تمهيد
1- انساني خصلتن جو هڪ حصو اهڙو آهي جنهن مطابق ماڻهو عام معاشري کان ڳالهيون اخذ ڪري ان مطابق پنهنجا خيال جوڙيندو آهي. سندس انهن خيالن مطابق منجهس عادتون ۽ اخلاق پيدا ٿيندا آهن ۽ اهي ئي اخلاق کيس ڪنهن وڏي ڪمال جي درجي تي پهچائڻ جو سبب ٿيندا آهن.
2- انساني خصلتن ۽ انهن مطابق انساني ڪمن جو ٻيو حصو اهڙو آهي جنهن مطابق انسان کي ڪنهن به قسم جي تعليم نه ڏني وڃي ۽ هو عام انساني سوسائٽيءَ ۾ رهندو هجي ۽ ان کي خاص طور تي ڪو مقصد سامهون رکي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو هجي. اهڙي صورت ۾ اهو انسان پنهنجي طبيعت ۾ جيڪي جذبا، امنگون ۽ فطري سوچون ڏسندو انهن مطابق پنهنجي زندگيءَ جو هڪو پروگرام جوڙيندو، هيءُ حصو گهڻو ڪري تبديليءَ لائق نه ٿيندو آهي. هڪ حد تائين ان تي به تعليمي رنگ اثر ڪندو آهي ۽ ائين معلوم ٿيندو آهي ته اهو انسان پنهنجي طبيعت بدلائي چڪو آهي پر جتي به ان تعليم جو اثر ختم ڪندڙ ڪا قوت سامهون ايندي آهي ته اهو انسان جلد پنهنجي اصل طبيعت تي اچي ويندو آهي.
جيتوڻيڪ چيو اهو ويندو آهي ته انسان جي اها فطرت ناقابل تبديل آهي. پر ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته انسان جيڪڏهن عام حالتن ۾ رهندو ته ان ۾ تبديلي پيدا نه ٿيندي. پر جيڪڏهن ڪي خاص واقعا اهڙا پيدا ٿي پون جن سان ان طبيعت جا اندروني مرڪز ۽ حصا تبديل ٿي پون ته اهڙي صورت ۾ اها طبيعت به تبديل ٿي سگهندي آهي. پر ان لاءِ تمام وڏي محنت گهربل هوندي آهي، جيڪا عام حالتن ۾ ممڪن نه ٿي سگهندي آهي. ان ڪري هر انسان جي ذهنيت متعين ڪرڻ لاءِ خصلتن جي ان حصي کي وڌيڪ لحاظ ۾ رکڻ گهرجي. ڪنهن جماعت م عارضي طور تي رهي جيڪڏهن انسان ڪو خاص رنگ اختيار ڪري ٿو وٺي يا ڪنهن علمي جماعت سان رهي ماڻهو ڪي خاص نظريا پيدا ڪري ٿو وٺي، ته صرف انهن مخصوص حالتن تحت پيدا ٿيل رنگ ۽ نظرين کي لحاظ ۾ رکي ماڻهو انساني ذهنيت جو ماهر نه ٿو ٿي سگهي. انتظامي آفيسر جو اهو ڪمال آهي ته اهو پنهنجي ماتحت ڪم ڪندڙن جي ان غيرمتبدل فطرت کان، جيترو ممڪن ٿي سگهي وڌيڪ واقفيت حاصل ڪري. ان صورت ۾ ان جو انتظام نهايت مڪمل ٿيندو ۽ اهو آفيسر ڪنهن انسان کان اهڙي اميد ڪڏهن به نه رکندو جيڪا ان کان ممڪن نه هوندي. اهي ڳالهيون سمجهڻ کان پوءِ نوي فيصد تجويزون ڪامياب ٿيڻ يقيني ٿي پونديون آهن.
جيڪي ماڻهو ان فطرت کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن ۽ انسان جي عارضي طور جڙيل فطرت جي ڄاڻ کي ئي ڪافي ٿا سمجهن، اهي ماڻهو پنهنجو انتظام گهڻي دير جاري نه رکي سگهندا آهن. اجتماعي نظام ۾ هڪ ٻئي پٺيان جيڪڏهن سمجهدار آفيسر پيدا ٿيندا رهندا آهن ته سلطنت صحيح طريقي سان ترقي ڪندي رهندي آهي ان سلسلي ۾ جيڪڏهن هڪ به بي سمجهه ماڻهو اعليٰ انتظام جو مالڪ ٿي پيو ته ٺهيل ٺڪيل سلطنت تباهه ٿي ويندي آهي. ان ڪري انسان جي فطرت جو مطالعو ۽ ان جي خصلتن جي تبديل ٿيندڙ ۽ نه تبديل ٿيندڙ ٻنهي حصن جي الڳ الڳ ڄاڻ حاصل ڪرڻ، ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ سوسائٽيءَ ۾ اعليٰ درجي جو انتظام پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي، ته جيئن جيڪو ماڻهو جنهن ڪم جي لائق آهي ان کي ان سان لڳايو وڃي.