ڇا علم اسرارالدين ۾ ڪتاب لکڻ جو ڪوبه فائدو ناهي؟
[b]پهريون فائدو
[/b] پهريون فائدو اهو آهي ته هن سان حضور ﷺ جن جي هڪ وڏي معجزي جي تشريح ٿيندي. پاڻ سڳورن ﷺ جن جڏهن قرآن شريف آندو ۽ ان ذريعي پاڻ سڳورن پنهنجي دور جي وڏن بلاغت ۽ فصاحت وارن اديبن کي عاجز ڪري ڇڏيو، جو انهن مان ڪوبه شخص قرآن جهڙو هڪ مثال به پيش نه ڪري سگهيو. ان کان پوءِ جڏهن پهريون زمانو گذريو ۽ ماڻهن کي قرآن جي بلاغت ۽ ان جي اعجاز کي سمجهڻ ڏکيو ٿيو ته امت جي عالمن منجهان هڪ جماعت اٿي، جنهن عربي زبان جي متعلق اهڙا فن تدوين ڪيا جو انهن جي پڙهڻ سان ماڻهو، قرآن جي بلاغت جي انتها تائين پهچڻ جي سمجهه پيدا ڪري سگهي ٿو. انهن عالمن جي انهيءَ خدمت سان قرآن جي بلاغت ۽ اعجاز جي وضاحت ٿي وئي.
اهڙي طرح پاڻ سڳورا الله تعاليٰ جي طرفان هڪ اهڙو قانون کڻي آيا آهن جيڪو سمورين شريعتن ۾ سڀ کان وڌيڪ مڪمل آهي. ان ۾ ايتريقدر مصلحتن جي رعايت رکي وئي آهي جو سمورا انسان گڏ ٿي، جيڪڏهن اهڙو قانون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن ته ان کان لاچار ۽ معذور ٿي پوندا. هيءُ هڪ قسم جو معجزو هو، پاڻ سڳورن جي زماني جا ماڻهو ان معجزي کي سمجهي ويا هئا. انهن ماڻهن کي جيڪي به ذريعا ان زماني ۾ حاصل ٿي سگهيا ٿي، انهن کان انهن مدد ورتي ۽ اهي ان قانون جي سڀ کان بهتر هئڻ جا قائل ٿي ويا ۽ انهن پنهنجي دور جي علمي حالتن مطابق ان کي برتر ڪري ڏيکاريو. اها ڳالهه ان زماني جي تقريرن، ڳالهين ۽ پاڻ ۾ انهن جي محاورن منجهه تمام چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي. هاڻي ان کان پوءِ جڏهن انهن جو زمانو گذري ويو، ته ضروري آهي ته امت اندر اهڙا عالم هجن جيڪي ان قسم جي معجزن کي ظاهر ڪري ڏيکارين ته پاڻ سڳورن جي شريعت سمورين شريعتن کان وڌيڪ مڪمل آهي ۽ رسول ڪريم جن جهڙي ”اُمّي“ ماڻهوءَ جي ذريعي اهڙي شريعت جو اچڻ هڪ وڏو معجزو آهي.
[b]ٻيو فائدو
[/b] هن علم سان شريعت مٿان وڌيڪ اطمينان حاصل ٿيندو. هڪ مسلمان کي ايمان آڻڻ سان جيترو اطمينان حاصل ٿيندو آهي، هن علم پڙهڻ سان ان کان به وڌيڪ اطمينان حاصل ٿيندو. جيئن سيدنا ابراهيم عليه السلام جو مشهور جملو قرآن ۾ نقل ڪيو ويو آهي:
”البقره 260“
(يعني ايمان ته آهي پر دل جي اطمينان لاءِ اهو ڏسڻ گهران ٿو.)
مطلب ڳالهه جو اهو ته ايمان کان پوءِ اطمينان جي ضرورت باقي رهندي آهي ۽ اهو ان ڪري آهي ته جڏهن هڪ ڳالهه لاءِ کوڙسارا دليل هڪ ٻئي جي مدد ڪندڙ هجن ۽ اهي مختلف طريقن سان هڪ عالم کي حاصل ٿين ته ان سان شڪ شبها زائل ٿي ويندا آهن ۽ اطمينان نصيب ٿيندو آهي.
[b]ٽيون فائدو
[/b] ”احسان“ جي رتبي جو طالب، خالص خدا جي عبادت ۾ جڏهن محنت ڪندو آهي تڏهن اهو ماڻهو جيڪڏهن قانون جي ٺهڻ جي حڪمت به ڄاڻي وٺندو ۽ پنهنجو پاڻ کي عبادت جو روح محفوظ ڪرڻ جو پابند بڻائيندو ته ان کي ٿوري عبادت به تمام گهڻو نفعو ڏيندي، اهو ماڻهو تصوف جا درجا پڻ جلد طئي ڪري وٺندو. ان ئي سبب ڪري امام غزاليءَ سلوڪ جي ڪتابن ۾ عبادتن جون حڪمتون بيان ڪيون آهن.
[b]چوٿون فائدو
[/b] کوڙسارن فقهي مسئلن ۾ فقيهن جو ان ڪري اختلاف پيدا ٿيو جو اهي انهن مسئلن جي علتن سمجهڻ ۾ الڳ الڳ راءِ رکندا هئا. اهڙي صورت ۾ جيستائين ماڻهو مصلحتن بابت مستقل بحث نه ڪندو تيستائين علتن جي پوري ڄاڻ حاصل ڪري نه سگهندو، ۽ پڻ فقهي اختلافن ۾ حق کي به متعين نه ڪري سگهندو. (ڇو ته علت جو صحيح ۽ واقعي جي مطابق هجڻ هن ڳالهه تي موقوف آهي ته اها علت حڪم جي مصلحت ۽ حڪمت سان موافقت رکي ٿي يا نه.)
[b]پنجون فائدو
[/b] نوان نوان شڪ پيدا ڪندڙ ماڻهن، کوڙسارن اسلامي مسئلن متعلق اهي ڳالهيون پئي مشهور ڪيون آهن ته اهي عقل جي خلاف آهن ۽ جيڪا شيءِ عقل جي خلاف هوندي آهي، ان کي يا رد ڪبو آهي يا ان جي تاويل ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. جيئن قبر جي عذاب بابت چوندا آهن ته محسوسات ۽ عقل ان کي رد ڪري ٿو. ان طرح قيامت جي ڏينهن جي حساب، پل صراط ۽ ميزان جي متعلق پڻ اعتراض ڪيا ويندا آهن ۽ ان کان پوءِ انهن سڀني ڳالهين جون اهڙيون سمجهه کان چڙهيل تاويلون پيا ڪندا آهن، جو مسلمانن جي ابتدائي تاريخ جو ڄاڻو ماڻهو انهن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهي. انهن (اسماعيلي فرقي وارن) اهڙي قسم جا به شڪ وڌا ته رمضان جو آخري روزو ته فرض، وري ان سان گڏ شوال جو پهريون ڏينهن روزو رکڻ حرام، هڪ ئي قسم جي وقتن ۾ متضاد حڪم، (هڪ جڳهه تي فرض، ٻي جڳهه تي حرام) ايئن ڇو آهي؟ ان جهڙا ٻيا به کوڙسارا شڪ پيدا ڪيا ويا. ۽ انهن ماڻهن ٻين به کوڙ اهڙن مسئلن بابت ٺٺوليون ڪيون جن بابت شريعت ۾ رغبت ۽ شوق ڏياريل آهي يا جن کان شريعت، بچڻ ۽ پاسو ڪرڻ جو چيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته اها صرف مذهبي ماڻهن جي پروپئگنڊا آهي، ان پٺيان ڪو قانون ڪونهي، ڪا به حقيقت ڪانهي. جن شين کي ڪرڻ جو چيو ويو آهي ۽ جن کان بچڻ جو حڪم آهي، انهن تي ثواب ۽ عذاب جو ڪوبه دارومدار ناهي، صرف شوق ڏيارڻ يا ڪن ڳالهين کان ڊيڄارڻ لاءِ اهي ڳالهيون گهڙيون ويون آهن. ايتري تائين جو هڪ نڀاڳي (ملحد) هڪ حديث ٺاهي ورتي ته واڱڻ کائڻ سان، ان جي کائڻ مهل جنهن جو فائدي ۽ نفعي جو ارادو ڪبو اهو حاصل ٿيندو. ان نڀاڳي ان ۾ هن حديث جي پيروي ڪئي آهي ته، ”زم زم پيئڻ سان هر اهو فائدو حاصل ٿيندو جنهن لاءِ ان کي پيئبو آهي.“ ان ماڻهوءَ مٿين حديث ٺاهي هن حديث تي هڪ مذاق ۽ ٺٺول ڪئي آهي ته مسلمانن وٽ بينگن جهڙي نقصان واري شيءِ به فائدي وارين شين ۾ ڳڻي ٿي وڃي. ته اهڙي قسم جي فساد کي ايستائين ماڻهو منهن نه ٿو ڏئي سگهي جيستائين هر هڪ حڪم جي علتن ۽ مصلحتن بابت هر سطح تي کليءَ طرح بحث نه ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ بنيادي قاعدا نه جوڙيا ويندا. مطلب ته انهن سڀني اعتراضن ۽ فسادن جي دفاع جي صرف اها هڪ صورت آهي ته ”علم اسرارالدين“ مدون ڪيو (سهيڙيو) وڃي، شرعي مسئلن جا سبب ۽ انهن جون مصلحتون بيان ڪيون وڃن ۽ انهن مصلحتن ۽ حڪمتن جي اتنسباط ۽ استخراج جي لاءِ قانون ۽ قاعدا ٺاهيا وڃن. اڄ جي دور ۾ هي بلڪل ايئن ضروري آهي جيئن پهرئين يهودين، نصارن ۽ دهرين سان مناظرن ڪرڻ مهل انهن جي مسلمات ۽ مقدمات کي سمجهڻ ضروري هيو ۽ انهن جي اصولن ۽ فروعن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري هئي. (يهودين ۽ نصارن سان مناظري ڪرڻ کان پهريائين، مسلمانن کي بائيبل ۽ ان جي شرحن تي پورو عبور حاصل ڪرڻو پيو ۽ دهرين سان مناظري ڪرڻ مهل انهن جي پاڻ ۾ اختلاف تي پوري نظر رکڻي پئي. هي شيون شروعاتي زماني ۾ مسلمان اهل علم ضروري نه سمجهندا هئا، پر ضرورت مطابق اهي سڀ ڪم ڪرڻا پيا. بلڪل اهڙيءَ طرح مصلحتن ۽ علتن جي موضوع تي بحث ڪرڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.)
[b]ڇهون فائدو
[/b] فقيهن جي هڪ جماعت جي هيءَ سوچ آهي ته جنهن حديث جي تائيد عام عقل، سمجهه ۽ شعور سان نه ٿئي ان کي رد ڪرڻ گهرجي. ان سوچ سان کوڙساريون حديثون رد ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن ٿيون. جيئن ”مصرات“ جي ۽ ”قلتين“ جي حديث آهي. انهن حديثن کي صحيح مڃيندڙ لاءِ ضروري آهي ته پاڻ ثابت ڪري ڏيکاري ته اهي حديثون شرعي مصلحتن سان موافقت رکن ٿيون يعني عقل ۽ سوچ جي خلاف ناهن. ان کان سواءِ به هن فن ۾ کوڙسارا فائدا ۽ مصلحتون آهن، سڀني کي اسان هتي پورو ڪرڻ نٿا گهرون.
====================================================================
قرآن شريف عربي علم ۽ ادب جو هڪ بيمثال ڪتاب آهي، هن جون ادبي لطافتون ۽ باريڪيون خود هڪ معجزو آهن. پر اها ڳالهه صرف عربي ذوق سان واسطو ٿي رکي، ان دعويٰ سان صرف عربن کي ئي متاثر ڪري سگهجي ٿو. غير عرب ماڻهن کي اها ڳالهه متاثر نه ٿي ڪري سگهي. غير عربن کي جيڪڏهن ڪا ڳالهه متاثر ڪري سگهي ٿي، ته اها صرف هيءَ ته حضور ﷺ جن جيڪو بين الاقوامي قانون پيش ڪيو آهي، اهو بين الاقوامي نظامن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، دنيا ۾ ان جهڙو ٻيو مثال پيش نه ٿو ڪري سگهجي. هن جي خوبي آهي ته مسلمانن جون اندروني بي اعتداليون ۽ خرابيون به هن قانون کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. مسلمانن جون تاريخي غلطيون به هن قانون کي متاثر نه ٿيون ڪري سگهن. اها ڳالهه دنيا جي ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ قرآن جي معنيٰ سمجهائڻي پوندي. پوري قوت خرچ ڪري ديني حڪمتن ۽ مصلحتن جي علم کي ترتيب ڏيڻو ۽ ٺاهڻو پوندو، تڏهن وڃي ماڻهن کي قرآن سمجهائي سگهجي ٿو. شاهه ولي الله صاحب کان پهريائين ڪنهن به بزرگ ان فن جو ڪو ڪتاب لکڻ جي طرف توجهه نه ڪيو. اڄڪلهه مختلف فرقن هئڻ جي ڪري مسلمانن ۾ تمام وڏا جڳهڙا ٿي رهيا آهن، ان صورت ۾ گهربو ته اهو هو ته ماڻهو جهڳڙن جو غور سان مطالعو ڪن ها ۽ پوءِ عقلمنديءَ وارو رستو اختيار ڪن ٿا. پر حالت هيءَ آهي ته مسلمان جهيڙي جو نالو ٻڌي ڪوهن تائين ڀڄيو ٿا وڃن. مزي جي ڳالهه ته اها آهي ته اُهي اهو به گهرن ٿا ته جهڳڙا ختم ٿي وڃن. (سنڌي)