حديث جي علم جا طبقا
[b]پهريون طبقو
[/b] علمِ حديث ۾ کل، ڇلڪي ۽ سپ جو مثال رکندڙ، اهو علم آهي جنهن جي ذريعي سان اهو معلوم ٿيندو آهي ته ڪهڙي حديث ”صحيح“ آهي، ڪهڙي ”ضعيف“ آهي، ڪهڙي ”غريب“ آهي ۽ ڪهڙي ”مشهور“. ان ڪم کي حديث جي وڏن امامن ۽ پوئين دور جي حديث جي حافظن وڏي محنت سان سرانجام ڏنو آهي.
[b]ٻيون طبقو
[/b] هن ۾ حديث جي ڏکين لفظن جي لغت ذريعي تحقيق ڪرڻ شامل هوندي آهي. هن سلسلي ۾ عربي ادب جي تمام وڏن امامن پنهنجي کوڙ سارين ڪوششن سان هن فن کي پنهنجي ڪمال تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ووم ڪري ڇڏيو آهي.
[b]ٽيون طبقو
[/b] علمِ حديث جي هن طبقي ۾ قانونن جي تحقيق ڪرڻ ۽ عملي ڪمن جو استخراج ۽ استنباط ڪرڻ شامل آهي. استخراج ۽ استنباط هن طرح ٿيندو آهي ته حديث اندر مقرر لفظن سان جيڪي حڪم ڏنا ويا آهن، انهن کي سامهون رکي، هر زماني جي تقاضائن مطابق نوان قانون ٺاهيا وڃن. يا جتي اشارو يا ڪنايو هجي، ان جي وضاحت ڪرڻ ۽ وقتي مصلحتن جي مطابق جيڪي حڪم آهن، انهن کي دائمي ۽ هميشه وارن حڪمن کان الڳ ڪرڻ هن درجي ۾ شامل آهن. هيءُ درجو اڪثر عالمن وٽ مغز، ڳر ۽ موتيءَ جي حيثيت رکندڙ آهي ۽ جيترا به وڏا فقيهه ۽ محقق علماءَ گذريا آهن، انهن تمام وڏي محنت سان هن فن کي تڪميل تائين پهچايو آهي.