ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

ملڪيت ۽ بهيميت جي گڏجڻ جا قسم

ملڪيت ۽ بهيميت جي مختلف درجن سان انسانيت جا اٺ قسم پيدا ٿيندا آهن، ملڪيت ۽ بهيميت جي مختلف طبقن کي ڄاڻڻ سان تمام گهڻا قسم پيدا ٿي سگهن ٿا، هڪڙا قسم ملڪيت جي انتها تائين پهچندا، ان جي مقابلي ۾ ٻيا قسم هوندا جيڪي بهيميت جي انتها تائين پهچندا، ٽيان قسم هوندا جيڪي ٻنهي جي وچ ۾ هوندا. ان کان پوءِ وچ واري جي ويجهو هڪ قسم ٺاهي وٺو، وري ان جي ويجهو ٻيو قسم ٺاهي وٺو. اهڙيءَ طرح وڌائيندا وڃو، ته انتها تائين پهچندي پهچندي تمام گهڻا قسم ٿي ويندا. پر اصولي طور جن قسمن جا الڳ الڳ ڪم ۽ عمل ڄاڻڻ ضروري آهن ۽ انهن جي سمجهڻ کان پوءِ ٻين قسمن جو سمجهڻ آسان ٿيندو آهي، اُهي اٺ قسم آهن:
1- اعليٰ درجي جي ملڪيت ۽ ان سان گڏ سخت بهيميت
2- اعليٰ درجي جي ملڪيت ۽ ڪمزور بهيميت
3- گهٽ درجي جي ملڪيت ۽ سخت بهيميت
4- گهٽ درجي جي ملڪيت ۽ ڪمزور بهيميت
هيءُ چار ”قسم تجاذب“ جا آهن. اهڙيءَ طرح ”اصطلاح“ (ملڪيت ۽ بهيميت جو پاڻ ۾ صلح) جا به ساڳيا چار قسم ڳڻي وٺو، ته مجموعي طور اٺ قسم ٿي پوندا. هر هڪ قسم جون الڳ الڳ خاصيتون آهن. هر هڪ قسم جون الڳ الڳ خاصيتون پنهنجي پنهنجي قسم کان ڌار نه ٿينديون آهن، ان ڪري جيڪو عالم، انهن اٺن قسمن جي خاصيتن کي سمجهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺندو آهي، اهو انسانيت جي کوڙسارن مشڪل مسئلن کي حل ڪري اطمينان حاصل ڪري سگهندو آهي. (بظاهر ماڻهو هڪ ئي قسم جو هڪ ڪم ڪندي نظر ايندا، پر نتيجو هڪ ئي قسم جو پيدا ٿيندي نظر نه ايندو. ان سان عالم ماڻهوءَ کي پريشاني ٿيندي آهي ته ان فرق جو سبب ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا نظرن کان غائب آهي؟ اهو عالم جڏهن هنن ڳالهين کي سمجهي وٺندو ته فرق جو سبب ڄاڻي سگهندو ۽ ان لاءِ کيس ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ سان منهن نه ڏيڻو پوندو.) اسان هتي صرف اهي ڳالهيون ڪنداسين جن جي اڳتي هلي اسان کي ضرورت پوندي. هن باب ۾ انهن قسمن جو پورو تفصيل لکڻ اسان جو مقصد ناهي.
1- جنهن جي بهيميت وڌيڪ سخت هوندي، ان کي سخت رياضتن جو حڪم ڏنو ويندو. ان ۾ جيڪو ”تجاذب“ جي خصوصيت رکندڙ هوندو، ان کي اڃا به وڌيڪ سخت رياضتون ٻڌائبيون، يعني گهڻي عرصي تائين لڳاتار روزا رکڻ، ان شخص جي مزاج جي موافق ٿيندو. جيڪڏهن اسان کي روايتن مان اها ڳالهه معلوم ٿئي ته گذريل زماني جي ڪنهن نبيءَ جي امت ۾ لڳاتار گهڻي عرصي تائين روزا رکڻ جو قانون هو، ته اسين سمجهنداسين ته انهن جي بهيميت تمام گهڻي تيز هئي. پاڻ سڳورن جي امت ۾ ڊگها روزا رکڻ منع ٿيل آهن، ان جو مطلب اهو آهي ته اڄڪلهه بهيميت گهڻي سخت ناهي.
2- درجن ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ۾ اهو ماڻهو وڌيڪ ڀلن نصيبن وارو ٿيندو جنهن جي ملڪيت اعليٰ درجي جي هوندي. ان مان جيڪو وري بهيميت سان صلح واري خاصيت جو مالڪ هوندو، ان جا ظاهري عمل پڻ تمام خوبصورت ٿيندا، ان جا اخلاق ۽ عادتون پڻ وڌيڪ سهڻيون ٿينديون ۽ ”تجاذب“ جي خاصيت رکندڙ جيڪڏهن پاڻ کي بهيميت جي اثر کان بچائي سگهيو ته ان ۾ علم تمام گهڻو اچي سگهندو، جڏهن ته عمل ۽ ادب جو گهڻو خيال نه رکي سگهندو. ڇاڪاڻ ته عمل جي لاءِ بهيمي قوت ڪم ڪندي آهي، جڏهن ته اها ڪمزور ٿي چڪي آهي.
3- جنهن جي بهيميت ڪمزور هوندي، اهو وڏا وڏا ڪم نه ڪري سگهندو. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن سندس ملڪيت اعليٰ درجي جي هوندي ته اهو سڀ شيون ڇڏي خالص الله جي طرف متوجهه ٿي ويندو. ملڪيت جيڪڏهن گهٽ درجي جي هوندي ۽ بهيميت جي اثر کان نڪري سگهيو هوندو ته اهو ماڻهو وڏا وڏا ڪم آخرت جي خوف کان ڇڏي ڏيندو. جيڪڏهن ملڪيت گهٽ درجي جي ۽ بهيميت ڪمزور، ٻئي گڏوگڏ رهنديون ته اهو ماڻهو وڏا وڏا ڪم سستي ۽ آرام طلبيءَ لاءِ ڇڏي ڏيندو.
4- وڏا وڏا ڪم، زوردار نموني سان اهو ماڻهو ڪري سگهندو جنهن جي بهيميت سخت هوندي. ان کان پوءِ جيڪڏهن سندس ملڪيت اعليٰ درجي جي هوندي ته اهو وڏين عظيم الشان حڪومتن کي هلائي سگهندو ۽ اهڙيءَ طرح اهي سمورا ڪم سرانجام ڏيندو جيڪي عمومي فائدي وارا هوندا. (جيڪڏهن حڪومت نه ڪري سگهندو ته اهڙا علمي ۽ اخلاقي مرڪز پيدا ڪري وٺندو، جن تحت کوڙسارن ماڻهن تي حڪومت پيو ڪندو) ۽ جنهن جي ملڪيت گهٽ درجي جي هوندي ۽ بهيميت سخت هوندي ته اهو لڙائين ۽ وڏن ڪمن ڪرڻ ۽ بار کڻڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو هوندو.
تجاذب وارا چارئي قسم جڏهن بهيميت جي طرف مائل ٿي پوندا آهن ته فقط دنياوي ڪم ڪندا آهن ۽ جڏهن ملڪيت جي طرف ترقي ڪندا آهن ته فقط ديني ڪم ڪندا آهن ۽ نفس جي سڌاري ۾ مصروف رهندا آهن.
مصالحت (اصطلاح) وارا چار ئي قسم، ٻئي ڪم هڪ ئي وقت ۾ ڪندا آهن، انهن ۾ جيڪڏهن ملڪيت اعليٰ درجي جي هوندي ته دين ۽ دنيا جي رياست هڪ ئي وقت ۾ گڏ هلائيندا آهن ۽ الله جو ارادو پورو ڪرڻ ۾ هو هڪ هٿ جيان ڪم ڪندا آهن ۽ ان ۾ پنهنجو فائدو بلڪل سامهون نه رکندا آهن. الله جا اهي ارادا عمومي نظام قائم ڪرڻ متعلق هوندا آهن. جيئن خلافت (انٽرنيشنل حڪومت) ۽ ملت جي امامت (يعني سوشل اصلاحن جي مرڪزيت.) اهي ئي ماڻهو نبي آهن ۽ انهن جا وارث ماڻهو حقيقت ۾ انسانيت لاءِ ٿنڀ جي مثال آهن ۽ انسانيت جا اڳواڻ ۽ امام آهن. دين الاهي ۾ انهن ماڻهن جي پيروي لازم آهي ۽ اهي دينيات ۾ حاڪم مڃيا ويندا آهن. اهي ماڻهو ”صاحب اصطلاح“ آهن ۽ سندن ملڪيت اعليٰ درجي جي آهي. جيڪي ماڻهو انهن حاڪمن جي وفاداريءَ سان اطاعت ڪندا آهن، اهي اصطلاح وارن مان هيٺئين درجي جي ملڪيت رکندا آهن.
جن ماڻهن جي ملڪيت هيٺئين درجي جي هوندي آهي، اهي علمن کي انهن جي صورت ۽ هيئت ۾ محفوظ رکندا آهن. تجاذب جي خاصيت رکندڙ ماڻهو تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته جيستائين اهي طبيعت جي اونداهين ۾ مشغول رهندا تيستائين ڪوبه اعليٰ قانون نه هلائي سگهندا ۽ جڏهن طبيعت تي غالب ٿي ويندا آهن تڏهن جيڪڏهن اهي اعليٰ خيال رکندڙ هوندا ته اهي روحاني ڳالهين جي صرف روح کي محفوظ رکندا، انهن جي صورتن جو کين گهڻو خيال نه هوندو ۽ صفات الاهيه جي باريڪ مسئلن جي سڃاڻ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر اهو رنگ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا ۽ اهو سندن سڀ کان وڏو مقصد هوندو. پر جيڪڏهن انهن جي ملڪيت اعليٰ درجي جي نه هوندي ته اهي رياضتن ۽ وردن جو بندوبست ڪندا آهن، ملڪيت جي روشنين، جيئن ڪشف، ڪنهن ڳالهه جي معلوم ڪرڻ يا دعا قبول ٿيڻ يا اهڙن معاملن ۾ تمام گهڻو خوش رهندا آهن ۽ شرعي اصولن مان، اهي پنهنجي طبيعت جي تقاضا مطابق فقط اهڙين شين کي محفوظ رکي سگهندا آهن جن ۾ طبيعت کي غلبي هيٺ رکڻ جو طريقو ٻڌايل هوندو آهي يا نورانيت حاصل ڪرڻ جو رستو ٻڌايل هجي. (ان کان سواءِ باقي عملن جي پابندي صرف عادت جي طور تي ٿيندي، طبيعت منجهان جيڪو شوق پيدا ٿيندو آهي، اهو پيدا نه ٿيندو.) هيءُ اُهي اصول آهن جيڪي منهنجي رب مون کي خاص طور تي عنايت ڪيا آهن. جيڪو شخص انهن کي سٺي طريقي سان سمجهي وٺندو، اهو هر زماني ۾ پيدا ٿيندڙ الله وارن جي احوالن کي چٽيءَ طرح سمجهي سگهندو ۽ انهن جي ڪمال جي انتها کي متعين ڪري سگهندو ۽ اُهي پنهنجي دل سان جيڪي اشارا ڪندا آهن انهن کي سمجهي وٺندو ۽ انهن جي سلوڪ جي مختلف طريقن جا اصول مرتب ڪري سگهندو. هي شيءِ الله جي فضل سان اسان تائين ۽ عام ماڻهن تائين پهتي، پر اڪثر ماڻهو ان جو قدر نه ٿا ڪن. والله اعلم