شر ۽ برائيءَ کي دور ڪرڻ جو طريقو
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن عارضي طور مخلوقات ۾ ڪڏهن اهڙي برائي پيدا ٿي پوي يعني جيڪا شيءِ مصلحت مطابق پيدا ٿيڻ گهربي هئي، ڪجهه اهڙين قوتن جي گڏجڻ سببان اها پيدا نه ٿي سگهي، ان جي جڳهه تي ٻي شيءِ جيڪا مصلحت جي خلاف آهي سا پيدا ٿي پوي ته الله تعاليٰ جي جيڪا مخلوق تي مهرباني هوندي آهي، اها تقاضا ڪندي آهي ته ان عارضي برائيءَ ۽ خرابيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ مصلحت عامه مطابق حالتون پيدا ڪيون وڃن. ۽ اها ڳالهه ان لاءِ مشڪل ڪونهي. ڇاڪاڻ ته هو هر شيءِ تي سڌو سنئون قدرت رکندڙ آهي ۽ سڌيءَ ريت هر شيءِ جو ظاهر توڙي باطن ڄاڻي ٿو. عام مصلحت مطابق حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جيڪو تصرف ۽ عمل ڪندو آهي، ان جا چار قسم آهن.
[b]1-قبض: اسبابن ۾ رکيل طبعي اثرن کي يا شين جي صلاحيتن کي بند ڪري ڇڏڻ
[/b] ان مان مراد هيءَ آهي ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو عمل عام انساني مفاد ۽ مصلحت جي خلاف ٿي رهيو آهي، ته ان کي روڪي ڇڏي. ان جو مثال هيءُ آهي، حديث شريف ۾ آيو آهي ته دجال ايمان واري ماڻهوءَ کي هڪ دفعو قتل ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر قتل نه ڪري سگهندو، جڏهن ته وٽس قتل جا اسباب جهڙا اڳ هئا اهڙا پوءِ به موجود هوندا. پر الله تعاليٰ ان کي ٻيهر قتل ڪرڻ جي طاقت نه ڏيندو. (مؤمن جڏهن دجال جو انڪار ڪندو ته دجال ماڻهن جي سامهون پنهنجي خدائي ثابت ڪرڻ لاءِ چوندو ته ڏسو مان هن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ زندهه ڪيان ٿو ۽ ائين ڪري به ڏيکاريندو، ان کان پوءِ ٻيهر ان کي قتل ڪرڻ گهرندو ته قتل ڪري نه سگهندو. دجال بابت اڪثر روايتون اسرائيلي آهن پر جمهور اهل علم انهن کي پوءِ به مڃين ٿا، ته اهي حضور صه جن جون ٻڌايل ڳالهيون آهن.) ان مفروضي تي هن مثال کي سمجهڻ گهرجي. ان جا ٻيا به کوڙ مثال ڏئي سگهجن ٿا.
[b]2-بسط: شين جي طبعي صلاحيتن ۽ قوتن ۾ اضافو ڪرڻ
[/b] ان مان مراد هيءَ آهي ته عام انساني مفاد يا الاهي حڪمت هڪ خاص عمل ۽ نتيجي جي گهرجائو آهي، پر گهربل نتيجو پيدا ڪرڻ واري قوت ڪمزور آهي، اهڙي صورت ۾ الله تعاليٰ ٻين قوتن کي ان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيا رڪندو آهي. ان جو مثال، جيئن حضرت ايوب جي صرف پير جي کُڙهي لڳائڻ سان هڪ چشمو پيدا ٿي پيو. طبعي طور اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي ته هڪ انسان جي کُڙهي لڳائڻ سان چشمو ڦٽي نڪري. ان جو ٻيو مثال آهي ته الله تعاليٰ جهاد ۾ پنهنجي خاص ٻانهن کي اهڙي قوت عطا ڪري جيڪا هڪ عام بدن ته ڇا پر ان کان ٻيڻي ۽ ٽيڻي بدن کان به ممڪن نه هجي.
[b]3-احاله: شين جي طبعي اثرن کي تبديل ڪرڻ
[/b] ان مان مراد آهي، عمومي مفاد جي حصول لاءِ هڪ عنصر کي ٻئي عنصر ۽ شڪل ۾ بدلائي ڇڏجي. ان جو مثال هيءُ آهي ته حضرت ابراهيم عه جي لاءِ الله تعاليٰ باهه کي وڻندڙ هوا ۾ بدلائي ڇڏيو.
[b]4- الهام: دل ۾ سٺي ڳالهه داخل ڪرڻ
[/b] ان جو مطلب آهي ته عمومي انساني مفاد جي حصول لاءِ الله تعاليٰ قوم جي ڪنهن خاص فرد کي پنهنجي طرفان هدايت جي تعليم الهام ڪري. ان جو مثال حضرت خضر جو واقعو آهي. جنهن کي قرآن تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جيئن ٻيڙيءَ کي ٽورڻ، هڪ ڀت جي مرمت ڪرڻ ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪرڻ وغيره. نبين سڳورن کي جيڪي قانون الهام ڪيا ٿا وڃن، سي به ان تدبير جي سلسلي جو حصو آهن. الهام ڪڏهن ان شخص کي ٿيندو آهي جيڪو مصيبت ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته ڪڏهن ان جي ڪري ڪنهن ٻئي کي ٿيندو آهي. قرآن شريف تدبير جا کوڙسارا مثال بيان ڪيا آهن، انهن کان مٿي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ئي ڪانهي.
===================================================================================
سڀ کان پهرئين شر ۽ خير جي اصطلاحي معنيٰ سمجهڻ گهرجي. شاهه صاحبؓ شر جون ٻه تعريفون ڪيون آهن.
1- عدم صدور ما يقتضيہ سببہ
2- صدور ضد ما يقتضيہ سببہ
يعني سبب جي تقاضا جي مطابق شيءِ جو وجود ۾ نه اچڻ ”شر“ آهي يا اهڙي شيءِ وجود ۾ اچي جيڪا سبب جي تقاضا جي خلاف هجي.
مثال طور: باهه جو ڪم آهي ساڙڻ ۽ چاقوءَ جو ڪم آهي ڪٽڻ. هاڻي جيڪڏهن باهه ساڙي نه ٿي ته اهو شر آهي. يا وري ساڙڻ جي جاءِ تي ٿڌي هوا ڏئي ته اهو به شر آهي. اهڙي طرح چاقوءَ جو ڪم آهي ڪٽڻ. جيڪڏهن چاقو ڪٽي نٿو ته اهو شر آهي. يا وري ڪٽڻ جي جاءِ تي جوڙي ته اهو به شر آهي. ان معنيٰ مان ”خير“ جي تعريف به خودبخود نڪري پوي ٿي. يعني
1- صدور ما يتقتضيہ سببہ
2- عدم صدور ضد ما يقتضيہ سببہ
يعني شيءِ جو پنهنجي سبب جي تقاضا مطابق وجود ۾ اچڻ خير آهي ۽ اهڙي طرح سبب جي تقاضا جي خلاف شيءِ جو وجود ۾ نه اچڻ، ان جو نالو به خير آهي. جيئن باهه جو ساڙڻ، چاقوءَ جو ڪٽڻ اهو خير آهي. ڇو ته اهو سبب جي تقاضا جي مطابق آهي. (هن کي علت ۽ معلول جو قانوني سلسلو (Law of Causes effect) چيو ويندو آهي.) البت شر هن معنيٰ ۾ ٿيندو ته اهڙي شيءِ پيدا ٿي جنهن جو پيدا نه ٿيڻ ڀلو هيو يا اهڙي شيءِ جي مخالف شيءِ پيدا ٿئي، جنهن جو پيدا ٿيڻ ضروري هيو. ان معنيٰ مان خير جي تعريف به خودبخود نڪري ٿي، ته ڀلي شيءِ جو ٿيڻ يا ضروري شيءِ جو وجود ۾ اچڻ.
مثال طور: تلوار جو ڪم ڪٽڻ آهي. هاڻي تلوار ڪنهن انسان جو هٿ ڪٽيو. هاڻي ان عمل کي هن اعتبار سان ڏسجي ته ”لوهه جو خاصو ڪٽڻ آهي“ ته اهو عمل خير آهي (ڇو ته اها شيءِ پنهنجي سبب جي تقاضا جي مطابق آهي.) پر ان سان هڪ انسان جو عضوو وڍجي پيو. ان اعتبار سان اهو عمل شر آهي (ڇو ته انسان جي عضووي جو وڍجڻ خراب آهي، ان جو نه وڍجڻ ڀلو آهي.) تنهن ڪري ان عمل سان اهڙي شيءِ پيدا ٿي جنهن جو ”نه ٿيڻ“ ڀلو هيو. اهڙي طرح حضرت ابراهيم عه جي باهه واري واقعي تي نظر وجهو. باهه حضرت ابراهيم کي ساڙيو نه، بلڪ ان لاءِ ٿڌي هوا بڻجي وئي. ان اعتبار سان اهو شر آهي. (ڇو ته سبب جي تقاضا پوري نه ٿي ۽ اهڙي شي صادر ٿي جيڪا سبب جي تقاضا جي خلاف آهي ڇوته باهه جو ”طبعي خاصو“ ساڙڻ آهي ۽ باهه ساڙيو نه.) پر اهو هن اعتبار سان خير آهي ته حضرت ابراهيم عه جيڪو خدا تعاليٰ جو پيغمبر هيو ان جو بچڻ ضروري هيو، ان جو سڙڻ خراب هيو. تنهن ڪري ”ڀلي شيءِ جو ٿيڻ“ يا ”اهڙي شيءِ جو ٿيڻ جيڪا ضروري هئي،“ خير آهي.
خلاصو: اسان جي هن پوري بحث جو خلاصو هيءُ آهي ته خير ۽ شر اضافي صفتون آهن. يعني هڪ شيءِ هڪ اعتبار کان خير هوندي ته ٻئي اعتبار کان شر هوندي. اها ڳالهه مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي مثالن مان چڱي طرح سمجهي سگهججي ٿي. اسان جي ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي ڪري توهان هيءَ ڳالهه سمجهي سگهو ٿا ته جڏهن ڪنهن شيءِ جو عام علت ۽ معلول جي قاعدي مطابق وجود ۾ اچڻ ضروري هوندو آهي پر ان شيءِ جو وجود ۾ اچڻ مصلحت عامہ يا مفاد عامہ جي خلاف هوندو آهي ته پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان ان علت ۽ معلول جي قاعدي جي لزوم کي چئن طريقن سان تصرف ڪري ختم ڪندو آهي. قبض، بسط، احاله، الهام- جن جو تفصيل خود ڪتاب جي اندر موجود آهي.
هاڻي توهان کي انهن مسئلن ۾ بظاهر شر نظر ايندو. هن معنيٰ ۾ ته شيءِ پنهنجي سبب جي تقاضا جي مطابق نه پيدا ٿي آهي يا ان جو ضد پيدا ٿيو آهي. پر انهن مسئلن ۾ هن اعتبار سان خير آهي ته جيڪا شيءِ ڀلي هئي، جنهن جو ٿيڻ ضروري هيو اها ٿي آهي. (حضرت ابراهيم جي باهه واري واقعي کي غور سان سمجهو.) پر ڪٿي عام قانون، علت ۽ معلول جي رعايت رکي وڃي ۽ ڪٿي وري انهن جي تقاضائن جي خلاف عمل ڪيو وڃي اهو الله جو راز ۽ ان جي حڪمت سان جڙيل آهي. جنهن لاءِ ڪوبه بني بشر حتمي قاعدو نٿو ٻڌائي سگهي.
اسان جيڪو مٿي چيو ته شر ۽ خير اضافي صفتون آهن. ان ڳالهه کي چڱي طرح سمجهو. ان کان پوءِ هيءَ ڳالهه به سمجهي ڇڏيو ته شين ۾ تخليقي مقصد جي لحاظ کان ڪابه برائي ناهي. جيڪا به شي، عمل، حادثو، واقعو مطلب ته هر شيءِ جيڪا وجود ۾ اچي ٿي اها تڏهن ئي وجود ۾ اچي ٿي جڏهن ان جو وجود ۾ اچڻ ضروري آهي. جڏهن اها مصلحت عامہ جي تقاضا جي موافق آهي. جڏهن اها ڪائنات جي طبعي تقاضا آهي. ان اعتبار سان هر شيءِ ڀلي آهي ڪابه خراب ناهي. پوءِ ڀلي اها علت ۽ معلول جي عام قاعدي جي مطابق هجي يا ان جي مخالف. گويا مصلحت عامہ جي موافق هجڻ يا ڪائنات جي طبعي تقاضا هجڻ، خود وڏي ۾ وڏي علت ۽ سبب آهي جيڪو ٻين سمورن علتن ۽ سبن جي مٿان حاوي آهي.