فقهي مذهبن بابت شاهه صاحب جو خيال
پر هتي اسان جو انهن فقهي مسلڪن ۽ جزئيات تي بحث ڪرڻ مقصد ناهي ۽ نه ئي وري ان تي تفصيلي ڪلام ڪنداسين. ڇاڪاڻ ته هر فن جي پنهنجي خصوصيت ٿيندي آهي، هر هڪ موقعي جي پنهنجي تقاضا هوندي آهي. علم اسرار دين جون به پنهنجون تقاضائون ۽ خصوصيتون آهن. جيڪو ماڻهو علم اسرار دين ۾ ويهي بحث ٿو ڪري ان کي اها ڳالهه نه ٿي سونهين ته هو مختلف فروعي مسئلن ۾ ويٺو بحث ڪري. ان جو نصب العين ۽ بنيادي مقصد فقط اهو آهي ته حضور ﷺ جن جيڪي احڪام ڏنا آهن، انهن احڪامن جي رازن ۽ حڪمتن کي کولي بيان ڪري ڏيکاري. تنهن ڪري هن علم ۾ اهو به نه ڏسبو آهي ته حضور ﷺ جن جا اهي حڪم مستقل ۽ هميشه لاءِ هئا يا عارضي ۽ وقتي هئا، جيڪي ٿوري عرصي کان پوءِ منسوخ ٿي ويا. ۽ هن علم ۾ بحث ڪندڙ ماڻهوءَ جو هن ڳالهه سان به ڪو تعلق نه هوندو آهي ته فقيہ وٽ حضور جن جو ڪهڙو حڪم مرجوح ۽ ڪهڙو راجح آهي؟ (مرجوح ان حڪم کي چئبو آهي جنهن جي مقابلي واري حڪم کي ڪنهن قوي دليل جي بنيادي ترجيح ۽ اهميت ڏني وڃي.) اسرار دين سان واسطي واري ماڻهوءَ جو انهن ڳالهين سان تعلق نه هوندو آهي، ان جو مثال ايئن آهي جيئن حديث جي اندر لغوي بحث ڪندڙ عالم، حديث جي صحيح هئڻ يا ضعيف هئڻ متعلق بحث ۾ نه پوندو آهي يا حديث جي صحيح يا ضعيف هئڻ بابت تحقيق ڪندڙ عالم، فقهي استنباط تي بحث نه ڪندو آهي. ان طرح اسرار دين سان تعلق وارو ماڻهو فقيهن جي اختلافن تي گهڻو بحث نه ڪندو آهي.
البته اهو ضروري آهي ته ڪنهن به علم مان ضرورت جي وقت استفادو وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته ان علم جي سڀ کان صحيح ۽ درست ڳالهه کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي. اسرار دين جي عالم جو، ڇاڪاڻ ته علم حديث سان سڌو تعلق آهي ان ڪري علم حديث ۾ جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ درست ثابت ٿيندي، هو ان بابت بحث ڪندو. (جن ضعيف حديثن جو پاڻ سڳورن وٽان ڪوبه ثبوت نه ملي تن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هوندو آهي.) ۽ ان طرح جيڪڏهن فقهي مسئلن بابت بحث جي ضرورت پئي ته صحيح جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي.
==================================================================
حقيقت ۾ شاهه صاحب جو اهو رستو اعتدال ۽ انصاف پسنديءَ وارو آهي ته تحقيق ڪري دل جي اطمينان سان ڪنهن ڳالهه کي دليل جي بنياد تي تسليم ڪرڻ. ڪنهن هڪ جي رڳو بغير دليل سمجهڻ جي تقليد ڪرڻ شاهه صاحب جي نظر ۾ اهل تحقيق جو طريقو ناهي. ۽ ان سان گڏ شاهه صاحب اهم ڳالهه هي ٻڌائي آهي ته نظر اصولن ۽ قاعدن تي هجي. جزئيات ۽ فروعات ته انهن اصولن ۽ قاعدن جا نمونا ۽ صورتون آهن. يعني اصل ۾ قانون جي روح کي ڏسڻ گهرجي. باقي قانوني شڪل ۽ صورت ته حالتن ۽ زماني جي تقاضائن مطابق تبديل ٿيندي رهندي آهي. اهو طريقو اختيار ڪري فقهي اختلافن ۾ تطبيق پيدا ڪري سگهجي ٿي. پوءِ ڪي اهڙا مسئلا ايندا جيڪي ظاهر ۾ ته حنفي فقہ جي مخالفت ۾ هوندا پر جيڪڏهن حنفي فقہ جي اصولن جو گهرائي سان جائزو وٺبو ته اهي مسئلا فقہ حنفي جي اصولن جي مطابق ۽ موافق نظر ايندا. تنهن ڪري ڄڻ اهي به فقہ حنفي جا مسئلا شمار ٿيندا. تنهن ڪري فقيهن جي جزئين ۽ فروعن ۾ نظر وجهڻ مهل انهن جا اصول اڳيان رکجن. پر پوئين دور ۾ ٿيندو هي آيو آهي جو تحقيقي مادو ختم ٿي ويو ۽ ماڻهو جزئيات ۽ فروعات ۾ گهري پيا. اصولن کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو. وري اڳتي هلي انهن جزئيات ۽ فروعات کي اصل جي حيثيت ملي وئي ۽ انهن جزئيات ۽ فروعات تي وري ٻيون جزئيون ۽ فروع تخريج ڪيا ويا ۽ ايئن اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ نتيجي ۾ تمام گهڻا اختلاف پيدا ٿيا ۽ اهي فروع در فروع هر مسلڪ جو اصل ۽ بنياد بڻجڻ لڳا.
شاهه صاحب جو ان ۾ رايو هيءُ آهي ته اسين پهرئين دور جي امامن ۽ فقيهن جي ڳالهين کي تسليم ڪيون ٿا ۽ انهن کي حق تي مڃون ٿا. پر جيڪي پوءِ وري فروع در فروع ۽ جزئيات مان جزئيات ڪڍيون ويون آهن اسان انهن جي مڃڻ جا پابند ناهيون.