڌائين. (٣٠) سو (ڏسو ته) اسان جو عذاب ۽ تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي. (٣١) اسان هنن جي مٿان هڪڙو اڪيلو سخت ڌڪاءُ نازل ڪيو، ۽ (ان زلزلي ۾) هو واڙ ٺاهيندڙ جي سڪين ڪاٺين جهڙا ٿي پيا. (٣٢) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ ۽ (ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي؟ (٣٣) حضرت لوط جي قوم به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو. (٣٤) اسان هنن جي مٿان پٿرن جو مينهن وسايو، سواءِ حضرت لوط جي ماڻهن جي. انهن کي اسان اَسُر جي وقت (شهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ تباهه ٿيڻ کان) بچائي ورتو. (٣٥) اهو (مٿن) اسان جو فضل ٿيو. اسان اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون، جيڪي خدا جي نعمت جو قدر ڪندا آهن (۽ سندس حڪمن تي هلندا آهن). (٣٦) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته حضرت لوط هنن کي اسان جي سخت پڪڙ بابت خبردار ڪيو هو، پر هو ان تنبيهه بابت جهڳڙا ڪندا رهيا. (٣٧) ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته هو سندس مهمانن کي (بد ارادي سان) کانئس کسي کڻي وڃڻ لڳا. پر اسان سندن اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون (۽ اهي مهمان سلامت نڪري ويا ۽ ڪافرن کي چيو ويو ته) هاڻي منهنجي عذاب ۽ تنبيهه جو مزو چکو. (٣٨) ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ئي دائمي (تباهيءَ جو) عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو. (٣٩) سو هاڻي چکو منهنجي عذاب ۽ تبيهه جو مزو. (٤٠) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ (۽ ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي.
رڪوع ٣ آيت 41-تا-55
فرعون ۽ سندس ماڻهن جي تباهي ۽ قريش کي تنبيهه
(٤١) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، فرعون جي ماڻهن ڏي به خبردار ڪندڙ (پيغمبر) آيا. (٤٢) پر هنن اسان جي سڀني نشانين ۽ حڪمن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ نه مڃيو. سو اسان به هنن کي اهڙي سخت پڪڙ ڪئي جهڙي زبردست قدرت وارو (الله) ڪندو آهي. (٤٣) (اي قريشيو) توهان جا ڪافر انهن اڳين (ڪافرن) کان (طاقت، علم، هنرن وغيره ۾) بهتر آهن ڇا؟ (جو پاڻ کي تباهيءَ کان بچائي سگهندا) يا (هيئن آهي ڇا ته) توهان جي لاءِ خدائي ڪتابن ۾ ڇوٽڪارو لکجي ويو آهي. (٤٤) يا اهي (مڪي جا ڪافر) هيئن ٿا چون ڇا ته، اسان وڏي جماعت آهيون ۽ پاڻ کي بچائي سگهنداسين. (نه نه!) (٤٥) جلد ئي هنن جي (وڏي) جماعت شڪست ڏيئي ڀڄائي ويندي، ۽ هو پٺي ڏيئي ڀڄي ويندا (جيئن جلد بدر جي جنگ ۾ ٿيو). (٤٦) بلڪ(سندس تباهيءَ جي) گهڙي جنهن جو کين واعدو ڪيل آهي سا به مقرر ٿي ويئي آهي، ۽ اها گهڙي تمام سخت عذاب واري ۽ سخت ڪوڙي هوندي. (٤٧) يقيناً (ظالم) گنهگار ماڻهو ئي ڀليل ۽ ديوانا آهن. (٤٨) انهيءَ
ڏينهن هنن کي باهه ۾ منهن ڀر گهليو ويندو (۽ کين چيو ويندو ته هاڻي) باهه جي پڪڙ جو مزو چکو. (٤٩) يقيناً اسان هرهڪ شيءِ کي اندازي ۽ مناسبت تي خلقيو آهي. (٥٠) ۽ اسان جو حڪم (۽ جهان جي هلائڻ جو هرهڪ ڪم) فقط هڪ هوندو آهي، جيئن اک جو ڇنڀڻ (هڪ ڏسڻ ۾ ايندو آهي). (٥١) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان اوهان جهڙا (ڪافر) ٽولا تباهه ڪري ڇڏيا، پوءِ آهي ڪو جو نصيحت (۽ عبرت) وٺي (۽ پاڻ سڌاري تباهيءَ کان بچي). (٥٢) ۽ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا سو سڀ (اسان جي) ڪتابن ۾ (لکجي ويو) آهي. (٥٣) ۽ هرهڪ ننڍي توڙي وڏي ڳالهه لکيل آهي. (٥٤) يقيناً پرهيزگار نيڪ ماڻهو باغن ۾ نهرن جي وچ ۾ هوندا. (٥٥) هو سچائيءَ واري مجلس ۾ ويهندا، انهيءَ الله وٽ ويندا جو وڏو شهنشاه ۽ قادر مطلق آهي.