ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

جسماني عالم

هيءُ جسماني جهان، جيترو به وڏو سمجهجي، پر ان کي هڪ جسم مڃبو آهي. اهو جسم پاڻ هڪ مستقل شيءِ آهي، ۽ پنهنجو پاڻ قائم آهي. ان ۾ هي اسان کي جيڪي مختلف ۽ الڳ الڳ جسم نظر اچن ٿا، انهن جو مثال ايئن آهي جيئن سمنڊ اندر موجون ٿينديون آهن. (جيئن موجون (ڇوليون) ۽ سمنڊ هڪ جسم آهن، تيئن هي الڳ الڳ جسم پوءِ اهي جيترا به هجن، هڪ جسم سڏبا.) ان جسم ۾ هڪ خاص طبعي تقاضا رکندڙ قوت آهي، جيڪا مختلف شين کي پنهنجي مناسب شڪلين ۾ تبديل ڪندي رهندي آهي. جسم جو هڪ حصو توهان ڏسندؤ ته هڪ وقت ۾ عناصر جي شڪل ۾ آهي، ان کان پوءِ اهو نباتات جي شڪل اختيار ڪري ٿو، ان کان پوءِ وري حيواني شڪل ٿو وٺي، ته ان جسم جا مختلف حصا جيڪي مختلف شڪلين ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا، انهن سڀني جي مرڪزي قوت ان وڏي جسم اندر محفوظ آهي. جسم جي ان مرڪزي قوت کي جنهن جي تقاضا سان جسم جا مختلف حصا مختلف شڪليون وٺن ٿا، ”طبيعت الڪل“ (The Universel Temperament) سڏبو آهي ۽ ان وڏي جسم کي ان جي قوتن سان گڏ ”شخص اڪبر“ (Univresum Permagum) سڏبو آهي. جهڙيءَ طرح هر انسان ۾ هڪ روح آهي، جيڪو ان جي علم ۽ ارادي جو مالڪ هوندو آهي، تيئن ان ”شخص اڪبر“ ۾ به هڪ روح مڃيو وڃي ٿو، ان کي ”نفس الڪل“ (Universal Soul) چيو ويندو آهي. دنيا ۾ جيترا به ننڍن ننڍن جسمن جا روح آهن، انهن سڀني روحن جي ان وڏي روح سان اها نسبت آهي، جيڪا انسان جي ڏسڻ، ٻڌڻ، خيال ۽ وهم جي قوت جي انسان جي روح سان نسبت هوندي آهي. هيءُ وڏو روح ننڍن روحن جي مٿان حاڪم آهي. جهڙيءَ طرح هنن ننڍن جسمن جي خيال جي قوت ٿيندي آهي، تيئن شخص اڪبر کي به هڪ وڏي خيال جي قوت آهي. ننڍن جسمن جي خيال جي قوت شخص اڪبر جي خيال جي قوت جو حصو آهي. هيءَ خيال جي قوت، انسانيت کان جن مٿاهن حصن ۾ لڌي وڃي ٿي، (جيئن فرشتا، ستارا وغيره) ان جو نالو ”عالم مثال“ آهي.
شخص اڪبر کي هڪ وڏي ارادي جي قوت پڻ آهي، هن سڄي جسماني عالم ۾ جيترا ارادا ۽ ان باري ۾ جيترا ڪم ڪندڙ عضوا آهن، سي سڀ ان وڏي قوت جو لشڪر آهن. شخص اڪبر جي ان ارادي جي قوت جو جنهن حصي سان سڀ کان وڌيڪ ۽ گهڻو تعلق آهي، ان کي شخص اڪبر جي دل/ ذهن (Mind) چئبو آهي. اها شخص اڪبر جي دل، ”نفس الڪل“ جو تخت آهي ۽ اها ئي ان جو مرڪز پڻ آهي. نفس جي سموري جسم تي جيڪا حڪومت آهي، ان جو مرڪز ۽ تخت پڻ اها دل آهي.
شخص اڪبر جي دل هڪ آئيني جي مثال آهي. شخص اڪبر کي جنهن ذات پيدا ڪيو آهي، سندس دل تي ان ذات جو عڪس ۽ اولڙو پوندو آهي، ان ذريعي شخص اڪبر پنهنجي رب کي سڃاڻندو آهي. ان اولڙي پوڻ کان پوءِ طبعي طور تي ان جي دماغ ۾ سندس رب جي هڪ صورت پيدا ٿي پوندي آهي، ان جو نالو ”تجلي اعظم“ آهي. ان کان پوءِ دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ ”تجلي اعظم“ جو عڪس ان جي دل تي به پوندو آهي، ان جو نالو به “تجلي اعظم“ آهي. جيترن ماڻهن به ان راهه ۾ ترقي ڪئي آهي، اهي نبي هجن يا فلسفي، اهي شخص اڪبر جي دماغ جي تجلي اعظم کان وڌيڪ خدا جو تصور پيدا نه ڪري سگهيا آهن. (يعني انهن جي ذهن ۽ بصارت جي پهچ ان ”تجلي اعظم“ تائين ٿي سگهي آهي، جيڪا شخص اڪبر جي دماغ ۾ آهي.) انسان کي جيترو به مٿاهين کان مٿاهون علم حاصل ٿيو آهي، اهو شخص اڪبر جي دماغ واري تجليءَ جي بنياد تي ٿيو آهي، جنهن جو نالو ”تجلي اعظم“ رکيو ويو آهي. ان کان پوءِ جيترا به ارادا، حرڪتون ۽ الاهي ڪم وغيره آهن، انهن جو مرڪز پڻ اها تجلي اعظم آهي جيڪا شخص اڪبر جي دل تي پوي ٿو. يعني اهي سڀ الاهي ڪم (شرعي حڪم وغيره) ۽ ٻيا ڪم ان تجلي اعظم کان ئي صادر ٿين ٿا. نبي توڙي ٻيا خدا تائين پهچ رکندڙ ماڻهو، الاهي هدايتون ۽ حڪم ان تجلي اعظم کان ئي وٺندا آهن، ان کي به جيڪو ”الله“ جو نالو ڏنو ٿو وڃي، سو به انسان جي ان پهچ مطابق ”تجلي اعظم“ کي ڏنو ٿو وڃي.
پهرين تجلي اعظم جيڪا شخص اڪبر جي دماغ تي پوندي آهي، ان کي ”غيب“ چئبو آهي (ان کي ماڻهو ڏسي نٿو سگهي. ٻيو نمبر تجلي جيڪا شخص اڪبر جي دماغ کان ان جي دل تي پوندي آهي، ان تجليءَ کي انسان قيامت جي ڏينهن پنهنجي رب جي صورت ۾ ڏسندو.
الله جي ذات پنهنجي سمورن ڪمالن سان، شخص اڪبر کان هڪ الڳ ۽ مستقل حقيقت آهي، ان کي هميشه ”غيب الغيب“ يا ”ذات بحت“ چئبو آهي. تجليءَ جو مثال عينڪ جيان آهي، جيڪا ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ جو سبب ۽ واسطو بڻبي آهي.
تجليءَ جو پورو مفهوم سمجهڻ لاءِ هڪ ٻيو مثال به ڏئي سگهجي ٿو. انساني جسم، انساني روح جي هڪ تجلي آهي، جڏهن ماڻهو جسم کي ڏسندو آهي ته چوندو آهي ته مون فلاڻي کي ڏٺو. ان سان ڳالهائيندو آهي ته چوندو ته مان فلاڻي سان ڳالهايو. سمورا ڪم جيڪي انساني روح سان ڪرڻ منظور هئا، سي انساني جسم سان ڪيا ويندا آهن، پر يقين اهو ڪيو ويندو آهي ته اهي ڪم انساني روح سان ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن انساني بدن کي روح الڳ خيال نه ڪيو ويندو، ته ان کي تجلي چئبو ۽ جڏهن ان کي مستقل ۽ الڳ توجهه سان ڏسبو ۽ ان سان جيڪو روح جو تعلق آهي ان کي وساري ڇڏبو ته ان وقت ان کي تجلي نه چئبو.
انسان جي دماغ ۾ هڪ خيال پيدا ٿيندو آهي، جسم ان خيال جو اثر وٺي ڪم پورو ڪندو آهي. ايستائين جو اهو خيال انسان اندر نهايت پختيءَ ۽ مضبوط شڪل ۾ جڳهه وٺندو آهي، ان سان انساني دماغ ٿورو ترقي ڪندو آهي. هاڻي انساني دماغ جي هيءَ ترقي ٻيو قدم کڻڻ جو سبب ٿيندي. ان پختي خيال مان هڪ نئون خيال جنم وٺندو جيڪو پهرئين خيال کان وڌيڪ مضبوط ۽ صحيح هوندو. انساني جسم پهرئين دفعي وانگر ان خيال جو اثر وٺندو، وري ان خيال مان انساني دماغ وري ٻيهر هڪ خاص قسم جو اثر وٺندو، جنهن سان ان جي پختگيءَ ۾ هڪ اضافي نمبر جو واڌارو ٿي ويندو. اهڙي طرح انساني ترقي موت تائين جاري رهندي آهي.
هاڻي توهان انساني دماغ کي انسان جي روح لاءِ هڪ قسم جو تجلي گاهه مڃي وٺو ۽ هيئن چئو ته انسان جي دماغ ۾ جيڪو خيال پيدا ٿئي ٿو، سو انسان جي روح جي هڪ تجلي هوندو آهي. انسان هڪ ٻئي پٺيان انهن روحاني تجلين جي دماغ ۾ اچڻ سان ترقي ڪندو آهي. ان ترقيءَ جو حاصل هڪ (دؤر) چڪر آهي، جنهن مطابق هڪ خيال ٻج جيان انساني دماغ منجهان نڪتو ۽ جسم جي زمين تي وڌيو ويجهيو، وري ان جو حاصل (نتيجو) دماغ وصول ڪيو ۽ روح هڪ نئون قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. (ان طرح اهو سلسلو اڻ کٽ طريقي سان هلندو رهندو.)
شخص اڪبر جي پنهنجي خالق سان پڻ اها ساڳي نسبت آهي. ”تجلي اعظم“ جو رنگ ۽ اثر ”شخص اڪبر“ کي پوريءَ طرح رنڱي ڇڏيندو آهي. ان جو نتيجو ۽ حاصلات تجلي اعظم وٽ وڃي پهچندو آهي ۽ اهو نئين تجلي اعظم جي ظهور جو وڃي سبب ٿيندو آهي. ان طرح وري وري نين تجلين پيدا ٿيڻ سان الله تعاليٰ جي صفتن تي ڪهڙو اثر پوندو آهي، ان بابت الاهي فلسفي ۾ ڪڏهن به بحث نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو انسان اهو سمجهي سگهي ٿو ته انهن تجلين جو سلسلو ڪڏهن شروع ٿيو ۽ ڪٿي ختم ٿيو. تجلي الاهيءَ جو هڪ سلسلو وچ مان شروع ڪري، ان جا سمورا اثر ۽ رنگ سمجهي ان کي آخر تائين پهچائي ڇڏڻ هن فلسفي جي انتهائي ترقي آهي.
”شخص اڪبر“ ڪيئن ظاهر ٿيو؟ ان بابت تفصيلي ڄاڻ انساني وس کان ٻاهر آهي، نه ئي ڪا اهڙي انساني زبان آهي جيڪا انهن حقيقتن کي پنهنجي اصلي شڪل ۾ ٻڌائي سگهي. هن زمين تي انساني ترقيءَ کان پوءِ جيتريون زبانون پيدا ٿيون آهن، انهن ۾ هن نموني جي ڪنهن ترقيءَ جو جيڪڏهن مثال ملي سگهي ٿو ته شخص اڪبر جي پيدائش جو هڪ ڌنڌلو ۽ اڻچٽو تصور هنن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. هڪ خيالي ميدان آهي، جنهن ۾ ساوڪ جو نالو نشان به ڪونهي، ان ميدان تي بارش پوي ٿي، جنهن کان پوءِ ان ۾ مختلف وڻڪار ٿئي ٿي، انهيءَ سموري ترقيءَ جو بنياد پاڻي آهي. ان طرح شخص اڪبر جي باري ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته پهريائين پاڻي هو، جنهن کان پوءِ ان ۾ الاهي تجلين مختلف اثر پيدا ڪري مختلف جسم مرتب ڪري ڇڏيا. زمين، ستارا، هوا وغيره سڀ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي ڪم ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويا. مثال جي طور تي ان جو هيءُ تصور ٿي سگهي ٿو ته مينهن وسڻ سان جهڙيءَ ريت مختلف گل ٽڙي پوندا آهن، بلڪل انهيءَ طرح الاهي رحمت جي تجلين جو اثر هو جنهن سان شخص اڪبر جون مختلف قوتون پيدا ٿي پيون. پوءِ جيئن مختلف قسمن ۽ رنگن جا گل پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هڪ ٻئي سان ملي جڙي هڪ تناسب ۽ خوبصورتي پيدا ڪندا آهن اهڙيءَ طرح شخص اڪبر جون مختلف قوتون پاڻ ۾ ملي ڪري هڪ تناسب ۽خوبصورتي سان ڪم ڪري رهيو آهن.
شخص اڪبر جي پيدا ٿيڻ بابت اسين اهو چونداسين ته ان لاءِ پهريائين ڪنهن مادي کي تجويز ڪرڻ ممڪن ڪونهي، بلڪ حڪم سان هڪ شيءِ پيدا ڪئي وئي، جنهن کي ترقي ڏئي ”شخص اڪبر“ کي مڪمل ڪيو ويو. ان طرح ضرورت جي وقت ”حڪم سان پيدا ڪرڻ“ جو اصطلاح اسان پوءِ به استعمال ڪندا رهنداسين. جيتوڻيڪ اسان شخص اڪبر جي پيدا ٿيڻ بابت مادي جو تعين نه ٿا ڪري سگهون، البته ان کان سواءِ جيڪي شيون آهن، اهي مادي مان ٺهيون آهن، جيڪو شخص اڪبر جي اندر موجود آهي. انهن ٻين شين ۾ شخص اڪبر جيان اهو نه چئبو ته انهن شين ۾ به مادو ناهي. جڏهن ته اسان شخص اڪبر ۾ مادي جو تعين ڪري نه ٿا ٻڌائي سگهون، ان ڪري اسان ڪجهه شين بابت اهو ٿا چؤن ته اهي ”حڪم“ سان پيدا ڪيون ويون آهن. ڪنهن شيءِ جي ”حڪم“ سان پيدا ٿيڻ جو نالو آهي ”ابداع“ ۽ جيڪا شيءِ هڪ مادي مان پيدا ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو مادو پهريائين کان موجود آهي، ان کي ”خلق“ چئبو آهي. ۽ کوڙساريون مخلوقات جڏهن گڏ رهنديون هجن، انهن سمورين مخلوقاتن جي مجموعي نظام ۾ صحيح درجو قائم رکڻ لاءِ جيڪو تصرف ۽ عمل ڪبو آهي، ان جو نالو آهي ”تدبير“.
”تدبير“، جڏهن مڪمل شڪل ۾ مرتب ٿي ويندي آهي، يعني شخص اڪبر جو هڪ ننڍڙو نمونو ٿي پوندي آهي، تڏهن ان جي دل تي به تجلي اعظم جو هڪڙو عڪس اچي پوندو آهي، ان کي ”تدلي“ چئبو آهي. الاهي ڪمالات کي هنن چئن حصن: ابداع، خلق، تدبير ۽ تدليءَ ۾ ورهائڻ ۽ ان کي پوري تفصيل ۽ تشريح سان بيان ڪرڻ شاهه ولي الله جي فلسفي جو هڪ خاص حصو آهي. هن کان اڳ ڪنهن فلاسفر ان کي اهڙيءَ طرح تفصيل سان بيان ناهي ڪيو. جيڪڏهن انهيءَ ترتيب سان مخلوقات جي فلسفي تي نظر ڊوڙائي ويندي، ته ان سان هڪ اهڙو فڪر پيدا ٿي پوندو، جيڪو نبين جي سمجهاڻين سان سڀ کان وڌيڪ ٺهڪندڙ ۽ مناسبت رکندڙ ثابت ٿيندو. توريت جون سمجهاڻيون هجن يا قرآن جون، يا هندستان ۽ ايران جون سمجهاڻيون هجن، شاهه صاحب جو فلسفو انهن سڀني جي خيالن سان ٺهڪندڙ نظر ايندو.
================================================================================
 شين کي وجود ۾ آڻڻ جا ٻه طريقا ٿين ٿا. هڪ ڪنهن شيءِ کي عدم جي پردي مان ڪڍي وجود جو لباس پارائڻ، ان کي ”امر“ چئبو آهي. جنهن کي شاهه صاحب ”حڪم“ سان تعبير ڪيو آهي. جيئن قرآن ۾ آهي: (کن فيکون) ڪنهن شيءِ لاءِ خدا تعاليٰ چوندو ”ٿي“ ته اها ”ٿي پوندي.“ ٻيو طريقو آهي هڪ مادي کي مختلف صورتن ۾ تبديل ڪرڻ. يعني مادو ۽ اصل ته موجود هوندو آهي پوءِ ان مادي کي وري نئي صورت ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. ان کي ”خلق“ چئبو آهي. جيئن مثال طور پاڻي آهي. ان کي باهه ٿي رکو ته ٻاڦ ٿي هوا ٿي ويندو. ڪاٺيون هنيون باهه ڏئي ساڻڻ سان خاڪ ٿي وينديون، هوا ۽ خاڪ جيڪي وجود ۾ آيون آهن، اهي عدم کان نه بلڪ هڪ اصل مان جوڙيون آهن ۽ اهو اصل موجود آهي جنهن هڪ صورت مان تبديل ٿي (يعني پاڻي، ڪاٺ) ٻئي صورت هوا ۽ خاڪ اختيار ڪئي آهي. ان جي طرف اشارو آهي قرآن پاڪ ۾ (الا لہ الخلق والامر)