اصحابن سڳورن جون ٻڌايل حڪمتون
حضرت عبدالله بن عمر کان پڇيو ويو ته بيت الله جي چئن ڪنڊن منجهان صرف ٻن ڪنڊن کي هٿ لڳايو ويندو آهي، ٻين ٻن ڪنڊن کي ڇڏيو ويندو آهي. ان جي حڪمت ڪهڙي آهي؟ ته پاڻ فرمايائون ته جن ٻن ڪنڊن کي هٿ لڳايو ويندو آهي، اهي حضرت ابراهيم جي بنياد تي قائم آهن ۽ ٻيون ٻه ڪنڊون اصلي بنياد کان هٽي ويون آهن.