ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

ننڊ واري جماعت

ٻيو قسم ان جماعت جو آهي جيڪا ان پهرين جماعت سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن کي اسان ”طبعي طور ننڊ پيل جماعت“ سڏيندا آهيون. (انهن ماڻهن ۾ سجاڳي بلڪل نه هوندي آهي. اهي پنهنجي انهن ملڪي ڪمالن کي سڌيءَ طرح محسوس نه ڪري سگهندا آهن. انهن تي هڪ اهڙي حالت طاري هوندي آهي جنهن کي ننڊ سان تعبير ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي. هڪ ماڻهوءَ کي جاڳ ۾ بک لڳي ٿي ۽ اهو ماڻهو بک ۾ ئي ننڊ سمهي ٿو پوي، ننڊ ۾ ڏسي ٿو ته ڪو ماڻهو کيس ماني ٿو پيو کارائي ۽ پاڻ کائي رهيو آهي، يا مانيءَ جي ڳولا ۾ وتي ٿو ڌڪا کائيندو. هيءُ اصل ۾ بک جو اهو احساس هيو جيڪو کيس جاڳ ۾ ستائي رهيو هو ۽ ساڳيو احساس کيس ننڊ ۾ به ستائي رهيو آهي. اهو ڪا نئين شيءِ ناهي. اهو ماڻهو اصل ۾ اهڙي ذهني سطح جا آهن جو جاڳ ۾ بک کي محسوس نه ٿا ڪن، ان ڪري جو انهن جو توجهه ڪنهن ٻئي طرف هيو. پر جڏهن سمهي پيا ته کين ننڊ ۾ خواب جي شڪل ۾ بک محسوس ٿيڻ لڳي، انهن ماڻهن کي طبعي طور ننڊ وارا ماڻهو چيو ويندو آهي.) هي ماڻهو آهن جن کي خواب ايندا آهن .خواب جي تحقيق هيءَ آهي ته اسان جي دماغ ۾ خزاني جي طور جيڪي علم محفوظ هوندا آهن ۽ جاڳ جي هوشياري اسان کي انهن ڏانهن توجهه ڪرڻ کان روڪيندي آهي، جنهن ڪري اسان اهو وساري ويهندا آهيون ته ڪو اسان جي دل ۾ اهڙي قسم جا خيال محفوظ هئا. پوءِ جڏهن اسان سمهي پوندا آهيون تڏهن انهن جون صورتون اسان کي نظر اچڻ لڳنديون آهن ۽ جڏهن انسان انهن تي غور ڪندو آهي تڏهن ان کي اهو يقين ٿيندو آهي ته برابر هي بلڪل انهن ئي ساڳين اسان جي خيالن جون تصويرون آهن، ڪا نئين شيءِ ڪانهي. طبيب لکن ٿا ته جڏهن ماڻهوءَ تي صفراوي خلط جو غلبو ٿيندو آهي ته ماڻهو خواب ۾ ڏسندو آهي ته ڄڻ ڪنهن سڪل جهنگ ۾ پنڌ ڪري رهيو آهي، کيس هر طرف کان گرم لُک لڳندي محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين ڏسندي ڏسندي کيس اوچتو محسوس ٿيندو آهي ته هر طرف کان باهه اچي کيس وڪوڙيو آهي. نيٺ وٺي ڀڄندو آهي، پر کيس ڪٿي لڪڻ جي جڳهه به نه ملندي آهي ۽ پاڻ کي باهه ۾ وڪوڙيل محسوس ڪندو آهي ۽ پوءِ جيستائين وڃي ننڊ مان جاڳي، تيستائين پاڻ کي نهايت ڏکيائيءَ ۽ تڪليف ۾ محسوس ڪندو آهي. (اهڙي خواب جو تعبير صرف اهو هوندو آهي ته صفراوي طبيعت منجهس زور وٺي وئي آهي.)
اهڙيءَ طرح بلغمي مزاج رکندڙ ماڻهو جڏهن خواب ڏسندو ته محسوس ڪندو آهي ته رات جو وقت آهي، سخت سيءُ پئجي رهيو آهي، ٿڌو پاڻي پيو ٿو وهي، ٿڌي هوا جا لڱن کي پارو بنائيندڙ جهوٽا لڳي رهيا آهن ۽ پاڻ اهڙي سرد رات ۾ ٿڌي پاڻيءَ مٿان ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪري رهيو آهي. اوچتو پاڻيءَ ۾ تيز قسم جي طوفاني لهرن سندس ٻيڙيءَ کي اچي کنيو آهي، ڏاڍي ڪوشش ٿو ڪري پر بچاءَ جو ڪو رستو ئي کيس ڪونه ٿو ملي. نيٺ ڏسي ٿو ته پاڻ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو آهي، غوطا پيو ٿو کائي. اهڙي قسم جي خواب کان، اهو ماڻهو جيستائين ننڊ ۾ آهي پيو تڪليف محسوس ڪندو. (اک کلڻ کان پوءِ ان جو تعبير اهوئي ٿيندو ته مٿس بلغمي طبيعت جو غلبو هيو جنهن ڪري کيس اهو خواب ڏسڻ ۾ آيو.)
جيڪڏهن خوابن جي حوالي سان ماڻهن ۾ پوريءَ طرح تحقيق ڪبي ته هر هڪ ماڻهو جو تجربو اهو ٻڌائيندو ته جيڪي خيالات ماڻهوءَ جي دل ۾ پچايل هوندا آهن، اهي ئي خواب ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اهي ڪڏهن خوشيءَ جا هوندا آهن ته ڪڏهن وري ڏک جا هوندا آهن. انهن خوابن جي خاصيت اها هوندي آهي ته جيڪي شڪليون ۽ تصويرون ماڻهوءَ کي خواب ۾ نظر اينديون آهن، سي ماڻهوءَ جي دل ۾ پچايل ۽ ان جي طبيعت جي پڻ مناسب هونديون آهن.
سو عالم برزخ ۾ به ماڻهوءَ جي حالت ائين هوندي آهي جيئن ماڻهو خواب ۾ هجي، پر هيءُ خواب اهڙو هوندو آهي جنهن مان قيامت کان پهريائين جاڳ نه ٿيندي آهي. ۽ خواب ڏسندڙ ماڻهو اهو نه ڄاڻندو آهي ته جيڪي واقعا ساڻس ٿي رهيا آهن، سي ڪو حقيقي ڪونه آهن، اهي صرف خيال آهن ۽ ان ۾ ڏسجندڙ تڪليف يا نعمت جو کانئس ٻاهر ڪو وجود ئي ناهي. ۽ ڇاڪاڻ ته ماڻهو اهو نه ٿو ڄاڻي ان ڪري ان عالم کي هڪ مستقل خارجي دنيا مڃڻ يا چوڻ وڌيڪ صحيح آهي، بنسبت ان جي ته ان کي خواب جي دنيا چيو وڃي. (يعني عالم برزخ کي ”عالم رؤيا“ چوڻ کان وڌيڪ ”حقيقي عالم“ چوڻ بهتر آهي.)
جنهن ماڻهوءَ ۾ چيريندڙ ڦاڙيندڙ درندن واريون صفتون پختيون هونديون (يعني سندس عادتن تي درندگيءَ جو غلبو هوندو) اهو عالم برزخ ۾ ڏسندو ته مٿس هڪ درندو جانور مسلط آهي جيڪو کيس پٽي، چڪي، ڦاڙي کائي رهيو آهي ۽ جنهن ماڻهوءَ ۾ بخل ۽ ڪنجوسيءَ جو عنصر وڌيڪ هوندو، اهو ڏسندو ته کيس نانگ ۽ وڇون ڏنگي رهيا آهن. ۽ عالم برزخ مان جيڪو علم مٿن نازل ٿيندو اهو کين ائين نظر ايندو ڄڻ ٻه فرشتا آهن جيڪي کانئن پڇي رهيا آهن. ”من ربک، من دينک، وما قولک في النبي ﷺ“ (تنهنجو رب ڪير آهي؟ تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ نبيءَ بابت تنهنجو ڇا رايو آهي؟) ان جي دل ۾ مٿئين عالم جي علمن جي پالوٽ ٿيل هئي. پنهنجي رب تي يقين رکندو هو، پنهنجي دين کي صحيح مڃيندو هو ۽ رسول ڪريم ﷺ جن کي سچو نبي سمجهندو هو. جنهن ڪري مٿئين عالم جي نور سان منور ٿي هيءُ عقيدا کيس منڪر نڪير جي شڪل ۾ نظر ايندا، جيڪي کانئس سوال ڪري رهيا هوندا. هيءُ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندس دل ۾ هيءُ علم تمام گهڻو مضبوط ٿيل آهي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالهه ناهي. جيئن صفراوي طبيعت جي ماڻهوءَ جو خواب ڏسڻ، ان ڳالهه جو ثبوت هيو ته سندس بدن ۾ صفراء غالب ٿي چڪو آهي، تئين ئي هڪ مؤمن جو انهن فرشتن کي ڏسڻ، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي عقيدا سندس دل ۾ تمام گهڻو مضبوط آهن.