ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

علم ڪلام ۾ شاهه صاحب رحه جو خاص مسلڪ

توهان ڏسندؤ! آءٌ جڏهن پنهنجا خيال بيان ڪرڻ ۾ مصروف هوندس، قاعدا ۽ قانون جوڙڻ ۾ نهايت غور ويچار ۾ هوندس، ان وقت اهڙي صورتحال سامهون ايندي جو آءٌ ڪجهه اهڙا اصول مقرر ڪندس، جن کي اڪثر علم ڪلام جا ڄاڻو ۽ مناظر نه مڃيندا آهن. اهڙي قسم جي منهنجن خاص اصولن جا مثال هيءُ آهن:
مثال1: آخرت (مرڻ کان پوءِ واري زندگي) ۾ الله تعاليٰ جو مختلف صورتن ۽ شڪلن سان جلوو ڏيکارڻ.
مثال 2: ڪائنات ۾ هڪ اهڙو عالم (جهان) مڃي وٺڻ، جيڪو جسماني عناصرن سان جڙيل ناهي. ان ۾ معاني، اعمال ۽ مفهومات کي پنهنجي پنهنجي خاص صفت (حالت) جي مطابق شڪل ۽ صورت مليل آهي. (مثلاً جيئن خوشيءَ کي سٺي صورت واري شڪل ۽ تڪليف کي وري ڀوائتي شڪل عطا ڪئي وئي آهي. ۽ اهڙي طرح اتي ڪليات ۽ مفهومات کي پنهنجي پنهنجي خاص حالت مطابق صورت ڏني وئي آهي. جيئن مثلاً انساني نوع کي هڪ وڻندڙ صورت آهي ته وري ان جي ڀيٽ ۾ گهوڙي جي نوع کي پنهنجي الڳ صورت جيڪا انسان جي صورت جي ڀيٽ ۾ سٺي نه آهي.) ۽ جيترا به واقعا هن جهان ۾ پيدا ٿين ٿا، سي هن زمين تي پيدا ٿيڻ کان پهريائين ان جهان ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ هن جهان ۾ فنا ٿيڻ کان پوءِ وري اتي موٽي وڃن ٿا.
مثال 3: انسان جيڪي عمل ڪري ٿو، انهن جو نتيجو صرف اها شيءِ آهي جيڪا انسان جي اندر ۾ هڪ ڪيفيت جي شڪل ۾ پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ اهي ڪيفيتون ئي آهن جيڪي اڳتي هلي جزا ۽ سزا جو سبب ٿين ٿيون، پوءِ اها سزا دنيا ۾ هجي يا موت کانپوءِ هجي.
مثال 4: سمورو عالَم هڪ نظام ۽ تدبير سان جڙيل آهي. ان نظام ۽ تدبير کان هن جهان جو ڪو ذرو پرزو به هيڏانهن هوڏانهن نه ٿو ٿئي. (يعني ڪائنات جي هن ڪارخاني ۾ جيڪي ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو هڪ طبعي قانون ۽ قاعدي تحت ٿي رهيو آهي. ڪا به شيءِ، ڪوبه عمل، ڪوبه حادثو ان کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي.) ان مسئلي جو نالو اسان ”قدر ملزم“ رکيو آهي. ۽ انهن کان علاوه به ڪجهه مسئلا آهن جن جا اسين قائل آهيون.
انهن بابت وضاحت هي آهي ته مون کي جڏهن پوري تسلي ٿي ته قرآن جون آيتون ۽ حديثون، صحابن ۽ تابعين جا قول، هن مسئلي ۾ پوري تائيد ڪري رهيا آهن، اهل سنت جا خاص عالم جيڪي علم لدنيءَ جا ڄاڻو آهن، سي به انهن مسئلن جا قائل آهن، تڏهن مون انهن ڳالهين چوڻ جي جرئت ڪئي. بظاهر هيءُ خيالَ اهل سنت جي خلاف آهن پر حقيقت ۾ ائين ناهي، ڇاڪاڻ ته اهل سنت هڪ خاص جماعت جي نظرين جو نالو ناهي. بلڪ ان مان اهي مسئلا مراد آهن جيڪي هڪ قبلي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندڙ مسلمانن ۾ نظر اچن ٿا. پر انهن مسئلن جي تعبير ۾ انهن جي درميان اختلاف ٿي پيا آهن ۽ انهن اختلافن جي ڪري اهي مختلف فرقن ۽ پارٽين ۾ ورهائجي ويا آهن، جڏهن ته دين جي ضروري مسئلن کي سڀ هڪ جهڙو مڃين ٿا.
[b]اختلاف وارا مسئلا ٻن قسمن جا آهن:
پهريون قسم[/b]
اهڙن مسئلن جو آهي، جيڪي قرآني آيتن ۾ صاف بيان ٿيل آهن، صحيح حديثن ۾ پڻ انهن جي تائيد ملي ٿي، صحابي سڳورا ۽ تابعي به انهن جي موافق هليا. پوءِ ٻي صديءَ ڌاري اختلاف ظاهر ٿيو ۽ هر الڳ موقف رکڻ واري ماڻهوءَ پنهنجي هم خيالن کي هڪ جماعت ۾ گڏ ڪيو ۽ ان طرح ماڻهو مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا. ان دوران منجهن هڪ اهڙي جماعت پيدا ٿي جنهن ڪتاب ۽ سنت جي ظاهري ۽ حقيقي مفهوم کي عقيدو بنايو. سلف (صحابن ۽ تابعين) کان جيڪي عقيدا منقول هئا، انهن کي مضبوطيءَ سان جهلي بيٺا، انهن کي هن ڳالهه جي بلڪل به پرواهه نه هئي ته اهي عقيدا (جيڪي قرآن، حديث ۽ صحابن ۽ تابعين کان منقول آهن) عقلي اصولن جي مطابق آهن يا ان جي خلاف. اهي جيڪڏهن عقلي طور ڪا ڳالهه چوڻ گهرندا آهن ته اها صرف مخالفن جي الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ يا وڌ ۾ وڌ پنهنجو اطمينان وڌائڻ لاءِ، باقي هو ان ڳالهه جا بلڪل قائل ناهن ته ڪو عقلي ڳالهين سان عقيدي کي ثابت ڪري سگهجي ٿو، اُها جماعت اهلسنت سڏبي آهي.
انهن جي مقابلي ۾ جيڪي ٻيا ماڻهو آهن، تن جتي ڏٺو ته قرآن ۽ حديث جا لفظ عقلي اصولن جي خلاف نظر اچن ٿا، اتي انهن، عقلي ڳالهين کي پنهنجي لاءِ اصل جي حيثيت ۾ ورتو ۽ قرآن، حديث جي ظاهري معنيٰ کي ڦيرائي انهن جي تاويل ڪرڻ شروع ڪئي. (ته لفظن جي ظاهري معنيٰ عقل سان ٽڪرائجي ٿي، ان ڪري ان جي اها معنيٰ ڪجي جيڪا عقل سان ٺهڪي اچي) اهڙي قسم جون جماعتون اهلسنت جي مقابلي ۾ آهن.
جن مسئلن ۾ انهن جو اختلاف آهي، سي هيءُ آهن. قبر ۾ سوال جواب، عمل جو وزن، پل صراط کان گذرڻ، الله تعاليٰ کي ڏسڻ ۽ اوليائن جون ڪرامتون وغيره. اهي سڀ مسئلا بظاهر قرآن ۽ سنت ۾ موجود آهن، قرآن ۽ حديث جي لفظن جي ظاهري معنيٰ انهن جي تائيد ۾ ملي ٿي ۽ سلف (صحابي ۽ تابعي) انهن ظاهري معنائن جا قائل هئا، جنهن ڪري اهل سنت به ان خيال جا آهن ته اسان انهن شين تي ايمان رکون ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته اسين جيتوڻيڪ انهن ڳالهين جي حقيقت نٿا سمجهي سگهون، اسان جا عقل ان جي تائيد نه ٿا ڪن، پراسان سلف جي تابعداريءَ ۾ رهنداسين.
پر انهن جي مخالفت ۾ جيڪي ڌريون هيون، انهن جن مسئلن کي عقل جي خلاف ٿي ڏٺو، انهن ۾ جيڪي انڪار لائق مسئلا کين نظر ٿي آيا، تن جو انڪار ٿي ڪيائون، جن جي انڪار جي گنجائش نظر نه ٿي آئي، تن جي تاويل ٿي ڪيائون.
[b]شاهه صاحب جو رايو
[/b] اسان جو ان بابت اهو خيال آهي ته اسان انهن سڀني مسئلن کي اهلسنت وانگر مڃون ٿا، پر اسان جي دل کي الله تعاليٰ سمجهه ۽ دليل جي قوت سان نوازيو آهي، جنهن ڪري اسان انهن مسئلن کي سمجهي پوءِ ٿا مڃون. اسان جا عقل انهن مسئلن ۾ سندن موافق شاهدي ڏين ٿا، ان ڳالهه ۾ اسان جو ۽ اهل سنت جو صرف ايترو اختلاف آهي. (اهلسنت ۽ اسان ٻئي انهن مسئلن کي مڃون ٿا، پر اسان اهلسنت وانگر اهو نه ٿا چئون ته ”اهي ڳالهيون اسان جي عقل ۾ نٿيون اچن.“ بلڪ اسان انهن کي عقل جي ذريعي مڃون ٿا. ان ڳالهه ۾ اسان اهلسنت جي عام عالمن کان مٿاهين حيثيت رکون ٿا.)
[b]ٻيو قسم
[/b] ٻئي قسم ۾ اهڙا مسئلا شامل آهن جن جو ذڪر نه قرآن شريف ۾ آهي نه سنت ۾. انهن کي نه ڪا شهرت نصيب ٿي ۽ نه صحابن سڳورن ان ۾ ڪو بحث ڪيو. ان ڊگهي ساري زماني ۾ ڪنهن به انهن مسئلن کي ڪونه اٿلايو. ان کانپوءِ اچي ڪجهه عالمن انهن مسئلن ۾ بحث ڪيو، جنهن تي پوءِ اختلاف پيدا ٿيا. انهن مسئلن ۾ اسان لاءِ اهو ضروري ڪونهي ته هروڀرو اسان انهن متاخرين عالمن جي پيروي ڪيون، جيڪي پاڻ کي اهل سنت مان شمار ڪن ٿا.
اختلاف جا سبب
اختلافن جي سببن جو تفصيل هيءُ آهي ته اهي اختلاف مختلف سببن جي ڪري پيدا ٿيا آهن، ان ڪري اسان انهن مان هر حصي کي جدا جدا بيان ڪنداسين.
[b]پهريون سبب
[/b] انهن جي اختلاف جو پهريون سبب هي آهي ته اهل سنت جا هڪڙا اهڙي قسم جا مسئلا آهن، جيڪي انهن نقلي دليلن منجهان اجتهاد ۽ استنباط ڪري اخذ ڪيا آهن، جيئن نبين جي ملائڪن کان افضل هئڻ جو مسئلو آهي يا هيءُ ته حضرت عائشه صديقه رضه حضرت فاطمة الزهراء رضه کان وڌيڪ فضيلت رکندڙ آهي.
[b]ٻيون سبب
[/b] ٻيا اهلسنت جا اهڙا مسئلا آهن، جن کي اهلسنت اصول ۽ بنياد جي حيثيت ڏني آهي ۽ اهلسنت سمجهن ٿا ته سنت جي موافقت وارن مسئلن جو ثبوت انهن جي مٿان دارومدار رکي ٿو. انهن اصول ۽ بنياد جي حيثيت رکندڙ مسئلن ۾ ڪجهه عام معاملن جا مسئلا آهن ڪجهه جوهر ۽ عرض (مادي ۽ غيرمادي) قسم جا مسئلا آهن.
اهڙن مسئلن جو مثال 1: اهلسنت جو عقيدو آهي ته، ”عالم (جهان) حادث آهي.“ سندن هيءُ عقيدو هن تصور کي مڃڻ تي بيٺل آهي ته، ”هيولي باطل آهي“ ۽ ”جزء لايتجزي ثابت آهي.“ جيستائين اهي فلسفي جا ٻه اصول (هيولي جو باطل هجڻ ۽ جزء لايتجزي جو ثابت هجڻ) نه مڃبا تيستائين جهان جو حادث هجڻ ثابت نه ٿيندو.
مثال 2: اهلسنت جو ٻيو عقيدو آهي ته، ”الله تعاليٰ هيءُ جهان، بنا ڪنهن واسطي ۽ ذريعي جي پيدا ڪيو آهي.“ سندن هيءُ عقيدو فلسفي جي هن تصور کي باطل ڪرڻ سان ٻڌل آهي ته، ”هڪ کان صرف هڪ ئي شيءِ صادر ٿي سگهي ٿي.“ فلسفي جي هن تصور کي جيستائين غلط ثابت نه ڪبو تيستائين، سندن خيال مطابق هيءُ عقيدو مڃي ئي ڪونه سگهبو ته، ”الله بنا ڪنهن واسطي ۽ ذريعي جي هي جهان ٺاهيو آهي.“
مثال 3: اهلسنت، نبين جي معجزن جا قائل آهن. سندن هيءُ عقيدو تڏهن ثابت ٿيندو جڏهن سبب ۽ مسبب، علت ۽ معلول ۾ عقلي طور جيڪو لزوم ٿيندو آهي، ان کي نه مڃجي. (جيڪڏهن اها ڳالهه ثابت ٿيندي ته باهه جتي به هوندي اتي ضرور ساڙيندي ته اها ڳالهه معجزن جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته باهه جو ڪم ئي ساڙڻ آهي، ان ۾ جيڪا به شيءِ ڪرندي ان کي ساڙيندي. پر جڏهن اسين اهو مڃينداسين ته باهه لاءِ اهو لازم ناهي ته هر جڳهه تي ساڙي ته پوءِ اسين سولائيءَ سان معجزن کي ثابت ڪري سگهنداسين. جيئن حضرت ابراهيم عليه السلام باهه ۾ وڌو ويو، اتي جيڪڏهن اسين مڃينداسين ته هميشہ باهه جو ڪم ساڙڻ ڪونهي، ته پوءِ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته ابراهيم کي باهه ڪونه ساڙي سگهي. هيءُ ابراهيم عليه السلام جو معجزو آهي.)
مثال 4: ”قيامت ۾ ماڻهو ٻيهر ساڳئي جسم سان اُٿندو.“ هيءُ عقيدو هن تصور کي ثابت ڪرڻ تي موقوف آهي ته، ”معدوم جو واپس ٿيڻ ممڪن آهي.“ عام فلسفي ان جا قائل ناهن، سندن چوڻ آهي ته جڏهن هڪ شيءِ معدوم ٿي وڃي، ان کان پوءِ جيڪڏهن چئجي ته اها ٻيهر پيدا ٿي وئي آهي ته اها ساڳئي شيءِ نه ٿيندي، اها ٻئي چئبي. ساڳئي شيءِ جي ويجهو ويجهو ٿي سگهي ٿي، ساڳئي نه ٿي ٿي سگهي. وٽن هن ڳالهه جا دليل آهن ته معدوم جو واپس ٿيڻ ممڪن ڪونهي. اهلسنت جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هو ان ڳالهه کي ثابت ڪن ته معدوم جو واپس ٿيڻ ممڪن آهي. ان قسم جا ٻيا به کوڙ مسئلا آهن جن سان اهلسنت جا ڪتاب ڀريا پيا آهن. (سو فلسفي جي جن مسئلن تي اهلسنت جي عقيدن جي ثبوت جو درومدار آهي، شاهه صاحب لاءِ اهو ضروري ناهي ته اهلسنت جي انهن فلسفي وارن تصورن کي به ايئن جو ايئن مڃي.)
[b]ٽيون سبب
[/b] ڪجهه مسئلا اهڙا آهن جيڪي قرآن ۽ حديث ۾ صاف لفظن ۾ ڪونه آيا آهن، انهن جي تشريح ۽ وضاحت ڪرڻ مهل اهلسنت جو موقف الڳ آهي ته اهلسنت جي مخالفن جو موقف الڳ آهي. اصل مسئلي کي ٻئي مڃين ٿا (صرف تفصيل ۾ اختلاف ڪن ٿا.) اهڙي قسم جي مسئلن جا مثال هي آهن:
(1) الله تعاليٰ جي صفت آهي ”سميع ۽ بصير.“ سڀ مڃين ٿا ته اهي ٻئي الله جون صفتون آهن. پر اهلسنت جا مخالف انهن ٻنهي صفتن کي علم جي صفت ۾ شامل ڪري، ٻنهي کي علم جي صفت جو حصو قرار ڏين ٿا. (الله جي علم ۾ جيڪي ڏسڻ واري قسم جون شيون آهن، تن کي ”بصير“ جي صفت ۾ ۽ جيڪي ٻڌڻ واري قسم جون شيون آهن تن کي ”سميع“ واري صفت ۾ شامل سمجهن ٿا.) جڏهن ته اهلسنت سميع ۽ بصير جي صفتن کي علم واري صفت کان الڳ ۽ مستقل صفتون مڃين ٿا.
(2) سڀ متفق آهن ته الله تعاليٰ حي، عليم، مريد، قدير، متڪلم آهي. تفسير ۽وضاحت ۾ ٻنهي جو اختلاف آهي. هڪڙن جو چوڻ آهي ته انهن صفتن مان اهي نتيجا ۽ عمل مراد آهن، جيڪي انهن صفتن جي نتيجي جي طور تي صادر ٿين ٿا ۽ انهن حقيقي صفتن ۽ اضافي صفتن، رحمت، غضب ۽ جود (سخاوت) ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. (يعني جيئن رحمت، غضب جون صفتون حقيقي معنيٰ جي اعتبار کان الله تي اطلاق نٿيون ڪري سگهجن بلڪ انهن مان مراد انهن جا نتيجا ۽ اثر هوندا آهن. جيئن رحمت مان مراد احسان ۽ انعام آهي ۽ غضب مان مراد ڪنهن شيءِ جو واپس ڪرڻ آهي. اهڙي طرح هي صفتون (حي، عليم، مريد، قدير، متڪلم، سميع ۽ بصير آهن. انهن جي به حقيقي معنيٰ مراد ناهي بلڪ انهن جا نتيجا ۽ اثر مراد آهن. ان خيال کان پوءِ هي صفتون به حقيقي نه رهنديون، بلڪ اضافي ٿي وينديون. حقيقي ۽ اضافي صفت ۾ فرق هي آهي ته حقيقي صفت خدا جي ذات سان قائم هوندي آهي ۽ اضافي صفت، خدا جو جيڪو تعلق پنهنجن ٻانهن يا هن ڪائنات سان آهي، ان تعلق کي ان صفت سان بيان ڪيو ويندو آهي.) ٻين جو چوڻ وري اهو آهي (يعني اهل سنت وارن جو چوڻ آهي) ته اهي مستقل ۽ الڳ صفتون آهن، انهن جو الڳ وجود آهي ۽ خدا جي ذات سان قائم آهن.
(3) انهيءَ طرح ٻنهي ڌرين جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته الله تعاليٰ عرش تي آهي، ان جو منهن به آهي، هو کلي به ٿو. ان کان پوءِ ٻنهي ۾ اختلاف آهي ته هڪڙا چون ٿا ته انهن صفتن مان اهڙي معنيٰ مراد وٺجي جيڪا خدا جي ذات جي مناسب هجي،جيئن ”استواء علي العرش“ (عرش تي ويهڻ) جو اهو مطلب وٺجي ته خدا جو ان تي غلبو آهي. ”وجہ“ (منهن) مان خدا جي مطلق ذات مراد وٺجي، پر ٻي ڌر (اهلسنت) جو خيال آهي ته اسان اهو نه ٿا ڄاڻون ته انهن لفظن مان ڇا مراد آهي. (يعني اسان انهن لفظن کي پنهنجي حقيقت تي ٿا رکون پر ان جي ڪيفيت کان اسان ناواقف آهيون.) تنهن ڪري اسين توقف (خاموشي) ٿا اختيار ڪيون.