ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

فرشتا ۽ انهن جو ڪم

شرعي علمن ۾ هيءَ ڳالهه تمام گهڻي ۽ کليءَ وضاحت سان ٻڌائي وئي آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جو هڪ خاص قسم پيدا ڪيو آهي. اهو خاص قسم آهي، ملائڪ ۽ فرشتا، جيڪي الله تعاليٰ جي حضور ۾ ويجهو رهندا آهن. الله تعاليٰ انهن جي طبيعت اهڙي بنائي آهي، جي جيڪو شخص پنهنجي طبيعت ۾ بهتري پيدا ڪندو، ان کي مهذب ٺاهيندو ۽ سوسائٽيءَ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته اهي فرشتا ان جي لاءِ هميشہ دعا ڪندا آهن، انهن جي دعا، ڪم ڪرڻ وارن تي کوڙسارين برڪتن جي نازل ٿيڻ جو سبب ٿيندي آهي. اهي هر ان ماڻهوءَ تي جيڪو الله جي نافرماني ڪندو ۽ سوسائٽيءَ کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، لعنت ڪندا آهن. انهن جي لعنت سان سڀ کان پهريائين ته ان ماڻهوءَ جي دل ۾ حسرت ۽ ندامت پيدا ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن اهو ماڻهو ٿوري تي ئي پنهنجو پاڻ سنڀالي نه وٺندو ۽ برن ڪمن ۾ لڳل رهندو ته اهي فرشتا ”ملاءِ سافل“ (هيٺئين درجي جي فرشتن) جي دلين ۾ هيءَ ڳالهه وجهي ڇڏيندا آهن ته ان بري ماڻهوءَ سان بغض ۽ دشمني رکو ۽ ان کي تڪليف ڏيندا رهو ۽ جڏهن طبعي موت سان اُن جي بدن جو پردو هلڪو ٿي وڃي، ان وقت جيترو ممڪن ٿي سگهي ان کي تڪليف ڏيندا رهو.
اهي فرشتا، الله ۽ ان جي ٻانهن جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم پڻ ڪندا آهن، يعني الله جا حڪم، سندس ٻانهن وٽ ۽ ٻانهن جي ڪمن جي رپورٽ، الله تعاليٰ تائين پهچائيندا آهن. انسان جي دل ۾، نيڪيءَ جو ڪم ڪرڻ لاءِ ابتدا جي طور، جيڪو هلڪو هلڪو دل ۾ خيال ۽ امنگ پيدا ٿيندي آهي، هيءُ ئي فرشتا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ان جو سبب ٿيندا آهن. (روشني ڏسڻ سان انسان جي دل ۾ جيئن هڪ قسم جو اثر، ڇهاءُ ۽ احساس پيدا ٿيندو آهي. يا جيئن سمنڊ يا ڪو کليو ميدان ڏسڻ سان دل هڪ خاص قسم جو تاثر وٺندي آهي، اهڙيءَ طرح اُهي فرشتا جڏهن انسانن جي طرف توجهه ڪندا آهن ته انسانن جي طبيعتن ۾ هڪ خاص قسم جو تاثر پيدا ٿيندو آهي ۽ سٺن ڪمن ڪرڻ جي امنگ پيدا ٿيندي آهي. انهن فرشتن جي ڪم ۽ اثر جو نمونو ڪنهن وڏي ڪامل انسان جي صحبت ۾ ويهڻ سان نظر ايندو آهي. جڏهن ڪو اهڙو بزرگ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل تي پنهنجو توجهه ڪندو آهي ته ماڻهوءَ جي دل ۾ بلڪل اهوئي خيال پيدا ٿي ويندو آهي جيڪو توجهه ڪرڻ وارو ان ۾ خيال پيدا ڪرڻ گهرندو آهي.)