تقدير تحت قانون جي پابندي (شريعت ۽ فطرت)
هن عالم ۾ جيڪي موجودات آهن سي سڀ هڪ تدبير ۾ جڙيل آهن، ڪابه شيءِ تدبير جي قاعدي کان ذري برابر به ٻاهر نٿي نڪري سگهي. ان ۾ علت ۽ معلول جا سلسلا مختلف طريقن سان جمع ٿي ويا آهن ۽ اهي هڪ نظام ۾ منسلڪ ٿي ويا آهن. هيءُ نظام ڪابه گنجائش ۽ وٿي اهڙي نٿو ڇڏي، جو ڪا شيءِ پنهنجي علت جي تقاضا مطابق جنهن رستي تي وڃڻي آهي ان کان ذري برابر به هيڏانهن هوڏانهن ٿئي. ان غالب، برتر، مٿاهين ۽ زبردست نظام جو نالو ”تقدير“ آهي. الاهيات جا مڃيندڙ سمورا عقلمند، فلسفي ۽ نبوي شريعتن جا پيروڪار هن نظام جو مالڪ هڪ خدا کي مڃين ٿا. نبين جي جماعت جو ڪو ماڻهو جيڪڏهن هيءُ چوي ته خدا جئين چاهي ڪري سگهي ٿو، ته ان جماعت جا عالم ان جو اهو مطلب وٺندا آهن ته جنهن حڪمت تحت خدا هيءُ نظام هلائي رهيو آهي، ان مطابق ئي ٿيندو. ان حڪمت کي هلائڻ خدا جي طبعي گهرج آهي. جنهن ڪري ان نظام ۾ جيتري به بهتري نظر اچي ٿي، ان جي پوري جو پوري ساراهه الله تعاليٰ لاءِ ئي خاص آهي. نبين جا عام تابعدار تقدير جي لفظ کي حڪمت کان بغير استعمال ڪندا آهن، پر ان ڳالهه جي خدا جي قانون ۾ ڪابه سند ناهي. شريعت جا پختي ذهن رکڻ وارا عالم ۽ فلسفي ان معاملي ۾ هڪ ئي راءِ رکن ٿا، صرف تعبير ۽ ادائگيءَ ۾ ٿورڙو اصطلاحي فرق ٿئي ٿو. ان وڏي ساري نظام کي جڏهن کولبو ته ”جنس الاجناس“ لاءِ هڪ خاص قانون نڪري پوندو، جنهن کان پوءِ هر جنس لاءِ الڳ الڳ قانون نظر ايندو. جنس کان هيٺ وري نوعن جي لاءِ هر هڪ لاءِ سندن جنس وارن قانونن جي ماتحت نوعي خصوصيتن مطابق الڳ الڳ قانون ڏسڻ ۾ ايندو. ان سلسلي تحت انساني نوع جي لاءِ جيڪو قانون آهي ان جو نالو شريعت آهي، ان صورت ۾ شريعت کي تقدير جي مقابلي ۾ پيش ڪرڻ وارو ماڻهو ڪو عقلمنديءَ جو ثبوت ته ڪونه ٿو ڏئي. هي لفظ جنهن معنيٰ ۾ استعمال ڪيا ويا آهن ان معنيٰ ۾ غور نه ڪرڻ جو اهو نتيجو آهي جو انهن لفظن کي پاڻ ۾ ٽڪرايو ٿو وڃي.
==========================================================================
شريعت ۽ فطرت يا تقدير ۽ شريعت.
شريعت جو تعين (يعني تشريعي قانون مقرر ڪرڻ) تقدير جو حصو آهي يا تقدير جي قانون جي تقاضا آهي. تقدير جو مطلب آهي اندازو مقرر ڪرڻ، حدبنديون مقرر ڪرڻ.
الله تعاليٰ هن ڪائنات جي سيج کي مختلف انواعن ۽ اقسامن سان سجايو آهي. ان کان پوءِ هر هڪ نوع لاءِ ان جي نوعي خصوصين جي مطابق ”هڪ قانون“ مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن هر هڪ نوع جو هر هڪ فرد پنهنجي نوعي خصوصين ۾ ڪمال حاصل ڪري پنهنجي مقصد کي وڃي رسي.
مثال طور: نباتات لاءِ هڪ قانون آهي، حيوانن لاءِ الڳ قانون آهي، بي جان شين لاءِ هڪ قانون آهي. جنهن کان هو ٻاهر نٿا نڪري سگهن. اهڙي طرح انسانن لاءِ قانون آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي فطري تقاضائن جي تڪميل ڪري پنهنجو مقصد ماڻي سگهي ٿو. ان جو نالو شريعت آهي. (پر انسان ۽ غيرانسان ۾ اهو فرق آهي ته ٻيا ان قانون تي طبعي طورتي هلي رهيا آهن. ان ۾ سرڪشي نٿا ڪري سگهن. پر انسان کي جيئن ته عقل ۽ شعور جو فطري نور خدا تعاليٰ عطا ڪيو آهي ۽ ان کي ارادي ۽ اختيار جي نوازش ڪئي آهي. تنهن ڪري انسان ان قانون تي طبعي طور تي مجبور ناهي بلڪ ان کي پنهنجي ارادي سان منتخب ڪري هلڻو ٿو پوي.) اسان جي هن ڳالهه مان ايترو سمجهي سگهججي ٿو ته شريعت انسان جي نوع جي نوعي تقاضا آهي. هاڻي ڪجهه تقدير کي سمجهو.
هي جيڪي نوعي قانون آهن (جن ۾ شريعت جيڪا انساني نوع لاءِ نوعي قانون آهي، شامل آهي.) اهي سڀ هڪ بالا تقدير جي قانون جو حصو آهن. ۽ اهو تقدير جو قانون هن ڪائنات جي طبعي تقاضا آهي. يعني جيئن هر هڪ نوع کي جيڪو قانون ڏنو ويو آهي اهو ان نوع جي نوعي يا طبعي تقاضا آهي. اهڙي طرح هي تقدير جو قانون هن پوري ڪائنات جي طبعي تقاضا آهي. ان کي وڌيڪ واضح ڪيو ته،
مثال طور: انسان هڪ نوع آهي. گهوڙو هڪ نوع آهي. ائين ئي گڏهه ۽ ٻڪري، شينهن وغيره. انهن سڀني لاءِ هڪ الڳ الڳ قانون آهي جيڪو انهن جي نوعي خصوصيتن جي مناسب آهي. گهوڙي جو هڪ پنهنجو ويڪرو قد ٿئي ٿو، هڻڪي ٿو، تيز ڊوڙي ٿو وغيره. گڏهه وري هيگندو. گهوڙي ۽ گڏهه کي سڱ نٿا ٿين. وري ٻڪري ڏسو ان کي سڱ آهن. اها گاهه کائي ٿي. وري شينهن تي نظر وجهو ته اهو گاهه نه کائيندو. بلڪ گوشت کائيندو اهڙي طرح انسان ۾ عقل آهي، انسان ڳالهائي ٿو. ڳالهه سمجهي ٿو، نيون نيون ايجادون ڪري ٿو وغيره.
مطلب ته هر هڪ نوع جي لاءِ قانون مقرر ڪيا ويا آهن. جن سان هو هڪ ٻئي کان جدا ٿين ٿا. هاڻي توهان اڳتي وڌو. مختلف نوعن ۾ ”قدر مشترڪ“ کي تلاش ڪيو.
مثال: گڏهه، گهوڙو، انسان انهن نوعن ۾ هڪ قدر مشترڪ آهي. اها آهي. ”حيوانيت“ هاڻي وري ”حيوانيت“ لاءِ ڪجهه حدبنديون آهن. ڪجهه قانون آهن جيڪي غيرحيوان ۾ نه هوندا.
حيوانيت ۾ قانون هيءُ آهي ته اهو پاڻ چرپر ڪندو ان ۾ حواس جي قوت هوندي، پنهنجي طبعي ضرورت کي پنهنجن حواسن جي مدد سان پاڻ پورو ڪندو.
وري توهان اڳتي وڌو. مثال انسان، گڏهه، وڻ، ٻوٽا، پٿر وغيره انهن ۾ قدر مشترڪ تلاش ڪيو. اهو آهي. ”جسمانيت“. وري جسمانيت لاءِ هڪ قانون آهي جنهن تحت جسمانيت واريون شيون ڪم ڪن ٿيون ۽ غير جسماني شيون اهو نٿيون ڪري سگهن. مطلب ته ايئن ئي توهان جڏهن اڳتي ويندؤ ته توهان متعدد شين ۾ ”وحدت“ کي حاصل ڪندو ۽ ان ”و”حدت“ لاءِ هڪ قانون هوندو جنهن تحت ان ”وحدت“ جا افراد ڪم ڪري رهيا هوندا. ايئن آخري آخري جيڪا ”وحدت“ بڻجي ٿي جنهن ۾ ڪائنات جون سڀ شيون هڪ ٿي وڃن ٿيون جنهن کي حضرت سنڌي ”جنس الاجناس“ چيو آهي يا شاهه صاحب جي اصطلاح ۾ ان کي ”شخص اڪبر“ چيو ويو آهي. ان ”وحدت“ لاءِ جيڪو طبعي قانون آهي ان جو نالو آهي ”تقدير.“ ۽ هيٺ جيڪي نوعي قانون آهن اهي سڀ هن تقدير جي قانون جي هيٺيان آهن. هن جي منافي ناهن. جيئن ڏسو، انسان کي انسان هجڻ جي حيثيت سان جيڪو قانون ڏنو وڃي ٿو اهو قانون حيوانيت جي حيثيت سان ڏنل قانون جي مخالف ناهي. اهڙي طرح اهو قانون جسمانيت واري حيثيت سان ڏنل قانون جي مخالف ناهي. انسان انهن حيوانيت وارن قانون جو به پابند آهي. جسمانيت وارن قانونن جو به پابند آهي. ته انسانيت جي قانون جو به پابند آهي ته بلڪل اهڙي طرح هي انسان هن پوري ڪائنايت ۾ جيڪا آخري وحدت آهي ته ان جو به حصو آهي ته پوءِ ان اعتبار سان ڏنل قانون انسان جي انسان هجڻ واري حيثيت واري قانون سان ڪيئن ٽڪرکائيندو. بلڪ هي تقدير وارو قانون ته عين فطرت جي مطابق آهي. ان مان معلوم ٿيو ته شريعت ۽ تقدير ۾ ڪوبه ٽڪر ناهي.