ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

ضميمو: ارتفاقات انسان جي سماجي زندگيءَ جا مرحلا

[b] ارتفاق جي حقيقت:
[/b] انسان کي هن دنيا واري زندگي گذارڻ ۾ ٻن قسمن جون ڏکيائون پيش اچن ٿيون:
(1) پنهنجي روزانه جي ڪمن ڪارن ۾ ڪجهه تڪليفون ڏسي ٿو. مثال طور، ڪنهن ڳوري شيءِ کي کڻڻ يا ان کي ٻي جاءِ تي پهچائڻ لاءِ هن کي جيڪا طبعي تڪليف ٿئي ٿي.
(2) زندگيءَ جي ڏکين مسئلن تي غور ۽ ويچار ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي ڪجهه مشڪل مسئلن جون الجهنون ۽ ڳڻتيون کولڻيون ٿيون پون. مثال طور، زندگي ڇا آهي؟ انسان جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا انسان مري ڪري صفا ختم ٿي وڃي ٿو؟ معاشري ۾ اجتماعي فساد جا ڪهڙا سبب آهن؟ هيءَ ڪائنات ڇا آهي؟ وغيره. هر دور جا حڪيم انهن مشڪلن مسئلن کي آسان طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ۽ اهي حڪيم ان کوجنا ۾ لڳاتار سوچيندا رهن ٿا ته انهن ڏکين مسئلن کي عوام جي ذهنيت مطابق ڪهڙن طريقن سان حل ڪيو وڃي؟ ته جيئن عام ماڻهو انهن مسئلن کي آساني سان سمجهي سگهي.
[b]اهڙين عملي ۽ فڪري ڏکيائين تي قابو پائڻ لاءِ آسان کان آسان طريقا اپنائڻ جو نالو ارتفاق يا مرافق آهي.
[/b]ارتفاق جا ٻه قسم: ارتفاق، رفق مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ نرمي يا نرميءَ سان مقصد پورو ڪرڻ آهي. ان جو مطلب هيءُ آهي ته ڪائنات ۾ انسان جي لاءِ ماحول سازگار نه آهي، انسان جي ڪم جون سڀ شيون موجود هجڻ جي باوجود انسان انهن مان محنت ۽ مشقت کان سواءِ پنهنجو پاڻ ئي مطلب پورو نٿو ڪري سگهي. بلڪ ان کي ماحول سازگار بنائڻو ٿو پوي ۽ گڏ انسان آسان کان آسان طريقن سان پنهنجو غرض پورو ڪرڻو ٿو پوي. اهڙي طرح قدرت جي ڪارخاني ۾ سوچ ويچار ڪرڻ جي نتيجي ۾ هن جي سامهون ڪجهه مشڪل صورتون ۽ ڏکيا مسئلا سامهون اچن ٿا، جن کي سالم عقل ۽ فطري صلاحيت سان حل ڪرڻ، انسان جي طبعي ضرورت آهي.
[b]ائين ارتفاق جا ٻه قسم ٿيو پون: (1) معاشي ارتفاق (2) الاهي ارتفاق.
[/b][b]1-معاشي ارتفاق:
[/b]انسان کي پنهنجي ضرورتن (کائڻ، پهرڻ ۽ رهڻ) جي حاصلات لاءِ جن مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهن کي آسان کان آسان طريقي سان حل ڪرڻ جو نالو معاشي ارتفاق آهي.
[b]انساني عقل جو مقام:
[/b] هن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي ته انسان ٻين حيوانن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪمزور آهي.
مثلاً: شينهن جي جسماني طاقت، گهوڙي ۽ هرڻ جي ڀڃڻ جي رفتار، ڪتي جي سنگهڻ جي قوت، باز جي ڏسڻ جي صلاحيت ۽ زراف (ڊگهيءَ ڳچيءَ وارو هڪ قسم جو جانور جيڪو گهڻو ڪري آفريڪا ۾ ٿئي، سندس اڳيون ٽنگون ڊگهيون ٿين ٿيون، انگريزيءَ ۾ جيراف چيو وڃي ٿو.) جي ٻڌڻ جي قوت. انهن سڀني جانورن جي پنهنجي پنهنجي خصوصيت جي لحاظ کان سندن قدرتي طور حواس جي قوت، انسان جي قوت جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي وڌيڪ آهي. تمام گهڻو اڳي دنيا جي تختي تي ديو جهڙا ڊائنوسار (Dinasaur) جانور رهندا هئا، جو انسان انهن جي ڀيٽ ۾ ائين ننڍڙو هوندو هو جيئن جهرڪي انسان جي ڀيٽ ۾. ان جي باوجود دنيا جي نقشي تان وڏن وڏن حيوانن جو نالو نشان مٽجي ويو پر حضرت انسان اڄ تائين نه صرف زندهه رهندو پيو اچي بلڪ هر زماني جو موجود انساني نسل وڏن وڏن جانورن تي غالب رهيو آهي ۽ ڪيترن کي ته پنهنجو فرمانبردار ڪري انهن کان پنهنجا ڪم وٺندو رهيو آهي. هاڻي به برما ۽ وسطي آفريقا ۾ هاٿيءَ کان، هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ گهوڙي کان، اترئين برفاني علائقن ۾ رنيڊير (Reindeer) کان ۽ آفريقا ۽ عرب جي گرم صحرائن ۾ اٺ کان آساني سان ڪم ورتو پيو وڃي. ان جو مطلب هيءُ آهي ته انسان ۾ انهن حواس جي علاوه، جن ۾ هيءُ ٻين حيوانن سان شريڪ آهي، هڪ ملڪي نور امانت رکيل آهي، جنهن کي عقل چيو وڃي ٿو. هيءُ انسان جي ذهن جو هڪ اهڙو حصو آهي جيڪو انسان جي جسماني ڪمزورين کي نه فقط پورو ڪري ٿو بلڪ ان کي حيوان ته ڇا، پر ڪائنات جي هر شيءِ تي غلبو به ڏياري ٿو.
[b]آلات جو استعمال:
[/b] انسان جي هن عقلي برتريءَ جو ئي هيءُ نتيجو آهي ته زندگيءَ جي سرگرمين ۾ جتي حيوان اچي ڪري رڪجي ٿو پوي، انسان اتان کان به تمام گهڻو اڳتي نڪري ٿو وڃي. جيئن ٻيا ساهوارا پنهنجي خوراڪ لاءِ ڪجهه شين جا محتاج آهن ايئن انسان به پنهنجي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪيترين شين جو محتاج آهي. اهي شيون انسان جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي قدرت پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن جي پيدا ٿيڻ ۾ انسان جو ڪوبه عمل دخل ناهي. مثال طور، انسان پاڻي ٿو پئي، ميوا ٿو کائي، انهن جي پيدائش ۾ انسان جي عقل، حڪمت ۽ محنت ڪاريگريءَ جو ڪوبه حصو نه آهي. پر انسان جڏهن سمجهي ٿو ته ڪنهن شيءِ کي پنهنجي طبعي صلاحيت سان نٿو حاصل ڪري سگهي، ته پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جي پيدا ڪيل ٻين شين کي ذريعو بنائي وٺي ٿو. مثلاً ڪنهن وڻ جي وڏي ٽاريءَ تي چنبڙيل ميوي تائين هن جو هٿ نٿو پهچي ته هيءُ پٿر کڻي ميوي کي هڻي ٿو ۽ ان کي ڪيرائي کائي ٿو. هيءُ آهي آلي کي ڪتب آڻڻ. پر جيڪڏهن هن کي ڪو پٿر نه مليو ته هو ٻئي طريقي سان پنهنجو مطلب پورو ڪري وٺندو. وڻ جي ڊگهي لٽڪيل ڏاري کي پٽي ڪري ميوي کي هڻي ڪيرائيندو، هيءُ به آلي جو استعمال آهي.
پنهنجي مقصد ۽ غرض کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻين شين کي ڪتب آڻڻ ۾ انسان ٻين سمورن ساهوارن کان مٿي آهي، ان ۾ جيستائين انسان ترقي ڪئي آهي ۽ ڪري سگهي ٿو ٻيا جاندار ان جي ڀيٽ ۾ ذري برابر به نٿا ڪري سگهن.
[b]انسان جي ماهيت جون ٻه تعريفون ۽ شاهه رفيع الدين جي تعريف
[/b] ڪجهه حڪيمن انسان جي تعريف ”حيوان ناطق“ سان ڪئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اهو سوچي ۽ سمجهي سگهي ٿو ۽ پنهنجي سوچيل يا اندر جي ڳالهه کي سهڻي ڪلام جي ذريعي بيان ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان سان علمَ جڙن ٿا.
حڪمين جي هڪ ٻئي ٽولي انسان جي تعريف هيءَ ڪئي آهي ته ”اهڙو حيوان جيڪو آلن ۽ ٻين ضروري شين جو استعمال ڪري.“ ان سان انساني صنعتون پيدا ٿين ٿيون. عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته شاهه رفيع الدين ابن امام الائمة امام ولي الله محدث دهلوي پنهنجي ڪتاب ”تڪميل الاذهان“ ۾ انسان جي جامع تعريف هيءَ ڪئي آهي:
”وما یتفکر ویصنع بالاٰ لات انساناً ارضیاً “ 
(يعني جيڪو سوچي سگهي ٿو ۽ آلن ۽ دنيوي ذريعن کي استعمال ڪري نيون شيون ٺاهي ٿو، اهو زمين تي رهڻ وارو انسان آهي.)
اهڙي طرح روزانو انساني ضرورتون وڌنديون ويون ۽ انهن کي آسان طريقي سان پوري ڪرڻ لاءِ نون نون طريقن جي کوجنا ٿيندي رهي ۽ ايئن ئي آلات جو استعمال ترقي ڪندو ويو ۽ سٺي کان سٺا اوزار جڙندا ويا. اهڙي طرح جڏهن هزارين ورهيه اڳ جي انساني بستين جي کوٽائي ڪئي وئي ته اتان انساني هڏن ۽ ڌانچن سان گڏ پٿر ۽ ٻين ڌاتن جا اوزار به هٿ آيا، جن سان ان دور جا انسان ڪم ڪندا هئا. انهن کوٽائن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پهرئين جي ڀيٽ ۾ پوئين دور جي انسانن وٽ ترقي يافته اوزار هئا. هاڻي ته انسان اوزارن جي استعمال ۾ حد ڪري ڇڏي آهي! عجيب و غريب ۽ نازڪ اوزار بڻجي چڪا آهن، جن جي مدد سان ٿورڙي قوت ۽ محنت ۽ ٿورڙي مٽيريل (Material) سان تمام ٿورڙي وقت ۾ تمام گهڻا نتيجا ۽ ثمر حاصل ڪري سگهجن ٿا.
[b]اجتماع جو استعمال
[/b] انسان ۾ هڪ خاصيت هيءَ به آهي ته هو پنهنجي ذهن ۾ ڪنهن ڪم جو نقشو چٽيندو آهي، جيئن مثلاً پل ٺاهڻ، جبلن مان ڌاتون ڪڍڻ، معاشري ۾ سٺيون ڳالهيون رائج ڪرڻ. هاڻي جيڪڏهن هو هن ڪم کي اڪيلي سرانجام ڏيندو ته ان کي ورهيه لڳي ويندا ۽ تمام گهڻي مشقت برداشت ڪرڻي پوندس، ان لاءِ هيءُ ٻين کي به هن ڪم ۾ گڏ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو پنهنجي مقصد لاءِ سلجهيل ۽ سمجهدار ماڻهن سان گفتگو ڪندو آهي، مختلف طريقن سان پنهنجي ڪم جي پرچار ڪندو آهي، ته آهستي آهستي ان جو نظريو چٽو ٿيندو ويندو آهي، عام ماڻهن تي ان جي حقيقت ظاهر ٿي پوندي آهي ۽ ماڻهن جو هڪ ٽولو هن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي راضي ٿي پوندو آهي. گهڻا ماڻهو ته پنهنجي مقصد جي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيندا آهن. ان (پاڻ ۾ ملي ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ) کي اجتماع چئبو آهي. ڪنهن ڪم کي جلدي ۾ منزل مقصود تائين پهچائڻ ۾ مشينن ۽ اوزارن وانگر اجتماعيت به بنيادي عنصر آهي.
مطلب ته دنيا ۾ وڏا وڏا عقلمند انسان اوزارن ۽ اجتماع جي ذريعي ٿورڙي وقت ۽ ٿورڙي محنت سان وڌيڪ نتائج حاصل ڪرڻ جا طريقا ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏي ويندا آهن، انهن طريقن کي ”معاشي ارتفاق“ چئبو آهي.
حضرت شاهه ولي الله رحه وٽ ان ارتفاق سان ئي انسان جي دنياوي زندگي پنهنجي منزل مقصود تي پهچي ٿي. (تفصيل اڳتي ايندو)
[b]2-الاهي ارتفاق:
[/b] لفظ ارتفاق تي غور ڪرڻ جي نتيجي ۾ هيءَ حقيقت نمايان ٿيندي ته انسان پنهنجي لاءِ ڪنهن به شيءِ کي عدم جي پردي مان ڪڍي وجود جي دائري ۾ نٿو آڻي سگهي. بلڪ عقل ۽ محنت سان خدا جي خلقيل شين کي پنهنجي لاءِ سازگار بڻائي انهن مان پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو. جڏهن هو ڏکين شين کي پنهنجي لاءِ سازگار بڻائي وڌيڪ نفعو حاصل ڪندو ويندو ته نتيجي طور تي ان جي دل ۾ هن خيال جو اچڻ اڻٽر آهي ته هو هن قدرتي نظام جي حقيقت کي سمجهي، جنهن ۾ هو پاڻ جڪڙيل آهي.
پنهنجي چوڌاري ڪيترين شين کي جڏهن پنهنجي لاءِ سازگار بڻائي انهن مان غرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته انهن کي هڪ خاص نظام ۾ جڪڙيل ڏسي ٿو. مثلاً، سخت مادا پنهنجون شڪليون برقرار رکن ٿا، انهن جي جسامت تبديل نٿي ٿئي. نرم مادا پنهنجو وزن خاص قاعدن هيٺ چئني طرفن منتقل ڪندا آهن. حرارت مان مادي جي ڦهلجڻ جا امڪان ظاهر ٿيندا آهن ۽ ان لاءِ خاص اصول ۽ قاعدا آهن. انهن سمورن حالتن کي ڏسي ڪري انسان اهو سمجهي ٿو وٺي ته هن نظام جو منبع ضرور آهي. چنانچه يورپي عظيم محقق سرجيمز جينز انساني ذهن تي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته: ‘The Universe can beat be pictured although very imperfectly as consisting of pure thought, thought of what, for want of a better word we must describe as a mathematical Thinker.’
(يعني هن ڪائنات جي اڻپوري تصوير هنن لفظ ۾ بيان ڪري سگهجي ٿي ته هيءَ ڪنهن جي خالص فڪر جو نتيجو آهي، جيئن ته ان فڪر کي تعبير ڪرڻ لاءِ ڪو جامع ۽ پر معنيٰ وارو لفظ اسان کي نٿو ملي تنهن ڪري لاچار طور ان کي رياضي دان مفڪر چوڻو پوي ٿو.)
جنيز (Jeans) وري اڃا اڳتي اچي ڪري چوي ٿو ته:
‘The Univers has been designed by the great Architict of Universe’
(يعني هن ڪائنات جو نقشو ڪنهن عظيم ڪاريگر جو چٽيل آهي.)
مطلب ته حڪيمَ هن نظام جي حقيقت کي سمجهڻ ۽ مشڪلات کي آسان کان آسان طريقن سان سلجهائڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪندا رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پوئيرن لاءِ تمام وڏو قيمتي سرمايو محفوظ ٿيو پوي. ان جو نالو ئي الاهي ارتفاق آهي. (يعني خدا، ڪائنات ۽ انسان جي پاڻ ۾ مليل ڳانڍاپي کي) سمجهڻ لاءِ آسان کان آسان طريقن ڏانهن سفر ڪرڻ جو نالو الاهي ارتفاق آهي.
جيئن آلات جي استعمال سان محنت گهٽ ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿئي ٿو، اهڙي طرح هڪ عمومي ارتفاقي جماعت ۾ فرد جي قيمت وڌي وڃي ٿي ۽ الله جي معرفت جي راهه به آسان ٿيو پوي. جيڪڏهن معاشي ارتفاق وانگر الاهي ارتفاق جو به تسلسل قائم نه هجي ها ته انسان خدا جو صحيح تصور قائم نه رکي سگهي هان ۽ نتيجتاً تمام وڏي ترقي کان پري ٿي وڃي ها. انسان جڏهن معاشي ارتفاق ۾ بصيرت سان ڪم وٺي ترقي ڪري ٿو ته الاهي ارتفاق جون حڪمت ڀريل ۽ لڪيل ڳالهيون خود هن جي پنهنجي مشاهدي ۾ اچي وڃن ٿيون. پوءِ اهو انسان پنهنجي فطري ۽ وجداني تعليم سان انهن کي پنهنجي اجتماعي ترقي لاءِ ضروري سمجهڻ لڳندو.
[b]انسان جو غلبو ٻين حيوانن تي
[/b] جيئن ته ٻيا ساهوارا کائڻ، پيئڻ، نسل وڌائڻ ۽ گرمي، سرديءَ کان بچاءَ لاءِ گهر ٺاهڻ جا محتاج آهن، اهڙي طرح انسان به انهن شين جو پڻ محتاج آهي. انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسبابن ۽ طريقن جي تلاش ۾ هر انسان جي انفراديت (Presonality) ڪم نٿي ڪري. جيڪڏهن ايئن هجي هان ته پنهنجن پنهنجن ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر هڪ الڳ الڳ رستا سوچي ۽ اختيار ڪري ها ۽ ڪنهن هڪ شيءِ تي ڪنهن جو به گڏجڻ نه ٿئي ها.
حقيقت هيءَ آهي ته سڀني انسانن ۾ هڪ شيءِ مشترڪ آهي، اها آهي انسانيت (Humanity) (يعني انسان هجڻ) انهيءَ جي ڪري ئي ڪنهن ضرورت جو حل سڀ افراد تقريباً هڪ جهڙو ئي ڪڍندا آهن. هن ”مشترڪ جوهر“ جو ٻيو نالو نوعي تقاضا (Specfic Tendency) آهي. هي نوعي تقاضا هميشه هڪ ئي رهندي آهي ۽ هڪ ئي رهندي. شاهه ولي الله  انسان ۽ ٻين حيوانن ۾ ٻن قسمن جي فرقن جي نشاندهي ڪئي آهي:
[b] (1) ظاهري (2) باطني
[b][/b]ظاهري فرق
[/b]هي آهي ته، مثلاً انسان سڌو بيهي ٿو، سوچي سمجهي مرتب انداز ۾ پنهنجي ڳالهه بيان ڪري ٿو، هن جي کل تي وار تمام گهٽ ٿين ٿا، هن جي مقابلي ۾ گهوڙو آ، جو سڌو نٿو بيهي بلڪ چئن ٽنگن تي نوڙيل آهي، صرف هڻڪي ٿو پر انسان وانگر ڳالهائي نٿو سگهي ۽ ان جي پوري کل تي وار آهن. اهوئي حال ٻين حيوانن جو آهي.
[b]باطني فرق:
[/b]انسانن ۽ ٻين حيوانن ۾ ادراڪ (فهم) ۽ پنهنجي معاشي ضرورتن جي حاصلات لاءِ رهنمائي ۽ انهن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن تي قابو پائڻ ۽ انهن ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي اعتبار کان به وڏو فرق آهي، هي ٻئي شيون ٻين حيوانن جي ڀيٽ ۾ انسان ۾ وڌيڪ ڏٺيون وڃن ٿيون. حيوانن کي جيڪا فطري تعليم ڏني وئي آهي اهي ان جي مطابق ڪم ڪندا رهن ٿا. مثال طور، ماکيءَ جي مک کي طبعي طورتي هيءَ ڳالهه ٻڌائي وئي آهي ته هن طريقي سان گل گل تي وڃي ڪري ماکي گڏ ڪري، مسدس شڪل جو ڇتو ٺاهي ۽ وري سڀ گڏجي هڪ ملڪه جي هيٺ رهن ۽ ڪم ڪن. ڪجهه ٻاهر وڃي ماکي گڏ ڪن ته وري ڪجهه اندر ڇتي ۾ رهي ڪري ان جي حفاظت ڪن ۽ ملڪه جي ٻارڙن جي خدمت ڪن. اهڙي طرح جهرڪن کي طبعي الهام جي ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته، مادي ۽ نر گڏجي ڪري ڪنهن مٿانهين جاءِ تي آکيرو ٺاهن. ان ۾ آنا ڏين ۽ پوءِ ان کي بندڪري ڇڏن، پوءِ مدو پورو ٿيڻ تي آنن کي ٺونگا هڻي ڀڄن ته جيئن ٻچا ٻاهر نڪري اچن. وري انهن ٻچن کي ڌاڻو چڳائي انهن جي پرورش ڪن ايستائين جو اهي هن قابل ٿين جو پنهنجو پاڻ چڳي سگهن.
اهڙي طرح حيوانن کي طبعي الهام جي ذريعي هيءُ به ٻڌايو ويو آهي ته اهي پاڻ ۾ ڪنهن حدتائين گڏجي رهن، نفعي وارين شين کي حاصل ڪن ۽ نقصان وارين شين کي پنهنجو پاڻ کي بچائن. مثلاً، جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪانؤ کي بند ڪيو ته ٻيا ڪانؤ اچي ڪري ڪان ڪان ڪندا ۽ پنهنجي ساٿي لاءِ وڙهي پوندا.
حيوانن کي هيءَ ڳالهيون سندن ”صورت نوعي“ سيکاري ٿي جنهن جو اصل منبع اها حيواني فطرت آهي (يعني حيوان هجڻ جي حيثيت سان اهي ڪم سندن لازمي خاصه آهن.) جنهن جو هڪ نمونو بقول شاهه ولي الله عالم مثال ۾ موجود آهي.
انسان ٻين حيوانن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو مٿي آهي. مثال طور اهو سوچي سمجهي ڳالهائي ٿو، پنهنجي خيالن ۽ فڪرن کي لکت ۾ بيان ڪر ي ٿو، پنهنجي عقل کي استعمال ڪري فلاحي ڪم سرنجام ڏئي ٿو ۽ جيڪو به ڪم ڪري ٿو ان ۾ ”ذوقِ جمال“ جو به لحاظ رکي ٿو.
هونئن ته انسان ڪيترين ئي خصوصيتن جي لحاظ کان حيوانن تي غلبو رکي ٿو، پر جيڪڏهن مجموعي طور تي غور ڪيو وڃي ته انهن کي ٽن حصن (Catagories) ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو:
[b](1)اجتماعي مفاد: (Public weal)
[/b] حيوان، ڪابه عملي سرگرمي جڏهن اختيار ڪندو آهي ته ان ۾ ان جو ذاتي غرض ملحوظ هوندو آهي. يا ته پنهنجي ذاتي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن نقصان کان بچڻ لاءِ تحرڪ وٺندو آهي. پوءِ اهو غرض يا ته جلدي حاصل ٿيڻو هوندو آهي يا ٿورڙي مدت کان پوءِ. مثلاً: اهو جيڪڏهن پاڻي پيئڻ گهرندو ته اُٿي ڪري پاڻيءَ وٽ ويندو ۽ پاڻي پيئندو. بک لڳندس ته گاهه وغيره چرندو يا ٻئي ڪنهن جانور کي شڪار ڪري کائيندو، ڪڏهن ڪڏهن وري ايندڙ وقت لاءِ ذخيرو ڪري به رکندو آهي. جيئن ماکيءَ جون مکيون، ڪوِليون وغيره ذخيرو ڪري رکنديون آهن.
پر انسان جي فطرت ان کان بلند آهي. اهو اهڙا ڪم به ڪندو آهي جنهن ۾ ان جي ذاتي غرض جو ڪوبه تعلق نه هوندو آهي، خواهه نفعو پهچي يا نه، يا نقصان رسي، پر ان جي ٻين هم نسلن جو نفعو ضرور ملحوظ هوندو آهي. مثال طور: شهر ۾ بهترين نظام قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان ۾ سخت مصيبتون سهڻ جي باوجود جدوجهد ۾ لڳو پيو هوندو آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اهڙا ڪم ڪندو آهي جن جو نتيجو ڪافي سالن بعد ملڻو هوندو آهي، يا مرڻ کان پوءِ ان جي ملڻ جي اميد هوندي آهي.
اهڙي قسم جا ڪم ڪوبه حيوان نٿو ڪري سگهي. اهڙي طرح ٻيا حيوان پنهنجي ٻچن جي حفاظت لاءِ ته جان جوکي ۾ وجهي سگهن ٿا، پر ڪنهن اجتماعي مفاد (يعني اهڙا ڪم جن ۾ رڳو هنن جو نه بلڪ ٻين جانورن جو نفعو يا فائدو به هجي.) لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪن، ايئن نٿو ٿي سگهي.
۽ ان سان گڏ انسان درجه بدرجه پنهنجي علم ۽ اخلاق ۾ شائستگي ۽ نکار لاءِ ڪوشان رهي ٿو، جنهن مان به مقصود عام معاشري کي فائدو پهچائڻو هوندو آهي پر ڪو به حيوان ايئن نٿو ڪري سگهي.

[b](2)ذوقِ جمال: (Aesthetic Taste)
[/b] حيوان پنهنجو پاڻ کي فقط پنهنجن ضرورتن جي حدتائين بند رکي ٿو. مثلاً: ڍور گاهه چرن ٿا، شينهن ٻين جانورن جو شڪار ڪري ان کي ڪچوئي کائي ٿو، جهرڪيون تيلا تيلا گڏ ڪري پنهنجو آکيرو ٺاهينديون آهن، بگهڙ زمين ۾ چُرَ ٺاهي رهن ٿا. پر انسان صرف پنهنجن ضرورتن کي رڳو پورو نٿو ڪري، بلڪ اهو هر هڪ شيءِ ۾ عمدگي، شائستگي ۽ لذت جو به خيال رکي ٿو. جيئن اهو نفيس کاڌا تيار ڪري ٿو، انهن کي عمده ۽ پاڪ صاف ٿانون ۾ رکي ڪري صفائي سان کائي ٿو. اهو پنهنجي لاءِ عمده، دلفريب ۽ خوبصورت ڪپڙا تيار ڪري ٿو. رهڻ لاءِ شاندار، آرامده ۽ دلنشين جڳهون تيار ڪري ٿو. پوءِ پنهنجي ذوقِ جمال جي تسڪين لاءِ ان کي مختلف شين سان زينت بخشي ٿو. پنهنجي جاءِ جي پويان سرسبز باغ هڻي، ان جي خوشبو ۽ بلبل جي من موهيندڙ آواز سان تازگي ۽ سڪون حاصل ڪري ٿو. حيوان صرف ماديءَ سان ملي ڪري ٻچا پيدا ڪرڻ تائين رهي ٿو. پر انسان خوبصورت گهرواريءَ جي چاهت رکي ٿو، جنهن سان جنسي تقاضا جي تسڪين ۽ تڪميل سان گڏ طبعي ذوق به راحت افزا ٿئي ٿو. هيءَ ڳالهه ٻين حيوانن ۾ نٿي لڌي وڃي.
[b](3)ايجاد ۽ تقليد جو مادو:
[/b] حيوان کي جڏهن ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ٿي ته اهو ان کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مثلاً: اُڃ لڳندس ته پاڻي جي جاءِ تي ويندو، پر جيڪڏهن ان کي دستور ۽ معمول جي خلاف ڪابه ڏکيائي پيش ايندي ته اهو ان کي ختم نه ڪري سگهندو. جيئن دُٻي جو پاڻي سڪي وڃي ته پياس وگهي مري ويندو، پر کوهه کوٽي پاڻي نه ڪڍي سگهندو. ان جي ابتڙ انسان ۾ اها صلاحيت آهي ته هن کي جيڪڏهن ڪا ضرورت لاحق ٿيندي ته ان کي ممڪن حدتائين پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جيڪڏهن ڪا دقت پيش اچي ۽ مهيا وسائل مان ان ضرورت جي تڪميل ممڪن نه هجي ته نيون شيون تيار ڪري پنهنجي حاجت پوري ڪندو. ڪجهه انسان وري پاڻ ته ايجاد نه ڪري سگهندا آهن، پر انهن ۾ ايتري صلاحيت ضرور هوندي آهي ته ٻئي جي ٺاهيل شيءِ کي آساني سان استعمال ڪري سگهندا آهن.
مثلاً: فرض ڪيو ته عقلمند انسانن کي جڏهن اهي ضرورتون پيش آيو ته هنن کاڌ ۽ خوراڪ جي پيداوار جا طريقا ايجاد ڪيا ته پوک ڪيئن پوکجي، ان کي پاڻي ڪهڙي طريقي سان ڏجي ۽ هيءُ به دريافت ڪيو ته ٻج کي ڪيئن محفوظ رکجي ته جيئن ضرورت جي وقت ان کي پوکي ڪري پيداوار حاصل ڪري سگهجي.
ايئن ئي ڪنهن ڄاڻوءَ کڏن ۽ ننڍڙن نهرن جي صورتن ۾ دريائن ۽ چشمن مان پاڻي ڪڍڻ جا طريقا ٻڌايا ۽ پاڻيءَ کي دلن، مٽڪن، مشڪيزن ۽ ساندارن جي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ جا رستا ايجاد ڪيا، پوءِ ٻين گهٽ عقل رکندڙ انسانن وري انهن جي ٻڌايل طريقي جي مطابق انهن کي استعمال ڪيو. ايئن ئي ٻين سمورن شين جي استعمال کي سمجهڻ گهرجي.
[b]انسان جون مجبوريون:
[/b] اهڙي طرح انساني معاشري ۾ اهڙا الهامي علم جمع ٿيندا ويا ۽ تجربي جي بنياد تي تائيد ملندي وئي. هاڻي اهي ارتفاق (شين کي حاصل ڪرڻ جا ايجاد ڪيل نوان نوان طريقا) انساني سماجن ۾ ملي جلي ڪري زندگيءَ جو لازمي جز بڻجي چڪا آهن ۽ ڪوبه انساني معاشرو انهن کان سواءِ رهي نٿو سگهي.
جيئن ته نصف النهار وانگر هيءَ حقيقت واضح آهي ته عقل ۽ فهم جي لحاظ کان انسانن جا درجا ٿين ٿا ۽ گڏ آب و هوا ۽ زمين جي بيهڪ به هر هنڌ هڪ جهڙي نٿي رهي. ان ڪري هي ارتفاق هر معاشري ۾ هڪ جهڙا نٿا ٿين، بلڪ مختلف سماجن ۾ مختلف ٿين ٿا.
ان اختلاف جا بنيادي طرح ٽي سبب ٿي سگهن ٿا:
[b](1)انساني مزاجن ۽ طبيعتن جو مختلف هجڻ:
[/b] هيءَ ڳالهه بديهي آهي ته انسانن جون طبيعتون ۽ مزاج هڪ جهڙا ناهن، بلڪ مختلف ٿين ٿا. انهن ۾ ڪجهه شيون قدرتي هونديون آهن ته ڪجهه وري ان ۾ انسان جي خانداني خصوصيتن، گهريلو ماحول، پنهنجي شهر ۽ اردگرد جي ماحول جو تمام وڏو عمل دخل هوندو آهي. ان ڪري هڪ ارتفاق (يعني ڪنهن ضرورت کي پوري ڪرڻ يا تڪليف کي ختم ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيل طريقا) مختلف الطبائع ماڻهن ۾ الڳ الڳ شڪلن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيئن، ڀيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ميداني علائقن وارا دال وغيره پيدا ڪري کائيندا آهن، جهنگلي ماڻهو ميون تي گذر ڪندا آهن، ته وري سمنڊ ڪناري رهندڙ مڇي کائيندا آهن.
[b](2)عقلي اعتبار سان مختلف هجڻ:
[/b] ڪن انسانن ۾ سمجهه جو مادو وڌيڪ ته ڪنهن ۾ وري گهٽ هوندو آهي. وڌيڪ عقلمند انسان پنهنجي ارتفاق (رهڻ جي طور طريقن ۽ ڍنگن) ۾ بهتري پيدا ڪندا ويندا آهن. يعني پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۽ تڪليفن ۽ ڏکيائن کي آسان بنائڻ لاءِ آسان کان آسان طريقا ايجاد ڪندا ويندا آهن ۽ گڏ انهن ۾ وري صفائي، عمدگي ۽ شائستگي به پيدا ڪندا ويندا آهن. هندستان ۾ ڀيلن ۽ اوڏن جي کائڻ جا طريقا ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ درجي جا آهن. هي غيرمهذب ماڻهو اڌ پڪل گوشت هٿن سان پٽي ڪري ۽ ڏندن سان ڇني کائيندا آهن، پر ٻيا تهذيب يافته انسان مرچ مصالا وجهي سٺي طرح پچائي پليٽن ۾ وجهي باقاعده شائستگيءَ سان کائيندا آهن.
[b](3)غور ۽ فڪر جي لاءِ وقت جو هجڻ:
[/b] ڪن کي وقت گهٽ ملندو آهي ته ڪن کي وري وڌيڪ. جيئن هڪ ئي خاندان جون ٻه شاخون هجن، جن مان هڪ وارا ٻين جي ڀيٽ ۾ سرندي وارا هجن ته انهن جو ارتفاق (رهڻ جو ڍنگ، طور طريقو) ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سٺو هوندو، ڇو ته غريبن کي سوچڻ لاءِ وڌيڪ وانڌڪائي ئي نه هوندي آهي ته اهي پنهنجي رهڻ ڪرڻ، رنگ، ڍهنگ ۾ ڪا شائستگي پيدا ڪري سگهن. سندن لباس سادڻو ۽ گهٽ فيشن وارو هوندو آهي. کاڌي پيتي جي معاملي ۾ گهڻن سهولتن کان پري هوندا آهن.
[b]ارتفاق جا چار درجا
[/b](There are of the four stages of Human culture)
شاهه صاحب جي، اجتماعيت (Sociology) بابت سندن تحقيق پٽاندڙ انسان پنهنجي معاشي ارتقائي زندگيءَ ۾ هيٺين چئن مرحلن مان گذري ڪري ترقي ڪئي آهي.
(1) ابتدا ۾ ميداني، پهاڙي، جهنگلي، صحرائي ۽ برفاني علائقن ۾ ننڍا ننڍا معاشرا قائم ٿيا. هيءُ ڳوٺ هڪ ٻئي کان تمام گهڻو پري پري هئا. ان دور جي انسانن ۾ ميل جول ۽ لاڳاپا نه هجڻ جي برابر هئا. تنهن ڪري فڪرن ۽ تجربن جي ڏي وٺ نٿي سگهندي هئي. اهڙي حالت ۾ انسان جنهن ارتفاق مان گذريو ان کي ارتفاق جو پهريون مرحلو (The first stage of Human culture) چيو وڃي ٿو.
هن دور ۾ انسان پهرئين شڪار ڪري گذر سفر ڪندو هو، پوءِ آهستي آهستي ترقي ڪري پوک پوکڻ شروع ڪيائين.کاڌو تيار ڪري کائڻ لڳو، پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو جوڙڻ لاءِ زبان پيدا ڪيائين. ان کان علاوه هيءُ تصور به سماج ۾ قائم ٿيو ته هڪ عورت هڪ مرد لاءِ ئي مخصوص هوندي، ڪو ٻيو ان ۾ شريڪ نه ٿيندو.
(2) جڏهن انساني آبادي وڌڻ شروع ٿي ته انسان ننڍن ننڍن ڳوٺن مان نڪري آب و هوا جي اعتبار سان بهترين ميداني علائقن ۾ اچي وڏيون وڏيون بستيون ٺاهڻ لڳو. گهڻي آبادي جي ڪري تعلقات ۾ گهڻي ويجهڙائپ ٿيندي وئي، هڪ ٻئي سان ميل جول ٿيڻ جي ڪري نظرين، مشاهدن ۽ تجربن جي ڏي وٺ ۾ تيزي ايندي وئي. هڪ شيءِ تي مختلف جڳهن ۾ تجربا ٿيڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ مشڪلات کي حل ڪرڻ لاءِ آسان کان آسان طريقا سامهون ايندا ويا. مثلاً: ڪن عقلمندن رات ۾ روشني پيدا ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪيو، ته مختلف طريقا سامهون آيا، آهستي آهستي سڀ کان آسان طريقو پکيڙجڻ لڳو. اهڙي طرح کائڻ، پيئڻ، پهرڻ ۽ گهر ٺاهڻ جي باري ۾ مختلف تجربا ٿيندا ويا ۽ آهستي آهستي اهڙا آسان طريقا وجود ۾ ايندا ويا جن جي ذريعي گهٽ محنت سان وڌيڪ نتائج ۽ ثمرات حاصل پئي ٿيا ۽ اهي آسان طريقا مختلف سماجن ۾ ڦهلجڻ لڳا. اهڙي طرح جڏهن انسان فطري علمن، اجتماعي مفاد، ذوقِ جمال ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ پهرئين ارتفاق جي ڳالهين ۾ غور ۽ خوض ڪيو ته انهن ۾ عمدگي، شائستگي ۽ آساني پيدا ٿيندي وئي. ۽ اڳتي هلي پهرئين ارتفاق جا ڪم بهتر کان بهتر انداز ۾ ٿيڻ لڳا. انسان جي هن ترقي واري دور کي ارتفاق جو ٻيو مرحلو (The Second stage of Human culture) چيو وڃي ٿو.
پر شاهه صاحب جو خيال آهي ته انسان ارتفاق جي ٻئي مرحلي ۾ تڏهن ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن هو بک، اڄ ۽ جنسي جذبي کان فارع هجي ۽ پهرئين ارتفاق جون ٻيون اهي سڀ شيون ان کي حاصل هجن، جيڪي هن لاءِ طبعاً ضروري آهن. شاهه صاحب جي هن قول مان ظاهر ٿئي ٿو ته کاڌ خوراڪ، پاڻي، لباس، مڪان، صحت ۽ علم جي حاصل ڪرڻ جا ذريعا، انسان جون بنيادي ضرورتون (Elementary Natural Needs) آهن، جن جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي سماج ارتفاق جي ٻئي درجي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. شاهه وٽ، جڏهن انسان پنهنجون بنيادي ضرورتون آساني سان حاصل ڪري وٺي ٿو ته اهو اجتماعي زندگي جي سڌاري لاءِ تجربا ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ پهرئين ارتفاق جي شين کي وڌيڪ عمدگيءَ ۽ صفائي سان استعما ل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، انهيءَ سان هو ٻئي ارتفاق ۾ ترقي ڪري وٺي ٿو جنهن کي شاهه صاحب، هيٺين پنجن شعبن ۾ تقسيم ڪري ٿو.
[b](1)حڪمتِ معاشبيھ (Organization of Liveli hood) :
[/b] جڏهن انسان پنهنجي ذوق جمال جي تسڪين لاءِ پنهنجي اجتماعي تجربن جي روشني ۾ کائڻ، پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، رهڻ ڪهڻ ۽ سليقہء گفتگو جي طريقي ۽ ڍنگ ۾ شائستگي ۽ عمدگي پيدا ڪندو آهي ته ان وقت ”حڪمتِ معاشيه“ وجود ۾ ايندي آهي.
[b](2)حڪمتِ اڪتسابيھ (Organization of Professions):
[/b] جڏهن ڪي انسان سوسائٽي ۾ پنهنجي پنهنجي صلاحيت ۽ خاص حالتن ۽ سببن جي ڪري ڪنهن خاص پيشي ۾ مهارت ۽ ڪمال حاصل ڪري وٺندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سوسائٽي ۾ پيشه ورانه تقسيم ٿي پوندي آهي. تنهن ڪري ڪجهه انسان پنهنجن پنهنجن ڌنڌن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري انهن ۾ عمدگي پيدا ڪندا آهن، ته ان وقت ”حڪمتِ اڪتسابيه“ پيدا ٿيندي آهي.
[b](3)حڪمتِ منزليھ (Organization of Home):
[/b] گهر ٺاهي پاڻ ۾ ٻارن ٻچن سميت ملي جلي رهڻ ۽ ان جو بهترين طريقي سان انتظام هلائڻ ۽ دوستن، احبابن سان سهڻي سلوڪ سان پيش اچڻ سان حڪمتِ منزليه پيدا ٿيندي آهي.
[b](4)حڪمتِ تعامليھ (Organization of Trade):
[/b] پاڻ ۾ گهلي ملي رهڻ ڪري ڏيتي ليتي، اوڌر سوڌر ۽ گروي وغيره جي ضرورت پوي ٿي، ته اهڙي گڏيل ڳانڍاپي سان حڪمتِ تعامليه پيدا ٿئي ٿي.
[b](5)حڪمتِ تعاونيھ (Co-Operation):
[/b] جڏهن انساني سماج وڌي وڃي ٿو، ۽ ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي ڪري رهڻ لڳن ٿا. نتيجي طور تي انسانن جون ضرورتون وڌڻ شروع ڪن ٿيون تنهن ڪري پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي مدد جي ضرورت پوي ٿي ته نتيجتاً حڪمتِ تعاونيه جا اصول جنم وٺن ٿا، مثلاً: ڪفالت، گڏيل ڪاروبار، وڪالت، مزدورن کان ڪم وٺڻ وغيره.
(3) جڏهن مٿين قاعدن هيٺ انساني معاشرو (Society) ترقي ڪرڻ لڳي ٿو، ته نتيجتاً شهر وجود ۾ اچن ٿا، پر شهر مان مراد ڪوٽ قلعا ۽ بازار نه بلڪ بقول حضرت شاهه صاحب رحه ”شهري زندگيءَ مان مراد هڪ خاص قسم جو رشتو ۽ ڳانڍاپو آهي، جيڪو گهڻن خاندانن ۽ جماعتن جي پاڻ ۾ ملي جلي رهڻ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي.“
”ٻئي ارتفاق ۾جيڪي اصول بيان ٿي چڪا آهن انهن مان انساني سماج ۾ هڪ خاص قسم جي ڳانڍاپي جو پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي. اهڙي طرح پاڻ ۾ معاملات ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جي ڪري هڪ ”معنوي وحدت“ پيدا ٿي پوي ٿي، نتيجتاً شهر هڪ شخص (Person) وانگر ٿي وڃي ٿو. انساني شخص وانگر هي شخص (شهر) ڪڏهن صحتمند ته وري ڪڏهن بيمار رهندو آهي. جيئن انساني شخص اندروني اثرن جي ڪري بيمار ٿي پوندو آهي، جيئن زهريلي شي کائڻ سان صحت خراب ٿي وڃي ٿي، ڪڏهن وري ٻاهرين سببن جي ڪري حالت بگڙجي پوندي آهي، جيئن ڌڪ لڳڻ جي ڪري ڪو عضؤ کري پئي يا پوري جسم جي حالت خراب ٿي پوي. ايئن ئي هن شخص (شهر) جي صحت به ڪڏهن اندروني حالتن جي ڪري خراب ٿيندي آهي، جيئن پاڻ ۾ ڏيتي ليتي ۾ ڌوڪو يا ٺڳي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻئي جو مال کائڻ يا ڦرڻ سان انتشار ۽ فساد پکڙجي ٿو. ڪڏهن وري ٻاهرين سببن جي ڪري شهر ۾ افراتفري پکڙجي ويندي آهي، جيئن ڪنهن دشمن يا لٽيري جي حملي ڪرڻ سان ماڻهن ۾ بي چيني، خوف ۽ حراس پيدا ٿئي ٿو. اهڙين حالتن ۾ شهر جي تحفظ ۽ بقا لاءِ ضروري آهي ته شهر ۾ هڪ مستحڪم نظم ۽ ضبط جو انتظام ڪيو وڃي ته جيڪي ماڻهو شهر ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪن، انهن کي سزا ڏئي ڪري شهر جي حفاظت ڪئي وڃي. اهڙو نظام قائم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس لڳايا ويندا آهن ۽ روپين کي گڏ ڪرڻ ۽ خرچ ڪرڻ لاءِ ادارا کوليا ويندا آهن.“
(4) جڏهن اهڙا مختلف معاشرا (Societies) وجود ۾ اچن ٿا ۽ هر هڪ ۾ ٽئي ارتفاق جي بنياد تي هڪ مستحڪم حڪومت قائم ٿي وڃي ٿي، يعني انهن ۾ بيت المال جا ادارا به قائم هجن ۽ فوجي نظام به (عسڪري قوت Military Force) منظم طريقي سان موجود هجي. ته اهڙن معاشرن يا قومن جي وچ ۾، جهڳڙن جهٽن، جنگين ۽ دشمنين جي پيدا ٿيڻ جا قوي امڪان هوندا آهن، ان لاءِ هڪ بين الاقوامي نظام جي ضرورت پوي ٿي، جنهن کي ارتفاق جو چوٿون مرحلو (The fourth stage of Human culture) چئبو آهي. انساني سماجن ۾ اهڙي بين الاقوامي نظام جو وجود ۾ اچڻ انساني نوع جي طبعي ضروت آهي.
مٿي ذڪر ڪيل درجن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو
خلاصو ته ابتدا ۾ انسان جي رهڻي ڪهڻي جانورن وانگر هئي، جنهن ۾ عمدگي ۽ شائستگي پيدا ٿيڻ سان انسان پهرين ارتفاق ۾ قدم رکيو. جڏهن پهرئين ارتفاق جون ضرورتون پوريون ٿي وڃن ٿيون ته انسان هڪ وک اڳتي کڻي ارتفاق جي ٻئي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو، ڄڻ ته هيءُ قبائلي يا ابتدائي شهري منزل آهي. ٻئي ارتفاق ۾ ترقي ڪرڻ سان هو ارتفاق جي ٽئي درجي ۾ داخل ٿئي ٿو، يعني سڌريل شهري زندگي پيدا ڪري وٺي ٿو. هيءَ قومي زندگي آهي. ارتفاق جي ٽئي مرحلي ۾ قومن جي ڳانڍاپي سان ارتفاق جو چوٿون درجو پيدا ٿئي ٿو. هيءُ ڏاڪو (يعني صحيح بين الاقوامي زندگي) انسان جي طبعي ضرورت آهي، جنهن ڏانهن انسانيت آهستي آهستي وڌي رهي آهي.
تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪڏهن چنگيز خان ۽ نپولين جهڙن وحشي درندن، استبداد (Despotism) ۽ ڊڪٽيٽري جي بنياد تي بين الاقوامي اجتماعيت پيدا ڪئي ته ڪڏهن وري فاروق اعظم رضه ۽ عثمان غني رضه جهڙن عظيم ليڊرن، عدل ۽ انساني ڀلائي جي بنياد تي بين الاقوامي اجتماعيت پيدا ڪري هڪ بهترين ارتفاق ڏانهن انسانيت جي رهنمائي ڪئي. هاڻي ته فلاصلاتي گهٽتائيءَ جي ڪري ڳانڍاپن ۾ ايتري ته تيزي ايندي پئي وڃي جو ڪابه قوم بين الاقوامي ادارن سان سهڪار ڪرڻ کان سواءِ آزاد طورتي رهي نٿي سگهي. پر هن بين الاقوامي ڳانڍاپي جي صحت ۽ ڪاميابي، ”عدل“ سان جڙيل آهي. شاهه صاحب رحه وٽ هن آخري رجحان جي تڪميل انسانيت جي طبعي ضرورت آهي، جيڪا پنهنجي مقرر وقت تي ضرور پوري ٿيندي.
انساني زندگيءَ ۾ ترقيءَ جي هنن چئن درجن جو تفصيل بيان ڪيو وڃي ٿو.

[b]پهريون ارتفاق: يعني تهذيب جي پهرئين منزل بدويانه زندگي
[/b]انسان جي ايجادي قوت جو عمل
اهو ظاهر ٿي چڪو آهي ته حيوانن ۽ انسانن ۾ بنيادي ضرورتن جي لحاظ کان ڪوبه فرق ناهي، يعني کائڻ پيئڻ، رهڻ، سمهڻ، گرمي سردي کا بچڻ ۽ پنهنجي نسل وڌائڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي جذبي ۾ ٻئي برابر آهن. پر قدرت انسان کي عقل جهڙي نفيس شيءِ جو تحفو عطا ڪيو آهي، جنهن سان هو پنهنجن حيواني ضرورتن ۾ نواڻ، سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو عمل ڪندو رهي ٿو.
شاهه صاحب رحه هن مسئلي کي حجة الله البالغه ۽ بدور بازغه ۾ تفصيل سا ن بيان ڪيو آهي. ته اهي سڀ خاصيتون انسان ۾ موجود آهن جيڪي حيوانن ۾ لڌيون وڃن ٿيون، پر انسان خدا جي عطا ڪيل نور (عقل) جي روشني سان ٻين سمورن حيوانن کان الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ انهن کان اڳ ڪڍي بلندي ۽ ڪماليت جي چوٽيءَ تي وڃي بيهي ٿو. سڀ کان پهرئين انسان پنهنجي کاڌ خوراڪ جي ضرورتن کي حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ وري انهن ۾ سڌارو آڻڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي. ايئن ئي هن غذائي اناج (Food grains) حاصل ڪيا ۽ آهستي آهستي تجربن سان پنهنجي طبيعت جي موافق اناج ڳولهي ورتا. پوءِ انهن کي گهڻي مقدار ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪيبون سوچيون. اهڙي طرح انسان، عقل جي رهنمائي ۾ پنهنجي پوک ۽ خوراڪ جي طريقن ۾ سڌارو آندو.
ظاهر آهي ته ان ۾ انسان کي تجربن جي مرحلن مان گذرندي ڪيتريون ئي صديون لڳيون هونديون، جنهن ۾ هن ٻج پوکڻ، پاڻي ڏيڻ، فصل ڪٽڻ ۽ وري داڻن کي بُهه کان جدا ڪرڻ ۽ ان کي سانڍي رکڻ جا طريقا سکيا.

[b]کائڻ پيئڻ جي باري ۾
[/b] اهڙي طرح انسان پنهنجي غذا ۽ خوراڪ جي باري ۾ حيوانن کان بهترين طريقا ايجاد ڪري ورتا. حيوان رڳو ڪچين جنسن تي گذر ڪري يا ٻين جانورن جو ڪچو گوشت کائي بس ڪري ٿو، پر انسان جي ”قوت اختراع“ )تخليقي قوت) ان کي ٻوڙ ڏانهن آندو، انسان کير، مکڻ ۽ ٻين شين مان پنهنجي غذا حاصل ڪرڻ جا سهڻا طريقا ايجاد ڪيا، ايئن ئي هن ٻوٽن مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪرڻ جو ڪم ڪيو. پنهنجي اُڃ اجهائڻ لاءِ پاڻيءَ جي خاصيت ڄاڻي ورتي ۽ وري کوهه کوٽي پاڻي حاصل ڪرڻ جو طريقو ڳولهيو ۽ ضرورت جي وقت ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مٽ، دلا ۽ ساندريون ٺاهي ورتيون.
[b]زبان:
[/b]هن دور ۾ انسان هڪ تمام وڏو ڪارنامو ڪيو جنهن سان اهو ٻين حيوانن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو. اهو آهي زبان کي پيدا ڪرڻ. حيوانَ پنهنجن احساسن جي پرچار مختلف آوازن سان ڪندا آهن. مثلاً: ڪنهن حيوان جو هڪ خاص قسم جو آواز ان جي ڏک، تڪليف کي ظاهر ڪندو آهي، ٻيو وري خوشيءَ يا سڪون کي. جيئن ڪتي جي پڇ تي پير پوڻ سان، اهو هڪ خاص قسم جو آواز ڪڍندو آهي، پر جڏهن ڪاوڙ جو اظهار ڪندو آهي ته ان جو رنگ بلڪل تبديل ٿي ويندو آهي، ايئن ئي ٻين جانورن کي سمجهڻ گهرجي.
پر انسان اڳتي نڪري ويو، ان آوازن جي ذريعي حرف ٺاهيا ۽ حرفن مان وري لفظ جوڙيا ۽ ايئن ئي ڪلام جو سلسلو پيدا ڪيائين. قدرت انسان کي اهڙي طبيعت عطا ڪئي آهي جو اهو پنهنجن جذبن، احساسن ۽ خيالن کي پنهنجي حال ۽ مقال سان ظاهر ڪري ٿو. (اها انسان جي ئي خصوصيت آهي) انسان اکين سان ڏسي ٿو، ڪنن سان ٻڌي ٿو. انهن ٻنهي جي ذريعي خارجي دنيا جي جيڪا تصوير ان جي دماغ ۾ چٽجي ٿي، پنهنجي عقل جي مدد سان ان جي ترڪيب ۽ تحليل (Synthesis, Analysis) ڪري، نوان نتيجا تخريج ڪري ٿو. هيءَ صفت ڪنهن ٻئي ساهواري شيءِ ۾ نه آهي. اڃا وڌيڪ هيءُ ته انهن نتيجن کي (جن ۾ اهو تمام گهڻو تفاوت پيدا ڪري سگهي ٿو) مخصوص آوازن سان ادا ڪري ٿو. هيءَ ڳالهه به ڪنهن ٻئي ساهواري ۾ نه ٿي لڌي وڃي. اهڙي طرح انسان آوازن کي ملائي ڪري لفظ جوڙي ٿو ۽ انهن سان مختلف ذهني تصورن کي پڌرو ڪري ٿو. جنهن کي ٻيا انسان سمجهي ڪري ان جي جواب ۾ اهڙا ئي جوابي لفظ استعمال ڪن ٿا.
يقيناً ان باري ۾ انسان تعريف لائق آهي ته اهو سوال ۽ جواب ڪري سگهي ٿو، يعني مخصوص آوازن جي ذريعي هڪ ٻئي کان ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو. هيءَ ڳالهه ٻين حيوانن ۾ ڪٿي آهي؟
[b]حيوانن کي تابع ڪرڻ
[/b] پهرئين ارتفاق ۾ انسان ٻين حيوانن کي تابع ڪري انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح پنهنجن مشڪلاتن ۾ آساني پيدا ڪيائين، مثلاً: پوک ڪرڻ، پري پري تائين وڃڻ، بار کڻڻ، کير، گوشت، کل ۽ اُن وغيره حاصل ڪرڻ جا ڪم ڪيا.
[b]ٺڪاڻو
[/b] هن ارتفاق ۾ هڪ شيءِ ٺڪاڻو بنائڻ آهي. حيوان آکيرن ۽ غارن ۾ رهندا آهن، اهي ان کان اڳتي وڌي نٿا سگهن، پر انسان عقل جي مدد سان پهرئين مٽيءَ جي ننڍڙن گهرن ۾ رهڻ لڳو، وري اڳتي هلي جلد خيما اڏيائين ۽ پوءِ وري اڃا اڳتي وڌي مضبوط عمارتون ٺاهي رهڻ لڳو.
[b]لباس
[/b] هن درجي ۾ انسان لباس ڍڪڻ به سکيو، جنهن سان نه رڳو گرمي سردي کان پنهنجي بدن جي حفاظت ڪيائين، پر پنهنجي اوگهڙ کي ڍڪڻ جي نفسياتي جذبي جي تسڪين به حاصل ڪري ورتائين.
[b]عورت کي مخصوص ڪرڻ
[/b] هن ارتفاق ۾ انسان پنهنجي لاءِ نڪاح جي ذريعي عورت کي مخصوص ڪرڻ جو طريقو وضع ڪيو، ته جيئن پنهنجي طبعي جنسي جذبي جي تسڪين ڪري ۽ پنهنجي نسل ۾ واڌ پيدا ڪري. پنهنجي جنسي تقاضا جي تڪميل کي هڪ خاص قاعدي ۽ قانون جي هيٺ آڻڻ جو عمل، اهڙو آهي جنهن کي انسان کان سواءِ ٻيو ڪو حيوان ان باري ۾ سوچي به ٿو سگهي. انهن ۾ بس نر ۽ مادي پاڻ ۾ ڪنهن خارجي سببن هيٺ ملندا آهن، جن ۾ غيرت ۽ خودي جو جذبو اهڙي ترقي يافته شڪل ۾ مؤثر نه هوندو آهي جهڙي شڪل ۾ انسان ۾ موجود آهي.
[b]بهترين اجتماع
[/b] مطلب ته هن دور ۾ انسان پنهنجي حيواني ضرورتن کي عقل ۽ حڪمت جي روشني ۾ طبعي تقاضائن مطابق پورو ڪرڻ شروع ڪيو. هي حيواني ضرورتون هن لاءِ ابدي آهن، يعني نوع انساني انهن کانسواءِ زندهه نٿو رهي سگهي. اهوئي سبب آهي جو انهن طبعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، هر سماج لاءِ ضروري آهي. ۽ بهترين معاشرو اهو آهي جنهن ۾ هر انسان جو هي بنيادي ضرورتون سهڻي ۽ آسان طريقي سان پوريون ٿين.
شاهه صاحب رحه انساني معاشري ۾ انهن بنيادي ضرورتن کي وڏي اهميت جي نظر سان ڏسي ٿو. انهن ضرورتن جي پوري نه هجڻ کي سوسائٽي ۾ انقلاب جو مؤثر وجھ قرار ڏئي ٿو.

[b]ٻيون ارتفاق: يعني تهذيب جي ٻي منزل
[/b]ڳوٺاڻي زندگي (ابتدائي شهري زندگي)
ارتفاق تي انسانيت جو اثر
جڏهن انساني معاشري ۾ پهرئين ارتفاق جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون ته عقلمند انسان، انهن ضرورتن جي متعلق نوان نوان تجربا ڪرڻ ۾ لڳي پوندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ تطهير ۽ تثبيت جي قانون هيٺ شين ۾ سڌارا ايندا ويندا آهن. يعني فائديمند شين کي اختيار ڪري ۽ نقصان وارين شين کي ڦٽو ڪيو ويندو آهي، يا وري اهڙين شين کي ورتو ويندو آهي جن ۾ نفعو وڌيڪ ۽ نقصان گهٽ هجي ۽ گڏ ان ۾ خوبصورتي ۽ نفاست جو به خيال رکيو ويندو آهي. جيئن ته پهرين ارتفاق ۾ انسان مختلف غذائي اناج ڳولهي ورتا. ان کان پوءِ کائڻ جا مختلف طريقا وضع ڪيا. وري ايئن ئي اڳتي هلندي، تجربا ڪندي اهڙا نمونا ايجاد ڪيائين جن ۾ ٿورڙي وقت ۽ محنت سان وڌيڪ نتائج پئي حاصل ٿيا ۽ خوراڪ جون اهڙيون شيون ڳولهي لڌائين جن ۾ ضرورت جي تڪميل سان گڏ نفاست، لذت ۽ مزو به وڌيڪ هو. ايئن ئي ”اخلاق فاضله“ جي مطابق پهرئين ارتفاق جي شين جي پرک ٿيڻ لڳي. ته پوءِ جيڪو طريقو وڌيڪ عمدو ۽ شائستگي وارو نظر آيو ان کي ورتو پئي ويو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻئي کي ڇڏيو پئي ويو. مثال طور: ماني هٿ تي به رکي کائي پئي سگهي ته ڪنهن صاف سٿري ڀانوَ ۾ به. عقلمدن پهرئين جي ڀيٽ ۾ ٻئي کي اختيار ڪيو. وري اڳتي هلي دسترخوان جو رواج پکڙيو. اهڙي طرح پاڻ ۾ بهتر ڳانڍاپي ۽ مفادِ عامه جي اصولن تي پهرئين ارتفاق جي شين کي پرکيو ويو. ته جيڪو طريقو پاڻ ۾ ڳانڍاپي ۾ بهتريءَ جي لحاظ کان وڌيڪ مفيد هيو ته ان کي ورتو ويو، مثلاً: گهر ٺاهڻ ۾ اهو خيال رکيو ويو ته پاڙيسريءَ کي تڪليف نه پهچي. ائين ئي اهڙا طريقا پسند ڪيا ويا جن مان عام ماڻهن کي فائدو پهچي، جيئن حوضن جي تعمير وغيره. تهذيب جي هن منزل کي ارتفاق جو ٻيو درجو چون ٿا.
ٻئي ارتفاق ۾ هيٺين شين تي بحث ٿيندو.
(1) حڪمتِ معاشيہ
(2) حڪمتِ منزليہ
(3) حڪمتِ اڪتسابيہ
(4) حڪمتِ تعامليہ
(5) حڪمتِ تعاونيہ
[b](1)حڪمتِ معاشيھ:
[/b] جيئن ته اهو بيان ٿي چڪو آهي ته ارتفاق جي پهرئين دور ۾ انسان کي عام طورتي هيٺين شين جي ضرورت پوي ٿي: (1) خوراڪ (2) پاڻي (3) ٺاهڻ، سنوارڻ (4) لباس (5) گهر (6) سفر (7) هلڻ گهمڻ (8) اٿڻ ويهڻ (9) جنسي جذبي جي تسڪين (10) آرام (11) مرض (12) مصيبتون (13) ڳالهه ٻول-
تجربن، اخلاق صالحه، حسن معاشرت ۽ اجتماعي مفاد جهڙن اصولن کي سامهون رکي، حڪيمن مٿي ذڪر ڪيل ضرورتن جي طريقن ۾ غور ۽ فڪر ڪندي، ان جي بهترين ۽ آسان صورتن کي پيش ڪيو ۽ ايئن اهي صورتون معاشري ۾ پکڙجي ويون. پوءِ اهڙي طرح انساني معاشرو ڄڻ ته ارتفاق جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيو. شاهه صاهب جي مطابق هيءَ شهري زندگيءَ جي شروعات يا ڳوٺاڻي زندگي آهي، جنهن ۾ بلدياتي نظام (Municipul System) ته کڻي نه هوندو آهي پر اهي انسان پاڻ ۾ ڳانڍاپيل ضرور رهندا آهن.
[b]رهڻي ڪهڻي جي لحاظ کان انسانن جا ٽي درجا
[/b] هتي هيءَ ڳالهه چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي ۽ ڏيتي ليتي ۾ زرمبادله جي. (مٽاسٽا جي سڪي جي) ڇو ته معاشري ۾ شين جو تبادلو نقد سان هڪ طبعي ضرورت آهي، نه ته نقد جي بدلي نقد حاصل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت. پر، جيئن ته ماڻهن جا مزاج ۽ عادتون پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ٿين ٿيون. تنهن ڪري انهن کي هڪ ٻئي جي مطلوب شين ۾ براه راست تبادلو ڪرڻ جي بجاءِ ناڻي ذريعي مٽاسٽا جي ضرورت پوي ٿي.
ڪجهه ماڻهو ته وڏي ٺٺ ٺانگر ۽ عاليشان طريقي سان زندگي گذاريندا آهن، جيئن مثلاً: سندن کاڌا تمام اعليٰ ۽ اونچي درجي جا هوندا آهن جن تي تمام وڏو پيسو خرچ ڪيو ويندو آهي. سندن لٽا ڪپڙا گهڻا مهانگا ۽ مڪان اهڙا عاليشان هوندا آهن جن تي تمام خطير رقم استعمال ڪئي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ عياشيءَ وارين شين کي منتخب ڪندا آهن، اهڙي ڍنگ کي پرتعيش (رفاهيت بالغه) (Luxury) چون ٿا. ڪجهه وري ايتري ته گهٽيا زندگي گذاريندا آهن جو سندن ڍنگ لڳ ڀڳ جانورن جهڙو هوندو آهي. ان کي بربريت وارو ڍنگ (رفاهيت ناقصه) (Barbarasim) چون ٿا.
اهي ٻئي طبقا سوسائٽي ۾ گهٽ هوندا آهن، اڪثر ماڻهو وچٿرائپ واري طريقي تي زندگي بسر ڪندا آهن. ان کي ”رفاهيت متوسة“ چون ٿا. اهڙي اعتدال واري زندگي ئي حڪمت معاشيه (Social life) جو معيار بڻجي سگهي ٿي.
[b]پرتعيش زندگي گذارڻ جو نقصان
[/b]جيترو ٿي سگهي ان ٺٺ ٺانگر واري طريقي کان انسان پنهنجو پاڻ کي بچائي. ڇو ته ان سان غيرضروري خواهشون ۽ حسرتون جنم وٺن ٿيون، جنهن ڪري پيسي ڏوڪڙ جو به زيان ٿيو پوي ۽ انسان مصيبت، ڏک ۽ مال جي هلاڪت جهڙن تڪليفن ۾ جڪڙجي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ سُڃو ٿيو پوي.
[b]حڪمت معاشيھ جا جز
[/b] هاڻي حڪمت معاشيہ جي جزن تي الڳ الڳ غور ۽ فڪر ڪريون ٿا:
(1) خوراڪ: ضروري آهي ته غذا اهڙي اختيار ڪئي وڃي جيڪا تجربي، اخلاقِ صالحہ، حسنِ معاشرت ۽ اجتماعي مفاد جي اصولن جي مطابق معتدل طبقي، سليم الطبع ماڻهن وٽ خراب نه سمجهي وڃي. مثلاً: دپ وارو کاڌو، مئل جانورن جو گوشت، زمين جا ڪيڙا مڪوڙا، ڇيڙي ڦاڙي کائيندڙ جانورن جو گوشت کائڻ کان پاسو ڪيو وڃي يا اهڙا جانور جن جي مزاج ۾ ڪٺن پن هجي يا اهي حيواني صفتن ۾ سخت هجن، جيئن سؤر، ڪتو وغيره. ته انهن کان پاڻ کي بچائڻ ضروري آهي.
کائڻ کان پهرئين گرڙي ڪري، نڪ صاف ڪري ۽ هٿ ڌوئي پوءِ کاڌو کائڻ شروع ڪجي، دسترخوان تي ويهي ڪري کائجي، پنهنجي اڳيان رکيل مان کائجي، کاڌو زمين تي نه رکجي. کائڻ وقت هول ۽ تڪڙ نه ڪجي، وڏا وڏا گرهه نه هڻجن، ڇو ته اهو حرص کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ماڻهو بُکارو هجي ان وقت کائي. کائڻ وقت اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪجي جيڪي ٻين ڀائيوارن لاءِ تڪليف جو سبب بڻجن يا انهن جي طبيعتن تي ٻوجهه ڪن. کائڻ جي باري ۾ سڀ کان سٺي شيءِ اها آهي جيڪا آساني سان حاصل ٿئي ۽ صحيح طريقي سان هضم ٿي سگهي. کائڻ لاءِ سون، چانديءَ جي ٿانون جو استعمال پرتعيش (رفاهيت بالغه) طريقو آهي ۽ زمين تي رکي ڪري کائڻ بربريت (رفاهيت ناقصه) وارو طريقو. ان ڪري انهن ٻنهي کان پاسو ڪرڻ کپي. وچٿرائپ ان ۾ آهي ته مٽي يا لڪڙيءَ جا ٿانو استعمال ڪرڻ گهرجن.
(2) پيئڻ: پيئڻ جي باري ۾ نشي واريون شيون غليظ هونديون آهن، ڇو ته انهن سببان عقل مفلوج ٿي پوي ٿو. اخلاق خراب ٿين ٿا، مال به لٽجي وڃي ٿو ۽ ماڻهو سڃو ٿي پوي ٿو. نتيجتاً گهريلو ۽ شهري زندگي خراب ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح اٻوسيل پاڻي به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. پيئڻ وقت ٿانو ۾ ساهه نه کڻجي، بلڪ منهن ٻاهر ڪڍي ساهه کڻجي، ڪڏهن ڪڏهن ان مان جيئري جون بيماريون پيدا ٿينديون آهن. ٽي دفعا ڪري پيئڻ گهرجي، اها سٺي خصلت هجڻ جي باوجود معدي لاءِ به مفيد آهي.
(3) صفائي: انسان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي بدن ۽ لباس کي ميراڻ، گدلاڻ ۽ گند ڪچري کان پاڪ صاف رکي پوءِ چاهي پاڻي سان يا مٽي سان. گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ ته ضرور پنهنجي پوري بدن کي صاف ڪري. ڏندڻ يا ٻيو ڪو صفائي جو آلو به استعمال ڪندو رهي. ايئن ئي معنوي نجاستن (Psychological Filth) کان به پاڻ کي پاڪ رکي. جيئن جنابت جي حالت ۾ غسل ڪري يا طبعي حاجت پوري ڪرڻ کان پوءِ صفائي ڪري.
(4) زينت: مرد لاءِ ان جي ڪري ضروري آهي ته ان کي سوسائٽي ۾ مهذب سمجهيو وڃي ۽ عورت جي لاءِ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن ورکي پنهنجي طرف مائل ڪري، مثال طور زيور يا ٻين هار سينگار جي شين سان پاڻ کي سنواري، پر ان ۾ به معتدل طريقو اختيار ڪيو وڃي.
(5) لباس: سمورن انسانن هن ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو آهي ته اوگهڙ عيب آهي. جهنگلي ۽ وحشي قومون به پنهنجي ستر لاءِ ڪانه ڪا صورت اختيار ڪنديون آهن. هن احساس جي اجاگر ٿيڻ سان ئي انسان لباس جو استعمال شروع ڪرڻ لڳو. هاڻي هيءَ ڳالهه سڀني وٽ مڃيل آهي ته بهترين لباس اهو آهي جيڪو پوري بدن کي ڍڪي پر اهو لباس ٺٺ ٺانگر وارو نه هجي ۽ نه ئي اهڙو هجي جنهن سان تڪبر ۽ وڏائيءَ جو اظهار ٿئي.
(6) گهر: ان مان غرض ته اهڙو ٺڪاڻو جنهن ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي گرمي سردي کان محفوظ رکي ۽ پنهنجي مال، جان جو بچاءُ ڪري سگهي. ان جي بيهڪ وچٿري هجي، جو طبائع سليمه کي ڪراهت به نه ٿئي ۽ وقت جي سٺن رسمن جي خلاف به نه هجي ۽ گڏ مڪان جي تعمير ۾ گهڻي تڪلف ۾ به نه پئجي ۽ غيرضروري شين کان پاسو ڪجي. گهر اهڙين شين سان تيار ڪرڻ گهرجي جيڪي عام هجن ۽ آساني سان ملي سگهن. گهر کليل ۽ اهڙو وائکو هجي جنهن ۾ ٻاهري هوا آساني سان داخل ٿي سگهي ۽ ڪجهه مٿي به هجي.
(7) جنسي جذبي جي تسڪين: اهو مرد ۽ عورت جي ميلاپ سان ٿئي ٿو. انساني غيرت جي تقاضا اها آهي ته اهو لڪ ۾ ڪيو وڃي. هر مرد جي پنهنجي عورت معين هجي ۽ ان سان ٻئي ڪنهن جو اهڙو تعلق نه هجي.
(8) سفر: ضرورت آهر سفر ڪرڻ گهرجي. ساٿي هجي ته بهتر آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جانور تي سفر ڪجي ته ان جي به ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي.
(9) هلڻ، گهمڻ، ويهڻ: وچٿرائپ سان هلڻ گهرجي. لامارا نه هڻجن، بدن کي لوڏيندي نخري سان نه هلڻ گهرجي ۽ گهڻو ڏاڍيان به نه هلجي، پاڻ ۾ گڏجي ڪچهري ڪرڻ وقت سٺيون ڳالهيون ڪجن. هلڻ وقت سٺن رستن تي هلجي، اهڙن رستن، جتان عورتن جو گذر گهڻو هجي يا خيالن جي خراب ٿيڻ جو قوي انديشو هجي، کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي.
(10) سمهڻ: رات جو جلدي سمهي پئجي، پنهنجي ذهن کي برن خيالن کان پاڪ صاف ڪري سٺن جذبن ۽ خيالن سان سمجهي ۽ قرآن جي آيتن جي تلاوت ڪري پوءِ هنڌ تي اچي آرام ڪجي.
(11) مرض: بيماريءَ ۾ الله جي حڪمت سمجهي. ۽ شفاياب ٿيڻ جي آس به الله ۾ رکي. مرض لاءِ اهي دوائون استعمال ڪجن جيڪي تجربي سان ان لاءِ مفيد ثابت ٿي چڪيون هجن ۽ نفسياتي بيمارن جو الاهي اسم ۽ قرآن جي آيتن سان علاج ڪرڻ گهرجي.
(12) مصيبتون: مصيبت جي وقت نه روڄ راڙو ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي وري هڪو بڪو ۽ وائڙو ۽ پريشان ٿئي جي. بلڪ الله تي پورو يقين رکي دليريءَ سان مصيبت سان ٽڪر کائجي.
(13) ڳالهائڻ: ڪلام سهڻو سيڀتو هجي، وچٿري آواز سان ڳالهائجي. ايترو به آهستي نه، ته ٻڌڻ واري کي آساني سان سمجهه ۾ نه اچي ۽ نه ايڏو ڏاڍيان جو ان کي ٻوجهه ۽ تنگي محسوس ٿئي. اهڙي ڳالهه نه چئجي جنهن سان ٻئي جي دل آزاري ٿئي. گلا ۽ چغلي کان ته بلڪل پرهيز ڪجي، ڇو ته اهي فساد ۽ فتني جي جڙ آهن.
[b](2)حڪمتِ منزليھ:
[/b] گهر ڇا آهي؟ شاهه صاحب رحه وٽ گهر مان مراد رڳو ڀتيون دروازا ۽ کڙڪيون نه بلڪ اهي گهاٽا ۽ پائيدار ڳانڍاپا آهن جيڪي هڪ ننڍڙي جاءِ ۾ رهڻ ڪري انسانن ۾ پاڻ ۾ پيدا ٿين ٿا. حڪمت منزليہ مان مراد آهي ته پنهنجي گهروارن ۽ دوستن سان اهڙو ته سهڻو، سٺو ۽ شائستگيءَ وارو رويو رکجي جيڪو عام اخلاقي قاعدن جي مطابق هجي. يعني وچٿرائپ وارو طريقو، ته جيئن انساني سماج ۾ بهترين ڳانڍاپا پيدا ٿين.
طبعي طور تي انسان کي اها تعليم ڏني وئي آهي ته مرد ۽ عورت پاڻ ۾ ڪيئن لاڳاپا رکن، جو هڪ بهترين خاندان وجود ۾ اچي سگهي. مرد ۽ عورت جي ان گڏيل ڳانڍاپي ۽ باهمي رواداري سان ئي خانداني زندگي جڙيل آهي. اهوئي سبب آهي جو پوري دنيا جي قومن ۾ مرد ۽ عورت جي ڳانڍاپي جي هڪ ئي شڪل اختيار ڪئي پئي وڃي يعني نڪاح. (مطلب ته مرد هڪ خاص قاعدي ۽ قانون هيٺ عورت سان مخصوص تعلق رکي سگهي ٿو. عورت کي قانوني طريقي سان رکڻ جو نالو نڪاح آهي.)
نڪاح: ته ٻن شاهدن جي موجودگيءَ ۾ مرد ۽ عورت ايجاب ۽ قبول ڪن، يعني پاڻ ۾ سٺي ڳانڍاپي ۽ رواداري سان رهڻ جو عهد ڪن، ڄڻ ته عورت اهو وعدو ٿي ڪري ته اها بڇڙا لاڳاپا ٻئي ڪنهن سان قائم نه ڪندي ۽ مرد اهو وعدو ٿو ڪري ته اهو ان جي عزت ۽ عصمت جي حفاظت ڪندو ۽ ان جي ضرورتن جي ڪفالت ڪندو. اهڙي ريت هڪ خاندان جنم وٺي ٿو، جيڪو سوسائٽي جو هڪ اهم جز آهي. شاهدن جو هڪ فائدو هي آهي ته، ان سان هن معاهدي جي شهرت ٿئي ٿي ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڪو جهڳڙو ٿي پوي (مثلاً: ڪو انهن ٻنهي مان نڪاح جو انڪار ڪري يا ٻنهي مان ڪنهن جا مٽ مائٽ انڪار ڪن) ته شاهدن جي ذريعي ان جي ”هجڻ“ کي ثابت ڪيو وڃي.
عورت جو متعين هجڻ: انسان ۾ غيرت جو جذبو طبعي طورتي موجود آهي. هن جذبي جي گهرج هيءَ آهي ته ان جي زال ٻئي ڪنهن سان جنسي لاڳاپا نه رکي، بلڪ صرف هن لاءِ ئي خاص هجي. پر جيڪڏهن عورت جا جنسي ڳانڍاپا ٻئي ڪنهن سان ٿي پون ته خانداني زندگي تباهه ٿي وڃي ٿي ۽ وڏي خونريزي شروع ٿي پئي ٿي ۽ معاشرو تباهه ٿي وڃي ٿو.
پردي جي ضروت: اهڙي طرح مرد جي غيرت جو جذبو قطعي طورتي اها ڳالهه قبول نٿو ڪري ته ڪير ان جي ڀيڻ يا ڌي سان ڪي بڇڙا لاڳاپا رکي. تنهن ڪري انسان پنهنجي ڌي، ڀيڻ کي غيرن کان بچاءَ لاءِ طريقا سوچيا ۽ آهستي آهستي هلي پردو وجود ۾ آيو ته جيئن اهڙن خرابين جي جڙ کي ئي ختم ڪري ڇڏجي، جيڪي اڳتي هلي خانداني ۽ شهري زندگي ۾ تباهي مچائي ڇڏن ٿيون.
محرمات: ڪجهه عورتون ۽ مرد پاڻ ۾ هڪ گهر ۾ گڏ رهن ٿا، پلجن پسن ٿا، ان ڪري انسان جي هي طبعي فطرت بڻجي پوي ٿي ته اهو اهڙين عورتن (ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ وغيره) ڏانهن جنسي لحاظ کان مائل نٿو ٿي سگهي ۽ زال مڙس جهڙا ڳانڍاپا قائم نٿو ڪري سگهي. اهڙين عورتن کي محرمات چيو وڃي ٿو. محرمات کان پاسو ڪرڻ سليم الطبع انسان جي فطرت جو حصو آهي. ها باقي ڪنهن خارجي حالتن يا وقتي مصلحتن جي ڪري نڪاح ڪرڻ جي مجبوري پيش اچي ته اها ٻي ڳالهه آهي. باقي عام انسانن جي فطرت هي آهي ته مرد اهڙن عورتن سان نڪاح نه ڪندا آهن. انهن سان هر وقت گهر ۾ ملڻ گهلڻ ٿئي ٿو، هاڻي جيڪڏهن انهن ڏانهن رغبت کي روڪيو نه وڃي ها ته خانداني زندگي ۾ بگاڙ پيدا ٿئي پوي ها ۽ معاشرو فساد جو ڳڙهه ٿي وڃي ها. اهوئي سبب آهي جو ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ سان نڪاح نه ڪرڻ، هڪ عالمگير ۽ طبعي اصول بڻجي چڪو آهي.
[b]عورت جو مقام گهر ۾:
[/b] طبعي لحاظ کان مرد، عورت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت، محنت ڪندڙ، مشقت ۽ تڪليف برداشت ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ته عورت طبعي طورتي ڪمزور آهي. اهوئي سبب آهي جو انساني سماج ۾ مرد مشقت ۽ محنت ڪري ٻاهر ڪمائيندو آهي ۽ عورت گهريلو ڪام ڪاج ۾ روزانو مصروف رهندي آهي. مثال طور: گهر صاف ڪرڻ، کاڌو پچائڻ، ٻارن ٻچن جي پرگهور لهڻ وغيره.
فطرت، عورت کي حياءَ جي زيور سان سنواريو آهي. تنهن ڪري اها پنهنجي جنسي جذبي جو کليل اعلان به نه ڪري يا وري وڏن هجومن ۾ وڃي بي ڊپائي سان اظهار ڪري، ايئن به نه ڪري، ڇو ته ان سان ان جي حياءَ جي چادر تي داغ اچي ٿو. ۽ ايئن ئي گڏ اهو به ضروري آهي ته عورتون پنهنجو ور پاڻ نه ڳولهن، بلڪ انهن جا وڏا جن کي اهو اخلاقي يا قانوني حق هجي (جيئن پيءُ، ڏاڏو وغيره.) منتخب ڪن. ها باقي اهو ضروري هجي ته وڏا پنهنجن نياڻين کان سهڻي طريقي سان راءِ وٺن ۽ جي ٿي سگهي ته ان جو لحاظ رکي رشتو ڪن.
[b]ٻار ۽ پيءُ، ماءُ:
[/b] الله تعاليٰ جي پنهنجن ٻانهن تي هيءَ وڏي ٻاجهه آهي جو اولاد کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جو فرمانبردار ڪري ڇڏيو اٿن. ڄڻ ته پيءُ، ماءُ کي پنهنجي اولاد تي طبعي غلبو آهي.
پر اهي شفقت ۽ محبت جا پيڪر ۽ ڀرجهلا ٿي، پنهنجي اولاد تي الفت ۽ نرمي سان حڪومت ڪندا رهن، نتيجتاً اولاد وڏو ٿي انهن جي شفقت جو بدلو پنهنجي خدمت جي عطيي سان ادا ڪندي.
[b]سيد بالطبع- عبد بالطبع
[/b] گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته ذهني ۽ جسماني قوتن جي لحاظ کان انسانن ۾ تفاوت نظر ايندو. ڪي اعليٰ ۽ بلند صلاحيتن سان مالامال هوندا آهن ته ڪي وري ڪمزور ۽ گهٽ صلاحيتن وارا هوندا آهن. انهيءَ ڪري ڪي انسان سيد بالطبع ٿين ٿا. يعني طبعي طورتي انهن ۾ ترقي ڪرڻ، بهادري، اعليٰ خيال ۽ بلند ارادا ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ جو مادو وڌيڪ هوندو آهي. اهي معاشي سرگرمين ۾ سخت محنت ڪندڙ ۽ جستجو ڪندڙ نظر ايندا ۽ خدمتِ خلق ۾ به اڳڀرائي وارا هوندا آهن، اهڙا انسان گهريلو ماحول کي سهڻي طريقي سان هلائي سگهن ٿا.
ڪجهه وري بزدل، سست ۽ ڪاهل هوندا آهن، اهڙا ته ٽوٽي هوندا آهن جو پاڻ ڪجهه به ڪمائيندا نه آهن. هي ماڻهو پهرين جي هيٺان رهي ڪري خوش رهندا آهن، جيڪڏهن ڪو سٺو بهترين انسان هنن کي نه مليو ته اهي بيچيني ۽ پريشاني واري زندگي بسر ڪندا آهن.
سماج ۾ انسانن کي هڪ ٻئي جي ضرورت پوي ٿي، ڪجهه ڪم اهڙا هوندا آهن جي انسان پاڻ نٿو ڪري سگهي، بلڪ ٻين کان ڪرائڻا پوندا آهن. اهڙي صورت ۾ هڪڙا ٻين جي هيٺان رهي ڪري ڪم ڪندا آهن. جيئن فوج جو سردار پنهنجي هيٺان هزارين انسانن کي رکيو ويٺو هوندو آهي. ظاهر آهي ته هر هڪ سپاهي ته اڳواڻ نٿو ٿي سگهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن هيٺيان پنهنجن طبيعتن کي پنهنجي وڏي جي موافق ۽ مطابق ڪري ڇڏن ته سندن زندگي سٺي گذرندي، نه ته بگاڙ پيدا ٿيندو ۽ معاشرو صحيح ترقي نه ڪري سگهندو ۽ گڏ ادارا به پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان سرانجام نه ڏئي سگهندا.
مطلب ته قدرت جي طرفان عطا ڪيل نوعي تقاضائن سبب شادي، اولاد جو ڄمڻ ۽ ان جي پالنا ڪرڻ ۽ هيٺين تي حڪومت ڪرڻ جي لاءِ اهو ٽي طرفو نظام وجود ۾ اچي ٿو، ان کي گهريلو زندگي (House Keeping) چون ٿا، اها مرد ۽ عورت جي ميلاپ سان جنم وٺي ٿي. .
[b]گهريلو جڳهڙن جو فيصلو
[/b] جيڪڏهن زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ جڳهڙي پيدا ٿيڻ جي ڪري گهريلو نظام خراب ٿي پوي ته ان جو حل چڱن ۽ سياڻن کان ڪرايو وڃي. اهي اهڙا هجن جيڪي جهڳڙي جي سببن جي صحيح نشاندهي ڪري سگهن، ٻنهي جا خيرخواهه هجن ۽ عدل ڪندڙ هجن. جيڪڏهن گڏ رهڻ جي ڪابه صورت نظر نه اچي ته ٻنهي ۾ عليحدگي (Separation) ڪرائي ڇڏجي. جيڪڏهن مرد راضي نه ٿئي ته قاضي، (جج) ان جو قائم مقام ٿي جدائي ڪرائي، ته جيئن مسئلو حل ٿي وڃي. جدائي ڪڏهن مال جي عوض سان به ٿي سگهي ٿي ته ڪڏهن بغير مال جي به. پر جيترو ٿي سگهي ته زال مڙس کي پاڻ ۾ نرمي ۽ وچٿرائپ سان رهڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي تي ظلم ۽ ڏاڍائي ۽ تنگي نه ڪرڻ کپي.
[b]تفريق جو اصول
[/b] عليحدگيءَ جي باوجود نڪاح جي مصلحت کي باقي رکڻ ضروري آهي. مثلاً جيڪڏهن ڪا مائي حمل (پيٽ واري) واري آهي ته اها ٻار ڄمڻ تائين ٻئي سان نڪاح نه ڪري ته جيئن ٻار جو نسب محفوظ رهي، نه ته خانداني زندگي تماشو بڻجي ويندي.
[b]ٻارن جا حق:
[/b] گهريلو زندگيءَ ۾ هيءُ به ضروري آهي ته ٻار ڄمڻ سان ان جو سٺو نالو رکيو وڃي ۽ پوءِ ڪو جانور ڪهي ان جي نالي تي ”عقيقو“ ڪيو وڃي. هيءُ به هڪ عجيب نمونو آهي ته ٻار ڪيئن پنهنجي پيءُ جو سوسائٽي ۾ اعلان ٿو ڪري ته آءٌ فلاڻي جو پٽ آهيان ۽ جڏهن به ڪو قانوني يا دستوري اندراج ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ پٽ جي نالي سان سندس پيءُ جو نالو به لکيو ويندو آهي ۽ وري انهن جو باهمي ڳانڍاپو سوسائٽي ۾ مشهور ٿيو وڃي ۽ پٽ ان نسبت سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. پيءُ ۽ ماءُ وري ٻار جي پيدا ٿيڻ تي خدا جو شڪريو ادا ڪن ٿا. ان مان هيءَ ڳالهه به چٽي طرح واضح ٿي ته مرد کي پنهنجي ٻچڙي ۽ ان جي امڙ سان محبت آهي. ٻار جي پرورش جو سٺو ۽ مناسب بندوبست هئڻ گهرجي. عمر جي لحاظ کان ان جي تعليم، تربيت ۽ اخلاقن جي سڌاري لاءِ انتظام ڪيو وڃي، دنيا ۽ آخرت ۾ ڪم ڏيندڙ علم سيکاريا وڃن، جڏهن جوان ٿئي ته ان جي شادي ڪرائي وڃي ۽ ان کي اهڙو علم يا هنر سيکاريو وڃي جيڪو ان جي معاشي ضرورتن جي پوري ڪرڻ سان گڏ، سندس دوستن ۽ هم عصرن ۾ چڱو مرتبو به ڏئي.
[b]گهر ۾ مرد جو مرڪزي ڪردار
[/b] ڪوبه نظام مرڪز کان سواءِ نه ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري باقي رهي سگهي ٿو. تنهن ڪري گهرجي نظام کي درست هلائڻ لاءِ مرڪز جو هجڻ ضروري آهي ۽ گهر جي نظام جو مرڪز مرد ئي ٿي سگهي ٿو. ان ڪري گهر ۾ مرد کي فيصلا ڪن حيثيت حاصل آهي. پر مرد کي گهرجي ته گهريلو نظام ۾ ڊڪٽيٽري ۽ هڪ هٽي نه هلائي، ڏاڍ ۽ ظلم نه ڪري، بلڪ حڪمت، مصلحت ۽ نرمي سان گهرجو انتظام هلائي ته جيئن گهروارَ به ان سان محبت سان پيش اچن ۽ گهر جو ڪم به صحيح طريقي سان ڪن. پوءِ گهر اهڙي نموني (جنهن ۾ سڀ محبت ۽ الفت سان رهندا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي شفقت جو هٿ ڦيرائيندا.) سٺي طرح رهندو ۽ جهيڙن جهٽن کان به محفوظ رهندو.
[b]پاڻ ۾ لاڳاپا ۽ ڳانڍاپا قائم رکڻ جا اصول ۽ فائدا
[/b] انسان کي گهرجي ته پنهنجي گهروارن سان ڳانڍاپو رکندو اچي، انهن کي وقت ڏئي، حال احوال ڏئي ۽ وٺي. اهڙي طرح پنهنجن دوستن ۽ احبابن به سان ملڻ گهرجي. هڪ ٻئي کي تحفا ڏجن، هڪ ٻئي سان رابطو رکجي. ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪجي، ڇو ته انهن شين سان دلين جي پاڙن ۾ محبت ۽ الفت جا گل ڦٽندا آهن. ۽ گڏ ضروري آهي ته پاڻ ۾ ملڻ وقت سلام ڪجي، ڪنهن جي گهر وڃجي ته اجازت وٺي پوءِ داخل ٿي جي، پرايون عورتون سامهون پون ته نطرون جهڪائي ڇڏجن ۽ نفرت ۽ ويڇا پيدا ڪندڙ ڳالهين کان به پرهيز ڪجي. انهن طريقن سان لاڳاپا پائيدار ۽ سٺا رهندا آهن.
[b](3) حڪمتِ اڪتسابيھ معاش جو انتظام:
[/b] حڪمت اڪتسابي يا نظام معاشي جي تعريف شاهه ولي الله رحه هيءَ ڪئي آهي: ”انسان پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ وچٿرائپ، اعتدال ۽ صفائي سٿرائي جو لحاظ رکي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويندو بلڪ ماڻهو عاليشان ۽ عياشي واري زندگي گذاريندو ته نتيجي ۾ ضرورتون وڌنديون وينديون ايتري تائين جو هڪ ماڻهو ته ڇا پر هڪ خاندان به ملي ڪري انهن کي پورو نه ڪري سگهندو ۽ پوءِ معاشرو سخت تڪليفن، مصيبتن ۽ مشقتن ۾ جڪڙجي ويندو.“
[b]ڌنڌن جي ورهاست جي ضرورت
[/b] هن زماني ۾ انساني معاشري تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انسان جو معاشي ضرورتون مختلف قسم جي ڌنڌن سان پوريون ٿين ٿيون. ان جو سبب شاهه ولي الله هي قرار ڏئي ٿو ته ارتفاق جي ٻئي مرحلي ۾ انسان جون ضرورتون ايتريون ته وڌنديون ويون جو اهي ڪنهن هڪ شخص يا خاندان جي پوري ڪرڻ کان ٻاهر نڪري ويون، تنهن ڪري يقيناً ٻين انسانن جي مدد جي ضرورت پئي. مثلاً، ابتدا ۾ انسان پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب لاءِ ضرورت آهر پوک ڪاهيندو هو ۽ پنهنجي ضرورت پوري ڪندو هو، هي طبعي ارتفاق (Natural Economy) جو درجو آهي. جنهن ۾ شيون پنهنجي لاءِ ڪيون وينديون هنيون. عوض وٺي ڪري ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ وٺڻ (Exchange) جي لاءِ نه هونديون هنيون. پوءِ اڳتي هلي بدلي جي عوض ڏيڻ وٺڻ (Exchange) جي ضرورت پئي ته شيون ان لاءِ تيار ٿيڻ لڳيون. پيداوار جا نوان نوان طريقا جڙي پيا. ان کي تجارتي پيداوار (Comidity Economy) چئجي ٿو. تنهن ڪري زراعت لاءِ انساني محنت (Human Labour) سان گڏ جانورن (انهن کان به ڪم وٺڻ) (Animal Labour) جي به ضرورت پئي. ان لاءِ جانورن کي پنهنجي تابع ڪيو ويو ۽ انهن کي پالڻ جو سلسلو شروع ٿيو. وري ان سان گڏ واڍن ۽ لوهرن جي ضرورت به پيدا ٿي پئي.
ڪنهن ڪم کي سهڻي ۽ سٺي نموني ڪرڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ان ڪم کي وري وري ڪرڻو ٿو پوي ۽ ان جي متعلق تمام گهڻي معلومات گڏ ڪرڻي ٿي پوي، تڏهن وڃي ان ڪم ۾ مهارت (Specialization) حاصل ٿئي ٿي ۽ اهي سڀ ڪم بخوبي سرانجام ڏيڻ هڪ انسان ته ڇا پر پورو خاندان به نٿو ڪري سگهي. ايئن سٺي کاڌي لاءِ پچائڻ جي فن (Cookery) ۽ سٺو لباس تيار ڪرڻ لاءِ درزڪي فن جي ضرورت پيدا ٿئي پئي.
خلاصو هيءُ ته هڪ خاندان وارا وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪن، تڏهن به ارتفاق جي پهرئين مرحلي جون شيون ٺاهي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. پر اهڙيون شيون ٺاهن، جن ۾ ضرورت جي پورائي سان گڏ نزاڪت، لطافت ۽ عمدگي به هجي، هڪ شخص يا خاندان جي وس جي ڳالهه نه آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ”عملي ورهاست“ (Division of Labour) جو فارمولو اختيار ڪيو وڃي. هر هڪ ڪنهن هڪ ڪم ۾ ڪماليت ۽ مهارت پيدا ڪري ۽ ان سان پنهنجون سڀ معاشي ضرورتون پوريون ڪري. پوءِ جڏهن انساني سماج ارتفاق جي ٽئين مرحلي ۾ حڪومت ٺاهي ته حڪومت جو نظام هلائڻ لاءِ ماڻهن جي ضرورت پيدا ٿي، تنهن ڪري آهستي آهستي دفتري ڪم (Clirical work) به هڪ مستقل پيشو بڻجي ويو.
[b]تبادلي (يعني عوض جي بدلي شي ڏيڻ ۽ وٺڻ) جي ضرورت
[/b] جڏهن انساني سماج ارتفاق جي ٻئي مرحلي ۾ قدم رکيو ته جنس جي مٽاسٽا (Barter) جي ذريعي ضرورتون پوريون ڪرڻ مشڪل ٿي پيون، مثلاً: موچيءَ وٽ جوتن جو جوڙو پيو آهي ۽ ان کي ڪپڙن جي ضرورت آهي. اهو سمجهي ٿو ته ڪوري مون کان جوتا وٺندو، جنهن جي بدلي ۾ مون کي ڪپڙا ملي ويندا. پر ڪوريءَ کي في الحال جوتن جي ضرورت نه آهي. تنهن ڪري موچيءَ جي ضرورت في الوقت پوري نه پئي ٿي سگهي. سوسائٽيءَ ۾ جڏهن اهڙيون کوڙساريون الجهنون ظاهر ٿيڻ لڳيون ته عقلمند انسان انهن کي سلجهائڻ لاءِ تدبيرون ڪرڻ لڳا. هنن هڪ اهڙي شيءِ جي ڳولها ڪرڻ شروع ڪئي جنهن جي خود عين (ذات) مان ته ڪوبه غرض نه هجي. يعني ان عين (ذات) مان نفعو حاصل ڪرڻ مقصد نه هجي پر ان ۾ ٻي شيءِ جو (جنهن جي عين مان نفعو حاصل ڪرڻ مقصد آهي) عوض بڻجڻ جي صلاحيت هجي. يعني ان کي ڏئي ڪري پنهنجو مطلوب حاصل ڪيو وڃي ۽ گڏ اها شيءِ خراب به نه ٿئي ۽ ان کي ذخيرو ڪري به سگهجي. پوءِ آهستي آهستي سون ۽ چانديءَ کي ”زرمبادله“ (يعني مٽاسٽا جي ناڻي واري حيثيت رکندڙ شي) جي طور تي استعمال ڪرڻ شروع ٿي ويو. ايئن ئي سڪي (Coin money) جو رواج شروع ٿي ويو ۽ اهڙي طرح ارتفاق جي ٻئي مرحلي ۾ سوسائٽي (Society) ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ٿي پيو.
[b]ڌنڌن اختيار ڪرڻ جو قاعدو
[/b] سوسائٽي ۾ ماڻهو کي ڪونه ڪو ڌنڌو ته اختيار ڪرڻو ئي پوي ٿو. پر سوال اهو آهي ته هو ڪهڙو ڌنڌو اختيار ڪري؟ ان جو جواب شاهه ولي الله رحه وٽ هيءُ آهي ته انسان کي اهڙو پيشو اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪو ان جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. ان جي وضاحت ڪن ٿا ته: هڪ انسان جون ضرورتون ته گهڻيون آهن پر ڌنڌو اهڙو ٿو اختيار ڪري جيڪو ان جون ضرورتون پوريون نٿو ڪري سگهي پوءِ اهو ڇا ڪندو؟ يا ته اهو پٽ سٽ پيو ڪندو ۽ پنندو يا وري ناجائز ڪماين جا طريقا ۽ بڇڙا ڪم ڪندو. سوسائٽي ۾ ڪجهه ماڻهو توڻي جو مضبوط هڏڪاٺ وارا هوندا آهن پر ان جي باوجود ڪم گهٽ ڪندا آهن، بدڪاري ۽ بڇڙائيءَ ڏانهن مائل رهندا آهن. انهن جو پنهنجي پيشي جي انتخاب توڙي وهنوار ۾ عمل صحيح نه هوندو آهي، اهڙا ماڻهو سوسائٽي ۽ معاشري لاءِ نقصانڪار هوندا آهن ۽ انهن جي ڪري پيشن جي تقسيم به صحيح نه ٿي سگهندي آهي.
[b]ڌنڌن جي تقسيم ۽ حڪومت جي ذميواري
[/b] جڏهن معاشري ۾ ضرورتون ۽ حاجتون هڪ شخص يا هڪ ڪٽنب جي پوري ڪرڻ کان وڌي وڃن ٿيون ته يقيناً هر هڪ لاءِ ضروري آهي ته ڪو خاص پيشو اختيار ڪري ۽ ان ۾ ڪمال ۽ مهارت حاصل ڪري ته جيئن سهڻي ۽ سٺي طريقي سان معاشري جو وهڪرو هلندو رهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پيشن جي تقسيم کي ڪنهن قاعدي هيٺ نه آندو وڃي ته معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ جو قوي انديشو رهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڌنڌن جي تقسيم جو خاص خيال رکيو وڃي. ان لاءِ هيٺيان ڪجهه بنيادي اصول اختيار ڪرڻ گهرجن:
(1) جيڪڏهن گهڻا ماڻهو هڪ ئي ڌنڌو اختيار ڪن ته ٻين ضروري ڌنڌن جي کوٽ باقي رهندي. مثلاً: جيڪڏهن گهڻا ماڻهو دستڪاري يا ڪاريگري اختيار ڪن يا سرڪاري دفترن ۾ ڪلارڪي ڪن ته چوپائي جانورن کي پالڻ ۽ زراعت ڪرڻ وارن جو انگ گهٽجي ويندو. ڌنڌن ۾ اهڙي اڻ برابري سان سوسائٽي جي اجتماعي زندگي تباهه ٿي ويندي.
(2) ڪي ماڻهو وري اهڙا ڌنڌا اختيار ڪندا آهن يا اهڙيون شيون ٺاهيندا آهن جن سان سوسائٽي ۾ برايون ۽ بڇڙايون پيدا ٿينديون آهن. مثلاً: ننگيون تصويرون يا اخلاق کي خراب ڪندڙ ڪتاب، يا اهڙا ڪتاب جن سان ٻين کي تڪليف ٿئي يا فساد پکڙجي. اهڙين حالتن تي قابو پائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ڌنڌن جي تقسيم ۽ طريقي جي باري ۾ ڪي سائينٽفڪ اصول ۽ قاعدا مرتب ڪري ته جيئن سوسائٽي ۾ اخلاقي آوارگي پيدا نه ٿئي.
اهي شيون جن جي خريد و فروخت کي روڪڻ ضروري آهي
[u] سوسائٽي ۾ جن بنيادي شين جي خريد و فروخت ممنوع هجڻ کپي، اهي شاهه صاحب رحه وٽ هيٺيون آهن:
[/u](1) اهي شيون جيڪي سوسائٽيءَ جي عام اخلاقي ڌانچي کي تباهه ڪري ڇڏن. انهن مان ڪجهه اهڙيون هونديون آهن جيڪي براه راست فساد جو سبب بڻبيون آهن، انهن جي ڪاروبار سان بڇڙائي ۽ بيحيائي پکڙبي آهي ۽ فتنو ۽ فساد، جهيڙا جهٽا پيدا ٿيندا آهن. جيئن شراب يا ڳائڻ وڄائڻ جي شين جو ڪاروبار ڪرڻ وغيره.
(2) خراب، سڙيل ۽ ڪنيون شيون، جيڪي صحت جي لاءِ هاڃيڪار هجڻ سان گڏ انسان جي طبعي مزاج جي به خلاف آهن.
(3) جهڳڙو ۽ فساد (Litigation) پيدا ڪندڙ معاملا، جيئن معاملي ۾ سامان جو متعين نه هجڻ يا ان جي قيمت مجهول هجي يا سامان جو مقدار معلوم نه هجي يا ڏيکارڻ کان سواءِ مال وڪڻڻ يا هڪ معاملي جي مٿان ٻيو معاملو ڪرڻ يا مقتضاءِ عقد جي خلاف شرط لڳائڻ يا اهو شرط جيڪو معاملي جي مناسب نه هجي، يا اهڙو شرط جيڪو تڪرار ۽ جهڳڙي جو باعث بڻجي. مثال: هيءَ بيع ڪرڻ ته مان تون کان هيءَ شيءِ هن قيمت تي تڏهن وٺندس جڏهن تون مون کان منهنجو فلاڻو گهر هيتري قيمت تي وٺندي. يا ڪچي ميوي جي بيع، غيرمقبوضه (جيڪا شي پنهنجي هٿ ۾ ناهي) شيءِ جي خريد و فروخت وغيره. مطلب ته ڏيتي ليتيءَ جا معاملا بلڪل صاف شفاف ۽ چٽا هجن جو انهن ۾ ڌوڪي، ٺڳي يا جهيڙي جهٽي جو ڪو انديشو به نه رهي.
(4) معاملات ۾ هڪ ٻئي کان زورا رسي يا گوهه کڻڻ جهڙي حالت به نه هئڻ کپي. ان ڪري ٻئي جي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ، يا هڪ معاملو عاقدين جي رضامندي سان پنهنجي انجام تي پهچڻ وارو هجي ته ان ۾ پنهنجي ٻولي هڻي ڏڦير وجهڻ، يا ٻين کي ڌوڪو ڏئي ٻولي وڌائڻ ناجائز ۽ حرام آهي. شهريءَ جو ٻهراڙي واري جو دلال بڻجڻ به مارڪيٽ جي طبعي توازن لاءِ نقصان ڪار آهي. ان ۾ هڪ نقصان هي آهي ته گهڻي نفعي جي لالچ ۾ ٻهراڙي وارا دلالن وٽ جڪڙجي پوندا. ٻيو ته وري دلال پاڻ وٽ مال ذخيرو ڪري رکندو ۽ مهانگو ڪري وڪڻندو، جنهن سان شهر وارن کي نقصان پهچندو. تنهن ڪري بهترين طريقو هيءُ آهي ته پاڻ ٻهراڙي وارا ٿورو ٿورو ڪري کڻي پاڻ بازار ۾ اچن ۽ مناسب قيمت تي وڪرو ڪن. ان سان ڪنهن جي هڪ هٽي به قائم نه ٿيندي ۽ گڏ مارڪيٽ جي قيمتن جو طبعي توازن به برقرار رهندو.
(5) اهڙن طريقن سان نفعو حاصل ڪرڻ جنهن سان ٻين کي ضرر ۽ تڪليف پهچي، اهي به ممنوع هجڻ کپن. جيئن احتڪار (ذخيرو ڪرڻ. (Hoarding يعني مال کي ذخيرو ڪري ڇڏجي، ضرورت هجڻ جي باوجود ان کي مارڪيٽ ۾ نه آڻجي، جڏهن طلب تمام گهڻي وڌي وڃي ته تمام گهڻو مهانگو ڪري وڪرو ڪجي. (اڪتناز (پيسي کي گڏ ڪرڻ) يعني پيسو پاڻ وٽ يا بئنڪن ۾ جمع ڪري رکي ڇڏڻ ان کي معاشري ۾ انويسٽ (Investe) نه ڪرڻ. اهو طريقو به وڏي تباهي ڦهلائيندڙ آهي. اها قاروني خصلت آهي. حالانڪ پيسي کي مارڪيٽ ۾ صرف ڪيو وڃي. ان مان معاشي موقعا فراهم ڪيا وڃن.)
(6) غرر، (ڌوڪو ڏئي نفعو حاصل ڪرڻ) جيئن مال ۾ عيب کي ظاهر نه ڪرڻ، حد کان وڌيڪ ان جي تعريف ڪرڻ يا مصنوعي ۽ ظاهري زينت سان سينگاري ٻين کي دلفريبيءَ ۾ مبتلا ڪرڻ. يا بهتر ۾ بدتر جي آميزش ڪرڻ (Adulteration)
(7) اهڙين شين جي خريد و فروخت به ممنوع آهي جن ۾ سمورن انسانن جو حق آهي، جيئن وهندڙ پاڻي.
[b](4)حڪمتِ تعامليھ (لين دين)
[/b] حڪمتِ تعامليہ تي ڳالهائيندي شاهه صاحب فرمائن ٿا ته، ابتدا ۾ انسان جون ضرورتون محدود هجڻ ڪري انهن کي هڪ انسان يا هڪ ڪٽنب پنهنجو پاڻ آساني سان پورو ڪري سگهندو هو. پر جڏهن انسان ترقي ڪندو ويو ۽ شين ۾ حاجت جي تڪميل سان گڏ انهن ۾ نزاڪت، لطافت ۽ عمدگي پيدا ڪندو ويو ته معاشري ۾ ضرورتون ايتريون ته وڌنڌيون ويون جو هڪ انسان ته ڇا، پر پورو خاندان به ملي ڪري انهن کي پورو نه پيو ڪري سگهي. تنهن ڪري سماج ۾ تخصيص (Specialization) (يعني ڪنهن هڪ فن يا ڌنڌي ۾ مهارت ۽ ڪماليت حاصل ڪرڻ) جو رجحان پيدا ٿيو. جڏهن انسان پنهنجي ڌنڌي سان پنهنجون ضرورتون نٿو حاصل ڪري سگهي ته يقيناً معاشري ۾ اهو پنهنجي ضرورتن جي حاصلات لاءِ ٻين جو محتاج ٿيو پوي. پوءِ ان ۾ ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي جو هڪ ٻئي کي شيون مفت ۾ ڏبيون آهن ته جيئن دوستيءَ ۾ اضافو پيدا ٿئي، ڳانڍاپن ۾ بهتري اچي، ڪڏهن وري ٻئي جي غربت ۽ افلاس جي احساس جي ڪري شيون مفت ۾ ڏبيون آهن، ان سان باهمي رواداري ۽ بهترين اخلاقي جذبن جي تعمير ٿئي ٿي ۽ ان طرح انساني سماج جو وهڪرو بهتريءَ جي طرف گامزن رهي ٿو.
بس پوءِ اهڙي طرح الله جي حڪمت ۽ ٻاجهه سان انساني سماج ۾ تبادلي جو نظام وجود ۾ آيو.
تبادلي جون ڪيتريون ئي شڪليون ٿين ٿيون.
(1) بيع: هي ٻن قيمتي شين جي مٽاسٽا جو نالو آهي.
(2) هبہ: دنيوي يا اخروي نفعي جي بنياد تي بغير عوض جي ڪا شيءِ ڏيڻ.
(3) عاريہ: بغير عوض جي ڪنهن شيءِ جا منافع استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ.
(4) دين: هن ۾ اعارة ۽ بيع ٻنهي جي صفتن جو ميلاپ آهي. البت ڪڏهن ان ۾ بيع جي معنيٰ غالب هوندي آهي، جيئن بيع سلم، جنهن ۾ ثمن (قيمت) جي ادائيگي اڳ ڪئي ويندي آهي ۽ مسيع (سامان) بعد ۾ وٺبو آهي. ۽ ڪڏهن وري اعارة جي معنيٰ غالب هوندي آهي، جيئن قرض، جنهن ۾ رقم جي منافع جو عوض نه ورتو ويندو آهي.
[b]تبادلي جا اصول
[/b] انساني سماج ۾ معاملن جي ڪثرت ۽ اهميت جي ڪري جڳهڙي ۽ فساد جا تمام گهڻا امڪان رهن ٿا، تنهن ڪري انساني سماج کي بهترين طريقي سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته معاملات جي متعلق قاعدا ۽ قانون جوڙيا وڃن، جن سان جهڳڙي ۽ فساد جو انديشو به باقي نه رهي. انهن جو تفصيل شاهه صاحب رحه وٽ هن طرح آهي ته، شين جي ڏيتي ليتي ۾ انهن جي قيمت ۽ انهن جو مقدار معلوم هجي ۽ جيڪڏهن ڪا شيءِ ڪرائي تي ڏني وڃي ته استعمال جي مدت ۽ شيءِ جو ڪرايو به معلوم هجي، معاملي ۾ هر هڪ شيءِ اهڙي ته چٽي ۽ صاف شفاف هجي جو ان ۾ ڌوڪي ۽ ٺڳي جو شائبو به نه هجي. تبادلي ۾ عاقدين جو رضامندو ضروري آهي. پوءِ ان جون ٻه صورتن آهن. هڪ ته ايجاب ۽ قبول جي ذريعي سان، ٻيو هٿو هٿ شيون ڏنيون ۽ وٺيون وڃن. جيڪڏهن وٺڻ جو ارادو تبديل ٿي وڃي ته شيءِ کي معاملي جي مجلس ۾ ئي موٽائڻ گهرجي.
معاملات ۾ ڪڏهن ڪڏهن وري ايئن ٿيندو آهي ته ڪي ماڻهو ڏيڻ يا وٺڻ جو چئي ڪري ڦري ويندا آهن تنهن ڪري جيڪي معاملا هٿو هٿ نٿا ٿين، انهن کي لکت جي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ ضروري آهي، جنهن تي باقاعده گواهه به رکجن. ۽ جيڪڏهن ڪا شيءِ گروي رکي وڃي ته ان جي به لکت ضروري آهي، ته جيئن معاشري ۾ جهيڙا جهٽا نه ٿين، امن ۽ شانتي وارو ماحول رهي.
[b]ڪجهه فائديمند اصول
[/b](1) الله تعاليٰ انسان کي زمين تي پيدا ڪري سندس رزق جو بندوبست به زمين جي پيٽ ۾ ۽ ان جي خزانن ۾ رکيو. هاڻي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ سڀ انسان برابر آهن. پر اهوانفرادي حق پنهنجي عملي صورت ۾ تقابلي ڪشمڪش جي فضا کي جنم ڏئي ٿو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙي جو ماحول پيدا ڪري ٿو. تنهن ڪري اهو قانون ٺاهيو ويو ته جيڪو به پهرئين ڪاشت (زمين کي آباد) ڪندو اهو ان زمين جو مالڪ چئبو. هاڻي اها زمين ٻئي لاءِ ٻن صورتن سان ٿي سگهي ٿي. هڪ پهريون مالڪ پنهنجي رضا ۽ خوشي سان بغير عوض جي ان کي ڏئي. ٻيو پنهنجي رضامندي سان عوض وٺي ڪري ڏئي. انهن ٻن صورتن کان سواءِ ٻئي جي زمين تي قبضو ڪرڻ غصب ۽ لوٽ مار آهي. جيڪڏهن ڪنهن معاشري ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿي پئي ته اهو معاشرو جهيڙن ۽ فسادن جي ور چڙهي ويندو. ۽ زمين جي ملڪيت جو مطلب هي آهي ته اها زمين جنهن انسان جي هٿ ۾ آهي ان کي ٻين جي ڀيٽ ۾ ان مان نفعي حاصل ڪرڻ جو ترجيحي حق حاصل آهي. باقي حقيقي مالڪ ته الله تعاليٰ جي ذات آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو ڪنهن بنجر زمين يا غيرآباد زمين کي آباد ٿو ڪري (يعني اهڙي زمين جو ان سان ڪنهن آبادي جا حقوق به ڳانڍاپيل نه آهن ۽ نه ئي ڪنهن اجتماعي مفاد لاءِ ڪم اچي سگهي ٿي ۽ نه ئي ان جي آباد ڪرڻ سان ڪنهن کي نقصان پهچي ٿو.) ته اهو ان جو مالڪ چئبو. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن زمين جو مالڪ مري وڃي ۽ ان جو ڪوبه وارث نه هجي ته هاڻي اها زمين سڀني لاءِ برابر آهي، پوءِ جيڪو ان کي پهرئين کيڙيندو اهو ان جو نفعو کائيندو.
(2) سوسائٽي ۾ نظامِ معيشت باهمي رواداري، اخوت ۽ ڀائيچاري وارو هجي ۽ سوسائٽي جي سمورن افرادن کي رزق ۽ مال حاصل ڪرڻ جا موقعا مساوي (برابر) طورتي مهيا ڪيا وڃن.
(3) اهي قدرتي شيون جيڪي عام فائدي جي لاءِ آهن، (يعني انهن کي قابلِ انتفاع بنائڻ ۾ ڪنهن فرد يا جماعت جو ڪو به عمل دخل نه آهي.) انهن کي جيترو ٿي سگهي پنهنجي اصلي صورت ۾ رکيو وڃي ته جيئن هر هڪ انهن مان آساني سان فائدو حاصل ڪري سگهي. ۽ قدرتي شين کي ضرورت آهر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ اهڙي طريقي سان انسان پنهنجي ضرورت پوري ڪري جنهن سان ٻئي ڪنهن کي نقصان به نه پهچي. جيئن زمين کي پاڻي ڏيڻ جو وارو، جيتري ضرورت هجي اوترو پاڻي روڪجي ۽ اهڙي احتياط سان ڏجي جو ڪنهن ٻئي کي به تڪليف يا تنگي نه ٿئي.
اهڙي طرح گاهه ۽ جهنگل جون ڪاٺيون، قدرت جو عام عطيو آهن، ڪنهن کي به حق نه آهي ته پنهنجي لاءِ روڪي ڇڏي ۽ ٻين کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي.
حضرت صالح عليه الصلاة والسلام جي قوم تي جيڪو آسماني عذاب ڪڙڪيو هو، ان جو بنيادي سبب هڪ اهو هو ته ان جي قوم جي سردارن قدرتي شيءِ پاڻي کي رڳو پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو، ٻين کي ان مان نفعو حاصل ڪرڻ ۽ ان کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا هئا.
(4) پاڻ ۾ رواداري ۽ باهمي تعاون سان معاشري کي ترقي ڏيارجي، نيون نيون شيون پيدا ڪري صورتن ۾ نزاڪت، لطافت ۽ شائستگي آندي وڃي.
[b]جوا ۽ شرط جو ڪاروبار ڇو ناجائز آهي؟
[/b] باهمي رواداري ۽ تعاون سان ئي انساني سماج جي صحيح ترقي ڳنڍيل آهي. تنهن ڪري دولت حاصل ڪرڻ جا اهڙا ذريعا جيڪي تعاون کان خالي هجن، اهي طبعي اصولن جي لحاظ کان به غلط آهن ته معاشري جي تمدني ترقي لاءِ به هاڃيڪار آهن، جيئن جوا (Gambling) ۽ سَٽو (Spculation) جن ۾ بغير عوض ۽ بغير محنت جي پيسو حاصل ڪيو ويندو آهي، انهن شين جو تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مدد ۾ ڪوبه عمل دخل نه آهي. انهن سان بغير محنت جي پيسي حاصل ڪرڻ جو جذبو ٿئي ٿو جيڪو بخل، ڪنجوسي ۽ ڪاهلي جو باعث بڻجي ٿو.
[b]وياج جي ممانعت
[/b] اهڙي طرح دولت حاصل ڪرڻ جا اهڙا ذريعا يا طريقا جن ۾ ظاهري طورتي تعاون ۽ مدد نظر ايندي آهي پر انهن جي تهه ۾ خودغرضي، لالچ، حرص جهڙا قبيح جذبا هوندا آهن، اهڙا پيسي ڪمائڻ جا طريقا به معاشري جي اقتصادي ڍانچي کي تباهه ڪن ٿا، معاشري ۾ غربت، افلاس ۽ تنگي پيدا ڪن ٿا. نتيجي ۾ معاشرو صحيح ترقي ڏانهن گامزن نه ٿو ٿئي، جيئن وياج.
وياج مان مراد آهي ته قرض تي نفعو حاصل ڪرڻ، شاهه صاحب ان جا ٻه قسم ڳڻيا آهن:
(1) ربا بالنسيہ: يعني حقيقي ۽ اصلي وياج (2) ربا بالفضل. يعني اصل سود جي مشابہ
(1) حقيقي سود، قرض تي اضافو حقيقي سود آهي.
(2) ربا بالفضل: اوڌر تي ڪا جنس وڌيڪ يا بهتر جي شرط سان ڏني وڃي. جيئن خراب ڪڻڪ اوڌر تي ڏئي سٺي ورتي وڃي. ان صورت کي اصلي سود سان مشابهت جي ڪري حرام قرار ڏنو ويو آهي. ڇو ته ان ۾ به بغير عوض ۽ وقت جي مقابلي ۾ نفعو حاصل ڪيو وڃي ٿو.
ها باقي جيڪڏهن جنسون الڳ الڳ هجن (جيئن ڪڻڪ ۽ چانور) ۽ معاملو هٿو هٿ ڪجي ته اهو جائز آهي.
مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته صالح معاشي نظام جو روح تعاون ۽ باهمي امداد آهي، تنهن ڪري سودي ڪاروبارَ، جي تعاون جي روح کان خالي هوندا آهن، ناجائز آهن. سود ۾ بظاهر امداد ۽ رضامندو نظر اچي ٿو پر جيڪڏهن ان جي گهرائيءَ ۾ جهانڪبو ته قرض ڏيندڙ جو غرض ٻئي جي مدد ڪرڻ نه، بلڪ ان جي مجبوري جو فائدو وٺندي پنهنجو پيٽ ڀرڻ هوندو آهي. پنهنجي بخل ۽ حرص جي جذبي جي تسڪين مقصود هوندي آهي. ۽ ويچارو قرض وٺندڙ پنهنجي رضامندي سان نه، بلڪ اضطراري ۽ مجبوريءَ جي ڪري وڌيڪ ڏيندو آهي. تنهن ڪري قرض وٺندڙ جي رضامندي حقيقي رضامندي نه چئبي. بلڪ اها جبري رضامندي آهي.
ان مان ثابت ٿيو ته سود جو ڪاروبار امداد جي روح کان خالي، هوس، بخل ۽ حرص جهڙن قبيح خصلتن جو مظهر آهي. اهڙا ڪاروبار فطرت جي اصولن جي خلاف آهن، اهڙن ڪاروبارن سان معاشري ۾ فتنو ۽ فساد پيدا ٿئي ٿو ۽ تمدني زندگي ۾ اخلاقي بيچيني پيدا ٿئي ٿي. ٻيو ته هن ۾ بغير محنت ۽ مشقت برداشت ڪرڻ جي نفعو حاصل ڪيو ٿو وڃي ۽ محنت ڪرڻ کانسواءِ مالي فائدو حاصل ڪرڻ شريعت جي نظر ۾ انتهائي ڪڌو ڪم آهي ۽ اهو ناجائز آهي. (اسلام جي اقتصادي پاليسيءَ جو هي هڪ بنيادي جز آهي.) ۽ سود جي ڪري ٻيون به ڪيتريون ئي اخلاقي برايون جنم وٺن ٿيون. سود جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ذهني پريشاني ۽ اضطراب جو شڪار ٿيو پون، ڇو ته قرض هميشه لاچار، مفلس ۽ غريب ماڻهو وٺندا آهن، جڏهن هو پنهنجون ضرورتون ڪنهن ٻئي طريقي سان پوريون نه ڪري سگهندا آهن. پوءِ انهن ويچارن کي وقت تي ادائيگيءَ جي طاقت به عمومي طرح نه هوندي آهي، تنهن ڪري ويندو آهي وياج جي مٿان وياج چڙهندو، پوءِ ته مصيبت مان نڪرڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. ۽ پوءِ نتيجي ۾ ويچارو غريب ويندو آهي، پريشانين ۽ تڪليفن ۾ جڪڙبو. اهڙي طرح انساني شخصيت جي تعمير ٿيڻ جي بجاءِ تخريب ٿيو پوي ۽ سماج ۾ ابتريءَ جي ڪيفيت پيدا ٿيو پوي.
سود جي ڪري معاشري ۾ جهڳڙا ۽ فساد پيدا ٿين ٿا، سود جي ڪري انسانن جو اخلاق تباهه ٿي وڃي ٿو، سود خورَ سخت مزاج، بخيل، مروت ۽ احسان جي روح کان خالي سماحت جو مطلب آهي، فياضي ۽ سخاوت مطلب ته انسان دنيا جي شين ۾ گهري نه وڃي. ۽ سماحت کان بلڪل عاري ٿيندا آهن. هي ماڻهو غريبن ۽ لاچارن سان سختي سان پيش ايندا آهن. انهن کان پنهنجا پيسا وصول ڪرڻ ۾ تنگي ۽ سنگ دلي کان ڪم وٺندا آهن.
سودي ڪاروبار زراندوزي ۽ سرمايه پرستي جي جڙ آهي. سود جي ڪري معاشري ۾ طبقاتي نظام پيدا ٿئي ٿو، هڪڙا امير کان امير ترين ۽ ٻيا غريب کان غريب ترين ٿيندا وڃن ٿا، جنهن سان معاشري ۾ اخلاقي انارڪي ۽ فساد پيدا ٿين ٿا ۽ انسا ن جي تمدني زندگي تباهه ٿي وڃي ٿي.
سودي معاشري ۾ اعتدال ۽ بهترين سهڻي زندگيءَ جو نمونو ختم ٿيو وڃي، بلڪ سودي معاشري ۾ دولت جا پوڄاري پيدا ٿين ٿا، جيڪي عياشي ۽ وڏي ٺٺ ٺانگر سان رهن ٿا، پنهنجو پيسو غيرضروري ۽ عياشي جي شين تي خرچ ڪن ٿا. تنهن ڪري انهن جون خواهشون ۽ حسرتون وڌنديون وڃن ٿيون ۽ انهن کي پوري ڪرڻ لاءِ وڏي سرمايي جي ضرورت پوي ٿي، نتيجتاً دولت جو ڦهلاءُ نٿو ٿئي، بلڪ دولت چند هٿن ۾ قيد ٿي وڃي ٿي ۽ معاشري ۾ غربت، مفلسي وڌنديون وڃن ٿيون. ۽ غريب ۽ هيٺيون طبقو انهن سرمائيدارن جي رحم و ڪرم تي ٿيو پوي، اهڙي طرح ويچارو غريب طبقو ته بنيادي ضرورتن کان محروم ٿيو وڃي ۽ ٻيو سرمائيدار طبقو عياشي ۽ پنهنجي چمڪ دهمڪ جي خمار ۾ مخمور پيو رهي. معاشري ۾ دولت جي ڦهلاءُ نه هجڻ ڪري وسائل پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي وڃي ٿي. معاشري جي طبعي ترقي، جن شين سان ڳنڍيل آهي، جيئن، صنعت، حرفت ۽ زراعت وغيره انهن جو دائرو تنگ ٿيندو وڃي ٿو. ڇو ته ماڻهو انهن سرمائيدارن ۽ عيش پسند طبقي جي لاءِ عياشي واريون شيون ٺاهڻ ۾ رڌل رهن ٿا، ڄڻ ته اڪثر معاشرو رڳو هڪ مخصوص ٽولي لاءِ ڪمائي ٿو، ايئن ئي معاشرو بنيادي ضرورتن کان محروم ٿيڻ جي ڪري ۽ پرتعيش شين جي پکيڙجڻ جي ڪري تباهه ٿي وڃي ٿو.
مٿين خرابين مان چٽي طرح واضح ٿئي ٿو ته سوسائٽي کي سود جهڙي لعنت کان پاڪ ڪري ڇڏجي، جيڪي سود کي نٿا ڇڏن انهن کي ڪڙيون ۽ سخت سزائون ڏنيون وڃن.
جوا، سٽو ۽ وياج جهڙا ڪاروبار انساني سماج ۾ ايئن غيرطبعي ڪمائڻ جا طريقا آهن جيئن انسان جي طبعي غذائن جي ڀيٽ ۾ شراب پيئڻ. تنهن ڪري انهن جي مقدار جي باري ۾ سوال ڪرڻ ته ٿورو صحيح آهي ۽ گهڻو غلط. بلڪل غيرمعقول ۽ اجهل پن جي ڳالهه آهي. جيئن نشي وارين شين کي ٿورو ٿورو ڪري اپنائڻ سان، آهستي آهستي انسان وڏي مقدار تي وڃي پهچي ٿو، ائين ئي جوا ۽ وياج ۾ به ٿئي ٿو، ٿورڙي مقدار کان شروع ٿيندي انسان وڏي مقدار تائين وڃي پهچي ٿو، ڇو ته اهي بخل ۽ حرص جي جڙ آهن. تنهن ڪري ضروري آهي ته معاشري کي اهڙن ڪڌن طريقن کان پاڪ ۽ صاف ڪيو وڃي.
[b]رشوت
[/b] اهڙي طرح رشوت به انساني سماج لاءِ تمام وڏي نقصانڪار آهي. ڇو ته ان سان ٻئي جو مال يا حق، ناجائز طريقي سان ڦٻايو ٿو وڃي. جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ حقدار کي پنهنجو حق صحيح طرح ڏيڻ لاءِ سماج مان رشوت جي پاڙ پٽڻ ضروري آهي. نه ته، نه ئي سماج ۾ عدل ۽ انصاف قائم ٿيندو ۽ نه ئي ماڻهو ذميدارن تي ڀروسو ڪندا.
[b]وقف جي ضرورت
[/b] انسان جي طبيعت ۾ فياضي، سخاوت، سماحت ۽ احسان جي جذبن جي ڪري سماج ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ انسان جي تاريخ جو اخلاقي ورثو رهيو آهي. جنهن جا مختلف قسم آهن، مثال طور، صدقو، هديه، هبه ۽ وصيت وغيره. جڏهن انسان پنهنجي تهذيبي دور ۾ داخل ٿيو ته هو اهي سڀ طريقا پيدا ڪر ي چڪو هو. پر ڏٺو وڃي ته اهي سڀ احسان ۽ تبرع جا طريقا اهڙا آهن جن جو فائدو گهڻو شخصي آهي يا ڪنهن محدود دائري تائين. پر بقول شاهه ولي الله رحه جي ته حضرت محمد صه صلي الله عليہ وسلم جن، جي عالمگير انقلابي تحريڪ جا داعي هئا. عمومي مفاد ۽ اجتماعي ڀلائي جي بنياد تي احسان ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جو اهڙو طريقو پيش ڪيائون، جيڪو اهڙن مصلحتن ۽ حڪمتن تي قائم هيو جيڪي مٿين طريقن ۾ نه پيون لڌيون وڃن. اهو آهي وقف جو طريقو. وقف جو مطلب آهي ته ڪا جامد پراپرٽي، زمين يا ڪا اهڙي قيمتي شيءِ جا منافع غريبن ۽ مسڪينن لاءِ وقف ڪرڻ.
مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ لک روپيا غريبن ۽ محتاجن ۾ تقسيم ڪري ته اهي پيسا پائي پائي ٿي ڪري تقسيم ٿي ويندا. اهي فقير انهن سان ڪجهه ڏينهن پنهنجو پيٽ گذر ڪري ساڳيائي ڪنگال ٿي ويندا. ۽ اهڙي طرح انهن کان پوءِ جيڪي ٻيا فقير ۽ محتاج ايندا، اهي ان جي فياضي کان محروم رهندا. پر وقف انهن کان خالي آهي، ڇو ته ان ۾ اها خاصيت آهي ته ان ۾ اصل برقرار رهندي ان جي منافع مان غريبن ۽ محتاجن جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ٿيون. پوءِ جيڪي به فقير ۽ محتاج ايندا ويندا اهي ان جي فياضي مان بهره مند ٿيندا ويندا. هيءُ اجتماعي مفاد جي بنيادتي احسان جي بهترين صورت آهي.
[b](5)حڪمتِ تعاونيھ (امداد باهمي)
[/b] سوسائٽي ۾ هر انسان جو هي بنيادي حق آهي ته ان جون بنيادي ضرورتون (کائڻ پيئڻ، رهڻ، پائڻ، تعليم ۽ صحت) پوريون هجڻ کپن. هاڻي ڏٺو وڃي ته سماج ۾ صلاحيتن ۽ طبعي رجحانات جي اعتبار کان انسان ۾ تفاوت ٿئي ٿو. ڪي ذهين ته ڪي وري ڏڏ، ڪن جو رجحان ڪنهن ڌنڌي ڏانهن هوندو آهي ته ڪي وري ٻئي ڌنڌي کي پسند ڪندا آهن. ڪن ۾ وڏن ڪمن ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي ته ڪي وري ننڍن ڪمن ڪرڻ تي اڪتفا ڪندا آهن. اهوئي سبب آهي جو ڪي پنهنجن ضرورتن کان وڌيڪ ڪمائيندا آهن ته ڪي وري پنهنجون ضرورتون به پوريون نه ڪري سگهندا آهن. هي صلاحيتن جو فرق ۽ رجحانات جو اختلاف طبعي آهي، تنهن ڪري ضرورت کان وڌيڪ ڪمائيندڙن تي اهو لازم آهي ته اهي ٻين افرادن جون گهٽ ۾ گهٽ نه، ته به بنيادي ضرورتون پوريون ڪن. نه ته معاشراتي نظام جو ڍانچو تباهه ٿي ويندو.
[b]تعاون جي ضرورت
[/b] انهيءَ صلاحيتن جي فرق ۽ طبعي رجحان جي ڪري معاش (پنهنجن ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل طريقن) جي لحاظ کان انسانن ۾ طبقات ٿيو پون، تنهن ڪري انساني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ سوسائٽي ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي. مثال طور، جيئن هڪ وٽ زمين آهي پر پنهنجو پاڻ ڪاهي نٿو سگهي، ته يقيناً ان کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت پوندي جيڪو پنهنجي ڏاندن، هر ۽ ٻج سان ان جي زمين ۾ پوک پاڙي ڪري، ايئن ڪنهن کي پنهنجو حق وٺڻ يا بچائڻ لاءِ وڪيل جي ضرورت پوي ٿي يا ڪنهن کي وري پنهنجي حاجت جي پورائي لاءِ ضامن جي ضرورت پوي ٿي هي سڀ تعاون ۽ هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ جون صورتون آهن. هنن جي ضرورت تهذيب جي ٻي منزل ۾ پيش اچي ٿي.
[b]تعاون جون صورتون
[/b] ”معاشرو“ انساني فطرت جي تقاضا جو طبعي نتيجو آهي، يعني قدرت انسان جي ضرورتن جي شڪل ئي ڪجهه اهڙي رکي آهي جو انسان هزارين ڪوششون ڪرڻ جي باوجود پنهنجو پاڻ انهن کي پورو نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري انسان پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جا محتاج ٿيو پون. ان مان ظاهر ٿيو ته اشتراڪِ عمل ۽ باهمي رواداريءَ سان ئي انساني سماج جي ترقي ڳنڍيل آهي. (يعني هڪ جو سرمايو هوندو ۽ ٻئي جي محنت ۽ نفعي ۾ طئي ٿيل معاهدي هيٺ تقسيم ڪئي ويندي.)
(1) مضاربت: هن ۾ پيسو هڪڙي جو هوندو آهي ۽ ان سان ڪاروبار ٻيو ڪندو آهي ۽ نفعو گڏي ڪري تقسيم ڪيو ويندو آهي.
(2) مفاوضت: هن ۾ ڪجهه ماڻهو گڏجي ڪاروبار ڪندا آهن پر هن ۾ هيءُ شرط آهي ته سرمايو سمورن جو هڪ جيترو هجي ۽ نفعو به برابر طورتي تقسيم ڪيو ويندو آهي. هن ۾ هر شريڪ ٻئي جو وڪيل ۽ ڪفيل (ضامن) هوندو آهي.
(3) عنان: هن ۾ به گڏجي ڪري ڪاروبار ڪيو ويندو آهي پر هن ۾ نه ئي سرمايي ۾ برابريءَ جو شرط آهي ۽ نه ئي نفعي ۾ مساوات جو ۽ هن ۾ هر هڪ ٻئي جو وڪيل هوندو آهي، ڪفيل نه هوندو آهي.
(4) شرڪت صنائع (Guildism): هن ۾ هم پيشه ور ماڻهو ملي ڪري ڪم ڪندا اهن ۽ اجرت (ڪم جو اجر يا ڪمائي) پاڻ ۾ گڏجي تقسيم ڪندا آهن.
تعاون جي انهن مٿين صورتن ۾ هي شرط آهي ته، اهي اهڙا صاف شفاف ۽ صحيح هجن جو جهڳڙي ۽ فساد جو انديشو به نه رهي.
[b]مزارعت
[/b] شاهه صاحب رحه تعاون جي هڪ صورت مزارعت به ذڪر ڪئي آهي. جنهن ۾ زمين هڪ جي هوندي آهي ۽ محنت، پوکيءَ جا اوزار ٻئي جا هوندا آهن.
امام ابوحنيفه رحه مزارعت جو مخالف آهي
اسلامي انقلاب جي اچڻ کان اڳ ۾ عام طورتي عرب معاشري ۾ مزارعت جو رواج هيو. پر اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ سان ئي مزارعت کي رد ڪيو ويو. جيڪي ماڻهو اڳ ۾ مزارعت تي زمين ڏيندا هئا انهن ان کي ڇڏي ڏنو، هن ڪري ته نبي ڪريم صه ان کان روڪي ڇڏيو. پوءِ جڏهن عادل حڪومتون ختم ٿي ويون ۽ مسلمانن ۾ تنزلي پيدا ٿي ته وڏن وڏن جاگيردارن مزارعت کي قانوني حيثيت ڏياري پنهنجون جاگيرون ٺاهيندا رهيا. پر فقه جي مشهور عالم ۽ مجتهد امام ابوحنيفه رحه (جنهن جون قانوني تفريعات (Byelawa) تمام وڏي عرصي تائين اسلامي سلطنتن جو دستوري قانون رهيون آهن.) جهڳڙي ۽ فساد ۽ حق غصبي کي سبب ڄاڻائي مزارعت کي ناجائز قرار ڏنو.
ڇا ته امام ابوحنيفه رحه جي فقه ۾ مهارت ۽ ڪمال آهي! جو پاڻ مزارعت جي انهن منطقي نتيجن کي سمجهي ڇڏيائون جن اڳتي هلي هڪ جاگيرداري نظام کي مستحڪم ڪيو. ۽ جاگيرداري سسٽم هڪ منظم شڪل سان هيٺئين طبقي جو استحصال ڪيو. تاريخ گواهه آهي ته ڇهين صدي ۾ مزارعت ۽ جاگيرداريءَ جي ڪري هارين جو حشر تمام برو ٿي چڪو هو جو هڪ فاضل مصنف ابن تين کي لکڻو پيو ته:
ان المشاھدۃ الاٰن ان اکثر الظلم انما ھو علی اھل الحرث
يعني: اڄ اسان جو مشاهدو هي آهي ته سڀ کان وڌيڪ مظلوم طبقو، هاري طبقو آهي.
[b]شاهه ولي الله رحه جو رجحان
[/b] شاهه صاحب  جو رجحان به اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ نزاع ۽ جهڳڙي کي بنياد سمجهي ڪري مزارعت کي ناجائز سمجهن ٿا. ۽ اسلام جي پهرئين دور ۾ جو مزارعت کي ناپسند ڪيو ويو، ان جو سبب شاهه صاحب وٽ به اهوئي جهڳڙو ۽ فساد آهي، جيڪو مزارعت جو طبعي نتيجو آهي.
شاهه صاحب رحه، تعاون جي انهن صورتن کي جائز قرار ڏئي ٿو جن ۾ جهڳڙي جو امڪان نه هجي. جيئن پاڻ ڪمائيءَ جي ذريعن ۽ طريقن تي بحث ڪندي فرمائن ٿا ته:
”فاصل التسبب: (1) حیازۃ الاموال المباحۃ
(2) واستنمآء مااختص بھ بما یستمد من الاموال المباحۃ کالتناسل بالرعی والزراعۃ باصلاح الارض وسقی الماء
ویشترط فی ذالک ان لا یضیق بعضھم علی بعض بحیث یفضی الی فساد التمدن۔“
يعني معاشي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ بنيادي اصول هي آهي ته جائز مال کي قبضي ۾ آڻجي ۽ ان ۾ تصرف ڪري پيداوار ۾ اضافو ڪيو وڃي، جيئن چوپايو مال پالڻ ۽ ان جي نسل کي وڌائڻ، پوکي پاڙي ڪرڻ وغيره. پر ان ۾ اهي لازمي شرط آهي ته هڪ جون معاشي سرگرميون ٻئي لاءِ تنگيءَ ۽ ضرر جو سبب نه بڻجن، نه ته معاشرو ترقي جي بدران تنزل ڏانهن موٽندو.
[b]مولانا عبيدالله سنڌي رحه جو نظريو
[/b] حڪمت ولي اللهي جي حقيقي شارح مولانا سنڌيءَ جي راءِ به هتي ذڪر ڪرڻ ضروري معلوم ٿئي ٿي. سنڌي صاحب رحه، حجة الله البالغه جي هڪ حاشي ۾ لکن ٿا:
”واعلم ان امامنا الاعظم ابا حنیفۃ لایجوز المزارعۃ والجواب عن حدیث خیبران رسول اللھ ؐ استعمل یھود خیبر فی اراضیھا علی وجھ الجزیۃ لانھ لم یضع علیھم الجزیۃ غیرھ والحال ان الجزیۃ کانت واجبۃ بالکتاب، قالھ ابوبکر الرازی الحنفی وما اعطاھ علیھ السلام شطر الغلۃ ایاھم کان علی وجھ العطاء والمعاونۃ فی الموءنۃ، وانا نأخذ بقول ابی حنیفۃ لان فی الزراعۃ ظلم وجور علی العامۃ وتسلط الاغنیآء بالظلم علی الاراضی کثیرۃ واستعمال العوام فیھا کاستعمال الحمیر والبقر لایرحمون علیھم ولا یعطونھم ما یکتفی بطونھم علی انھم یظلمون علیھم ظلما لایستطیع وصفھ احد واما علی تقدیر عدم الجواز فلایترک اراضی احد تحت یدھ الاما یقدر علی حرثھ۔“
يعني: امام ابوحنيفه رحه مزارعت کي جائز نٿا سمجهن ۽ خيبر جي زمينن جي باري ۾ جيڪا ابو رافع رضه جي روايت آهي ان جي باري ۾ علامه ابوبڪر الجصاص الرازي جي راءِ آهي ته يهودن جو زمين کي ڪاهڻ بطور جزيي جي هيو. (ڇو ته خيبر وارن تي ٻيو الڳ جزيو مقرر نه ڪيو ويو هو.) حالانڪ قانوني اعتبار سان انهن تي جزيو لڳائڻ ضروري هو. ۽ باقي جيڪو پوکي مان ڪجهه انهن کي حصو ڏنو ويندو هو اهو بطور احسان ۽ مدد جي هو. سنڌي صاحب چون ٿا ته مزارعت جي باري ۾ امام ابوحنيفه جي راءِ قابل ترجيح آهي ۽ اسان ان جي قول جي تائيد ڪيون ٿا. ۽ حقيقت هيءَ آهي ته مزارعت جي ڪري هارين تي وڏو ظلم ڪيو وڃي ٿو، مزارعت جي ڪري استحصالي ۽ استبدادي نظام جڙي ٿو پئي. عوام ۽ هارن جي حيثيت گڏهن ۽ ڏاندن جهڙي ٿئي ٿي، جن کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ڪم آندو ٿو وڃي ۽ جاگيردار وڃي ٿو جاگيرون ٺاهيندو ۽ ظلم ڪري وڃي ٿو ملڪيتون ڦٻائيندو ۽ انهن کي عوام تي ته ڪوبه رحم نٿو اچين، ايتري تائين جو انهن ويچارن کي کائڻ لاءِ اناج نه ٿو بچي. انهن ظالمن جي ظلم کي بيان ڪرڻ کان اسان جي زبان قاصر آهي. تنهن ڪري امام ابوحنيفه جي مسلڪ (جيڪو کيڙي اهوئي کائي) کي قانوني شڪل ڏني وڃي ته معاشرو صحيح سمت ۾ ترقي ڪندو هلندو.
خيبر جي يهودن جي باري ۾ مٿي ذڪر ڪيل حديث ۾ جيڪو اشارو آهي، ان جي صراحت حضرت امام بخاري رحه جي روايت جي مطابق هن طرح آهي:
”ان رسول اللھ اعطی خیبر الیھود ان یعملوھا ویزرعوھا ولھم شطر مایخرج منھا۔“
يعني: پاڻ ڪريم ﷺ جن خيبر جي زمين خيبر جي يهودن کي ڪاهڻ لاءِ ڏني ۽ انهن کي ان مان پيداوار جو ڪجهه حصو عطا ڪيو.
۽ امام ابوبڪر الجصاص الرازي  جو چوڻ آهي ته، اهو پيداوار جو حصو احسان ۽ مدد جي طور تي هيو نه ڪي مزارعت جي طورتي ۽ انهن کان زمين آباد ڪرائڻ بطور جزيي جي هيو.
امام ابوحنيفه  جي مسلڪ ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
”وابو حنیفھ یأول معاملتہ ؐ مع اھل خیبر بانھ استعملھم بدل الجزیۃ وان شطر الذی دفع الیھم کان منحۃ منھ ؐ ومعونۃ لھم علی ما کلفھم بھ من العمل.“
يعني امام ابو حنيفه رحه وٽ خيبر جي زمين وارو معاملو مزارعت نه هيو، بلڪ انهن يهودين جي زمين ڪاهڻ، جزيي ادا ڪرڻ جي صورت هئي. ۽ جيڪو پيداوار جو حصو انهن کي ڏنو ويندو هو اهو احسان ۽ تبرع جي طور تي عطا ڪيو ويندو هو. ۽ هي لفظ به ذڪر ڪيا ويا آهن: ”ذهب ابوحنیفۃ الی فسادھا مطلقا والی فساد المساقات ایضاً“ يعني حضرت امام الاعظم  جو مسلڪ هي آهي ته مزارعت ۽ مساقات ٻئي ناجائز آهن.
(مساقات مان مراد هيءَ آهي ته حصيداري تي باغباني ڪرڻ، يعني مالڪ جي زمين ۽ وڻ هجن ۽ مزدور جي محنت، پوءِ ثمر پنهنجي مقرر ڪيل حصي مطابق تقسيم ڪن.)
[b]جاگيرداري ۽ زمينداري جو دروازو بند ڪرڻ.
[/b]زمين ڪيتري رکڻ گهرجي
ان باري ۾ حضرت جابر رضي الله جي روايت سامهون رکڻ گهرجي. (جنهن کي امام بخاري ۽ امام مسلم ٻنهي روايت ڪيو آهي) ته حضرت نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي ته: ”جنهن وٽ پوکيءَ جي قابل زمين آهي ته ان کي ايئن ئي بيڪار نه ڦٽو ڪري، يا پاڻ ڪاهي جيڪڏهن ڪاهي سگهي ٿو، يا ڪنهن ٻئي انسان کي ڏئي جيڪو ان کي ڪاهي. جيڪڏهن ائين ئي اضافي زمين پئي اٿس ۽ پاڻ به نٿو ڪاهي ۽ ٻئي کي به نٿو ڪاهڻ ڏي ته پوءِ ڀلي وڃي پنهنجي زمين گهر وڃي رکي.“ (آخري جملو قابل غور آهي، اهو جملو پاڻ ﷺ جن بطور زجر ۽ توبيخ جي فرمايو آهي.)
ايئن ئي هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ”هڪ صحابيءَ کي نبي ڪريم ﷺ ڪجهه زمين عطا فرمائي هئي. پر اڳتي هلي پوءِ اهو سڄي زمين کي ڪاهي نه سگهيو ۽ ڪجهه زمين ايئن ئي بيڪار پئي هئي. حضرت عمر رضه ان کان باقي بچيل زمين وٺي حاجتمندن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي.“
شاهه صاحب رحه وٽ جيڪو ملڪيت جو تصور آهي ان کي به سمجهڻ ضروري آهي.
پاڻ لکن ٿا ته:
”الاصل فیھ ما أومأ نا ان الکل مال اللھ لیس فیھ حق لاحد فی الحقیقۃ لکن اللھ تعالیٰ لما اباح لھم الانتفاع بالارض وما فیھا وقعت المشاحۃ فکان الحکم حینئذ أن لایھیج احد مما سبق الیھ من غیر مضارۃ، فالأرض المیتۃ التی لیست فی البلاد ولا فی فنائھا اذا عمرھا رجل فقد سبقت یدھ الیھا من غیرمضارۃ فمن حکمھ أن لایھیج عنھا، والارض کلھا فی الحقیقۃ بمنزلۃ مسجد او رباط جعل وقفاً علی ابناء السبیل وھم شرکآء فیھ فیقدم الاسبق فالاسبق ومعنی الملک فی حق الاٰدمی کونھ أحق بالانتفاع من غیرھ“ 
يعني: هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سمورو مال حقيقت ۾ الله جي ملڪيت آهي، ڪير به ان جو حقيقي مالڪ نه آهي. پر الله تعاليٰ پنهنجي رحمت ۽ ٻاجهه سان زمين ۽ ان ۾ لڪيل خزانن کي انسانن لاءِ عام ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن اهي ان مان نفعو حاصل ڪن، پر ماڻهن حرص ۽ لالچ جي ڪري پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ شروع ڪيو. (يعني وڌ کان وڌ زمين تي قبضو ڪرڻ لڳا) تنهن ڪري قاعدو هيءُ آهي ته جيڪو پهريائين ڪنهن زمين تي هٿ رکي ۽ ان کي ڪاهي ته هاڻي اهو ان جو مالڪ چئبو، پر هن شرط سان ته ان جي انهيءَ عمل سان ڪنهن کي نقصان نه پهچي. تنهن ڪري غيرآباد زمين، جيڪا شهر جي ڪنهن اجتماعي فائدي لاءِ ڪم نٿي اچي سگهي، کي جيڪو به پهريان آباد ڪندو ۽ ان جي آباد ڪرڻ سان ٻئي کي نقصان به نٿو پهچي ته هاڻي ان شخص کي ان زمين تان پري نه ڪبو. حقيقت ۾ زمين، مسجد يا مسافر خاني وانگر آهي (يعني ڪوبه ان جو مستقل مالڪ نه هوندو) جيڪا ايندڙن ويندڙن تي وقف آهي ۽ ان ۾ سڀ انسان برابر آهن، پر جهڳڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ قاعدو هي آهي ته جيڪو پهرئين هٿ وجهندو ۽ ان ۾ ڪاهيندو اهو ٻين جي ڀيٽ ۾ ان جو مالڪ چئبو. (۽ ظاهر آهي ته اهو ايتري ئي زمين رکي سگهي ٿو جيتري هو ڪاهي سگهي ٿو.) ۽ هيءَ ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته زمين تي ملڪيت جي معنيٰ هي آهي ته اهو ان مان نفعو حاصل ڪرڻ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حقدار آهن. (يعني جيستائين ڪاهيندو ته اهو ان جو مالڪ آهي، جيڪڏهن نٿو ڪاهي سگهي ته پوءِ اها زمين ان کان واپس وٺبي.)
[b]حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنھ جو فيصلو
[/b] انهيءَ سلسلي ۾ حضر ت عمر رضه جو فيصلو به سامهون رکڻ گهرجي، جيڪو پاڻ عراق جي زمينن جي تقسيم جي باري ۾ ڪيو هيائون. ان جو ذڪر شاهه صاحب رحه پنهنجي نادر تصنيف ”ازالة الخفاء“ ۾ ڪيو آهي.
واقعو هي آهي ته جڏهن عراق فتح ٿيو ته حضرت عمر رضه حڪم موڪليو ته عراقي زمينون فوجن ۾ تقسيم نه ڪيو وڃن، بلڪ اهي بيت المال (سرڪاري خزاني) جون ملڪيتون آهن. تنهن ڪري اهي عراقي ماڻهن جي هٿ ۾ رهنديون ۽ انهن جو نفعو سرڪاري خزاني ۾ ايندو، ته جيئن غريبن، يتيمن، مسڪينن ۽ ٻين حاجتمندن جي ضرورتن جي ڪفالت ڪئي وڃي ۽ ايندڙ نسل به ان مان فائدو حاصل ڪندا رهن. پر مديني جي ڪجهه ماڻهن تقسيم لاءِ چيو، ڪجهه عرصي تائين بحث هليو پر آخر ۾ سڀ حضرت عمر رضه جي راءِ تي متفق ٿي ويا. (جنهن مان هي اصول ملي ٿو ته انفرادي مفاد يا چند ماڻهن جي مفاد تي اجتماعي مفاد کي ترجيح ڏني ويندي.)
[b]زمين مان نڪرندڙ معدنيات جو حڪم
[/b]شاهه صاحب  لکن ٿا:
”لاشک ان المعدن الظاھر الذی لایحتاج الیٰ کثیر عمل اقطاعھ لواحد من المسلمین اضراربھم و تضيیق علیھم“
يعني: هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جيڪي کاڻون زمين جي سطح سان لاڳاپيل آهن، يعني ان مان معدنيات ڪڍڻ لاءِ وڏي محنت ۽ مشقت برداشت ڪرڻي نٿي پوي. اهڙي کاڻ ڪنهن هڪ يا چند ماڻهن کي بخشش طور ڏيڻ، ٻين کي نقصان پهچائڻو آهي ۽ ٻين لاءِ تنگيءَ جو سبب آهي. تنهن ڪري ايئن ڪرڻ جائز نه آهي (يعني اهي کاڻون بيت المال جي ملڪيت هونديون، جن جي پيداوار اجتماعي مفاد لاءِ صرف ڪئي ويندي.)
ٻئي قسم جون کاڻون (المعدن الباطن) جن ۾ محنت ۽ مشقت برداشت ڪرڻي پوي ٿي. انهن جو حڪم هي آهي ته جيڪڏهن عادل حڪومت سٺو سمجهي ته ذاتي ملڪيت ۾ به ڏئي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن بهتري بيت المال ۾ رکڻ ۾ آهي ته پوءِ ايئن ئي ڪري.
اصل ۾ اصول هي آهي ته ذرائع پيداوار ۽ وسائل معاش جي تقسيم اهڙي هجي، جو نه ان سان طبقاتي نظام قائم ٿئي، نه ٻين کي نقصان پهچي، نه دولت جو وهڪرو چند ماڻهن ۾ ٿئي. يعني اجتماعي مفاد ملحوظ هجي.
محنت ڪش ۽ سرمائيدار جو جهڳڙو
جيتري تائين سرمائيدار ۽ مزدور جي جهڳڙي جو تعلق آهي، ان باري ۾ شاهه صاحب جو فيصلو هي آهي ته:
”فان کان استنماء فیھا بما لیس لھ دخل فی التعاون کالميسر اوبما هو تراض یشبھ الاقتضاب کالربا… فلیس من العقود المرضیۃ ولا الاسباب الصالحۃ وانما ھو باطل و سحت باصل الحکمۃ المدنيہ۔“ 
يعني: جيڪڏهن معاشي سرگرميون باهمي امداد واريون نه آهن، يا وري اهڙا معاملا جن ۾ جبري رضامندي لڌي ٿي وڃي، اهي سڀ جائز نه آهن اهڙيون سرگرميون تمدن کي خراب ڪندڙ شيون آهن ۽ اجتماعي زندگي جي اصول جي لحاظ کان به اهي باطل ۽ گناهه آهن.
هي ڪم حڪومت جو آهي ته عدل تي مبني قانون نافذ ڪري ته جيئن ڪنهن کي به نقصان نه پهچي. جيڪڏهن ڪنهن کي نقصان پهچي ٿو (مثلاً: ذخيره اندوزيءَ جي ڪري مارڪيٽ ۾ ريٽ وڌي وڃن ٿا يا تاجرن جي اجاره داري جي ڪري ريٽ چڙهي وڃن ٿا) ته حڪومت پاڻ معتدل ريٽ مقرر ڪري ان کي نافذ ڪري ڇڏي.
نچوڙ شاهه صاحب جي اقتصادي نظرين جو هيءُ آهي ته انفرادي ملڪيت ان حدتائين جائز آهي جيستائين اها اجتماعيت سان ٽڪر نه ٿي کائي ۽ جيڪڏهن ٻنهي ۾ ٽڪر ٿي پوي ته اجتماعيت کي ترجيح ڏني ويندي. يعني عوامي فائدو ئي اصل الاصول جي حيثيت رکي ٿو.
[b]ٽيون ارتفاق: يعني تهذيب جي ٽي منزل
[/b]شهري يا قومي زندگي
جڏهن سماج ۾ ضرورتن جي وڌڻ ڪري ڪنهن مخصوص شعبي ۾ مهارت ۽ ڪماليت جو رجحان پيدا ٿيو ته لازمي طور تي ان سان گڏ سوسائٽي ۾ تبادلي ۽ تعاون جو نظام به وجود ۾ آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هارن، مزدورن، دستڪارن ۽ تاجرن جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو قائم ٿي پيو جنهن سان شهر جڙي پيا.
شاهه صاحب وٽ شهر مان مراد، هي عمارتون، قلعا، ڪوٽ ۽ بازارون نه، بلڪ هڪ ”وحدت“ جو نالو شهر آهي. هڪ اهڙي وحدت جنهن ۾ مختلف پيشه ور ماڻهو پاڻ ۾ ڳنڍيل رهن ٿا. ڄڻ ته اهي سڀ هڪ ڪل جا اجزا آهن يا هڪ جسم جي عضون وانگر.
[b]ميونسپل بورڊ جي ضرورت
[/b] وحدت جي اعضاء جي اتحاد، ٻڌي ۽ اعتدال سان ئي هن جي صحت قائم رهي سگهي ٿي. شاهه صاحب رحه وٽ وحدت جو مرڪز ”امام“ کي چئبو. شاهه صاحب وٽ امام مان مراد، ڪو هڪ انسان نه بلڪ هڪ اهڙو ادارو (Institution) آهي جيڪو هن وحدت جي صحيح طريقي سان حفاظت ڪري. جيڪڏهن ڪو شخص شهر تي غلبو حاصل ڪري ۽ شهري انتظام کي صحيح طريقي سان هلائي ٿو ۽ هر ڪنهن جا حق ادا ڪري ته اهو به امام چئبو. شاهه صاحب وٽ شهر جا مرڪزي ادارا عوام لاءِ آهن، نه ڪي عوام انهن لاءِ. انهن کي عوام تي ظلم ۽ جبر نه ڪرڻ گهرجي، بلڪ ايمانداري ۽ سچائي سان عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۽ هر ڪم ۾ اجتماعي مفاد سامهون رکڻ گهرجي.
[b]ميونسپل بورڊ جا منصبي فريضا
[/b] شاهه صاحب هيٺيون شيون ضروري قرار ڏنيون آهن:
ڪورٽ (Judiciary):
شهري زندگيءَ ۾ ڏيتي ليتي، ڏي وٺ ۽ ٻين معاملن جي ڪري جهڳڙن جو پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي، تنهن ڪري انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ جو هجڻ ضروري آهي.
انتظاميا (Executive):
شهر ۾ امن جي قائم رهڻ ۽ فساد کي ختم ڪرڻ جي واسطي هن اداري جو قيام ضروري آهي. هي ادارو اهڙو ته منظم هجي جو هن جي رعب ۽ دٻدٻي کان ماڻهو قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي جرئت به نه ڪن. ۽ هن جو پنهنجي عوام سان رويو بهترين هجڻ کپي ۽ هي شعبو پنهنجي عوام کي اولاد وانگر سمجهي انهن جي خدمت ڪري.
عسڪري قوت (Military):
شهر ۾ ڍاڪا، چوريون، ڦرون لٽيون ۽ ڌاڙن جون وارداتون ته ٿينديون ئي رهن ٿيون، يا وري مذهبي تنگي ۽ تعصب جي ڪري فتني فساد جا واقعا پيش اچن ٿا، جيڪي شهري زندگيءَ جي ترقي کي روڪي ڇڏن ۽ شهرن کي تباهه ۽ برباد ڪريو ڇڏن، سندن زندگي ۾ بيچيني ۽ ذهني مفلوجي جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏن. تنهن ڪري اهڙن واقعن تي قابو پائڻ لاءِ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ عسڪري قوت جو هجڻ ضرور ي آهي.
رفاهه عامه (Public weal):
جيئن مٿي گذري چڪو آهي ته شهر هڪ وحدت جو نالو آهي جنهن ۾ مختلف ڌنڌن وارا انسان ڳنڍيل رهن ٿا، تنهن ڪري هي زندگي مختلف فلاحي ڪمن جي متقاضي آهي. جيئن بازارن جي تعمير، پلن جي تعمير، درياءَ، واهه ٺهرائڻ، بيوه عورتن جي مال ملڪيت جي حفاظت ڪرڻ، انهن جي شادي جو انتظام ڪرڻ، يتيمن جي مال جي نگراني ڪرڻ، خيرات ۽ صدقن کي حقدارن ۾ تقسيم ڪرڻ، جيڪڏهن ڪير مري وڃي ته ان جو مال سندس پونئير حقدارن ۾ ورهائڻ ۽ گڏ حساب ڪتاب رکڻ. ان لاءِ هي شعبو ضروري آهي. هن شعبي کي پنهنجي ايمانداري ۽ عدل انصاف سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ گهرجن ۽ ماڻهن جي صحيح طريقي سان پرگهور لهڻ گهرجي. جن ماڻهن وٽ صلاحيت هجڻ جي باوجود وسائل ۽ ذرائع نه آهن انهن لاءِ انتظام ڪرڻ به هن شعبي جي منصبي فرائض ۾ داخل آهي. شهر ۾ جيڪي غريب، مسڪين آهن ۽ جيڪي پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون نٿا ڪري سگهن يا ويچارا معذور ۽ ڪمزور جيڪي ڪو ڪم ڪار نٿا ڪري سگهن، اهڙن انسانن جي معاشي ضرورتن جي ڪفالت به هن شعبي جو منصبي فريضو آهي. ڇو ته ان ۾ شهر جي ئي ڀلائي آهي ته ڪوبه بيڪار نه رهي ۽ ٻيو ته ٻين جي مدد ڪرڻ انسان جي فطري جذبي ”سماحت“ جي به تقاضا آهي.
شهري زندگيءَ جي حقيقي ترقي لاءِ ضروري آهي ته اهڙا ڪم ڪيا وڃن جن ۾ عموعي مفاد هجي. شاهه صاحب وٽ اجتماعي مفاد سان ئي هن وحدت جي صحت ڳنڍيل آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته رفاهه عامه جا ڪم (Utility Service) حڪومت جي هٿ ۾ هجن.
[b]احتسابي عملو (Censorship):
[/b] سوسائٽي ۾ بڇڙي ۽ گندي طبيعت وارن ماڻهن جي طرفان بڇڙيون ۽ واهيات ڳالهيون پکڙبيون آهن، جن سان سوسائٽي ۾ اخلاقي برايون پيدا ٿين ٿيون، تنهن ڪري ضروري آهي ته هڪ اهڙو طبقو هجي جيڪو انسانن جي اخلاقي تربيت ڪري دين ۽ حڪمت جون ڳالهيون ٻڌائي. انهن کي بڇڙاين کان پري رهڻ جو چوندو رهي ۽ چڱن ڳالهين جي تلقين ڪندو رهي، ته شخصيتن جي سٺي تعمير ٿي سگهي. ته جيئن شخصيت پنهنجي خانداني زندگيءَ ۾ به سٺو ڪردار ادا ڪري سگهي ۽ شهر لاءِ به نقصان جو سبب نه بڻجي.
ظاهر آهي ته هيءُ ڪم انفرادي طرح نٿا ڪري سگهجن، بلڪ ادارا قائم ڪري سرانجام ڏئي سگهجن ٿا. وري هڪ هڪ محڪمي جو هڪ نگران به مقرر ڪيو ويندو. هيءُ سڀ ”امام“ جا معاون ۽ مددگار هوندا. حڪومت جي اها به ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ سازشون سٽيندڙ سياسي جماعتن جو خاص خيال رکي ۽ ضرورت پوي ته انهن کي بلڪل فنا ڪري ڇڏي.
ان جو هي به فريضو آهي ته ملازمن، ڪارڪنن جي مالي مدد به ڪري ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي انعام يا تحفا ڏئي انهن جي حوصله افزائي به ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن صحيح ڪم نه ڪن ته انهن جي ڪن مروڙ به ڪري.
شهري نظام جي لاءِ جاسوسي عملو (Espoinage System) به ضروري آهي. جنهن جي ذريعي ملڪ جي اندروني سازشن ۽ خارجي حالتن جي ڄاڻ ورتي وڃي ۽ ماڻهو هر وقت دشمن جي هلت چلت ۽ سٽن کان واقف رهي ۽ ان جي دفاعي قوت ۽ جنگي تياريءَ جي باري ۾ به باخبر رهي.
[b]ٽيڪس جي ضرورت
[/b] حڪومت جو وهنوار هلائيندڙ حقيقت ۾ عوام جا ملازم ۽ خدمتگار (Public servents) آهن ۽ عوام ۽ شهر جي فائدي لاءِ ڪم ڪن ٿا، شاهه صاحب رحه انهن لاءِ خاص لفظ اجير استعمال ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته، اجرت تي ڪم ڪندڙ. تنهن ڪري انهن جي معاشي ڪفالت به عوام جي ذمي آهي. ۽ اهڙي طرح ادارا جيڪي عوامي ڀلائي ۽ نفعي جي لاءِ ڪم ڪندا آهن ته انهن جي ضرورت به عوام جي پيسي جي ذريعي ٿيڻ گهرجي.
تنهن ڪري ضروري آهي ته شهرن کان ٽيڪس ورتا وڃن ۽ گهڻا ٽيڪس مالدار طبقي تي لڳايا ويندا ۽ خصوصاً اهڙن مالن تي جيڪي وڌندا رهن ٿا. جيئن چوپايو مال، زراعت ۽ تجارت وغيره
[b]شهر جا ٻه قسم
[/b]شاهه صاحب وٽ شهر جا ٻه قسم ٿين ٿا:
(1) ڪامل شهر
(2) ناقص شهر
ڪامل شهر: جنهن جي دفاعي قوت گهٽ ۾ گهٽ چار هزار فوجن تي مشتمل هجي ۽ شهر ۾ هڪ چڱو خاصو تعداد هارن، مزدورن، لوهرن ۽ واڍن جو هجي، يعني گهٽ ۾ گهٽ ايترو هجي جو ٻئي ارتفاق جون شيون سٺي طريقي سان پوريون ٿي سگهن.
ناقص شهر: يعني ننڍو شهر، جنهن ۾ عموماً هڪ ئي طرز جي زندگي بسر ڪئي ويندي هجي.
نوٽ: (فوجن جو ذڪر ڪيل تعداد ارڙهين صدي جي جنگي حالتن جي مطابق آهي.)
شهر جو انتظام هلائيندڙ عملو باصلاحيت ۽ ذي استعداد هجي، انهن ۾ حڪمت، سماحت ۽ عفت هجي. بهادر، خوش اخلاق، ايماندار ۽ عادل هجن. نه ته شهر تي ٻوجهه بڻجي پوندا ۽ شهر جي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيندا.
شاهه صاحب انتظام هلائڻ لاءِ ٽي اصول مقرر ڪري ٿو:
(1) رسم جي پابندي: هيءَ پنجايت جي صورت آهي. هيءَ اتي هوندي آهي جتي قصبو ننڍو هجي ۽ عام طرح هڪ ئي نموني جي زندگي گذاري وڃي.
(2) چودهرائپ: يعني هم پيشه ور ماڻهو پنهنجي منتخب ڪيل نگران جي هيٺ رهن. هيءَ گڏيل مفادن (Guildism) جي تنظيم آهي.
(3) پارليمينٽ (Parliamint): يعني، قومي اسيمبلي.
هيءُ ٽئين شڪليون قومي حڪومت جون آهن.
شهري زندگيءَ جي خراب ٿيڻ جا سبب
عام سبب
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته شهر هڪ وحدت جو نالو آهي، جيڪا مختلف ماڻهن جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي سان وجود ۾ اچي ٿي، ڄڻ ته هيءُ ماڻهو هڪ ڪل جي اجزا وانگر آهن. هاڻي جيڪڏهن ان ڪل جي اجزا ۾ اتحاد، اتفاق ۽ اعتدال نه هوندو، بلڪ انهن ۾ نفاق، ظلم ۽ زيادتي ۽ پاڻ ۾ دشمني هوندي ته پورو ڪل خراب ٿي پوندو.
شاهه صاحب رحه وٽ شهر جي نظام جي خراب ٿيڻ جا هيٺيان عام سبب آهن.
[b](1)مذهبي اختلافات:
[/b]هيءُ اختلاف شهري نظام جي لاءِ خطرناڪ تباهي جو سبب بڻجن ٿا، تنهن ڪري اهي ماڻهو جيڪي مذهبي ڏڦيڙ پيد اڪن انهن کي ختم ڪري ڇڏجي.
[b](2)چالبازيون ڪرڻ:
[/b] ڪجهه ماڻهو پنهنجي مڪر، فريب ۽ دغابازي سان سوسائٽي ۾ فساد پيدا ڪندا آهن، جيئن عادل حڪومت جي لاءِ سازشون سٽڻ، تعليم کي تباهه ڪرڻ لاءِ چالبازيون ڪرڻ، يا زال ۽ مڙس جي وچ ۾ تفرق پيدا ڪرڻ وغيره.
[b](3)اجتماع اشرار (لٽيرن جو ٽولو):
[/b] ڌاڙا، ڦرون، چوري ۽ لٽيري ڪرڻ.
[b](4)خون خرابا جون وارداتون:
[/b] ڪجهه وحشي ۽ ظالم ٻين تي ظلم ڪندا آهن. قتل يا مارڪٽ ڪندا رهندا آهن. شريف ماڻهن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ٻين جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزت جو لحاظ به نه رکندا آهن. انهن کي اغوا ڪندا آهن، يا ٻين سان ڏاڍ يا بدڪلامي سان پيش ايندا آهن. انهن حالتن سان به معاشرو بگڙجي پوي ٿو.
[b](5)بڇڙيون عادتون:
[/b] ڪجهه ماڻهو وري بڇڙين عادتن وارا هوندا آهن جيڪي تمدني ۽ تهذيبي زندگيءَ لاءِ خطرناڪ هوندا آهن. جيئن سوڊومي (Sodomy) (يعني اهڙا مرد جيڪي مرد مان جنسي تسڪين حاصل ڪن.) هيءُ تمام ڪڌو ۽ بڇڙو عمل آهي، ڇو ته هي انساني طبيعت ۽ فطري قوانين جي خلاف آهي. ڇو ته جنسي جذبي جي تسڪين لاءِ مرد ۽ عورت هڪ ٻئي لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن، نه ڪي مرد، مرد لاءِ. هن ڪڌي عمل جي ڪري انساني معاشري ۾ تمام گهڻيون اخلاقي برايون پيدا ٿين ٿيون
خانداني زندگي معاشري جو بنيادي ۽ اهم حصو آهي. بهترين ۽ سٺي خاندان سان ئي معاشرو صحيح ترقي ڏانهن سفر ڪري ٿو ۽ بهترين خانداني زندگي مرد ۽ عورت جي متوازن تعلقات سان وابسته آهي.
هاڻي جيڪڏهن فطري طريقو ڇڏي، مرد، مرد سان جنسي تقاضا پوري ڪندو ته نڪاح جهڙي بهترين عمل کان لاغرضي پيدا ٿيندي ۽ معاشرو تباهي ۽ بربادي سان گڏ اخلاقي براين جو به ڳڙهه ٿي پوندو.
اهڙي طرح زنا، (يعني سواءِ ڪنهن معاشري جي رسم ۽ قانون جي عورت سان جنسي لاڳاپا رکڻ) به سوسائٽي کي فسادن ۾ گهيري ٿو ڇڏي. سوسائٽي ۾ جهيڙا، جهٽا، جنگيون ۽ دشمنيون پيدا ٿين ٿيون جيڪي ورهيه هليو پون، جن ڪري معاشري جي اقتصادي ترقي ۾ وڏو خلل پيدا ٿئي ٿو ۽ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي.
حيوانن سان بدڪاري ڪرڻ به فطرت سليمہ جي خلاف آهي ۽ معاشري جي وبال جو سبب پڻ.
عورتن جو مرد وانگي ٿيڻ يا مردن جو عورتن وانگر ٿيڻ به تهذيبي اصولن جي خلاف آهي. عورت ۽ مرد الڳ الڳ صنف آهي. ٻنهي جي طبيعت، مزاج ۽ صلاحيتن ۾ فرق آهي. تهذيب جي دور ۾ ٻنهي جي ذميوارين ۽ ڪم ڪارن جي تخصيص ٿي چڪي آهي. هاڻي جيڪڏهن مرد عورتن وانگر بڻبا يا عورتون مردن وانگر ته معاشري ۾ نظام صحيح طريقي سان نه هلي سگهندو.
شراب يا نشي وارين شين جي وپرائڻ سان شخصيت ختم ٿيو پوي. عقل ۾ نقص پيدا ٿيو پوي پوءِ انسان پنهنجون ذميواريون صحيح طريقي سان ادا ڪرڻ کان عاجز ٿي وڃي ٿو.
[b](6)نقصان پهچائيندڙ معاملا:
[/b] هر تهذيبي معاشري جو معاملا (پاڻ ۾ ڏيتي ليتي ڪرڻ) بنيادي جز آهن. صحيح معاملا ۽ انهن ۾ اعتدال سان ئي معاشرو صحيح طريقي سان ترقي ڪري سگهندو ۽ نقصان پهچائيندڙ معاملا معاشري جي ترقي لاءِ وڏي رڪاوٽ آهن. مثال طور: جيئن جوا، وياج، يا ناجائز طريقي سان مال ڪمائڻ يا ٻئي جو حق ڦٻائڻ، تورماپ ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻ، ڌوڪو ڏئي نفعو حاصل ڪرڻ. ذخيره اندروزي يا زراندوزي، ٻئي کي نقصان پهچائڻ لاءِ ٻوليءَ تي ٻولي لڳائڻ، يا خريدڻ جو ارادو نه هجڻ جي باوجود ٻولي لڳائڻ ته جيئن ٻيا متوجهه ٿين ۽ اشتياق رکن ۽ اهڙا معاملا جن جي ڪري جهڳڙي پيدا ٿيڻ جو امڪان هجي. اهي سڀ معاشري لاءِ قاتل زهر آهن.
[b](7)ڪوڙا ڪيس:
[/b] سوسائٽي ۾ ڪجهه ماڻهو وري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي ٻين شريفن کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙا ڪيس به سوسائٽي لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجن ٿا ۽ معاشري ۾ انهن جي ڪري امن صحيح طريقي سان برقرار نٿو رهي.
[b](8)بدوي زندگي گذارڻ:
[/b] شهر کي ڇڏي ٻهراڙي ڏانهن منتقل ٿيڻ سان به تمدني ترقي رڪجي پوي ٿي ۽ شهر تباهه ٿيو وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ڪجهه نقصان ضرور پهچندو آهي. اهڙي طرح هڪ شهر مان منتقل ٿي ٻئي شهر ڏانهن وڃڻ به نقصان دهه آهي.
[b](9)ڌنڌن جي غلط تقسيم:
[/b] جيڪڏهن پيشن ۾ صحيح نظم ۽ ضبط قائم نه ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڪنهن بهترين قاعدن هيٺ نه آندو وڃي ته معاشري ۾ ترقي صحيح طرح نه ٿي سگهندي. مثلاً: جيئن گهڻا ماڻهو، تجارت ڪرڻ لڳي پون يا فوج جي نوڪري ڪرڻ لڳن ۽ زراعت ۽ چوپائي مال جي پالنا ڏانهن گهٽ هجن ته اها کوٽ ۽ اڻ برابري معاشري کي صحيح ترقي ڪرڻ نه ڏيندي.
معاشري ۾ تباهي ۽ اخلاقي بيچينيءَ جو هڪ سبب هي به هوندو آهي ته ماڻهو بنيادي ضرورتن وارن پيشن کي ڇڏي (مثلاً: زراعت، دستڪاري ۽ صنعت وغيره) عياشي ۽ غيرضروري شين جي ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا آهن. جنهن ڪري معاشري ۾ بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ڪري بگاڙ ۽ اخلاقي برايون جنم وٺن ٿيون ۽ ان سان گڏ عياشيءَ وارين شين ۾ واڌ ۽ رنگارنگيءَ جي ڪري تعمق في الدنيا (دنيا سان محبت ۽ ان ۾ ئي پاڻ کي فنا ڪري ڇڏڻ) جي وبا پکڙجي ٿي ۽ انسان کي روحاني غذا نه ملڻ ڪري شخصيتن جي صحيح تعمير نٿي ٿي سگهي.
[b](10)نقصانڪار جانور ۽ جيوڙا:
[/b] شهر ۾ صفائي جو نظام صحيح نه هجڻ ڪري، گند ڪچرو ويندو آهي گڏ ٿيندو. جنهن ڪري ڪيڙا مڪوڙا يا بيماري پکڙيندڙ جيوڙا وڌن ٿا، جنهن سان شهر کي نقصان پهچي ٿو ۽ شهر وارن جي صحت خراب ٿي پوي ٿي. نتيجي ۾ ماڻهو ڪم ڪار به نه ڪري سگهندا، اهڙي طرح نقصان ڏيندڙ جانورن جي ڪثرت جيئن ڪتا، ٻلا، وڇون وغيره.
[b]وڏا سبب
[/b] شاهه صاحب وٽ وڏا سبب ٻه آهن.
(1) پبلڪ فنڊ مان اهڙن ماڻهن کي بطور عطيي يا تحفي جي پيسو ڏنو وڃي جيڪي معاشري جي خدمت يا سنوارڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا نٿا ڪن. يعني محنت ۽ مشقت برداشت ڪرڻ کان سواءِ مالي فائدو حاصل ڪن ٿا. جيئن، شاعرن، اديبن، راڳن کي وظيفا ڏنا وڃن ٿا. ۽ اهڙي طرح اهي ملازم جيڪي صحيح طريقي سان ڊيوٽي نٿا ڪن ۽ پگهارون کڻن ٿا اهي به معاشري تي ٻوجهه آهن.
(2) هارن، مزدورن ۽ صنعتڪارن تي وڏا وڏا ٽيڪس لڳائڻ جنهن سان طبقاتي نظام ويندو آهي مضبوط ٿيندو.
۽ وري اڳتي پاڻ شهر جي فلاح ۽ ترقي لاءِ تجويز ڏيندي چون ٿا ته ”شهر جي ڀلائي جو راز هن ۾ پوشيده آهي ته هيٺئي طبقي تي ٽيڪس گهٽ رکيا وڃن، بلڪ مالدار طبقي کان ٽيڪسن جي وصوليابي ڪئي وڃي ۽ سول ملازم. پوليس، فوج، ضرورت آهر رکڻ گهرجي.“
[b]اجتماعي خرابي جا سبب
[/b] شاهه صاحب رحه وٽ معاشري جي اجتماعي فساد ۽ براين جي جڙ معيشت ۾ غيرفطري عدم توازن آهي. پاڻ فاسد تمدن (Curruption of Civilization) کي اشرافيه طبقي جي عياشين جو طبعي نتيجو قرار ڏين ٿا، جيڪي سادگي ۽ اعتدال واري طريقو ڇڏي، عياشي واري زندگي بسر ڪن ٿا. غريب ۽ هيٺئي طبقي تي ٽيڪس هڻي پنهنجي نفس پرستي ۽ هوس پرستي جو پورائو ڪن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ سوسائٽي ۾ اڪثر ماڻهو اهڙا پيشا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا جن سان هن اشرافيہ طبقي جي عياشين ۽ خواهشن جي تڪميل ٿئي. ڪي ته وري پنهنجن حسين و جميل عورتن کي رقص ۽ ڊانس سيکاريندا آهن ته جيئن اهي هن اشرافيہ طبقي جي محفل ۾ رنگينون ڪن. ته جيئن هن اشرافيہ طبقي مان پيسو ڪڍيو وڃي. هن اشرافيہ طبقي جي عياشين لاءِ عجيب، غريب ۽ دلفريب لباس تيار ڪيا وڃن ٿا. ماڻهو پتل، چاندي ۽ سون جا برتن تيار ڪڻ ۾ لڳي وڃن ٿا ۽ ڪي وري عاليشان ۽ دلنشين عمارتون ٺاهڻ ۽ انهن ۾ نقش و نگاري ڪرڻ ۾ تخصيص پيدا ڪري وٺن ٿا. نتيجي ۾ اهي پيشا جن تي تمدن جي ترقي جي عمارت قائم هوندي آهي انهن کان لاپرواهي ۽ لاغرضي ڪئي وڃي ٿي، يعني زراعت، دستڪاري، صنعت، چوپايو مال پالڻ وغيره.
ملڪ ۾ اشرافيہ طبقو پنهنجي نفس پرستي ۽ هوس پرستي ۽ عياشيءَ تي پاڻيءَ وانگر پيسو لٽائي ٿو. پوءِ قومي ۽ ملڪي ۽ اجتماعي اسڪيمن تي توجهه نٿو ڏنو وڃي، نتيجتاً تمدن ۽ معاشرو تباهه ٿي وڃي ٿو. پوءِ اهڙي نفس پرستي ۽ هوس پرستي جا جيوڙا رڳو اشرافيہ ۽ مالدار طبقي تائين حد نٿا ڪن، بلڪ اهي آهستي آهستي پوري عوام ۾ سرايت ڪري وڃن ٿا. (يعني پورو ڪلچر اخلاقي لحاظ کان تباهه ٿي وڃي ٿو.)
شاهه صاحب رحه چون ٿا ته:
نبي ڪريم ﷺ جي دور ۾ رومي ۽ ايراني (جيڪي ان دور جون تمدني قومون سمجهيون وينديون هيون) تهذيبن ۾ اهائي وبا پکڙجي چڪي هئي. تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن کي الله جي طرفان اها ذميواري عطا ڪئي وئي ته پاڻ قومن کي ان مرض کان نجات ڏيارن. پاڻ پنهنجي حڪمت ۽ مصلحت سان اهڙن جراثيمن جي نشاندهي ڪندي (جيڪي معاشري جي اخلاق کي تباهه ڪن ٿا ۽ ماڻهن ۾ تنگي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.) انهن کان روڪيائون. مثلاً: ڳائيندڙ عورتن تي لعنت ڪيائون، ريشم جو استعمال ممنوع قرار ڏنائون، سون جا ٿانؤ استعمال ڪرڻ کي ناجائز قرار ڏنائون. وغيره.
اهڙي طرح فاسد شين جي تخريب ڪندي معاشري کي بهترين شين جي زينت سان تعمير ڪيائون، جنهن سان هڪ اهڙو بهترين ۽ صالح تمدني معاشري جو بنياد پيو جنهن ۾ انسان جون بنيادي ضرورتون صحيح ۽ آسان طريقي سان پوري ٿيڻ سان گڏ بهترين اخلاقي نظام به جڙي پيو.
شاهه صاحب رحه فرمائن ٿا ته:
”ايراني ۽ رومي سلطنتن کي حڪومت ڪندي صديون ٿي چڪيون هيون. انهن دنيا جي عيش و عشرت کي سڀ ڪجهه سمجهي ڪري پاڻ کي انهن لذتن ۾ فنا ڪري ڇڏيو هيون. آخرت کي وساري ڇڏيو هيائون. هر هڪ پنهنجي عياشي تي فخر ڪندو هو ۽ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان عياشي وارن شين ۾ مقابلو ڪندا هئا ۽ اها بيماري ايستائين وڃي پهتي هئي جو جيڪڏهن ڪنهن وٽ هڪ لک کان گهٽ پٽڪو يا تاج هوندو هو ته اهو عيب سمجهيو ويندو هو.
انهن جي عياشي ۽ عيش و عشرت کي ڏسي، دنيا جي مختلف حصن مان صنعتڪار ۽ ڪاريگر آيا جن انهن سرمايي پرست ماڻهن کي عياشي لاءِ نيون نيون ۽ لطيف ترين، نفيس ۽ عجيب و غريب شيون تيار ڪري ڏنيون ۽ هي سرمايه پرست ماڻهو انهن کي پاڻ لاءِ فخر سمجهندا هئا
ايئن آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، عاليشان وڏا محل، انهن ۾ عجيب حوض ۽ نفيس حمام خانا تيار ڪيائون، خوبصورت ۽ دلفريب باغ، نمائشي جانور سواري لاءِ رکيائون، خوبصورت غلام ۽ حسين عورتون سندن زندگيءَ جو لازمي جز بڻجي چڪيون هيون.
رڳو زندگيءَ جي حقيقت انهن وٽ هيءَ هئي ته، صبح ۽ شام، رات ڏينهن رنگينيون ۽ عيش وعشرت جو محفلون سجايل هجن، جن ۾ مختلف قسمن جا طعام دلنشين دسترخوانن تي هجن ۽ پاڻ اهي دلفريب پهريل ڪپڙن سان اتي ويٺل هجن ۽ راڳ ۽ رنگ جو ميلو متل هجي. پوءِ وري انهن بادشاهن ۽ عياش طبقي وارا عياشي جا جراثيم ويا آهستي آهستي عوام ۾ پوندا ۽ اڳتي هلي ان معاشري جو لازمي جز بڻجي ويا ۽ نوبت ايستائين وڃي پهتي جو معاشري کي انهن خرابن کان پاڪ ڪرڻ ممڪن نه رهيو. بس هڪ هي صورت باقي رهي ته انهن بڇڙن عادتن جي پاڙن کي ماڻهن جي دلن مان پٽي ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏجي. انهن بادشاهن ۽ اميرن جي عياشيءَ جي ڪري معاشرو تمام هولناڪ معاشي ۽ معاشرتي بيمارن ۾ جڪڙجي چڪو هيو.
اهي مرض معاشري جي هر شعبي ۾ سرايت ڪري چڪا هئا ۽ پورو معاشرو انهن جيوڙن سان وڪوڙجي چڪو هو. نه امير بچيل هيو نه غريب، نه بدوي نه شهري. هر هڪ انسان انهن جي خرابين جو مشاهدو ڪري رهيو هيو پر انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ علاج کان مايوس ٿي چڪو هو. ۽ نتيجو اهو نڪتو ته عام ۽ خاص سڀ مالي مشڪلاتن جو شڪار بڻجي پيا ۽ تمدن تباهه ٿيندو پئي ويو. ان تباهيءَ جو بنيادي سبب هي آهي ته تمام وڏي عيش و عشرت سان رهڻ لاءِ تمام گهڻو پيسو، مال ۽ ملڪيت کپي. اهو ڪيئن هٿ ڪجي؟ ته ظاهر آهي ته قابض حڪمران ۽ بادشاهه پنهنجي عياشين جي پورائي لاءِ غريبن، مزدورن، هارن ۽ دستڪارن تي ٽيڪس هڻندا يا پهرئين ٽيڪسن ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ڪري وٺندا. وري اڃا وڏي مصيبت هي ته انهن کي تمام گهڻو تنگ ڪري ٽيڪس ورتا ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو ويچارو مجبور نه ڏئي سگهي ته ان جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي آهي. ان کي گرفتار ڪري تمام سخت سزائون ڏنيون وينديون آهن. اڪثر طبقو محنت ۽ مشقت برداشت ڪرڻ جي باوجود بنيادي ضرورتن کان محروم رهي ۽ عياشي وارو طبقو بغير محنت ڪرڻ جي پيو سماج جي دولت کي لٽي ۽ پنهنجي عياشيءَ ۾ خرچ ڪري، تنهن ڪري هيٺيون طبقو ڄڻ ته گڏهه ۽ ڏاند جي درجي واري زندگي گهاري رهيو هوندو آهي، جن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان اقتصادي حالت جي ڪري انسان جي اخلاقيات تباهه ٿي وڃي ٿي. جيڪو ويچارو ٽيڪسن جي ادائيگي ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن جي پيٽ پالڻ ۾ رڌل هجي اهو آخرت جي سعادت جي باري ۾ ڇا سوچيندو؟ ايئن ئي معاشري مان صحيح فڪر ۽ سوچ جو مادوئي ختم ٿي وڃي ٿو ۽ معاشري ۾ ڪوبه اهڙو نٿو رهي جيڪو مادي دنيا جي پردن کي هٽائي حق جي روشني جو جلوو ڏسي سگهي، ڪائنات جي حقيقت کي سمجهي ڪري معاشري جي اصلاح ڪري ان کي سنواري ۽ سينگاري.“
جڏهن سوسائٽي ۾ اهڙيون حالتون رونما ٿين ٿيون ته اتي رهندڙ ماڻهن جي ذهني ڪيفيت به تبديل ٿي وڃي ٿي. انهن ۾ ايثار، قرباني ۽ وسعت ظرفي جا جذبا ختم ٿي وڃن ٿا. افرادن ۾ خود غرضي، انا ۽ خبيث عادتون پيدا ٿين ٿيون ۽ قوم اهڙن سٺن اخلاقن کان عاري ٿي وڃي ٿي، جن سان قومون ترقي جي بلند چوٽن تي وڃي پهچنديون آهن.
ان مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جي قدرت پنهنجي حرڪت ۾ اچي ٿي. قدرت پنهنجي حڪمت سان ان نظام کي برباد ڪرڻ جون حالتون پيدا ڪندي آهي ۽ سٺي سماج لاءِ ماحول کي سازگار بڻايو ويندو آهي. پوءِ انقلاب اچي حالتون تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.
شاهه صاحب فرمائن ٿا ته:
”جڏهن روم ۽ ايران جي معاشري ۾ اهڙي بيچينيءَ ۽ تنگي واري فضا قائم ٿي چڪي هئي ۽ ان کي وڏو عرصو گذري چڪو هيو. ان ماحول ۾ انسان جو ڪوبه قدر ۽ قيمت نه رهي هئي، ته الله تعاليٰ ۽ ان جا مقرب فرشتا ناراض ٿيا. تنهن وقت الله تعاليٰ جي مشيت هي ٿي ته ان مرض جي جڙ کي ئي ختم ڪيو وڃي، ڇو ته مرض لاعلاج ٿي چڪو هيو. تنهن ڪري انهيءَ غرض لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ طلوع ٿيا. جيڪي پاڻ امي هئا، جن ڪڏهن به ايراني ۽ رومي ماڻهن سان ميل جول نه ڪئي هيائون ۽ نه ئي انهن جي رسمن رواجن ۽ طريقن کي اختيار ڪيائون. پاڻ ڪريم ﷺ کي صالح رسمن ۽ غير صالح رسمن جي تميز جي ڪسوٽي قرار ڏنو ويو. سندن زبان سان عجمي رسمن جي مذمت ڪرائي وئي ۽ تعمق في الدنيا ۽ دنيا جي لذتن جو قيدي ٿي ڪري پنهنجي حقيقي آزادي کي وساري ڇڏڻ جو خرابيون سندن زبان مبارڪ سان بيان ڪرايون ويون. پاڻ ڪريم ﷺ جن کي حڪم ڏنو ويو ته جن بڇڙن اخلاقن ۽ ڪمن جا عجمي عادي ٿي چڪا آهن ۽ انهن تي هڪ ٻئي تي فخر ٿا ڪن، اهي سڀ حرام آهن. مثلاً: ريشمي لباس، ارغواني ڪپڙا، سون چاندي جا ٿانو، تصويرون چٽيل ڪپڙا، گهرن ۾ چٽڪاري وغيره. الله تعاليٰ پنهنجي قدرت ۽ حڪمت سان اهو فيصلو ڪيو ته هن نبي جي ذريعي انقلاب آندو وڃي. قيصر ۽ ڪسريٰ جي خراب تمدن کي ختم ڪري بهترين معاشرو قائم ڪيو وڃي.
۽ دنيا ڏٺو ته قيصر ۽ ڪسريٰ ختم ٿي ويا ۽ هڪ بهترين اخلاقي نظام وجود ۾ آيو. مطلب هيءُ آهي ته شاهه صاحب رحه وٽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي بعثت جو هڪ مقصد هي به هيو ته پاڻ طبقاتي معاشري کي ختم ڪري هڪ مساوي ۽ انسان دوست معاشرو قائم ڪن. ته جيئن معاشري ۾ انسانن جون بنيادي ضرورتون آساني سان حل ٿين ته پوءِ اهي انسان پنهنجو ڪجهه وقت الله جي عبديت ۾ گذارن ۽ هن ڪائنات جي حسناڪين کي ڏسي ڪري معرفت ۽ حقيقي روشني جي جلون کي ڏسن ته جيئن اهي معاشي ارتفاق ۾ ترقيءَ سان گڏ الاهي ارتفاق ۾ به ترقي ڪري سگهن. (يعني الله جي معرفت جو شعور حاصل ڪن) پاڻ ڪريم ﷺ جي دور ۾ هي طبقاتي نظام روم ۽ ايران جي بادشاهن جي صورت ۽ شڪل هيو، تنهن ڪري معاشري جي اصلاح لاءِ انهن کي ختم ڪرڻ سندن بعثت جو اهم مقصد ٿي پيو.

[b]چوٿون ارتفاق: يعني تهذيب جي چوٿي منزل
[/b]بين الاقواميت جي ضرورت:
شاهه صاحب رحه وٽ ٽيون ارتفاق قومي درجي جي شيءِ آهي. ارتفاق جي ٽئين درجي ۾ جڏهن متعدد قومي سماج وجود ۾ اچن ٿا. يعني انهن ۾ زر ۽ مال به گڏ ٿي وڃي ٿو ۽ دفاعي قوت به حاصل ٿي وڃي ته انهن ۾ پاڻ ۾ جنگ وجدل جي فضا جو قائم ٿيڻ هڪ طبعي امر آهي. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن هڪ شهري زندگيءَ جي افرادن ۾ پاڻ ۾ گڏجي رهڻ ڪري اختلاف ۽ جهڳڙن جو ماحول پيدا ٿيندو آهي. (جتي به افراد پاڻ ۾ گڏجي رهندا پوءِ اهي شهري ۽ قومي طورتي يا بين الاقوامي نظام طورتي، انهن ۾ اختلاف جو پيدا ٿيڻ هڪ اڻٽر حقيقت آهي) تنهن ڪري انساني سماج ۾ هڪ بهترين ۽ صحيح بين الاقوامي (International) نظام جي ضرورت پيدا پئي ٿي، جيڪو متعدد قومي رياستن ۾ نظم ۽ ضبط کي قائم رکي. هي بين الاقواميت به انسان جي فطري تقاضا آهي، يعني معاشري جي طبعي تسلسل جي آخري ڪڙي آهي.
[b]بين الاقوامي نظام ڪيئن هجي؟
[/b] هن ۾ هڪ بين الاقوامي فوجي قوت هجي، اها ايتري مسلح ۽ مضبوط هجي جو ڪابه سرڪش قوم يا متعدد قومي رياستون ملي ڪري به ان سان ٽڪر نه کائي سگهن.
هن نظام ۾ مختلف شعبا هجن، جن ۾ فوجي، مالي ۽ قضا وغيره جو انتظام هجي. انهن ۾ اهڙا انسان چونڊيا وڃن جن جي عدالت ۽ صداقت سڀني وٽ تسليم ٿيل هجي. هي ادارو اهڙو ته مضبوط هجي جو پنهنجي مخالفن کي گڏ ٿيڻ نه ڏئي. پر جيڪڏهن اهي ڪا گڏجي قوت به ٺاهي وجهن ته انهن کي ڪچلي ڇڏي ته جيئن بين الاقواميت کي ڪوبه نقصان نه پهچي.
جيڪڏهن ڪا قوم سرڪش بڻجي بين الاقواميت سان بغاوت ڪري ته انهن جي حڪمرانن کي قتل ڪري ڇڏجي يا انهن کي قيد ڪجي يا سندن مال ۽ زمينون ضبط ڪيون وڃن ۽ پروپئگنڊا ڪري ٻين قومن کي انهن جي خلاف ڀڙڪائجي.
شاهه صاحب جا لفظ هي آهن:
”بازالۃ شوکتھا اوکبت قوم مفسدین فی الارض بقتل روءسھم المدبرین لھم اوجبسھم اوحیازۃ اموالھم واراضیھم اوصرف وجوھ الرعیۃ عنھم“
[b]الله تعاليٰ جي سڀ کان وڏي نعمت
[/b] هيءَ بين الاقواميت، انساني نوع جي طبعي تقاضا آهي ۽ صحيح بين الاقوامي نظام جيڪو عدل ۽ انصاف تي قائم هجي، ٻانهن تي الله جي نعمت جي تڪميل آهي. يعني الله پنهنجي حڪمت سان نوع انساني ۾ هيءَ قوت وديعت رکي آهي ته انسان سماجي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي وڃي آخري منزل- بين الاقواميت تي انتها ڪندو. هن نظام سان سڀ قومون گڏجي هڪ اهڙو ته عادل نظام قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، جنهن سان پوري دنيا ۾ امن قائم ڪري سگهجي ٿو، سرڪش ۽ فسادن کي ڪچلي ڪري ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪي هڪ ملڪ لاءِ ٻئي ملڪ ۾ رٿون ٿا رٿن انهن کي قابوءَ ۾ آڻي سگهجي ٿو. اهڙي طرح پوري دنيا امن جو ڳڙهه بڻجي پوندي.
ان بين الاقوامي اتحاد جا سماجن جي اخلاق تي سٺا نتيجا مرتب ٿين ٿا، جن سان دنيا ۾ به انسان ترقي ڪندو وڃي ٿو ته سندس کي آخرت ۾ به ڪاميابي نصيب ٿيندي. (ڇو ته جيڪڏهن خارجي ماحول ۾ امن ۽ شانتي واري فضا هوندي ته يقيناً ان سان انسان جي اندر جي قوتون جي به صحيح طريقي سان نشوونما ٿيندي. پوءِ انسان پنهنجي اندر جي قوتن کي ترقي ڏياريندو وڃي منزل مقصود تائين رسائي حاصل ڪندو.)
[b]نبي ڪريم ﷺ جن جو منصب
[/b] ارتفاق جي هن درجي تي پهچي ڪري انسان جي تمدني ترقي پنهنجي آخري ڇيڙي تي پهچي ٿي.
شاهه صاحب فرمائن ٿا ته:
پاڻ ڪريم ﷺ جن هن بين الاقوامي نظام جي تڪميل لاءِ مبعوث ٿيا.
سندن لفظ هي آهن:
”ولما کان الشر الساری فی زمن ابراھیم علیھ السلام ھو نسیان التوحید، نزل الحق بازائھ باشاعۃ توحید وتولید العبادات من طھارۃ وصلوۃ و زکوۃ وحج وصوم و ذکر، ولما کان الشر الساری فی زمن نبینا محمد ؐ اختلاف الملل وانقلاب الارتفاقات خاصۃ علی اصحابھا وکان الامر اشد واقسی نزل الحق بازائہ بالجھاد واشاعۃ العبادات وتوقیتھا والقضاء بزوال دولۃ الروم والعجم وانتظام امر النبوۃ کھئیۃ الارتفاق الرابع۔“
يعني حضرت ابراهيم  جي دور ۾ دنيا توحيد کي مسخ ڪري چڪي هئي. تنهن ڪري ان زماني ۾ توحيد جي تبليغ سان گڏ پاڪائي، نماز، زڪواة، حج، روزي ۽ ٻين عبادتن جا احڪام عطا ڪيا ويا.
پر نبي ڪريم ﷺ جي دور ۾ سماجي ۽ اقتصادي فساد پيدا ٿي چڪا هئا ۽ انسانن جي تمدني زندگي بگڙجي چڪي هئي. هيءُ خرابيون حضرت ابراهيم عه جي دور جي ڀيٽ ۾ تمام سخت خرابيون آهن. تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جي دور ۾ عبادتن لاءِ وقت مقرر ڪيا ويا ۽ هن فاسد طبقاتي معاشي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ بهترين سماج جي تشڪيل لاءِ جهاد جو حڪم ڏنو ويو. سندن ختم نبوت جي حڪمت ۾ هيءَ ڳالهه آهي ته پاڻ صه روم ۽ ايرن جي فاسد نظام کي ختم ڪري هڪ عادل بين الاقواميت جو ذريعو بڻبا.
نبي ڪريم ﷺ جي دور ۾ معيشت ۾ طبقاتي نظام هجڻ ڪري معاشرو بڇڙاين ۽ براين جو ڳڙهه بڻجي چڪو هيو، جنهن جي ڪري معاشرو ترقي جي بدران تنزل جو شڪار ٿي رهيو هو.
تنهن ڪري پاڻ صه جن جي بعثت جو هڪ حصو هي هيو ته عبادتن جا وقت مقرر ڪن، ٻيو اهم مقصد هيءُ هيو ته سوسائٽي ۾ طبقاتي معاشي نظام ختم ڪري هڪ عادل معاشي نظام قائم ڪن. جڏهن ته ان دور ۾ معاشي اڻ برابريءَ جي بدترين صورت روم ۽ ايران جي شهنشائن ۾ ظاهر هئي، تنهن ڪري پاڻ صه جن جي منصب جي ڪاميابي لاءِ ضمناً هيءَ شيءِ بنياد جي حيثيت اختيار ڪري پئي ته سندن صه تعليم جو نتيجو هيءُ هئڻ گهرجي ته روم ۽ ايران جون ظالم ۽ جابر شهنشائون مٽجي وڃن ۽ هڪ بهترين بين الاقوامي نظام قائم ٿي وڃي، جيڪو خدا جي معرفت جي شعور ۽ غيرطبقاتي معاشي نظام تي قائم هجي.
هاڻي به قرآن جي اصولن تي قائم ٿيندڙ جماعتن جو نصب العين هيءُ ئي هئڻ گهرجي. (يعني، توحيد، انساني آزادي ۽ معاشي مساوات)
مطلب ته قرآن پنهنجو عادل نظام، بين الاقواميت جي صورت ۾ ڪامياب ڪرڻ گهرجي ٿو. جنهن جي عملي شڪل هيءَ ٿيندي ته هر هڪ قوم هن مرڪز سان جڙيل رهندي ۽ هن مرڪز جو منشور قرآني اصولن يعني الله جي معرفت جو شعور، عدل ۽ معاشي عدم استحصال، تي قائم ڪيو ويندو.

[b]هنن ارتفاق جي اصولن تي قومن جو اتفاق
[/b]
حضرت شاهه صاحب فرمائن ٿا ته:
دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اهي ارتفاق جا اصول ۽ قاعدا مڃيا ۽ تسليم ڪيا وڃن ٿا. ابتدا کان وٺي اڄ تائين سمورن متمدن قومن ۽ طبائع سليمه ۾ هيءُ شيون لڌيون وڃن ٿيون ۽ هيءُ تاآخر هميشه رهنديون. صورتون ۽ شڪليون ڀلي کڻي مختلف هجن پر اصول هر زماني ۾ هڪ جهڙائي رهيا آهن. هاڻي تهذيب جا اهي اصول ايترا ته مقبول ۽ مشهور بڻجي چڪا آهن جو انهن جي انڪار ڪرڻ جي ڪنهن به انسان کي جرئت نه ٿيندي.
جيئن مثلاً: مئل جي لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ، اوگهڙ ڍڪڻ، نڪاح جي شهرت ڪرڻ، بدڪارن ۽ چورن کي سزائون ڏيڻ وغيره. اهي سڀ ڳالهيون هر انساني معاشري ۾ تسليم ڪيون وڃن ٿو، کڻي جو انهن جون عملي شڪليون الڳ الڳ آهن.
[b]ارتفاق جا اصول فطري آهن
[/b] ماڻهن ۾ مزاجن ۽ طبيعتن جي اختلاف ڪري، شهرن جي ڪلچر جي مختلف هجڻ ۽ ماحول جي الڳ هجڻ جي باوجود سمورن انسانن ۾ هي ارتفاق جا اصول تسليم ڪيا وڃن ٿا. ان مان هيءَ ڳالهه چٽي طرح نڪري ٿي ته هيءُ اصول انسان جي فطرت جو حصو آهن، يعني نوع انسانيءَ جي طبعي تقاضا آهن. ڪو اتفاقي معاملو نه آهي. انهيءَ ڪري ئي پنهنجن ضرورتن کي سڀ انسان تقريباً هڪ ئي انداز سان پورو ڪندا آهن.
هيءُ طبعي اصول آهن:
حضرت شاهه صاحب رحه وٽ تهذيب جون هي چار منزلون انساني طبيعت جي نوعي تقاضا آهن، اهي ايئن ئي انسان جي لاءِ طبعي آهن جيئن ساهه کڻڻ.
پاڻ چون ٿا ته، فرض ڪيو ته هڪ انسان وسندي کان پري جهنگ ۾ رهي ٿو، نه زبان ڄاڻي ٿو ۽ نه ئي ڪو اهڙو ذريعو جنهن سان پنهنجي گهرج بيان ڪري سگهي، ته سڀ کان پهريان ته هو پنهنجي بک ۽ اڄ ختم ڪرڻ لاءِ خوراڪ ۽ پاڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، پوءِ ڪنهن تدبير سان پنهنجي بک ۽ اڄ ختم ڪندو. وري جڏهن جوان ٿيندو ته پنهنجي جنسي جذبي جي تسڪين لاءِ ان کي عورت جي ضرورت محسوس ٿيندي. هاڻي فرض ڪيو ته جهنگ جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ هڪ عورت به اهڙن حالتن ۾ زندگي گذاري رهي آهي. ته جڏهن هوءَ به جوان ٿيندي ته ان کي به طبعي طورتي اها تقاضا ٿيندي ته هو ڪنهن مرد سان پنهنجي جنسي خواهش پوري ڪري. مڃيو وڃي ته هي مرد ۽ عورت پاڻ ۾ اتفاق سان ملي وڃن ته اهي پاڻ ۾ ضرور ميلاپ ڪندا پوءِ انهن مان اولاد پيدا ٿيندو. پوءِ اهو نسل وڌندي وڌندي ٻئي ڪنهن خارجي مدد کان سواءِ پنهنجو پاڻ ئي ارتفاق جا چارئي درجا پورا ڪندو.
هن آباديءَ ۾ حڪيم پيدا ٿيندا، جي الله جي عطا ڪيل عقل جي خزاني سان شين ۾ بهتري ۽ آساني پيدا ڪندي معاشري کي ترقي ڏانهن وٺندا هلندا. يعني، اهڙا طريقا ايجاد ڪندا، جن سان ٿوري محنت ۽ ٿورڙي وقت ۾ گهڻا نتيجا حاصل ڪري سگهجن، ته جيئن انسان جون معاشي ضرورتون آسانيءَ سان پوريون ٿين ته انسان پوءِ ئي ڪجهه وقت خدا جي معرفت ۽ ان جي شعور لاءِ ڪڍي، الله جي ياد ڏانهن متوجهه ٿئي (يعني معاشي ارتفاق ۾ جڏهن مشڪلون ختم ٿينديون ته انسان، الاهي ارتفاق ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪندو.) تنهن ڪري حڪمين تي اهو لازم آهي ته خدا جي ڪمزور مخلوق جي خدمت ڪن.
”ولو ان انسانا نشأ ببادیۃ نائیۃ عن البلدان ولم یتعلم من احد رسما کان لھ لاجرم حاجات من الجوع والعطش والغلمۃ واشتیاق لامحالھ الی امراۃ ولابدعند صحۃ مزاجھما ان یتولد بینھما اولاد وینضم اھل ابیات وينشأ فیھم معاملات فینتظم الارتفاق الاول عن آخرھ ثم اذا کثروا لابد ان یکون فیھم اھل اخلاق فاضلۃ تقع فیھم وقائع توجب سائر الارتفاقات۔“
يعني، فرض ڪيو ته تهذيب ۽ تمدن کان ناواقف ڪو انسان جهنگل ۽ بيابان ۾ زندگي گذاري ٿو. ته بيشڪ بغير ڪنهن سکيا ۽ خارجي مدد جي ان کي بک، اڃ ۽ جنسي تقاضا محسوس ٿيندي. پوءِ انهن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ يقيناً عورت جي ضرورت محسوس ڪندو پوءِ جيڪڏهن اتي فرض ڪيو ته عورت به ان حالت ۾ آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن اهي پاڻ ۾ ميلاپ ڪن ۽ انهن جي صحت به صحيح هجي ته انهن مان اولاد پيدا ٿيندو، جيڪو وڌندو وڌندو هڪ خاندان جي صورت اختيار ڪندو ۽ هنن جي باهمي ڳانڍاپي سان ارتفاق اول پورو ٿيندو. پوءِ ايئن آبادي وڌندي رهندي ۽ انهن ۾ حڪيم ۽ ڏاها پيدا ٿيندا، جيڪي شين ۾ آساني ۽ نرمي سان ڪم وٺڻ جا طريقا ٻڌائيندا معاشري کي ترقي ڏانهن ڇڪيندا ويندا پوءِ ائين ئي انسان، ارتفاق جون چارئي منزلون پوريون ڪري ڇڏيندو.
بدوربازغه ۾ چون ٿا ته، ”زمين جي گولي تي ارتفاق جي پهرئين درجي کان خالي ته ڪوبه معاشرو نٿو ٿي سگهي ۽ گڏ ٻئي ارتفاق جو درمياني درجو به ان ۾ ضرور لڌو وڃي ٿو. پوءِ اڳتي وري ارتفاق جو ٽيون درجو (يعني قومي حڪومت، الله جي حڪمت سان ضرور پيدا ٿيندي.
جنهن جي صورت هي ٿيندي آهي ته ڪو الله جو نيڪ بندو جنهن کي ملاءِ اعليٰ کان الهام ٿيندو آهي، اهڙي حڪومت قائم ڪري وٺندو آهي، جيڪا ارتفاق جي ٽئين درجي جو ڪم ڪندي آهي. يا وري ان نيڪ ٻانهي جو نائب انهن اصولن تي حڪومت جو انتظام هلائيندو آهي. يا ڪو وري بادشاهه پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو عدل ۽ انصاف سان واڳ سنڀاليو ويٺو هوندو آهي ۽ ان جي پارليمينٽ ۾ عالم، حڪيم ۽ تجربي وارا ماڻهو گڏ هوندا آهن، جنهن ڪري نظم ۽ ضبط سان بهترين نظام پيو هلندو آهي. يا وري ڪو ظالم جابر ڏاڍ ڪري ڪرسي تي اچي ويهي رهندو آهي ۽ پنهنجي طرز سان ظالمن بادشاهن واريون رسمون اختيار ڪندو آهي ايئن ئي حالتن مطابق حاڪم ۽ بادشاهه ظاهر ٿيندا رهندا آهن. جڏهن ظالمن ۽ جابرن جي هٿ ۾ حڪومت جي واڳ اچي ٿي ته معاشري ۾ فساد پيدا ٿين ٿا ۽ تمدن تباهه ٿي وڃي ٿو. سماج ۾ خراب رسمون ۽ عادتون پکڙجي وڃن ٿيون، معاشرو تنزلي ۽ زوال ڏانهن موٽ کائي ٿو. انسانيت ختم ٿي وڃي ٿي، وحشيت ۽ بربريت جو دور موٽي اچي ٿو.
سماج ۾ هيءَ حالت هڪ وڏي بيماري آهي، جڏهن سماج ۾ اها حالت پيدا ٿي وڃي ٿي ته ان وقت الله تعاليٰ جي حڪمت حالتن کي تبديل ڪرڻ جي تقاضا ڪندي آهي. نتيجي ۾ سماج ۾ انقلاب ايندو آهي، جنهن سان ان مرض کي ختم ڪيو ويندو آهي يا وري اهو معاشرو الله جي عذاب سان تباهه ٿي ويندو آهي.
[b]نبين ۽ حڪيمن جو ڪم
[/b] مطلب ته نبين ۽ حڪيمن جي ذريعي ارتفاق ۾ ترقي ٿيندي رهي ٿي، جيستائين ڪا قوم ٻنهي ارتفاقن (عملي ۽ فڪري) ۾ ترقي نه ٿي ڪري تيستائين ان جي باري ۾ ائين نٿو چئي سگهجي ته اها ڪنهن فلاڻي نبي جي امت آهي يا ڪنهن فلاڻي حڪيم جي پوئلڳ.

[b]انساني تمدن ۾ رسمن جي حيثيت
[/b]
رسمن جي حيثيت ۽ اهميت جي باري ۾ شاهه صاحب رحه پنهنجي تصنيفن ۾ چڱو خاصو بحث ڪيو آهي. شاهه صاحب فرمائن ٿا ته، جڏهن صالح ارتفاقَ معاشري ۾ رسم جي صورت اختيار ڪن ٿا ته معاشرو سٺي ۽ سهڻي نموني ترقي ڪرڻ لڳي ٿو.
[b]رسمن جي حقيقت
[/b]رسم ڇا آهي؟ حڪمت کان اڻڄاڻائي هوندي ڪو ڪم ڪرڻ. ان لحاظ کان حيوانن ۾ به رسمون ٿين ٿيون. جيئن ڪبوتر ڪو ڪم ڪري ۽ ٻيو ڪبوتر ان کي ڏسي ڪري ائين ڪري. ان جو سبب هي هوندو آهي ته هڪ ڪبوتر جي ذهن ۾ ٻئي ڪبوتر جي ڪم جي صورت چٽجي ويندي آهي ۽ اها ان جي عمل جو محرڪ بڻبي آهي. اهوئي مسئلو انساني ذهن جو آهي. جيئن نڪاح جي رسم عام آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن کان پڇيو وڃي ته توهان انهن حدن ۽ اصولن جي پابندي ڇو ٿا ڪريون ته چوندا ته هي طريقو ته اسان جي وڏڙن کان هلندو پيو اچي.
رسمون سوسائٽي ۾ اهڙيون ته عوام جي دلين ۾ عمل جون پاڙون پڪيون ڪري ڇڏينديون آهن جو انهن کي ڇڏي ڏيڻ عيب سمجهيو ويندو آهي. ماڻهو جيڪڏهن رسمن جي پابندي نه ڪن ته ارتفاق جي پهرئين مرحلي کان به هيٺ ڪري پون ۽ جانورن جهڙي زندگي گذارن.
[b]رسمن جو سماج ۾ پيدا ٿيڻ
[/b] شاهه صاحب رحه وٽ عام طرح رسمون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون:
(1) ڪنهن پيغمبر کي ملاءاعليٰ يا حظيرة القدس مان انسانن جي لاءِ مفيد علمن جو الهام ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ اهي علم آهستي آهستي سماج ۾ رسمن جي شڪل اختيار ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن مثلاً نماز پڙهڻ.
(2) الله جي عطا ڪيل فطري تعليم يا عقل ۽ تجربي جي بنياد تي ڪا قوم يا ڪو حڪيم هڪ مفيد ڳالهه سمجهي ان کي اختيار ڪندو آهي پوءِ ٻيا ماڻهو يا ٻيون قومون ان جي پيروي ڪنديون آهن ۽ ايئن ئي اها شيءِ آهستي آهستي سماج ۾ رسم جي صورت اختيار ڪري ڇڏيندي آهي. ان ۾ وري ملاء سافل جو دخل هوندو آهي. جيئن مثال طور ته، مڇي کائڻ کان پوءِ کير پيئڻ ڪوڙهه جي بيماريءَ جو سبب آهي.
[b]رسم جي ڦهلجڻ جا سبب
[/b] ان جا ڪجهه سبب ٿين ٿا:
(1) ڪنهن وڏي يا سردار جي عمل ڪرڻ سان هيٺين ۾ اها شي پکڙجي ويندي آهي ۽ پوءِ رسم جي صورت اختيار ڪري ڇڏيندي آهي.
(2) ڪنهن شي جي ضرورت هجڻ جي باوجود ان جي شڪل ۽ صورت ۾ اونداهي هوندي آهي، پوءِ جڏهن ڪو عقلمند انسان ان کي حل ڪندو آهي ۽ نئين صورت کي وجود ۾ آڻيندو آهي ته ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي ويندا آهن.
(3) ڪنهن رسم کي ڇڏڻ يا ان ۾ لاپرواهي ڪرڻ سان معاشري ۾ فساد پيدا ٿيندو آهي يا عوام کي ڪا دقت پيش ايندي آهي، ته ماڻهو ان کي وري ٻيهر اختيار ڪندا آهن.
[b]رسمن جي خراب ٿيڻ جا سبب
[/b] حقيقت هيءَ آهي ته رسمون پنهنجي اصل ۽ جوهر ۾ ته صحيح ئي هونديون آهن، پر وقت گذرڻ سان انهن جي حڪمت ۽ روح ختم ٿي ويندو آهي، رڳو ظاهري صورت ئي وڃي بچندي آهي. يا وري وهمن ۽ شبهن جا پردا چڙهي وڃڻ ڪري انهن جي اصلي صورت ميٽجي ويندي آهي.
ان جا ڪيترائي سبب ٿين ٿا:
(1) حڪومت جو ظالمن ۽ جابرن جي هٿ ۾ اچڻ، جيڪي اجتماعي مفاد کي پيرن جي هيٺان روندي رڳو شخصي يا مخصوص طبقي جي مفاد لاءِ اقتدار تي ويٺا هوندا آهن، اهڙا ماڻهو تمدني زندگي کي بگاڙي ڇڏيندا آهن ۽ سٺن رسمن کي به خراب ڪريو ڇڏن. مثال طور، جيئن صدقات ۽ خيراتون، جيڪي اجتماعي مفاد فلاحي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ اسڪيمون آهن. پر جڏهن حڪومت تي ظالمن ۽ خودغرضن جو قبضو ٿئي ٿو ته اهي انهن فلاحي اسڪيمن کي ناجائز موقعن تي صرف ڪن ٿا، جنهن ڪري صدقي ۽ خيرات جو رواج گهٽ ٿيو پوي.
(2) نفس پرست ۽ هوس پرست ماڻهن جي گهڻائيءَ جي ڪري به پورو ڪلچر خراب ٿيو پوي. غلط ۽ خراب رسمون عوام ۾ پکڙجي وڃن ٿيون. جيئن سوڊومي ڪرڻ، (Sodomy) مردن جو نسوانيت اختيار ڪرڻ (Effeminacy) يا وياج جو ڪاروبار ڪرڻ، يا تور ۽ ماپ ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻ جهڙيون قبيح خصلتون معاشري ۾ رائج ٿي وڃن.
(3) پرتعيش زندگي گذارڻ، يعني مالدارن جو پاڻ ۾ عياشي ۾ مقابلو ڪرڻ، جيئن شاديءَ جي موقعي تي اجايا وڏا خرچ ڪرڻ، لباس ۾ تڪلف ڪرڻ، مهانگا ٿانو استعمال ڪرڻ ائين ئي وري ڪنا ۽ گندا شوق ڪرڻ جن سان ماڻهو دنيا ۾ به معاشري تي ٻوجهه بڻجي ته پنهنجي آخرت به خراب ڪري. جيئن ڪبوتر بازي، شطرنج يا مطربن جا ساز وڄائڻ وغيره.
(4) ڪڏهن وري ظالم ۽ جابر حڪمران هيٺين تي وس کان ٻاهر ٽيڪس هڻي انهن کي پيهندا رهندا آهن ۽ عوام پوءِ ظلم جو عادي بڻجي پوندو آهي. آخر ۾ ان جي ردعمل طورتي عوام ۾ به ظالمن جهڙيون عادتون پيدا ٿي وينديون آهن.
(5) رسمن جي خراب ٿيڻ جو وڏو سبب هيءُ به آهي ته ماڻهو دنيا جي لذتن ۾ مگن مست ٿي ويندا آهن، الله جي عبادت کان لاپرواهي ۽ آخرت کان غفلت جو برتاءُ ڪندا آهن، جنهن ڪري سندن اخلاق خراب ٿي ويندا آهن ۽ بڇڙيون عادتون معاشري ۾ پيدا ٿي پونديون آهن.
بهترين رسمون اهي آهن جن ۾ اعتدال هجي، انهن ۾ تنگي ۽ ڇڙواڳي نه بلڪ وسعت هجي. نه ئي انهن ۾ انتهائي تڪلف هجي ۽ نه ئي وري بربريت ۽ حيواني طريقو، (جيئن جاهليت جي دور ۾ حجاز جي ماڻهن جون عادتون ۽ اسان جي دور جي ٻهراڙيءَ وارن جون رسمون آهن.) بلڪ انهن ۾ متوسط ۽ مهذب طريقو هجي، جنهن سان معاشري ۾ بهترين اخلاقي ڪردار پيدا ٿين ۽ معاشري جو گلدستو سٺن گلن سان سنورجي وڃي ته جيئن بهترين ارتفاق پيدا ٿين.
[b]انقلاب جي ضرورت
[/b] سوسائٽي ۾ حڪيمن ۽ عقلمندن جي اها ذميواري آهي ته اهي اجتماعي مفاد کي سامهون رکندي معاشري ۾ سٺين رسمن کي قائم رکن ۽ بڇڙين رسمن جي پاڙ پٽي ڇڏن. ۽ اهڙو انقلاب آڻڻ انهن تي لازم آهي، پوءِ ڀلي کڻي ان ۾ جان، مال جي قرباني به ڇو نه ڏيڻي پوي.
سندن لفظ هي آهن:
”ویجب بذل الجھد علی اھل الآراء الکلیۃ فی اشاعۃ الحق وتمشیۃ واخمال الباطل وصدھ فر بما لم یکن ذالک الا بمخاصمات اوء مقاتلات فیعد کل ذالک من افضل الاعمال البر۔ “
يعني، مجاهدن جو هيءُ فرض آهي ته اهي اجتماعي مفاد جي لاءِ حق جي جاکوڙ ڪن ۽ ان کي نافذ ڪرڻ ۽ باطل کي ڪچلي ڇڏڻ لاءِ ڪوشش ڪن ۽ ان ۾ جان ۽ مال قربان ڪرڻ کان به پوئتي نه هٽن. يقيناً انسانيت جي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تمام وڏي نيڪي آهي.
[b]انبياء ۽ ارتفاق
[/b] هيءُ بيان ٿي چڪو آهي ته ارتفاق ۾ درجه بدرجه ترقي ڪرڻ انسان جي فطري تقاضا ۽ طبعي خاصو آهي، جنهن ڪري انسان ٻين حيوانن کان جدا ٿيو پوي. پر معاشري کي سهڻي ۽ سٺي طريقي سان ترقي جي طرف وٺي وڃڻ لاءِ ضروري آهي ته معاشري ۾ اهڙا حڪيم هجن، جيڪي پنهنجي فڪر ۽ عمل سان اجتماعي مفاد کي سامهون رکي معاشري ۾ ارتفاق جي صورتن ۾ اصلاحون ڪندا رهن ته جيئن معاشري جي طبعي ترقي سان گڏ معاشري ۾ بهترين اجتماعي اخلاق به برقرار رهي. پوءِ اهي حڪيم يا ته پنهنجي فڪر ۽ تجربي جي بنياد تي ارتفاق ۾ اصلاح ڪندا آهن يا ته انهن کي ملاء اعليٰ کان سڌوسنئون الهام ڪيو ويندو آهي. (۽ آخري نبين جو مرتبو آهي، هن علم ۾ شڪ ۽ شبهي جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي) هي بيان گذري چڪو آهي ته، ظالم حڪومتن جي ڪري ۽ ٻين به ڪيترن سببن جي ڪري معاشري ۾ گنديون رسمون پکڙجي وينديون آهن، معاشرو خودغرضي، حيواني ۽ شيطاني خصلتن جو ڳڙهه ٿي پوندو آهي، تمدني زندگيءَ جو ڍانچو بگڙجي پوندو آهي ۽ هڪ عام اخلاقي برائي ڇائنجي ويندي آهي. تنهن ڪري معاشري ۾ هڪ اهڙي انسان جي ضرورت پيش اچي ٿي، جنهن کي ملاء اعليٰ مان مدد حاصل هجي، جيڪو اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي گندن رسمن کي ختم ڪري يا جن ۾ ردوبدل جي ضرورت هجي انهن ۾ اصلاح ڪري معاشري کي بهترين رسمن سان سينگاري. ان جي سمجهڻ کان پوءِ هيءَ ڳالهه آسان ٿي پوي ٿي ته کڻي جو انبياء جو بنيادي مقصد اخلاقيات کي سڌارڻ آهي، پر ارتفاق ۾ اصلاح ڪري معاشري کي سٺن رسمن سان سنوارڻ به سندن منصبي فريضو آهي.
ارتفاق ۾ ترقي (يعني تهذيبي دورن ڏانهن سفر ۾ ڪوشان رهڻ) الله جي حڪمت جي تقاضا آهي. تنهن ڪري تهذيبي ڪلچر ڇڏي، بدوي يا ريگستاني زندگيءَ ڏانهن موٽڻ، حڪمت الاهي جي خلاف هجڻ سان گڏ نوع انساني لاءِ به تباهه ڪن آهي. تنهن ڪري پاڻ ڪريمﷺ جن اهڙي طريقي جي سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ چٽن لفظن ۾ هيءُ فرمايو اٿن:
”ما بعثت بالرھبانیۃ وانما بعثت بالملل الحنیفۃ السمحۃ“
يعني رهبانيت جي طريقي تي نظام قائم ڪرڻ لاءِ مان نه آيو آهيان، بلڪ حنفيت جي چٽن ۽ روشن اصولن جي بنيادتي نظام قائم ڪرڻ منهنجي بعثت جو مقصد آهي.
حنفيت جي متعلق شاهه صاحب رحه جو فرمان آهي ته، ان جا اصول عام انساني مفادن جي نمائندگي ڪندڙ آهن. هتي هيءَ ڳالهه ذهن نشين هئڻ گهرجي ته کڻي جو انبياء يا حڪيم سماجي ارتقاء کان منع نه ڪندا آهن، بلڪ سماجي ارتقاء جي تسلسل کي قائم رکندا آهن ۽ ان ۾ ترقي ڪرڻ جي دعوت به ڏيندا رهندا آهن، پر سندن تعليم ۽ دعوت اعتدال جي نقطي تي قائم هوندي آهي. يعني، نه ئي ماڻهو سماج کان ڪٽجي سٽجي وحشيت ۽ بربريت ۽ جهنگلاتي زندگي گذاري ۽ نه ئي وري دنيا جي لذتن ۾ مدهوش ٿي، رومن ۽ فارسن وانگر عياشي واري ۽ پرتعيش زندگي بسر ڪري.
[b]اعتدال جي ضرورت
[/b] هيءَ ڳالهه روز روشن وانگر چٽي ٿي چڪي آهي ته، ارتفاق ۾ ترقي انسان جي طبعي خاصيت ۽ نوعي تقاضا آهي، شين ۾ بهتري آڻڻ ۽ انهن ۾ نرمي ۽ آساني سان ڪم وٺڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ انسان جي فطرت جو حصو آهي. ان سان بهترن شخصيت جي تعمير جڙي ٿي، انسان جا اخلاق سنوارجن ٿا ۽ سندن مزاج ۽ طبيعت ۾ نفاست پيد اٿئي ٿي. انسان جا معنوي جوهر (اندروني قوتون) اجاگر ٿين ٿا، جنهن سان نوان نوان علم وجود ۾ اچن ٿا. ارتفاق ۾ ترقي نه ڪرڻ سان ڪج فهمي، ذهني مفلوجي پيدا ٿئي ٿي ۽ تخريجي ۽ تخليقي صلاحيتن جو ستياناس ٿي پوي ٿو. ۽ جيڪڏهن ارتفاق ۾ ترقي نه ڪئي وڃي، بلڪ انسان رجائيت جي طرف موٽندو وڃي ته انسان جي زندگي حيوانن ۽ وحشن ۽ بربريت جهڙي ٿي پوي ۽ انسان پاڻ کي مصيبتن ۽ مشڪلن ۾ جڪڙي ڇڏي.
وري ٻئي طرف، ارتفاق ۾ تعمق ۽ تڪلف سان معاشري ۾ طبقاتي نظام قائم ٿي پوي ٿو، معاشرو جهڳڙن ۽ فسادن جو ڳڙهه بڻجي پوي ٿو ۽ ان سان گڏ انسان سماجي حالتن ۾ اهڙو ته جڪڙجي وڃي ٿو جو هو پنهنجي حقيقي رب ڏانهن مائل نٿو ٿئي، ان جي عبادت نٿو ڪري، آخرت کي وساري ٿو ڇڏي. يعني انسان الاهي ارتفاق ۾ ڪابه ترقي نه ڪري سگهندو ۽ نتيجتاً آخرت جي ڪاميابي کان محروم ٿي پوندو.
تنهن ڪري ضروري آهي ته، معاشي ارتفاق ۾ اعتدال ۽ وچٿرائپ اختيار ڪئي وڃي. اجتماعي مفاد کي خاص ملحوظ رکي ترقي ڏانهن قدم کڻبا وڃن. نه ئي بدوي ۽ بربريت وارو طريقو اختيار ڪجي ۽ نه ئي وري ماڻهو دنيا جي عيش و عشرت ۽ لذتن جو پاڻ کي قيدي بڻائي ڇڏي، جو الله جي معرفت کي به وساري ڇڏي ۽ پنهنجي عملن جي نتيجن جي پرواهه نه ڪندي ڇڙواڳ ٿي جانورن جهڙي زندگي بسر ڪري.
پاڻ ڪريم صه جن انهيءَ اعتدال جي اصول تي معاشري جي تعليم ۽ تربيت ڪئي. تنهن ڪري پاڻ رهبانيت کي به ناپسند ڪيائون، ته وري ريشم جي لباس ۽ سون ۽ چاندي جي ٿانون کان به منع ڪيائون. دنيا جي لذتن ۾ محو ٿي وڃڻ جي انديشي جي ڪري اهو به منع ڪيائون ته هڪ ئي جنس ۾ ادني جي عوض اعليٰ وٺجي. جيڪڏهن معاشري ۾ اعتدال جي جاءِ تي افراط يا تفريط ٿيندي ته سماج ڪڏهن به حقيقي ترقي ڪري نه سگهندو.
[b]ارتفاق ۾ تنزل
[/b] ارتفاق جا چارئي درجا طئي ڪرڻ انسان جي طبعي تقاضا آهي. يعني هر معاشرو هنن مرحلن مان گذري اچي ڪري پنهنجي آخري انتها تي ضرور پهچندو. پر جيئن انسان تي صحت کان پوءِ بيماري ايندي آهي، اهڙي طرح معاشرن ۾ به بيماري پيدا ٿيندي آهي، پوءِ اهي معاشرا تنزلي ۽ ابتريءَ ڏانهن موٽ کائيندا آهن. (انهن جي ڪافي سببن تي بحث گذري چڪو آهي.)
[b]تنزل اچڻ وقت ڇا ڪرڻ گهرجي؟
[/b] شاهه صاحب رحه فرمائن ٿا ته، جڏهن ڪا قوم ارتفاق جي چوٿين مينار تي پهچي ڪري هيٺ ڪري پئي، (يعني ان جو بين الاقوامي نظام ختم ٿي وڃي) ته ان قوم جي حڪيمن تي هيءَ ڳالهه لازم آهي ته اهي ان درجي جي روح يعني عدل جي رسي کي مضبوط جهلن ۽ قومي بنيادتي پنهنجي قوم کي مستحڪم ڪن. نه ته خوفناڪ جنگين جي سلسلي شروع ٿيڻ جو انديشو آهي.
ايئن ئي جيڪڏهن ڪا قوم ارتفاق جي ٽئين درجي (قومي حڪومت) کان هيٺ ڪري پئي (يعني ان جي قومي زندگي انتشار جو شڪار بڻجي وڃي) ته ان قوم کي بحيثيت قوم جي مستحڪم رکڻ گهرجي. يعني، احساس قوميت جو جذبو ۽ ان جو روح پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ سٺي قبائلي زندگي گذارڻ سان گڏ بين الاقوامي تصور به سامهون رکڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا قوم ارتفاق جي ٻئي مرحلي کان به هيٺ هجي، يعني ان جي قبائلي زندگي انتشار جو شڪار بڻجي پوي، ته اها ارتفاق اول جي اصولن تي پاڻ کي مستحڪم ڪري ۽ گڏ قبائلي، قومي ۽ بين الاقوامي تصورن کي به نظرانداز نه ڪري. اهڙن تنزلي ۽ انتشار پکڙيل معاشرن ۾ مصيبت هيءَ هوندي آهي ته ماڻهو ارتفاق ۾ صحيح درجابندي نه ڪري سگهندا آهن ۽ صرف هڪ ئي ارتفاق تي ٽڪ ڏئي بيٺا هوندا آهن. ان صورت ۾ معاشرو ترقي کان محروم ٿي پوندو آهي.
شاهه صاحب جا لفظ هي آهن ته:
”وبالجملۃ فاذا بطل نظام الارتفاق الرابع مثلاً فصلاح الناس ان یتشبثوا بالارتفاق الثالث بآدابہ المتضمنۃ لکنھ الارتفاق الرابع واصلھ من غیرتمثال وانفسار وانعقاد صورۃ لھ کالا صطلاح علی سنۃ عادلۃ بینھم لوعصوھا لصارت الفتنۃ واقتتلوا وکان البأس علیھم اشد عما توقعوا لانفسھم۔ وکذالک اذا بطل الارتفاق الثالث وجب التمسک بالارتفاق الثانی المتضمن غایۃ لکنھ الارتفاق الثالث واذا بطل الارتفاق الثانی وجب التمسک بالارتفاق الاول۔ واصل الفساد عدم احاطۃ الناس بانواع الارتفاقات والجمود علی علم واحد منھا“
يعني، جيڪڏهن ڪنهن قوم جو بين الاقوامي نظام ٽٽي پئي ته ماڻهن جي ڀلائي هن ۾ آهي ته اهي بين الاقوامي نظام جي روح کي زندهه رکن ۽ هن ارتفاق جي عادل ڳالهين تي قائم رهي ڪري ارتفاق جي ٽئين درجي جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙن، نه ته انهن ۾ خوفناڪ جنگن جي شروع ٿيڻ جو انديشو آهي. ايئن ئي جيڪڏهن معاشرو ارتفاق جي ٽئين درجي ۾ بربادي جو شڪار آهي ته اهو ان ارتفاق جي حقيقت جو تصور قائم رکندي ارتفاق جي ٻئي مرحلي ۾ مضبوطي سان رهي. اهڙي طرح جيڪڏهن ارتفاق جي ٻئي درجي ۾ بگاڙ اچي ته ارتفاق اول ۾ مضبوط طريقي سان رهي. اهڙي صورتحال ۾ فساد جي جڙ هيءَ هوندي آهي ته ماڻهو ارتفاقن جي صحيح درجابندي نه ڪري سگهندا آهن ۽ هڪ ئي درجي تي ڄميا پيا هوندا آهن.

[b]معيشت جو اثر اجتماعي اخلاق تي حڪيم ۽ شخصيت پسندي
[/b]
[b]يوناني حڪيم
[/b] عام طرح حڪيمن اخلاقيات (Ethics) ۽ اجتماعيت (socilogy) کي الڳ الڳ موضوع بڻائي ان تي بحث ڪيو آهي. يوناني حڪيمن- ارسطو، سقراط، افلاطون، ايپي ڪيور ۽ٻين انهن ٻنهي تي تمام وڏو ۽ سٺو لکيو آهي پر ٻنهي جي گڏيل ڳانڍاپي کي ظاهر نه ڪري سگهيا آهن.
[b]مسلمان حڪيم
[/b] مسلمان حڪيمن مان ابن مسڪويه، عزالي، ماروردي، راغب، ڪندي، فارابي، ابن سينا، ابن رشد، ابن خلدون، ابن عربي ۽ ٻين انفرادي اخلاق (شخصيت کي سنوارڻ) تي تمام ڊگها بحث ڪيا آهن ۽ پنهنجي وسعت ۽ صلاحيت مطابق باريڪ کان باريڪ ڳنڍيون کوليون آهن، پر انهن مان به ڪنهن معيشت ۽ اجتماعي اخلاق کي ملائي ڪري ٻنهي جي هڪ ٻئي تي پوندڙ اثر کي بيان نه ڪيو آهي.
[b]مغربي حڪيم
[/b] ايئن ئي مغربي حڪيمن- ڪانٽ، سپنر، شوهن هار، ڊي ڪارٽ، مل، سپنوزا ۽ هيگل اجتماعيت ۽ اخلاقيات تي ڪم ڪيو آهي پر ٻنهي جي باهمي تعلق کي فراموش ڪيو اٿن.
امام ولي الله ۽ اجتماعيت
امام الحڪمت، امام ولي الله دهلويءَ رحه پاڻ پهريان حڪيم آهن جن معيشت، اخلاق عامه ۽ اجتماعيت کي ملائي انهن جي گڏيل ڳانڍاپي تي تمام گهڻي روشني وڌي آهي. اڄ تائين حڪيم هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته بهترين اخلاقي نظرين سان ئي بهترين سماج پيدا ٿيندو. (يعني شخصيت جي تعمير سان بهترين ڪردار پيدا ٿيندا ۽ بهترين ڪردار سان بهترين اجتماعيت يعني سٺو معاشرو وجود ۾ ايندو) تنهن ڪري انهن اجتماعيت کي اخلاقيات جي هيٺيان رکيو آهي. پر انهن جي ابتڙ شاهه ولي الله رحه پهريون حڪيم آهي جنهن هي ڳالهه چٽائي سان بيان ڪئي آهي ته اجتماعي معيشت جو اجتماعي اخلاق تي تمام گهرو اثر ٿئي ٿو. تنهن ڪري بهترين اجتماعي اخلاق پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته معاشري ۾ عادلانه اقتصادي نظام قائم ڪيو وڃي، جيستائين سوسائٽي ۾ غيرمتوازن ۽ طبقاتي نظام قائم هوندو تيستائين سوسائٽي جو اجتماعي اخلاق بگڙيل رهندو.
[b]فرد ۽ جماعت
[/b] قديم ۽ جديد حڪيم سڀ هن ڳالهه تي متفق آهن ته انفرادي اخلاق جو مظهر معاشرو ئي آهي. يعني، ڪنهن فرد جي اخلاق کي پرکڻ ۽ جاچڻ جو معيار هيءُ آهي ته ان کي بحيثيت سوسائٽيءَ جي رڪن جي حيثيت سان ڏٺو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن فرد کي سوسائٽي کان الڳ ڪري ڏسبو ته ان جي اخلاق جو قدر صحيح طريقي سان نه ڄاڻي سگهبو. ڪو شخص جهنگل ۾ اڪيلو رهي ٿو ۽ ان کي پنهنجي اخلاق کي سماج ۾ ظاهر ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي، هاڻي ان جي ڪمن ڪارن کي ڀلو يا برو چوڻ هن کان سواءِ ٻي ڪا معنيٰ نٿو رکي ته هو پنهنجو پاڻ تائين بند آهي. (۽ سندس ڪمن ڪارن جو اثر جيڪو هن جي پنهنجي ذات تي ٿئي ٿو، ان عتبار سان هن جي ڪمن ۽ ڪارن کي ڀلو يا برو چئبو. پر ان لاءِ ڪي معيار هجڻ ضروري آهن. پر هڪ سماج کان ڪٽيل انسان جي باري ۾ معيارن جو متعين ڪرڻ به ڪا خاص معنيٰ نٿو رکي.)
پر جڏهن ڪو فرد معاشري ۾ رهي ٿو ته هاڻي ان جي ڪمن ڪارن جو جائزو ان جي معاشري جي فرد جي حيثيت سان ورتو ويندو. جيڪڏهن ان جي عملي حرڪتن سان معاشري کي فائدو پهچي ٿو ته چئبو ته ان جا عمل نيڪ آهن ۽ جيڪڏهن معاشري کي نقصان پهچي ٿو ته چئبو ته ان جا ڪم برا آهن. ۽ نيڪي ۽ بدي جو مقدار به سماج ۾ پوندڙ ان عمل جي اثرن سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي عمل جو اثر معاشرو ۾ گهڻو فائديمند يا نقصانڪار هوندو ته چئبو ته ان جو عمل تمام سٺو يا خراب آهي پر جيڪڏهن ان جو فائدو يا نقصان گهٽ پوندو ته چئبو ته ان جو عمل ڪجهه چڱو يا ٿورو خراب آهي. هن ۾ شڪ نه آهي ته فرد بذات خود به هڪ اهميت جو حامل آهي، پر اهو به هن لاءِ ته ان سان معاشري جي تڪميل ٿئي ٿي. (ڇو ته معاشرو انهن افرادن جي ترڪيبي ڪيفيت جو نالو آهي) تنهن ڪري فرد کي معاشري کان الڳ ڪرڻ جو تصورئي غلط آهي.
شاهه صاحب رحه هن ڳالهه کي چٽو ڪندي آسان طريقي سان سمجهائيندي فرمائن ٿا ته ”اجتماع“ هڪ فرد آهي ۽ ان ۾ رهندڙ انسان، ان جو هڪ حصو يا جز آهن.
اهڙي طرح سندن نظريو ”امام نوع انساني“ اهوئي فڪر ظاهر ڪري ٿو. پاڻ اجتماع جي صحت هن ڳالهه کي قرار ڏين ٿا ته اڪثر افراد اعتدال واري زندگي بسر ڪن.
سندن لفظ هي آهن ته:
”وافراد الانسان کالا عضاء للعنایۃ الازلیۃ الرحمانیۃ المنعقدۃ فی صورۃ نوع الانسان فاذا صلحت الاعضاء کلھا بالفرض فھو الصحۃ التامۃ والاعتدال الحقیقی وھو کالممتنع کما ان صحۃ زید مثلا بحیث لایکون فی اخلاطہ وفی اعضائھ افراط وتفریط اصلا کالممتنعۃ۔ وکذالک انحصر الکلام فی الھیئۃ القریبۃ من ھذا الصحۃ وھی انجبار الافراط بالتفریط حتی یعود الکل بالھیئۃ الاجتماعیۃ صالحاً“
يعني، عنايت رحماني انساني نوع جي صورت ۾ ظاهر ٿي، ته سڀ انساني فرد ان لاءِ عضون جي مثل ٿي پيا. هاڻي فرض ڪيو ته جڏهن سڀ عضوا ۽ اجزا صحت مند هوندا ته چئبو ته هي ڪامل ۽ حقيقي صحت ۽ اعتدال آهي، پر حقيقت هي آهي ته اهڙي قسم جو ڪامل ۽ صحت مند معاشرو جيڪو حقيقي اعتدال جي نقطي تي قائم هجي بلڪل ناممڪن آهي. ان جي مثال کي هن طرح سمجهيو ته انسان جي صحت کي جيڪڏهن هن خيال کان ڏٺو وڃي ته ان جي سمورن جوڙن ۽ عضون ۾ ڪابه ڪمي و پيشي نه آهي، سڀ صحيح آهن، انهن ۾ ڪابه خرابي نه آهي، ته اهو بلڪل ناممڪن آهي. تنهن ڪري صحت جي معنيٰ هي چئبي ته عضون ۽ جوڙن جي ملڻ سان ڪامل صحت جي قريب حالت هجي. بس ايئن ئي اجتماع انساني جي صحت کي سمجهڻ گهرجي، يعني ان جي صحت جو مطلب به هي هوندو ته انسانن جي اڪثريت افراط تفريط کان خالي اعتدال واري زندگي گذاري رهي هجي.
امام صاحب رحه وٽ ڄڻ ته اخلاق، اجتماعي زندگي ۾ ظاهر ٿيندا آهن ۽ بهترين اخلاق اهي آهن جيڪي اجتماع انسان جي صحت عامه جي قريب تر هجن.
مطلب ته ڪوبه انسان بحيثيت فرد جي زندگي نٿو گذاري سگهي ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهي ٿو، بلڪ ان کي معاشري جو جز بڻجي ڪري رهڻو پوي ٿو. پوءِ معاشري ۾ ان جون ڪيتريون ئي حيثيتون ٿيو پون. هڪ ڪٽنب جو حصو آهي، هڪ شهر جو رهندڙ آهي، هڪ قوم جو فرد آهي ۽ ائين ئي هو هڪ بين الاقوامي اجتماع جو رڪن به.
اهڙي طرح هو هڪ منجهيل سوسائٽي جو حصو آهي، ايئن ئي فرد انهن سڀني شين تي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو ۽ گڏ انهن جو اثر قبول به ڪري ٿو. اهوئي (يعني اثرانداز ٿيڻ ۽ اثر قبول ڪرڻ) ان جي اجتماعي اخلاق جي نقطي جو آغاز آهي.
[b]اجتماع جو اثر اخلاق تي
[/b] جيڪڏهن ننڍن ۽ وڏن معاشرن ۾ رهندڙ انسانن جي اخلاق تي نظر وڌي وڃي ته انهن ٻنهي ۾ پاڻ ۾ چٽو فرق نظر ايندو. انسان جيئن جيئن وڏن اجتماعن جو حصو بڻبو ويندو ته ان سان گڏ ان جي عادتن ۽ اخلاقن ۾ به عمدگي، شائستگي ۽ صفائي پيدا ٿيندي ويندي.
اسين پهريون ئي هي بيان ڪري آيا آهيون ته شاهه صاحب وٽ انسان ٽن بنيادي ڳالهين ۾ حيوانن کان الڳ ٿي وڃي ٿو:
(1) راءِ ڪلي: يعني اجتماعي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ
(2) ذوقِ جمال: پنهنجي عملن ۽ ڪردارن ۾ حسن ۽ نفاست کي سامهون رکڻ.
(3) پنهنجي علمن ۽ تجربن کي پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ استعمال ڪري اخلاقيات کي سڌارڻ.
ان کان پوءِ شاهه صاحب هي بحث ڪن ٿا ته، انسان جي علم ۽ اخلاق تي راءِ ڪلي (اجتماعيت) جو ڪهڙو اثر پوي ٿو. فرمائن ٿا ته:
جڏهن سڀني علمن ۾ راءِ ڪلي (اجتماعي مفاد) اصل الاصول جي حيثيت اختيار ڪري ٿي وڃي. يعني علمن کي اجتماعي مفاد جي نقطہء نگاهه سان پرکيو وڃي ته اهو علم، حڪمت جو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي. غضب جڏهن راءِ ڪلي جي هيٺان اچي وڃي ته اهو شجاعت بڻجي پوندو آهي. جڏهن وڏي آواز ۾ حسن جي قوت اچي وڃي ته اهو قابل فهم ڪلام ٿي پوي ٿو ۽ جڏهن ان ۾ راءِ ڪلي ۽ ڪامل اخلاق جو دخل ٿئي ٿو ته اهو فصيح ڪلام بڻجي پوي ٿو. ايئن تڪبر برو آهي، پر جيستائين انفرادي نظر سان ڏٺو وڃي ۽ جيئن ئي ان کي اجتماعي نظر سان ڏٺو وڃي ته اهو سماحت جي شڪل ۾ نظر ايندو. ۽ اهڙي طرح جنسي جذبو انفرادي نقطي نگاهه سان برو ٿي سگهي ٿو پر راءِ ڪلي يا اجتماعي اخلاق جي اثر کان متاثر ٿي اهو عفت بڻجي پوي ٿو ۽ هڪ تعريف جي لائق شيءِ معاشري ۾ بڻجي پوي ٿو.
معاشي حالتن جو اثر عوام جي اخلاق تي
شاهه صاحب رحه اخلاقيات جي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ معاشي حالتن کي گهڻي اهميت ڏين ٿا، فرمائن ٿا:
“ان الخواطر التی یجدھا الانسان فی نفسھ وتبعثھ علی العمل بموجبھا لاجرم ان لھا اسباباً کسنۃ اللھ تعالیٰ فی سائر الحوادث- والنظر والتجربۃ یظھران ان منھا: وهوا عظمها، جبلة الانسان… ومنها: مزاجھ الطبیعی المتغیر بسبب التدبیر المحیط بہ من الاکل والشرب ونحوذالک۔“
يعني، ڪنهن ڪم تي اڀارڻ لاءِ انسان جي دل ۾ ننڍا ننڍا خيال پيدا ٿين ٿا، تن کي خواطر چئبو آهي، هي خواطر پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿيندا آهن، بلڪ ڪائنات جي طبعي اصول جي مطابق ته هر شيءِ سبب سان ڳنڍيل آهي، تنهن ڪري هنن جا به ڪيترائي سبب ٿين ٿا. هڪ جبلت آهي، ٻيو انسان جو طبعي مزاج، جو انسان جي معاشي حالتن (مثلاً: کائڻ، پيئڻ، رهڻ ۽ سمهڻ وغيره) جي تبديليءَ سان بدلبو رهي ٿو.
هي طبعي مزاج به خواطر جي پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب آهي. ٻين لفظن ۾ معاشي حالتن کي اخلاقيات ۾ وڏو دخل آهي. هڪ ٻئي هنڌ فرمايو اٿن:
”انما الاخلاق بالاحوال لابالعلوم“
يعني، اخلاق، معلومات سان نه پر حالتن سان جڙندا آهن.
[b]معيشت جو درجو
[/b] امام ولي الله دهلوي رحه عام حڪيمن جي ابتڙ شخصيت جي تعمير (تزڪيہء نفس) جو ڪم اخلاق جي بدران جوارح جي لطيفن سان شروع ڪري ٿو. هن اجمال جو تفصيل هي آهي ته انفراديت پسند حڪيم ۽ صوفي اخلاق کي معاشي ارتفاق تي مقدم رکن ٿا. پوءِ ان جو نتيجو هي ٿو نڪري جو ماحول کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ کان سواءِ اخلاق جي پاڪيزگيءَ جو ڪو خاطرخواهه اثر نٿو ٿئي. پر شاهه صاحب رحه تزڪيہء نفس کان پهرئين هڪ منزل جوارح جي لطيفن جي مقرر ڪئي آهي. ان جو تفصيل سندن جي زبان ۾ هن طرح آهي: يعني، ”شرع جي ظاهر ۾ (جنهن کي اسلام چون ٿا) جوارح جي لطيفن سان بحث ٿئي ٿو.“
ان جي حقيقت هي آهي ته قلب، عقل ۽ نفس (جگر) ٽئي انسان جي جوارح جي قيام جو سبب آهن. انهن جي ذريعي جوارح ڪم ڪن ٿا ۽ هي انهن جوارح ۾ فنا ٿي وڃن ٿا، جي جوارح جا لطيفا چورائن ٿا. هن باريڪ ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ منهنجي سامهون هڪ اٺ ظاهر ڪيو ويو جيڪو مرڻ جي قريب هيو، ان ۾ زندگي ذري برابر وڃي بچي هئي. ان جون ٽئي ظاهري قوتون ڪمزور ٿي چڪيون هيون، ان جي باوجود ان کي اٺن جي قطار ۾ بيهاريو ويو هيو ۽ ان کي هلايو به پئي ويو. اهڙي طرح روح جي نڪرڻ جي گهڙي تائين اهو هلندو رهيو. جيئن ئي موت آيس رڪجي پيو. ان حالت ۾ مون کي ٻڌايو ويو ته هي اٺ جوارح جي لطيفن ۾ ختم ٿي چڪو هو.
۽ ظاهري قوانين جي متعلق جيڪا عبادت (پابندي) ٿيندي آهي اها هنن لطيفن سان تعلق رکي ٿي.“
هن جو مطلب هي آهي ته، قلب، عقل ۽ نفس جا ٻه رخ آهن. هڪ انسان جي ظاهري عضون ۽ جوارح ڏانهن، ان جي تڪميل جو نالو شريعت آهي. ٻيو پنهنجي منبع ڏانهن، ان جي تڪميل جو نالو احسان يا تصوف يا طريقت آهي، ان جو هڪ ٻيو نالو الاهي فلسفو به آهي. يعني انسان جون هي ٽئي قوتون جڏهن ان جي ظاهري عملن جي تهذيب ڏانهن متوجهه هجن ته جن قاعدن جي پابندي ڪنديون ان جو نالو شريعت آهي. اهائي انسان جي ارتفاقي (سماجي) زندگي آهي. ۽ هي ٽئي قوتون جڏهن ٻئي رخ يعني پنهنجي منبع جي لحاظ کان ڏٺيون وڃن ته جن علمي اصولن جي پابندي ڪري ترقي ڪن ٿيون اهي تصوف يا الاهي فلسفو چئبا آهن.
هتي هڪ ٻئي اهم ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي. سمجهه ۽ اخذ (حاصل ڪرڻ) جي لحاظ کان انسانن ۾ تفاوت آهي. سمورن جي صلاحيت هڪجهڙي نه آهي. ڪي ماڻهو ڪي خاص ڳالهيون پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا ۾ ئي سمجهي وٺندا آهن ۽ ڪي انهن کي سمجهي نه سگهندا آهن. اهڙي طرح ڪي خاص ذڪي الفهم بزرگ انسان انهن قوتن جي ٻئي رخ (الله جي ذات سان انهن جي سڌي سنئي تعلق) کي پنهنجي ابتدا عمر ۾ ئي سمجهي وٺندا آهن ۽ ان جي مطابق پنهنجي زندگي بسر ڪندا آهن. پر عام ماڻهو ايئن نه هوندا آهن، اهي وري ان جي ابتڙ انهن قوتن جي پهرئين رخ (جنهن جو تعلق ظاهري اعضاء سان آهي) کي اڳيان رکندا آهن ۽ انهن ظاهري جوارح جي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ رڌل هوندا آهن، پوءِ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي ٻئي رخ ڏانهن متوجهه ٿين. پر شاهه صاحب رحه وٽ افعال ۽ جوارح جي تهذيب به انسانيت جي تڪميل جو اهم جز آهي.
هيءَ اها حقيقت آهي جنهن کي شاهه صاحب ئي پڌرو ڪيو آهي. جيئن ته ان جو تعلق اڪثر طبقي سان آهي، تنهن ڪري ان جي حقيقت ۽ اهميت چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي، پوءِ تڏهن معلوم ٿيندو ته اجتماعي زندگي ۽ معاشي حالتن جي اصلاح جو (جيڪي انسان جي عملن تي تمام گهڻو اثرانداز ٿين ٿيون) انسان جي اندروني قوتن سان ڪيترو قريبي تعلق آهي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ فرمائن ٿا ته، ”عام طرح تصوف، اخلاق سان شروع ڪيو وڃي ٿو. معاشي ضرورتون بحيثيت حيواني مادي جي تسليم ڪيو وڃن ٿيون. پر انهن جو انسانيت سان تعلق ڪهڙو آهي؟ اهو پڌرو نه ڪيو ويندو آهي. نتيجي ۾ اسان جي سياست تماشو بڻجي چڪي آهي ۽ اسان جا عقلمند ۽ بااخلاق ماڻهو سياست کان الڳ رهڻ کي پنهنجو ڪمال سمجهن ٿا.“
پر شاهه صاحب معاشي ضرورتن کي انسانيت جو سڌو سنئون حصو قرار ڏئي ٿو ۽ پاڻ چون ٿا ته انهن ضرورتن کي قابوءَ ۾ رکي معاشري ۾ اهڙو صحيح ۽ سٺو نظام قائم ڪرڻ ضروري آهي. ”جيڪو عوام جي ضرورتن کي آساني سان پورو ڪري ۽ تنهن کان پوءِ انهن وٽ ڪجهه وقت بچي جو عوام پنهنجي لطيفن جي تڪميل، ڪرڻ لاءِ غور ڪري ۽ مشق ڪندو رهي.“ 
[b]اخلاق اربعة
[/b] شاهه صاحب وٽ جوارح جي لطيفن جي تڪميل مان هي مراد آهي ته انسان پاڻ ۾ هي چار خصلتون پيدا ڪرڻ جي مشق ڪري.
(1) طهارت (2) اخبات (3) سماحت (4) عدالت
طهارت: يعني بدن، لباس ۽ خيالن جي پاڪيزگي.
اخبات: يعني صحيح علمن سان اهڙو ڳانڍاپو جو انهن تي عمل ڪرڻ، انسان پاڻ لاءِ ضروري سمجهي. ۽ پوءِ انهن علمن جي سرچشمي، يعني الله جي اطاعت کي پنهنجي لاءِ لازمي ڄاڻي.
سماحت: دنياوي زندگيءَ ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ ٻين ضرورت جي شين کي ضرورت جي آهر استعمال ڪندو رهي، پر انهن جي محبت ۾ نه ڦاسي.
عدالت: يعني ڪنهن ٻئي جو حق نه ماري، پر ان سان گڏ هيءُ به آهي ته انسان پنهنجن سمورن فعلن ۽ عملن ۾ وچٿرائپ اختيار ڪري.
غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته انهن چئن اخلاقن جي تڪميل انساني اجتماع جي اندر رهي ڪري ئي ٿي سگهي ٿي ۽ انهن چئني جي تڪميل لاءِ انساني ماحول کي وڏو عمل دخل آهي.
[b]عدالت جي اهيمت:
[/b]انهن چئني مان آخري خصلت يعني عدالت ته خاص طورتي هڪ اهڙي نظام جي داعي آهي جنهن ۾ نه انسان پاڻ ظلم ڪري ۽ نه ٻئي تي ٿيندڙ ظلم برداشت ڪري. شاهه صاحب وٽ ته سٺي سماجي زندگي جو بقاء عدالت سان ئي جڙيل آهي. ۽ پاڻ لکن ٿا:
”چوٿين خصلت عدالت آهي، بهترين ۽ فلاحي نظام ان سان ئي ڳنڍيل آهي. قومن جا بهترين لاڳاپا ان تي ئي موقوف آهن.“
هڪ هنڌ لکن ٿا ته، ”عدالت ۾ اهو ملڪو يا صلاحيت آهي جنهن سان افراط ۽ تفريط کان خالي معتدل نظام قائم ڪري سگهجي ٿو. جنهن سان شهري، قومي ۽ بين الاقوامي ذميواريون سٺي طرح سرانجام ڏئي سگهجن. هن خُلق جو بنياد، ان انساني جذبي تي آهي، جنهن سان جمهوريت پسند فڪر جنم وٺن ٿا ۽ پوءِ اڳتي هلي اهي پنهنجن حالتن جي مناسب عملي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن، جيڪا قدرت جي حڪمت جي مطابق هوندي آهي.“
اقتصادي خرابيءَ جو اثر اخلاق تي
شاهه صاحب فرمائن ٿا ته: ڪنهن به قوم يا معاشري ۾ خرابن جي جڙ عدالت سان ئي تعلق رکي ٿي يعني عدل نه هجڻ ڪري معاشرو مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. جنهن سان نه رڳو تمدني ۽ مادي ترقي رڪجي وڃي ٿي، پر اهو معاشرو اخلاقي لحاظ کان به براين جو ڳڙهه ٿي پوي ٿو. جيئن پاڻ روم ۽ ايران جي سلطنتن ۾ اقتصادي استحصال ۽ امراء جي ڏاڍ ۽ استبداد جو جيڪو عوام تي اثر پيو ان جو نقشو چٽيندي پاڻ چون ٿا ته:
”فلما کثرت ھذھ الاشغال تشبح فی نفوس الناس ھیآت خسیسھ واعرضوا عن الاخلاق الصالحۃ“
يعني امراء طبقو عياشي ۾ ۽ غريب طبقو چاپلوسيءَ ۾ گهري وڃي ٿو. اهڙن عادتن جي پختگيءَ سان ماڻهن جي نفسن ۾ گنديون شڪليون جمع ٿي وڃن ٿيون ۽ قوم سٺن اخلاقن کان عاري ٿي وڃي ٿي.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه صاحب وٽ اقتصادي خرابي ۽ طبقاتي نظام اجتماعي اخلاق کي خراب ڪري ٿو ۽ سوسائٽي جي ترقيءَ کي روڪي ان کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو.
[b]اقتصادي حالتن کي سڌارڻ جي ضرورت
[/b] اهو ٿي سگهي ٿو ته سوسائٽي ۾ ڪجهه انسان مضبوط دل ۽ دماغ ۽ پختن اخلاقن وارا هجن جو معاشي بدحالي کان سندن مزاج ۽ طبيعت تي ڪوبه اثر نه پوي. اهڙا ماڻهو ڳولهڻ سان ڪجهه ملي سگهن ٿا، پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته معاشي حالتون انسان جي اخلاق تي بهرحال اثرانداز ٿين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب اجتماع جي ڀلائي ۽ افرادن جي تعمير لاءِ معاشي نظام جي اصلاح کي ضروري قرار ڏئي ٿو. ۽ چٽن لفظن ۾ لکي ٿو ته، جڏهن معاشي نظام خراب ٿي وڃي ته قدرت پنهنجي حڪمت سان انقلابي قوتن کي متحرڪ ڪري ٿي.
[b]انبياء ۽ ارتفاق
[/b] يقيناً انبياء ڪرام معاشري جي اصلاح ۽ شخصيتن جي تعمير لاءِ موڪليا ويا آهن. انهن جو اصلي مقصد ته انهن طريقن (ارتفاق الاهي) جي اصلاح هوندو آهي، جنهن سان انسان پنهنجي رب سان ڳنڍجي ٿو ۽ ان جو قرب حاصل ڪري ٿو. پر جيئن مٿي گذري چڪو آهي ته معيشت جو اجتماعي اخلاق تي تمام گهرو اثر پوي ٿو.
معاشي عدم توازن سان سوسائٽي ۾ بيچيني ۽ عوام ۾ بڇڙايون ۽ خراب عادتون جنم وٺن ٿيون. تنهن ڪري انبياء ڪرام کي لازمي طورتي معيشت ۽ اقتصاديات ۾ به سڌارو آڻڻو پوي ٿو ته جيئن معاشري مان غلط خيالن، خراب عادتن ۽ گندن رسمن جي پاڙپٽي ان کي بهترين ڪردارن سان سنوارجي. ان سلسلي ۾ شاهه صاحب رحه فرمائن ٿا ته:
”توڻي جو انبياء جي تعليم جو بنيادي مقصد هي هوندو آهي ته انسانن ۾ عبديت جي جذبي کي بيدار ڪن ته جيئن انسان پنهنجون ڳانڍاپو خدا سان مختلف صورتن ۽ شڪلن ۾ قائم رکي ڪري پنهنجي اخلاق ۾ سڌارو آڻيندو رهي. پر ان سان گڏ اهي معاشري مان خراب رسمن ۽ عادتن کي صاف ڪري ان کي سٺن عادتن ۽ خصلتن سان سنواريندا آهن ۽ اهو به سندن مشن جو حصو هوندو آهي.“ 
هي انبياء ڪرام هن لاءِ نه موڪليا ويندا آهن ته ماڻهن کي هيءَ تعليم ڏين ته اهي انساني سماج کان ڪٽجي وڃي رهبانيت واري زندگي گذارن. جيئن شاهه صاحب رحه لکن ٿا:
”الله کي هيءَ ڳالهه بلڪل پسند نه آهي ته انسان پنهنجي تمدني زندگيءَ جي ٻي درجي (جنهن ۾ پنهنجن ضرورتن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، بهترين طريقي سان گهر هلائڻ، معاملا ڪرڻ ۽ ملي جلي ڪري هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جهڙا ڪم ڪيا ويندا آهن.) کي ڇڏي ڏئي. ۽ اهڙي طرح الله هن ڳالهه کي به ناپسند ٿو ڪري ته انسان پنهنجي تهذيب ۽ تمدن ۾ درجا بدرجا ترقي نه ڪري ۽ نه ئي وري ڪنهن پيغمبر ان جو حڪم ڏنو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته انبياء اهو حڪم ڏئي ئي نٿا سگهن ته ڪو وڃي انسان بدوي، وحشي، جهنگلي ۽ بربريت واري زندگي گذاري، سماج کان ڪٽجي وڃي غارن ۽ جبلن ۾ رهي. ڇو ته ان سان نه ئي انسان جي اخلاقي تعمير ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري سماج ۾ ترقي اچي سگهي ٿي.“
انبياء ڪرام هميشه سماج ۾ رهڻ ۽ ارتفاق ۾ اعتدال جي تلقين ڪندا رهيا آهن. ته جيئن افراط ۽ تفريط کان معاشرو پاڪ رهي. (يعني نه ئي ماڻهو پرتعيش، تعمق في الدنيا جو طريقو اختيار ڪري ۽ نه ئي ماڻهو دنيا جي لذتن جو قيدي بڻجي ۽ نه ئي وري وحشي ۽ بربريت ۽ غيرمهذب زندگي گذاري) ته جيئن بهترين اخلاق سان گڏ انساني سوسائٽي قدم بقدم ترقي ڏانهن وکون کڻندي رهي.
نبي ڪريم ﷺ جن جي بعثت جو غرض ارتفاق ۾ سڌارو آڻڻ آهي.
شاهه صاحب خاتم الانبياء حضرت محمد ﷺ جن جي بعثت جي باري ۾ لکندي فرمائن ٿا:
”لما کان الشر فی زمن ابراھیم علیھ السلام ھو نسیان التوحید نزل الحق بازائھ باشاعۃ التوحید وتولید العبادات من طھارۃ وصلوۃ وزکوۃ و حج و صوم و ذکر۔ ولما کان الشر الساری فی زمن نبینا محمد ؐ اختلال الملل و انقلاب الارتفاقات خاصۃ علی اصحابھا وکان الامر اشد واقسی نزل الحق بازائھ بالجھاد واشاعۃ العبادات وتوقیتھا والقضاء بزوال دولۃ الروم والعجم وانتظام امر النبوۃ کھیئۃ الارتفاق الرابع، ففتح ؐ بابا من الخیر لم یفتح قبلھ وانتظمت بھ امۃ من الناس ھی خیر امۃ اخرجت للناس۔
يعني، جيئن ته حضرت ابراهيم  جي زماني ۾ انسانيت توحيد جي سبق کي وساري چڪي هئي تنهن ڪري دنيا کي ان شر کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ان زماني ۾ حق جي نازل ٿيڻ جي شڪل هيءَ ٿي ته توحيد جي اشاعت ڪئي وڃي ۽ طهارت، نماز، زڪوات، حج، روزي ۽ ٻين ذڪرن فڪرن جي تعليم ڏني وڃي. پر نبي ڪريم ﷺ جن جي دور ۾ معاشرو انتشار ۽ بدنظمي جو شڪار هيو ۽ خاص طورتي انسان جي معاشي ۽ تمدني زندگيءَ ۾ بي انصافي ۽ بدنظمي پکڙجي چڪي هئي. هيءَ سماجي برائي، پهرئين جي ڀيٽ ۾ نتيجي جي لحاظ کان وڌيڪ خراب ۽ خوفناڪ هئي. تنهن ڪري ان دور ۾ عبادتن جي اشاعت ۽ انهن ۾ وقت جي تعين ڪرڻ سان گڏ جهاد جو به حڪم ڏنو ويو ۽ الله جي حڪمت هي فيصلو ڪيو ته رومي ۽ ايراني بادشاهتون (جيڪي ان دور جي تمدن جو علامتون هيون ۽ اهي استحصال ۽ استبداد تي قائم هيون) هن پيغمبر جي ذريعي ٽوڙي ان جي پروگرام کي بين الاقوامي پيماني تي منظم ڪيو وڃي.
چنانچه پاڻ ڪريم ﷺ جي بعثت مبارڪ سان مظلوم انسانن لاءِ ڀلائي ۽ خير جا دروازا کلي ويا جيڪي هيستائين بند هئا. ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن جي تعليم ۽ تربيت سان هڪ بهترين جماعت قائم ٿي، جنهن هن انقلابي پروگرام کي دنيا جي نقشي تي چٽي ڇڏيو، جنهن ۾ پوري انسانيت لاءِ ڀلائي پوشيده آهي.
”مطلب ته عوام جي اخلاقيات سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ اقتصادي حالتن کي درست ڪرڻ پهريون ۽ بنيادي شرط آهي. معاشي حالتن جي درست ٿيڻ سان معاشري جا اخلاق بلند ۽ ڪامل ٿيندا ۽ اهي بلند ۽ ڪامل اخلاق ئي قبر ۽ حشر جي مصيبتن کان نجات ڏياريندا. پوءِ انهن اخلاقن جي تڪميل ٻئي مرحلي ۾ جنت جي نعمتن مان مستفيد ڪندي ۽ ٽئي مرحلي ۾ وڃي ڪري الله جي ديدار جي استعداد پيدا ڪندي.“
[b]الاهي ارتفاق يا فڪري ارتفاق
[/b] انسان جي معاشي يا عملي ارتفاق تي بحث گذري چڪو آهي. انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ انهن کي آسان طريقي سان پورو ڪرڻ جا اصول ۽ انسان جي تمدني ترقي جا قاعدا ولي اللهي حڪمت جي موجب انهن جو ڪافي ذڪر ٿي چڪو آهي.
ان جو نچوڙ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته، معيشت انسان جي زندگيءَ جو لازمي ۽ اهم حصو آهي. انسان جي معاشي ضرورتن کي فراموش ڪندڙ ڪوبه فڪر انسانيت جي ڀلائي لاءِ نٿو ٿي سگهي. پر شاهه صاحب رحه وٽ انسانيت جي تڪميل رڳو معاشي ضرورتن جي پوري ٿيڻ تائين نه آهي. معاشي ضرورتن جي آساني سان فراواني هڪ حدتائين معاشري جي ڀلائي لاءِ ضروري آهي. پر ان سان گڏ هڪ معنوي حاجت آهي، جنهن جي پوري نه ٿيڻ سان پورو نظام اعتدال سان سفر نٿو ڪري سگهي. ان جو تفصيل هي آهي ته انسان جي اندر هڪ نقطو آهي، جنهن کي شاهه صاحب ”حجر بحت“ جي نالي سان فرمايو آهي، اهوئي انسانيت، انانيت ۽ عقليت جو مقام آهي. هن ۾ خدا جي تجلي قبول ڪرڻ جي صلاحيت امانت رکيل آهي. تنهن ڪري خدا جي وجود جو اقرار ۽ ان جي اڳيان جهڪڻ، انسان جي فطرت جو حصو آهي. سماجي زندگيءَ ۾ هن جوهر (حجر بحت) جي ضرورتن کي به پورو ڪرڻ ضروري آهي. جنهن جي صورت هي ٿيندي ته انسان جي معاشي ارتفاق کي عقل جي تابع ڪري هلايو ويندو.
جڏهن هي معاشي ارتفاق عقل جي تابع ٿيندو ته ان ۾ هن جذبي جو احساس بيدار ٿيندو ته زندگي مرڻ سان ختم نه ٿي ٿئي بلڪ درجو مٽائي ٿي. انسان کي پنهنجن عملن ۽ ڪمن جو جواب پنهنجي پالڻهار جي اڳيان ضرور ڏيڻو آهي. ان وقت انسان جي عملن جو نتيجو هن نظر سان ڏٺو ويندو ته ان سان اجتماع کي ڪيترو فائدو پهتو يا ڪيترو نقصان پهتو. هي ڏينهن اٽل آهي، ڪير به سوال ۽ جواب کان بچي نٿو سگهي.
جڏهن انسان ۾ عبديت ۽ آخرت جي جذبي جو احساس بيدار ٿيندو ته اهو حڪومت ڪندو ته پاڻ کي خدا جو نائب سمجهندو، نه ته مطلق العنان ڊڪٽيٽر ٿي ڪري وحشن وانگر ظلم ڪندو. پر جڏهن پاڻ کي خدا جو نائب سمجهي ڪري حڪومت جو نظام هلائيندو ته يقيناً پاڻ سان حڪيمن ۽ عقلمندن جي پارليمنٽ ٺاهي بهترين طريقي سان نظام هلائيندو.
جڏهن ڪو شخص پنهنجن ضرورتن کي ٻئي تي قربان ڪري ٿو، يعني پاڻ کي بک ڏئي پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪري ٿو ته اهو ايثار جي هڪ درجي جي ترقي ڪري ٿو. جيڪڏهن هو پنهنجي پوري خاندان ۾ اهو جذبو پيدا ڪري ته اها ايثار جي تمام وڏي شڪل آهي ۽ عظيم درجو آهي. جڏهن ڪنهن قوم جا افراد ايثار ۽ قرباني جي ان درجي تي پهچي وڃن ته اها قوم جلدئي ترقي ڏانهن وکون کڻندي بلندي تائين وڃي پهچندي. هن ڳالهه کي قرآن پنهنجي جامع اسلوب ۾ مختصر طريقي سان هيئنءَ بيان ڪيو آهي:
وَ یُؤْثِرُوۡنَ عَلٰۤی اَنۡفُسِہِمْ وَلَوْ کَانَ بِہِمْ خَصَاصَۃٌ ؕ۟ ”(الحشر: 9)“
”(سڀ ڪنهن شي ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي ڇو نه هجي.“
ڪنهن به سماج يا قوم ۾ ايثار ۽ قرباني جو اهڙو جذبو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن انهن ۾ زندگي جي بقاء جو تصور پوري طرح رچيل بسيل هجي. مرڻ کان پوءِ ذميداري جو احساس جيترو وڌيڪ هوندو ايترو ئي اهو معاشرو رحمدل، عادل ۽ ايثار ۽ قرباني جي جذبن سان سرشار هوندو ۽ جيترو اهو تصور ڪمزور هوندو ايترو معاشرو ڀٽڪيل ۽ بگڙيل رهندو.
جيڪڏهن معاشي ارتفاق کي عقل ۽ خداپرستيءَ جي هيٺ هلائڻ جي بجاءِ ان کي حيواني دواعي جي هيٺ هلايو ويندو ته يقيني طورتي معاشري ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مطلق العناني حڪومت ۽ استبدادي نظام ضرور پيدا ٿيندو. جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن جو مخصوص ٽولو ڪمزور ۽ غريب ماڻهن کي پنهنجي خودغرضي ۽ ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪري ٿو، انهن کان جانورن وانگي ڪم وٺي انهن جي محنتن جو استحصال ڪري ٿو. جنهن جو نتيجو هي ٿو نڪري ته دولت جو ڦهلاءُ پوري معاشري ۾ ٿيڻ جي بجاءِ مخصوص هٿن ۾ ان جي گردش ٿئي ٿي ۽ ذرائع آمدني ۽ وسائل پيداوار تي هڪ مخصوص طبقي جو قبضو ٿي پوي ٿو ۽ هو پنهنجي اجاره داري قائم ڪري دولت کي پنهنجي عياشين ۽ زنگينين تي لٽائي ٿو.
پر سوسائٽي جو اڪثر محنت ڪش طبقو بنيادي ضرورتن کان به محروم رهي ٿو ۽ سندن زندگي بربريت ۽ بدويانه گذري ٿي. پوءِ اهڙي طرح معاشرو تباهه ۽ برباد ٿي پوي ٿو. ڪڏهن وري ايئن به ٿيندو آهي ته اهي استحصالي ۽ استبدادي قوتون ٻين ڪمزور قومن تي ڏاڍ ڪري انهن تي غلبو حاصل ڪنديون آهن. انهن جي معيشت کي لٽي ان قوم جي افرادن کي پنهنجو غلام بڻائي انهن جي محنتن جو استحصال ڪنديون آهن. ان کي شهنشاهيت يا امپريلزم چوندا آهن. هڪ ننڍي ٽولي جي هٿن ۾ انسان جي وڏي آبادي غلام ٿي ڪري زندگي گذاري ۽ هيءُ وڏو طبقو ان ننڍي طبقي جي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيو هجي، هيءَ استحصال جي بدترين شڪل آهي، جيڪا اڄ تائين ٿيندي آئي آهي. ان جو نتيجو هيءُ نڪرندو آهي ته گهڻيون قومون ڪنهن قوم جي چند افرادن جون غلام بڻجي وينديون آهن ۽ انهن جي عياشي ۽ عيش و عشرت لاءِ وقف ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ ائين ئي انسانيت جو وڏو طبقو (اقتصادي استحصال جي ڪري) انهن بنيادي اخلاقن کان محروم ٿي ويندو آهي جيڪي انسان ۾ پيدا ٿيڻ ضروري هوندا آهن. انهن جو ڪجهه اجمالي تذڪرو اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. (يعني طهارت، اخبات، سماحت ۽ عدالت) انسان جي ”حجربحت“ کي بيدار ڪرڻ ۽ ان کي مرڻ کان پوءِ زندگيءَ جي لاءِ تيار ڪرڻ جو نالو شاهه صاحب وٽ ”اقتراب“ آهي ۽ جن طريقن سان اها ڪيفيت حاصل ٿيندي آهي انهن کي ”الاهي ارتفاق“ چئبو آهي.
شاهه صاحب جي حڪمت جي مطابق جيئن معاشي ارتفاق نوع انسان جي طبعي ضرورت آهي، ايئن ئي الاهي ارتفاق به انسان جي طبعي ضرورت آهي. انسانيت جي تڪميل لاءِ ٻئي ضروري آهن. جيڪي معاشي ارتفاق، الاهي ارتفاق جي اصولن جي ٽڪر ۾ هوندا، اهي انسانيت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا ۽ جيڪي الاهي ارتفاق، معاشي ارتفاق کي فراموش ڪندڙ هوندا، اهي انسان کي جهنگلي ۽ بربري بڻائيندا ۽ اها ڳالهه انساني فطرت جي خلاف آهي. ٻنهي ۾ اعتدال سان هلڻ کپي. جيڪڏهن ڪنهن سوسائٽي ۾ معاشي ارتفاق تي زور ڏنو وڃي ۽ الاهي ارتفاق کان غفلت ڪئي وڃي ته انهن سوسائٽين ۾ استبداد ۽ شهنشاهيت قائم ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سوسائٽي ۾ الاهي ارتفاق تي زور ڏنو وڃي ۽ معاشي ارتفاق کي نظرانداز ڪري ڇڏجي، ته اتي غلامي پيدا ٿيندي ۽ قوم سٺن اخلاقن کان محروم رهندي.
هي الاهي ارتفاق جي باري ۾ مختصر بحث هيو، هي تمام وڏو بحث آهي، هن ڪتاب ۾ گنجائش نه هئڻ ڪري ڊيگهه ۽ طوالت کان پاسو ڪيو ويو آهي. جيڪو وڌيڪ پڙهڻ چاهي ان کي حجة الله البالغه ۽ بدور بازغه ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي.

[b]تمت بالخير
[/b]