ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

هر نوع لاءِ اڳ تدبيرون

الله تعاليٰ جون هر نوع لاءِ جيڪي خاص تدبيرون آهن، انهن تي غور ڪيو ته ڪيئن نه پاڻ پنهنجي نوازش سان هر نوع جي تربيت لاءِ رستا آسان ڪري ڇڏيا اٿائين.
[b]نباتات بابت تدبير
[/b] ٿورو غور ڪري ڏسو! نباتات ۾ چرپر ۽ محسوسات ڪونه هئي، انهن جي لاءِ پاڙون پيدا ڪيائين، جيڪي انهن جي غذا لاءِ پاڻي، هوا ۽ مٽي جو گڏيل مادو چوسي وٺن ٿيون ۽ پوءِ ان گڏيل مادي کي ٽارين، پنن ۽ ٻين حصن ۾ صورت نوعيه جي تقاضائن مطابق تقسيم ڪن ٿيون.
[b]حيوان بابت تدبير
[/b] ان کان پوءِ توهان حيوان تي نظر ڪيو. حيوان وٽ حواس آهن، هو پنهنجي ارادي سان چرپر به ڪري سگهي ٿو. جنهن ڪري الله تعاليٰ کيس زمين ۾ هڻڻ لاءِ پاڙ ڪانه ڏني، جيڪا زمين منجهان گهربل مادو چوسي کيس مهيا ڪري. بلڪ سندس دل ۾ اهو خيال وجهي ڇڏيائين، ته هلندي، گهمند، ڦرندي، جتي ٿي سگهي اتان هو اناج، گاهه ۽ پاڻي پنهنجو پاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ طرح سندس ضرورت جا سمورا مرحلا پنهنجو پاڻ طئي ڪرڻ لاءِ کيس الهام ڪري ڇڏيائين. هتي ان نوع جو ذڪر ڪونه ٿيو آهي جيڪو مٽيءَ منجهان پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پوندو آهي، جيئن زمين منجهان ننڍڙا ننڍڙا ڪيڙا پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پوندا آهن. جيڪو نوع ان طرح زمين مان پيدا نه ٿيندو آهي، ان بابت الله تعاليٰ اهڙيون تدبيرون ڪري ڇڏيون آهن جن تحت انهن جو نسل وڌندو ويجهندو رهي ٿو. ان ۾ تناسل جون قوتون پڻ امانت رکيون ويون آهن. مادي حيوان ۾ اهڙي رطوبت پيدا ڪري ڇڏي وئي آهي جيڪا سندس پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻچي لاءِ ڪم ايندي آهي. ٻئي مرحلي ۾ ان کي خالص کير بنايو ويندو آهي. جنهن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ٻچي جي دل ۾ الهام ٿيندو آهي ته هو ببن کي چوسي ۽ کير پي وٺي. اهڙيءَ طرح ڪڪڙ ۾ اهڙي رطوبت پيدا ٿيندي آهي، جنهن مان آنو پيدا ٿيندو آهي. آنو ڏيڻ کان پوءِ سندس پيٽ خالي ٿي پوندو آهي ۽ دماغ تي کيس خشڪي اچي ويندي آهي، جنهن سان جهڙوڪ هوءَ چري ٿي پوندي آهي. جنهن جو اثر اهو ٿيندو آهي ته اها پنهنجي هم جنسن ٻين سان ملڻ ڇڏي ڏيندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ ڪنهن شيءِ جي حفاظت ڪرڻ جي منجهس تڙپ پيدا ٿيندي آهي. جنهن تحت آني کي پنهنجي هيٺان ڏيڻ پسند ڪندي آهي ۽ ان سان پنهنجي خالي پيٽ کي زور ڏيندي رهندي آهي. اهڙي طرح ڪبوترن جي نر ماديءَ ۾ محبت پيدا ڪئي وئي آهي. جيئن ئي ڪبوتر ماديءَ جو پيٽ خالي ٿيندو آهي ته اها به بهتر طريقي سان آني جي حفاظت ڪندي آهي. ان جي پيٽ ۾ جيڪا رطوبت پيدا ڪئي وئي آهي سو هوءَ الٽي ڪري ٻاهر ڪڍندي آهي ۽ ان الٽيءَ ذريعي داڻو ۽ رطوبت پنهنجي ٻچي جي پيٽ ۾ پهچائيندي آهي. ۽ نر ڪبوتر محبت ۽ انس جي سببان ماديءَ جي پٺيان پٺيان رهندو آهي. ڪبوتر جي ٻچي ۾ رطوبت وڌيڪ هوندي آهي، جنهن کي وري پرن ٺاهڻ ۾ بدلايو ويندو آهي.
[b]انسان بابت تدبير
[/b] حيوان کان پوءِ انسان جو درجو اچي ٿو. ان ۾ حواس، چرپر جي قوت، فطري الهام ۽ طبعي علم قبول ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هوندي آهي. ان سان گڏوگڏ انسان کي عقل آهي، نون علمن پيدا ڪرڻ جي طاقت آهي، جنهن ڪري الله تعاليٰ کيس پوکي راهي ڪرڻ، وڻ لڳائڻ، واپار ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ڏيتي ليتيءَ جا معاملا ڪرڻ وغيره جو الهام ڪيو آهي. منجهن ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جن کي سردار ۽ اڳواڻ ٿيڻ جو شوق به هوندو آهي يا قدرتي اتفاق سان سردار ٿي پوندا آهن. ڪي وري اهڙا آهن جن جي طبيعت ۾ غلامي قبول ڪرڻ جو مادو رکيل هوندو آهي يا قدرتي اتفاق سان غلام بڻجي ويندا آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي بادشاهه ٿيڻ جو حوصلو رکن ٿا، ته ڪي وري وفادار رعيت ٿي رهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. انسانن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن جي صلاحيت کين وڏو دانشور ۽ فلاسافر بنائي ڇڏيندي آهي، اهي الاهي فلسفي جا وڏا ماهر ٿي پوندا آهي. ڪي وري طبيعات، رياضي ۽ سائنس جا استاد ٿيندا آهن، انهن ۾ اهڙا بي سمجهه به آهن جن وٽ علم ۽ ڏاهپ جو مورڳو ڪوبه مادو ئي ڪونه هوندو آهي، پر ٻين جي پٺيان هلي ڪجهه حاصل ڪري سگهندا آهن. توهان ڏسندؤ ته سموريون قومون جهنگلن ۾ رهندڙ هجن يا شهرن ۾، منجهن اهي سڀ وصفون پوريءَ طرح مشترڪ نظر اينديون. انساني قوت بهيميه ۽ ان جي معاشي ترقي جي حق ۾ اهي سڀ ڳالهيون ظاهري تدبيرن ۽ باطني خصوصيتن جو حڪم رکن ٿيون. ان کان پوءِ انسان جي ملڪوتي قوت جي طرف غور ڪرڻ شروع ڪندؤ ته توهان کي معلوم ٿيندو ته انسان ٻين حيوانن جي برابر ناهي، بلڪ انسان ٻين سڀني حيوانن کان سمجهه ۾ تمام گهڻو سرس آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته انسانن ۾ اهڙا فرد به موجود آهن، جيڪي انساني نوع جي سمورين خصوصيتن حاصل ڪرڻ جي صلاحيت نه رکندا آهن، پر ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ درست نه ٿيندو ته ڪو انسان لاءِ اهي خصوصيتون مڃجن ئي نه.
جن علمن ۾ انساني نوع مشترڪ آهي، انهن مان هڪ هيءُ آهي ته هو پنهنجي پيدائش ۽ پنهنجي تربيت جا ڪارج دريافت ڪري سگهندو آهي ته مان ڪيئن پيدا ٿيس ۽ ڪيئن تربيت پاتم ۽ ان ۾ ڪيستائين ترقي ڪري سگهندس. اهڙيءَ طرح انسان پنهنجي سمورن علمن کي هڪ مدبر جي تدبير ۾ سموئي ڇڏيندو آهي ۽ ان کي پنهنجو پيدا ڪندڙ ۽ رزق ڏيندڙ مڃيندو آهي ۽ پنهنجي خالق ۽ مدبر جي سامهون پنهنجي زبان سان پوريءَ همت سان عاجزي ظاهر ڪندو آهي. انسان پنهنجي جنس جي ٻين فردن کان ان ڪري منفرد حيثيت رکي ٿو جو هو ”زبان قال“ سان عاجزي ظاهر ڪري سگهندو آهي ۽ ٻيا حيوان ”زبان حال“ سان عاجزي ظاهر ڪندا آهن، اهائي ڳالهه قرآن شريف ۾ بيان ڪئي وئي آهي ته:
اَلَمۡ تَرَ اَنَّ اللّٰہَ یَسۡجُدُ لَہٗ مَنۡ فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَنۡ فِی الۡاَرۡضِ وَ الشَّمۡسُ وَ الۡقَمَرُ وَ النُّجُوۡمُ وَ الۡجِبَالُ وَ الشَّجَرُ وَ الدَّ وَآبُّ وَ کَثِیۡرٌ مِّنَ النَّاسِ ؕ وَ کَثِیۡرٌ حَقَّ عَلَیۡہِ الۡعَذَابُ ؕ(الحج: 18)
”ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته سموريون شيون زمين ۾ هجن يا آسمان ۾، سج، چنڊ، ستارا، پهاڙ، وڻ، جانور ۽ کوڙ انسان الله تعاليٰ کي سجدو ڪن ٿا. ۽ کوڙ اهڙا به آهن جن تي عذاب ثابت ٿي چڪو آهي.“ (يعني اهي پنهنجي رب اڳيان جهڪڻ ڄاڻن ئي نٿا.)
ان جي تشريح هيئن سمجهو ته هڪ وڻ ۾ تدبير ڪرڻ وارو جيڪو روح آهي ان جو نالو ”نفس نباتي“ تجويز ڪيو ويو آهي. ڇا وڻ جون سموريون ٽاريون ۽ ان جا سمورا پن ۽ گورا هميشه هميشه لاءِ ”نفس نباتي“ جي سامهون هٿ ڦهلايو ڪونه ويٺا آهن؟ جيڪڏهن وڻ جي هڪ هڪ شيءِ کي الڳ الڳ عقل هجي ها ته ٽاريون، پن ۽ گونچ سڀ ”نفس نباتيءَ“ جو شڪريو ادا ڪن ها. اهڙي طرح جيڪڏهن وڻ جي هر هڪ حصي کي مخاطب ٿيڻ جي صلاحيت ڏني وڃي ها ته اهو پنهنجي ”نفس نباتي“ جي طرف محتاجيءَ جو احساس به ڪري ها ۽ ان جي محتاجي جو اثر سندس جذبن تي به ٿئي ها ۽ دل سان هٿ ڊگهيرڻ شروع ڪري ها. ان مان اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته انسان ڇاڪاڻ ته عقل مند آهي ۽ تيز عقل جو مالڪ آهي، تنهن ڪري هو جيڪا علمي محتاجي پنهنجو پاڻ ۾ محسوس ڪندو آهي، سا سندس دل تي اثر انداز ٿيندي آهي، جنهن ڪري سندس دل ۾ به پنهنجي خالق اڳيان هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. انسان جي اهڙي قسم جي خصوصيتن مان هڪ هيءَ به آهي ته منجهس کوڙسارا اهڙا فرد به هوندا آهن جن کي عقلي علمن جي سرچشمي (حظيرة القدس) تائين به پهچ حاصل هوندي آهي، هو اتان وحي جي ذريعي يا مضبوط گمان ۽ صحيح اندازي يا خواب جي ذريعي، علم حاصل ڪندو آهي ۽ ٻيا ماڻهو ان ڪامل شخص جي باري ۾ اندازو ڪري ويندا آهن ته هيءُ صحيح راهه تي آهي ۽ وڏو ڀلارو ماڻهو آهي. جنهن کان پوءِ ”امر“ (ڪنهن ڪم جو حڪم ڪرڻ) ۽ ”نهي“ (ڪنهن ڪم کان روڪڻ) ۾ ان جي اطاعت ڪرڻ لڳندا آهن. ان مسئلي جي حقيقت هيءَ آهي ته انساني نوع جي هر هڪ فرد ۾ ان غيب جي خزاني (حظيرة القدس) تائين پهچڻ جي ڪجهه نه ڪجهه قوت موجود هوندي آهي، جيئن هو ڪڏهن ان باري ۾ خواب ڏسندو آهي يا هڪ راءِ قائم ڪندو آهي ۽ پوءِ اها صحيح ثابت ٿيندي آهي ڄڻ اکين ڏٺي ڳالهه آهي. يا ڪو غيبي آواز ٻڌندو آهي يا مضبوط گمان ۽ اندازي تي ڪنهن ڳالهه کي سمجهي وٺندو آهي. فرق صرف اهو آهي ته سڀ ماڻهو برابر نه هوندا آهن. ڪي منجهن ڪامل هوندا آهن ته ڪي ناقص. اجتماعي قاعدي مطابق ناقص، ڪامل کان تربيت وٺڻ جا محتاج هوندا آهن. ان کان علاوه انسان ۾ ٻيون به اهڙيون صفتون ٿينديون آهن جو انهن جهڙيون صفتون ٻين حيوانن ۾ نه هونديون آهن، جيئن پنهنجي پالڻهار اڳيان عاجزي ظاهر ڪرڻ، پاڪ ۽ صاف رهڻ، عدالت قائم ڪرڻ، پنهنجي خوبين منجهان ٻين کي فيض ڏيڻ ۾ بخل نه ڪرڻ، الاهي ڪرشمن ۽ ملڪوتي قوتن جو مٿس ظهور، دعا جي قبول ٿيڻ، ڪرامتن، ”احوال“ ۽ ”مقامات“ (هي صوفين جا اصطلاح آهن، انهن تي ڪتاب ۾ بحث اڳتي ايندو) جو کانئس ظاهر ٿيڻ، وغيره. جن ڳالهين ۾ انسان ٻين حيوانن کان منفرد آهي، سي جيتوڻيڪ تمام گهڻيون آهن، پر انهن کي ٿلهي ليکي ٻن قسمن ۾ سهيڙي سگهجي ٿو:
[b]1-انسان جي عقلي قوت
[/b] انسان جي عقلي قوت ٻين حيوانن کان تمام گهڻو سرس آهي. ان جون ٻه شاخون آهن:
(الف) پهرين عقل جي شاخ تحت انسان، انساني معاشري جي اندر انتظام ۽ سڌارا قائم ڪرڻ لاءِ مصلحتون ۽ منصوبا سوچيندو آهي. عقل جي هن حصي ۾ انسان اهي سمورا انتظام ڪندو آهي جيڪي انسان کي دنيا ۾ پنهنجن ضرورتن کي آساني سان پورو ڪرڻ لاءِ ضروري هوندا آهن ۽ انهن انتظامن جي باريڪ کان باريڪ شين تي نهايت باريڪ بينيءَ سان انسان سوچيندو آهي. (۽ نفع بخش انتظام ڪندو ويندو آهي.)
(ب) عقل جي ٻي شاخ هيٺ انسان ۾ غيبي علم حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي، جنهن تحت انسان استاد جي مدد بنا، وهبي طريقي سان علم حاصل ڪري سگهندو آهي. ان ۾ غيبي علم قدرتي عطا طور تي ڏنا ويندا آهن.
[b]2-انسان جي عملي قوت
[/b] انسان جي ٻي نمبر قوت، عملي قوت ۽ ان ۾ ڪمال جا درجا حاصل ڪرڻ آهي. ان جا به ٻه حصا آهن:
(الف) پهريون اهو ته انسان پنهنجي اختيار ۽ ارادي سان عمل ڪري، ته جيئن سندس عملن جو اثر سندس ذات ۾ قائم رهي. حيوان به پنهنجا ڪم ۽ عمل پنهنجي اختيار سان ڪندا آهن، پر انهن جا عمل سندن نفس ۽ ذات ۾ اثر نه وٺندا آهن، انهن جي نفس تي سندن عملن جو رنگ نه چڙهندو آهي. حيوانن جي عملن جو روح، حيوانن جي نسمي سان قائم قوتن تائين پهچندو آهي، جنهن ڪري انهن لاءِ اهو ڪم ٻيهر ڪرڻ آسان ٿي پوندو آهي. پر انساني عملن جو اهو حال نه هوندو آهي. انساني عمل جيتوڻيڪ وجود وٺڻ کان پوءِ ختم ٿي ويندا آهن، پر انهن جو روح انهن کان الڳ ٿي انسان جي نفس ۾ ويهي رهندو آهي يعني انسان جو نفس ان کي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺندو آهي. ان جو نتيجو اهو ٿيندو آهي ته انسان جي نفس ۾ (جهڙو عمل هوندو ان مطابق) نور يا ظلمت پيدا ٿي پوندي آهي. ان تجزيي جي بنياد تي اسان هن شرعي قانون جي سٺيءَ طرح تشريح ڪري سگهنداسين، جنهن مطابق انسان جيستائين پنهنجي ارادي سان عمل نه ڪندو تيستائين ان جي عمل جو مواخذو نه ٿيندو. هن جملي جو مطلب به هن جهڙو ٿيندو ته ڪو طبيب چوي ته زهر جو نقصان ۽ ترياق جو فائدو تڏهن ظاهر ٿيندو جڏهن نڙيءَ کان ان کي هيٺ لاهبو ۽ پيٽ ۾ وڃي پوندو. (جيڪو ڪم ارادي سان نه ڪبو آهي، اهو نفس ۾ داخل نه ٿيندو آهي ۽ جيستائين ڪنهن انسان جو عمل اتي نه ٿو پهچي تيستائين انسان کي ڪوبه نتيجو نه ٿو ملي سگهي.) اسان جي هن چوڻ ته ”انساني نفس، عملن جي روح کي جذب ڪري ٿو“، ان جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو دليل پيش نه ٿو ڪري سگهجي ته بني آدم جون سموريون قومون عبادتون ۽ رياضتون ڪن ٿيون ۽ کين انهن عملن جو نور پنهنجي طبيعت اندر محسوس ٿئي ٿو، جنهن ڪري برن ڪمن ۽ گناهه جي ڳالهين کان بچندا ٿا رهن ۽ سٺن ۽ خراب ڪمن جا نتيجا سمورن انسانن ۾ هڪ جهڙا نتيجا پيدا ڪن ٿا. ۽ جڏهن گناهه ٿي پوندو آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي طور تي هڪ ڏکيائي ۽ ڪرڀ محسوس ٿي پوندي آهي.
(ب) ان جو ٻيو حصو اُهي عمل آهن، جن سان انسان اعليٰ درجي جي حالتن ۽ مقامن تي پهچي سگهندو آهي، جيئن الله تعاليٰ جي محبت، ان تي پورو ڀروسو ۽ اعتماد وغيره. جڏهن ته حيوانن ۾ اهي شيون نه ٿينديون آهن، اهي صرف انسان ۾ ٿين ٿيون.