امام غزاليءَ جي وضاحت
(1) سڀ کان وڌيڪ صحيح، چٽو ۽ جهڳڙن کان خالي هيءُ درجو آهي ته اهو مڃي وٺجي ته واقعي نانگَ موجود آهن، جيڪي مردي کي ڏنگي رهيا آهن، پر اسين انهن کي ڏسي ڪونه ٿا سگهون. ڇاڪاڻ ته اسان جون اکيون غيرمادي دنيا (عالمِ ملڪوت) جي شين کي ڏسي ڪونه ٿيون سگهن. جڏهن ته آخرت جو جيڪو به ذڪر آهي، ان جو تعلق غيرمادي دنيا (عالم ملڪوت) سان آهي. ڇا توهان اهو نه ٿا ڏسو ته اصحابي، جبرائيل جي اچڻ تي ايمان رکندا هئا، جڏهن ته ان کي ڏسندا به ڪونه هئا ۽ اهو مڃيندا هئا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کي ڏسي رهيا آهن. جيڪو شخص جبرائيل جي اچڻ جو يقين نه ٿو رکي، اهو قبر جي مسئلي کان اڳ وحي ۽ فرشتن جي باري ۾ پنهنجو ايمان درست ڪري. جيڪڏهن توهان اهو ممڪن مڃو ٿا ته رسول الله ﷺ هڪ اهڙي شيءِ ڏسي رهيا آهن جنهن کي ٻيا ماڻهو ڪونه ٿا ڏسي سگهن ته پوءِ مردي بابت اهو ممڪن ڇو نه ٿا مڃو ته نانگ ۽ وڇون ڏنگي رهيا آهن، پر اسان کي نظر نٿا اچن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻي دنيا جون شيون آهن. جيئن فرشتا هن دنيا جي انسانن ۽ حيوانن وانگر ناهن، ان ڪري نظر نه ٿا اچن. اهڙيءَ طرح جيڪي نانگ ۽ وڇون قبر ۾ ڏنگيندا آهن، اهي اسان جي هن دنيا سان تعلق نه ٿا رکن، بلڪ اهي هڪ نئين جنس جا آهن. اها جنس ڪنهن اهڙي نئين حس سان ڏسي سگهجي ٿي، جيڪو حس عام طور اسان ۾ نه هوندو آهي.
(2) توهان ننڊ پيل ماڻهوءَ جو تصور ڪيو. ڪڏهن خواب ۾ ننڊ پيل ماڻهو ڏسندو آهي ته کيس نانگ ڏنگي رهيو آهي. ان سان کيس اهڙي تڪليف ٿيندي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن رڙيون ڪري اهو ماڻهو اٿي پوندو آهي، سندس پيشانيءَ تي پگهر اچي ويندو آهي، سمهڻ واريءَ جڳهه تي اُڇلون پيو هڻندو آهي. اهو سڀ ڪجهه هو پنهنجي اندر ۾ پيو ڏسندو آهي. پر ان سان تڪليف ايتري ئي محسوس ڪندو آهي، جيتري جاڳڻ مهل تڪليف محسوس ٿيندي آهي. جڏهن ته ننڊ پيل ماڻهوءَ جي چوگرد اسان کي ڪوبه نانگ نظر ڪونه ايندو آهي جڏهن ته ننڊ وارو ماڻهو سمجهي ٿو ته هيءُ سچ پچ جو نانگ آهي. عذاب حقيقت ۾، ان تڪليف جو نالو آهي جيڪا نانگ جي ڏنگ هڻڻ سا ن پيدا ٿيندي آهي. اها تڪليف جڏهن محسوس ٿي رهي آهي ته پوءِ نانگ واقعي هجي يا ماڻهوءَ جو تخيل هجي، ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي.
(3) سور، تڪليف ۽ درد، نانگ جي ذات مان پيدا نه ٿيندو آهي. پر نانگ ۾ جيڪو زهر هوندو آهي، سور ۽ تڪليف اصل ۾ ان مان ٿيندا آهن. وري جيڪڏهن ڏسبو ته زهر به پنهنجو پاڻ سور ۽ تڪليف جو نالو ناهي، بلڪ سور ۽ تڪليف مان اصل ۾ اهو احساس مراد آهي جيڪو زهر سا ن پيدا ٿيندو آهي. هاڻي توهان فرض ڪيو، جيڪڏهن تڪليف جو اهو ساڳيو احساس بنا زهر جي پيدا ٿي پوي، ته پنهنجي پوريءَ معنيٰ ۾ ساڳي اها تڪليف ضرور محسوس ٿيندي. اهڙي قسم جي تڪليف کي نانگ جي ڏنگڻ سان ان ڪري منسوب ڪيو وڃي ٿو ته، ڇاڪاڻ ته جنهن تڪليف جو احساس ڏيارڻ مقصد آهي، اها ايستائين ٻڌندڙ کي صحيح طرح سمجهه ۾ نه ايندي جيستائين ان تڪليف کي ان جي اهڙي سبب جي طرف منسوب نه ڪيو ويندو، جيڪو عام طور انهيءَ تڪليف کي پيدا ڪندو آهي.
(مثال طور توهان کي ڪنهن مٺاڻ جو ذائقو سمجهائڻو آهي ته توهان اهو ايستائين سمجهائي نه ٿا سگهو جيستائين توهان ان کي ڪنهن اهڙي مٺي شيءِ سان منسوب نه ٿا ڪيو، جيڪا عام طور ان قسم جو مٺاڻ پيدا ڪندي آهي. اهڙي طرح هيءَ ڳالهه طبعي آهي ته گلاب جهڙيءَ خوشبوءَ جو واس سنگهڻ سان ئي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ گلاب جو تصور اُڀري ايندو آهي.) اهڙيءَ طرح ئي قبر جي عذاب جو مثال آهي. انسان جي اندر جيڪي تباهه ڪندڙ وصفون ۽ عادتون پيدا ٿي وينديون آهن، موت کان پوءِ عذاب ۽ تڪليف اصل ۾ انهن منجهان ئي انسان کي ملندي. انهن تباهه ڪندڙ وصفن ۽ عملن جو موت کان پوءِ وارو درد اهڙوئي تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي جهڙو درد نانگ جي ڏنگڻ سان انسان کي ٿيندو آهي. نانگ اتي برابر موجود نه هوندو آهي، البته اها تڪليف ۽ درد اتي ضرور موجود هوندو آهي، جيڪو نانگ کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندو آهي.