ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

ملاءِ الاعليٰ جا ٽي قسم آهن:

[b]نوراني فرشتا
[/b] پهريون قسم انهن فرشتن جو آهي، جن بابت الله جي علم ۾ هيءُ طئي ٿيل آهي ته جن اصولن تي هيءَ سڄي ڪائنات پيدا ڪئي ويئي آهي، ان جي مجموعي تقاضا مطابق بهترين نظام انهن فرشتن کان بغير هلي ئي نٿو سگهي. يعني ان نظام هلائڻ لاءِ انهن فرشتن جو وجود ضروري آهي، اهي نور مان پيدا ڪيل آهن. هيءُ نور بلڪل اهڙوئي آهي جهڙو حضرت موسيٰ باهه جي صورت ۾ ڏٺو هو، جنهن ۾ ان الله تعاليٰ جو آواز ٻڌو هو. انهن نوراني جسمن ۾ الله تعاليٰ کوڙسارن وڏن وڏن بزرگن جا روح داخل ڪري ڇڏيا آهن.
[b]مثالي فرشتا
[/b] عالمِ مثال ۾ عنصرن جي لطيف بخارن جي گڏ ٿيڻ ۽ انهن جي پاڻ ۾ جڙي پوڻ سان اهڙو جسم ٺهي پوندو آهي، جنهن جسم کان اعليٰ روحَ ڪم وٺي سگهندا آهن. اهو روح حيواني خصلتن کي پاڻ کان پري رکندو آهي. (هيءُ فرشتا پهرئين قسم جي فرشتن جي گهڻو ويجهو هوندا آهن ۽ انهن سان تعلق رکندا آهن.) پر جيئن ته اُهي عناصرن جي بخارن منجهان پيدا ٿيا آهن، ان ڪري اهي انسانن سان به هڪ قسم جو لاڳاپو ۽ ويجهڙائي رکندا آهن. (انهن جا روح فرشتن جيان آهن پر عناصرن منجهان ٺهڻ جي ڪري انسان کين جلدي سمجهي سگهي ٿو. جڏهن ته پهرئين قسم جا فرشتا، ڇاڪاڻ ته نور مان ٺهيل آهن، ان ڪري انسان انهن کي جلد نٿو سمجهي سگهي. تنهن ڪري هي عناصرن وارا فرشتا، انسانن ۽ نوراني فرشتن جي وچ م هڪ قسم جو رابطو ۽ تعلق پيدا ڪندا آهن. جنهن ڪري انسان پنهنجي ترقيءَ جون ڳالهيون نوراني فرشتن کان حاصل ڪري سگهندو آهي.)
[b]انساني روح
[/b] ٽئين قسم ۾ اُهي انساني روح شامل آهن جن جي علمن حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ملاءِ اعليٰ جي ويجهو هئي. (اهي سڌو ملاءِ اعليٰ کان علم حاصل ڪري ٿي سگهيا) ۽ انهن هميشہ اهڙا ڪم ڪيا جن سان هو ملاءِ اعليٰ تائين پهچي ويا. جڏهن موت اچڻ تي جسم جو پردو انهن انساني روحن تان هٽيو ته اهي ملاءِ اعليٰ جي جماعت ۾ وڃي شامل ٿيا ۽ ان لڙهيءَ ۾ پوئجي ويا.
ملاءِ اعليٰ جا ڪم
ملاءِ اعليٰ جو پهريون ڪم هيءُ آهي ته اهي پنهنجي پيدا ڪرڻ واري ڏانهن اهڙو گهرو توجهه ۽ خيال رکن جو ڪنهن ٻي شيءِ ڏانهن نظر وڃڻ سان پڻ انهن جي انهيءَ خيال ۽ توجهه ۾ ذري جيتري به کوٽ نه اچي. هن آيت: ”یُسَبِّحُوۡنَ بِحَمْدِ رَبِّہِمْ وَ یُؤْمِنُوۡنَ بِہٖ “ (المومن:7) (اهي پنهنجي پروردگار جي پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ هر دم ان جي ئي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ لڳا رهن ٿا.) جو اهوئي مطلب آهي.
ٻيو انهن جو اهو ڪم آهي ته ڪائنات يا انسانيت ۾ جيڪو بهترين نظام پيدا ٿي سگهي ٿو، ان جي سٺائي ۽ ان جي فائدي کي اهي محسوس ڪري وڃن (ٻڌائڻ کان پهريائين سمجهي وڃن) ۽ هڪ درست نظام جي، جيڪا شيءِ خلاف آهي، ان جي خرابيءَ کي دل سان سمجهي وٺن. (يعني انهن کي صالح نظام جي پسنديدگيءَ خراب نظام جي ناپسنديدگيءَ جو علم الله جي طرفان عطا ڪيو ويندو آهي پوءِ اهي فرشتا صالح نظام لاءِ دعا ڪندا آهن ۽ خراب نظام لاءِ بددعا ڪندا آهن.) انهن جي اها اهڙيءَ طرح جي سمجهڻ جي صلاحيت الله تعاليٰ جي رحمت جي کلي پوڻ برابر آهي. قرآن جي هن آيت جو اهوئي مطلب آهي ته: ”وَ یَسْتَغْفِرُوۡنَ لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ۚ“ (المومن:7) (جيڪي ماڻهو الله جا حڪم مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، هيءُ فرشتا انهن جي غلطين جي بخشش لاءِ خدا کان دعا گهرندا آهن.)
[b]حظيرة القدس
[/b] انهن منجهان جيڪي وڏا وڏا فرشتا ۽ وڏن انسانن جا روح آهن سي جڏهن گڏ ٿيندا آهن، تڏهن انهن جو نور پاڻ ۾ ملي هڪ شيءِ ٿي پوندو آهي ۽ اها شيءِ ان روح جي ڀرسان هوندي آهي، جنهن روح جي تعريف ۾ پاڻ سڳورن جو فرمان آهي ته: ”کثرت الوجوه والالسنة“ (ته ان جا گهڻا منهن ۽ کوڙساريون زبانون هونديون.) هيءُ اهائي شيءِ آهي جنهن کي ”انسان اڪبر“ يا ”امام نوع انسان“ چوندا آهن، ان طرح اهي سڀ گڏجي جيڪا هڪ شيءِ ٿي پوندا آهن، تنهن کي حظيرة القدس چيو ويندو آهي.
[b]نبوت جو اصول
[/b] انساني دنيا تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڪا مصيبت جيڪڏهن اچڻي هوندي آهي، ته حظيرةالقدس ۾ ان مصيبت کان ڇوٽڪاري بابت سوچيو ويندو آهي. جنهن کان پوءِ حظيرةالقدس ۾ گڏ ٿيل سڀ روح سوچي هڪ ڳالهه ۽ ڪنهن اهڙي بهتر رستي تي اتفاق ڪندا آهن جيڪو انساني دنيا تي پوندڙ ان مصيبت کي هٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. ”اهڙي پاڪ روح“ کي چونڊڻ لاءِ سوچيو ۽ اتفاق ڪيو ويندو آهي، جيڪو دنيا ۾، ان بهتر طريقي تي عمل ڪري مصيبت کي ٽاري سگهي. جنهن کانپوءِ حظيرةالقدس طرفان، اهڙي پاڪ روح رکندڙ ماڻهوءَ جي ڳالهه کي ماڻهن ۾ مڃتا ڏيڻ لاءِ هر قسم جي مدد ڪئي ويندي آهي. حظيرةالقدس جي طرفان اهڙي مدد جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو دنيا ۾ جيڪي ماڻهو روشن ۽ کليل دل رکندا آهن، انهن جي دلين تي الهام ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ته اهي سڀ جو سڀ ان ماڻهوءَ جي پيروي ڪن. اهڙي طرح اهڙن ماڻهن جي هڪ جماعت جڙي پوندي آهي، جيڪا انسانيت جي لاءِ هڪ بهتر نمونو ۽ مثال بڻجي ظاهر ٿيندي آهي. ملاء اعليٰ جي فرشتن جي ان اتفاق جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو، جن علمن ۽ عملن ۾ قوم جي ڀلائي ۽ هدايت رکيل هوندي آهي، اهي علم ۽ عمل انهيءَ قوم جي سڌاري لاءِ ”چونڊيل پاڪ روح“ جي ذهن ۾ صورت ۽ شڪل وٺڻ شروع ڪندا آهن. اهي ڪڏهن وحي جي ذريعي ته ڪڏهن خواب ته ڪڏهن غيبي آواز جي ذريعي ايندا آهن. ان جماعت جي ايڪي جو ئي نتيجو هوندو آهي جو ملاءِ اعليٰ جا فرشتا، انهيءَ ”پاڪ روح رکندڙ“ عظيم انسان کي ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ساڻس آمهون سامهون ڳالهائيندا آهن ۽ ان جي دوستن جي مدد پڻ ڪندا آهن ۽ انهن جا سمورا ڪم آسان ڪيا ويندا آهن. سندس مقابلي ۾ جيڪي ماڻهو الله جي رستي کان روڪيندا آهن، انهن جي مدد بند ڪئي ويندي آهي ۽ اهي پنهنجو پاڻ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳندا آهن جيڪي پاڻ کين کي نقصان ڏيندا آهن. دنيا ۾ جيترو به نبوت جو سلسلو رهيو آهي سو ان اصول جي بنياد تي آهي.
[b]“روح القدس” جي مدد
[/b] ملاءِ اعليٰ ۾، انساني دنيا مٿان ڪنهن مصيبت کي ٽارڻ لاءِ مدد ڪرڻ جي ڪنهن ڳالهه تي مسلسل اتفاق جاري رهڻ کي ”روح القدس جي تائيد“ چوندا آهن. ”روح القدس“ جي تائيد سان اهڙيون برڪتون ظاهر ٿينديون آهن، جن کان عام طور تي ماڻهو نامانوس هوندا آهن، اهڙي قسم جي برڪتن کي معجزا سڏبو آهي.
[b]“ملاءِ سافل” جا فرشتا
[/b] ان جماعت کان پوءِ، ٻئي درجي تي الله تعاليٰ ڪي اهڙا روح پيدا ڪيا آهن جن جو جسم، لطيف بخارن جي اعتدال سان جڙندو آهي. اهي پهريئن درجي جي فرشتن جي رتبي کي پهچي نه سگهندا آهن، نه ئي اهي پنهنجي طور تي ڪجهه سوچي سگهندا آهن. تنهن هوندي به مٿان کان علم ،حڪم ۽ هدايتون اچڻ جو انتظار ڪندا رهندا آهن، منجهن جيتري سمجهه هوندي آهي اوترو علم ۽ هدايتون وٺي سگهندا آهن يا وري جيتري ڳالهه کين، مٿان هدايتون آڻيندڙ فرشتا سمجهائيندا آهن. جڏهن کين حڪم ۽ هدايتون پهچي وينديون آهن ته هو پنهنجي پوريءَ لياقت، صلاحيت ۽ قوت سان ان ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن. جيئن پکي ۽ جانور پنهنجي طبعي خواهشن پيدا ٿيڻ تي ڪم ڪندا آهن ۽ اهو طبعي الهام سندن طبيعت بڻجي ويندو آهي تيئن هنن جي مٿان هدايتن جو نازل ٿيڻ يا الهام ٿيڻ سندن طبيعت ٿي پوندو آهي. جنهن ڪري الهام ٿيندڙ حڪمن کي پورو ڪرڻ ۾ اهي پنهنجو فائدو نه سوچيندا آهن، هو صرف مٿان نازل ٿيندڙ ڳالهه تي عمل ڪرڻ ۾ ئي لطف محسوس ڪندا آهن. (يعني هنن فرشتن جي به طبيعت اها بڻيل هوندي آهي ته مٿان کان ڪو حڪم ملي ۽ پوءِ ان کي پوري ڪرڻ ۾ لڳي وڃجي.)
اهي فرشتا، انسانن ۽ حيوانن جي دلين ۾ خيال ۽ ارادا پيدا ڪندا آهن. پوءِ انسانن ۽ حيوانن ۾ به پوريءَ ريت ڪم ڪرڻ جا ارادا پيدا ٿي پوندا آهن. ان جو نتيجو اهو ٿيندو آهي ته مٿين نوراني فرشتن کي انساني اجتماع (سوسائٽي) ۾ جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي، ان ڪم کي پوري ڪرڻ جا ارادا انسانن جي دلين ۾ پيدا ٿي پوندا آهن. (مٿي گذري چڪو آهي ته ملاء سافل جا فرشتا ملاء اعليٰ جي فرشتن ۽ انسانن جي وچ ۾ هڪ واسطو ۽ ڳانڍاپو آهن.)
اهي هيٺئين درجي جا فرشتا، مختلف جمادات ۽ انهن جي طبعي چرپر ۾ پڻ اثر وجهندا آهن. جيئن ڪو ماڻهو پٿر اڇلائي ٿو، ان ۾ ڪو بزرگ فرشتو پنهنجو اثر وجهندو ته اهو تمام گهڻو ۽ ايترو پري تائين اڇلجي وڃي پهچندو جو عام طور اوترو پري تائين، ائين اڇلائڻ سان پٿر نه پهچي سگهندو آهي. (اهي فرشتا پاڻ پٿر اڇلائيندا ناهن، يا مثال طور مسلمانن ۽ ڪافرن ۾ جنگ دوران اهي فرشتا پاڻ وڃي ڪنهن ڪافر کي ماري اچن، ايئن به نه ٿيندو آهي. بلڪ مسلمان جڏهن پنهنجي دشمن تي تير اڇلائيندا آهن ته هونءَ ته اهو به ممڪن آهي ته اهو تير نشاني تي نه لڳي، اهي فرشتا پنهنجي اثر سان انهن جي نشان لڳائڻ کي يقيني بنائيندا آهن.) مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ وارو ماڻهو درياءَ جي ڪناري تي ويهي پنهنجو ڄار درياءَ ۾ اڇلائيندو آهي، ته ان وقت انهيءَ قسم جي فرشتن جون فوجون متوجهه ٿينديون آهن. پوءِ ڪنهن مڇيءَ جي دل ۾ خيال پيدا ڪندا آهن ته ڄار جي طرف اڳتي وڌي، اهڙيءَ طرح ڪنهن ٻي مڇيءَ جي دل ۾ وري اهو خيال وجهندا آهن ته ڀڄي وڃي. ڄار جي ڪنهن پاسي کي هو کولي ڇڏيندا آهن، ته ڪنهن پاسي کي وري گهنجائي ڇڏيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه جيڪو هو ڪندا آهن، پاڻ ان بابت اهو به نه سمجهندا آهن ته اسين اهو ڇو ڪري رهيا آهيون؟ هو صرف ان خيال جي پيروي ڪندا آهن، جيڪو سندن دل ۾ الهام ڪيو ويندو آهي. مثال طور، ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهي ٿيون پون‏، هيءُ فرشتا اتي وڃي، هڪ ڌر جي دل ۾ بهادريءَ، ثابت قدمي ۽ غيرت جا جذبا پيدا ڪندا آهن، انهن جي دل ۾ غلبي حاصل ڪرڻ جا طريقا الهام ڪندا آهن، تير اڇلائڻ ۾ سندن مدد ڪندا آهن. جڏهن ته ٻي ڌر جي دل ۾ انهن ڳالهين جي ابتڙ خيال پيدا ڪندا آهن، ته جيئن الله تعاليٰ جيڪو ڪم پورو ڪرڻ گهري ٿو، سو پورو ٿي وڃي. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته انهن جي دل ۾ جيڪو خيال پيدا ڪيو ويندو آهي، اهو هڪ خاص ماڻهوءَ کي راحت ۽ آرام پهچائيندو آهي ته ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي تڪليف پهچائيندو آهي. هيءُ فرشتا پنهنجن ڪمن کي پوريءَ ڪوشش سان کانئن جيترو ٿي سگهندو آهي، انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آهن، انهن کي ”ملاءِ سافل جا فرشتا“ چيو ويندو آهي.
[b]شيطاني قوتون
[/b] ملاءِ سافل جي فرشتن جي مقابلي ۾ هڪ اهڙي جماعت آهي، جن جي طبيعت ۾ هلڪڙائپ ۽ ڪميڻپ ڀريل هوندي آهي. انهن کان اهڙيون حرڪتون سرزد ٿينديون آهن جيڪي نيڪيءَ جي بلڪل خلاف هونديون آهن. (يعني سٺي نظام سان ٽڪر کائينديون آهن.) انهن روحن جو جسم، ظلماني بخارن جي تعفن (بدبوءِ) سان جڙندو آهي، اهي شيطان آهن. ملاءِ سافل جا فرشتا جيڪو ڪم ٺاهڻ گهرندا آهن، هيءُ انهن کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ٽئين درجي جي مخلوق، جنهن کي جنات سڏيو ويندو آهي، ان جو اڻ پورو حصو هي شيطان آهن.