سورت النازعات
شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
رڪوع ١ آيت 1-تا-26
قيامت ۽ ان جي دلائل جو وري ذڪر
(١) انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جيڪي (بد عمل ماڻهن جا روح) سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. (٢) ۽ انهن جو جيڪي (نيڪوڪارن جا روح) آسانيءَ سان ڪڍن ٿا. (٣) ۽ انهن جو جيڪي (هوا) چيريندا اچن ٿا. (٤) پوءِ اڳتي وڌندا رهن ٿا (۽ ڪا رڪاوٽ نٿي پوي). (٥) پوءِ هر ڪم جي تدبير ڪن ٿا، (هنن سڀني شين کي شاهد بنائي اسان چئون ٿا) ته قيامت ضرور ٿيندي. (٦) جنهن ڏينهن ڌڏڻ واري (ڌرتي) ڌڏندي. (٧) هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري (صور جي گجگوڙ) ان جي پٺيان ايندي. (٨) ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن (ان صور جي ڏهڪاءَ سان) ڏڪڻ واريون هونديون. (٩) (ان وقت بدڪار ماڻهن جون خواريءَ کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون. (١٠) (هن وقت سندن غرور جي حالت آهي جو هو مڪافات وارن قانونن سان مذاق ڪندي) چون ٿا ته، ڇا اسين (مرڻ کان پوءِ وري) پهرين حالت (حيات) ڏي موٽايا وينداسون. (١١) ڇا (ان وقت موٽايا وينداسون) جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون. (١٢) چون ٿا ته، (جيڪڏهن) اهو (مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻو آهي) پوءِ نقصان وارو موٽڻ آهي. (١٣) (نه مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي. (١٤) پوءِ اهي ڏسندي ئي (قيامت ڏينهن) ميدان تي اچي ويندا. (١٥) (اي پيغمبر!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟ (١٦) جڏهن ان کي سندس پاليندڙ طويٰ جي مقدس نئي ۾ سڏيو. (١٧) ته تون فرعون ڏي وڃ، ڇو ته هو (ڪمزورن کي دٻائي) حد کان لنگهي ويو آهي. (١٨) پوءِ ان کي چؤ ته، (تون دولت ۽ طاقت کي سڀ ڪجهه بڻايو آهي) ڇا توکي (انهن گندين خصلتن کان) پاڪ ٿيڻ جي به ڪا گهرج آهي؟ (١٩) ۽ هيءَ به (گهرج آهي) ته آئون توکي تنهنجي پالڻهار جو (عام پالڻهاريءَ وارو) رستو ڏيکاريان ته (تنهنجي لاءِ حجت بڻجي ۽) ان کان ڊڄين. (٢٠) پوءِ ان کي (خدائي قانونن جي علامت لٺ ۽ روشن هٿ جي معجزي واري) وڏي نشاني ڏيکاريائين. (٢١) پوءِ (به هو سرڪشي تان نه لٿو جو) هن (موسيٰ کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نافرماني ڪيائينس. (٢٢) ويتر پرپٺ ٿي (موسيٰ جي خلاف) ڪوششون ڪرڻ لڳو.(٢٣) پوءِ هن (فرعون پنهنجي قوم کي) گڏ ڪيو پوءِ وڏي واڪي تقرير ڪيائين. (٢٤) پوءِ (انهن کي) چيائين ته، آئون اوهان جو تمام مٿاهون پاليندڙ آهيان. (٢٥) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو. (٢٦) بيشڪ ان (واقعي) ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جيڪو (الله تعاليٰ کان) ڊڄي ٿو.
رڪوع ٢ آيت 27-تا-46
انسان جي تخلق ۽ ڪائنات جو نظام، الله جي قدرت جون وڏيون نشانيون آهن.
(٢٧) ڇا پيدائش جي لحاظ کان اوهان جو بنائڻ زياده مشڪل آهي يا آسمان جو؟ (٢٨) (جنهن کي) اهڙيءَ طرح (بنايو اٿس) جو ان جي ٿلهائي (ڇت) کي مٿي ڪري پوءِ ان کي برابر ڪيو اٿس. (٢٩) ۽ ان جي رات کي اونداهيءَ وارو ڪيو اٿس ۽ (ڏينهن کي) ان جي روشنيءَ سان ڪڍيو اٿس. (٣٠) ۽ ان کان پوءِ زمين کي (اوهان جي سهولت لاءِ) وڇائي ڇڏيو اٿس. (٣١) (هن طرح جو) اُن مان اُن جو پاڻي ۽ ان جا نباتات ڪڍيا اٿس. (٣٢) ۽ جبلن کي (مضبوط) کوڙيو اٿس. (٣٣) (انهيءَ سڄي سلسلي کي ترتيب سان رکيو اٿس) اوهان کي ۽ اوهان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ. (٣٤) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي. (٣٥) جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين. (٣٦) ۽ ڏسڻ واري لاءِ (سندس اکين اڳيان) دوزخ ظاهر
ڪيو ويندو. (٣٧) ته پوءِ جيڪو (زندگيءَ جي عملن ۾) حدن کان لنگهيو هوندو. (٣٨) ۽ دنيا جي حياتيءَ کي (آخرت جي حياتيءَ تي) پسند ڪيو هوندائين. (٣٩) ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي. (٤٠) ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون (حساب ڪتاب جي سختي واري حالت ۾) بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي (ان خوف جي ڪري) نفس کي خواهشن کان روڪيو هوندائين. (٤١) ته بيشڪ جنت ئي ان جي رهڻ جي جاءِ آهي. (٤٢) (اي پيغمبر! اهي ماڻهو اعتراض طور) توکان قيامت جو پڇن ٿا ته، اها ڪڏهن ٿيڻ واري آهي. (٤٣) (اي پيغمبر!) تنهنجو ان جي (وقت) بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو. (٤٤) تنهنجي پاليندڙ کي ئي ان جي پڇاڙيءَ (واقع ٿيڻ) جي خبر آهي. (٤٥) تون رڳو ان شخص کي (خدا جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان) ڊيڄاريندڙ آهين جو ان کان ڊڄي ٿو. (٤٦) جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن قيامت کي ايترو تڪڙو آيل ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا ۾) هڪڙي شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا.