هن ڪتاب لکڻ جو سبب
ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن آءٌ عصر (ٽيپهري) کان پوءِ الله جي طرف توجهه ڪري ويٺو هوس ته مون کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ته نبي ڪريم ﷺ جن جي روح مبارڪ اچي ڪري منهنجي مٿان چادر وڌي آهي ان حالت ۾ منهنجي دل ۾ ان جو تعبير ۽ سمجهاڻي وڌي وئي ته هيءُ دين کي نئين طرز ۽ نئين انداز سان بيان ڪرڻ جي طرف اشارو آهي. ان ڏينهن کان وٺي مان پنهنجي سيني ۾ هڪ نور محسوس ڪريان ٿو جيڪو هر وقت وڃي ٿو وسيع ۽ ڪشادو ٿيندو.
ان کانپوءِ هڪ ڏينهن مون کي الهام ٿيو ته، مون لاءِ هيءُ فيصلو ڪيو ويو آهي ته آءٌ هڪ نه هڪ ڏينهن انهيءَ ڪم لاءِ اُٿي پوندس. هاڻي زمانو اچي ويو آهي جو زمين پنهنجي رب جي نور سان جڳمڳائجي پئي آهي. سج لهڻ مهل، ماڻهن جي مٿان نوراني ڪرڻا ائين پئجي رهيا آهن جيئن سج اُڀرڻ وقت سج جا ڪرڻا پوندا آهن. ۽ مون کي معلوم ٿيو ته رسول ڪريم ﷺ جن جي شريعت موجوده زماني ۾ هن لائق محسوس ٿي رهي آهي ته، ان کي دليلن، ثبوتن ۽ شاهدين جو پورو لباس پهرائي ظاهر ڪيو وڃي. (هر شيءِ مدلل هجي ۽ ڪابه شيءِ دليل کان بغير نه هجي) ان کان پوءِ مون امام حسن ۽ امام حسين ٻنهي کي خواب ۾ ڏٺو، آءٌ مڪي شريف ۾ ويٺو هوس، ائين معلوم ٿي رهيو هو جو ڄڻ پاڻ مون کي قلم ڏئي رهيا آهن ۽ گڏوگڏ اهو به فرمائي رهيا آهن ته هيءُ اسان جي ناني رسول الله ﷺ جن جو قلم آهي.
======================================================================
اها ڳالهه سمجهڻ ۾ مون گهڻي محنت نه ڪئي آهي (ته ان جو مطلب ڇا آهي.) (مولانا سنڌيؓ)
(ان جو مطلب ۽ تعبير اهو آهي ته) هن زماني جي ماڻهن ۾ شريعت کي بلڪل اهڙيءَ طرح سمجهڻ جي صلاحيت موجود آهي جهڙيءَ طرح رسول ڪريم ﷺ جن جي زماني ۾ ماڻهن ۾ هئي.
(مولانا سنڌيؓ)