ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

ڇا روح جو علم اسان کي گهٽ ڏنو ويو آهي؟

ڇا روح جو علم اسان کي گهٽ ڏنو ويو آهي؟
قرآن شريف ۾ آيو آهي:
قُلۡ کُلٌّ یَّعۡمَلُ عَلٰی شَاکِلَتِہٖ ؕ فَرَبُّکُمۡ اَعۡلَمُ بِمَنۡ ہُوَ اَہۡدٰی سَبِیۡلًا ﴿٪۸۴﴾ وَ یَسۡـَٔلُوۡنَکَ عَنِ الرُّوۡحِ ؕ قُلِ الرُّوۡحُ مِنۡ اَمۡرِ رَبِّیۡ وَ مَاۤ اُوۡتِیۡتُمۡ مِّنَ الۡعِلۡمِ اِلَّا قَلِیۡلًا ﴿۸۵﴾ (بني اسرائيل:85)
(توکان روح بابت پڇن ٿا، تون کين چئو ته روح خدا جي حڪم جي هڪ شيءِ آهي، توهان کي ان بابت تمام ٿورو علم ڏنو ويو آهي.) ان آيت کي عبدالله بن مسعود رضي الله ٻئي طريقي سان تلاوت ڪيو آهي. ان جو ترجمو اهو ٿو ٿئي ته ”انهن ماڻهن کي روحاني علم جو تمام ٿورو حصو ڏنو ويو هو.“ ان منجهان اهو معلوم ٿو ٿئي ته انهن يهودين کي اهو علم مختصر طور ڏنو ويو هو، جيڪي روح جي حقيقت پڇي رهيا هئا. ان مان هو سمجهڻ غلط آهي ته نبي ﷺ جن جي امت مرحومه مان ڪو ان کي نه ٿو ڄاڻي سگهي، جيئن عام طور سمجهيو ويندو آهي. جنهن شيءِ کي شريعت بيان نه ٿي ڪري ان لاءِ اهو ضروري ناهي ته ان کي ڪوبه نه ٿو سمجهي سگهي. بلڪه اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته جيڪا ڳالهه امت جو گهڻو ڀاڱو نه سمجهي سگهندو آهي،ان کي بيان ڪرڻ کان خاموشي اختيار ڪئي ويندي آهي. پر خاص خاص ماڻهو سمجهي سگهندا آهن، (تنهن ڪري انهن جي لاءِ اشارن ۽ ڪناين ۾ اها ڳالهه بيان ڪئي ويندي آهي ته جيئن اهي پنهنجي ذهن تي زور ڏئي انهن اشارن مان پنهنجو مطلب سمجهي وٺن ۽ عام ماڻهن جي پريشانيءَ جو سبب به نه ٿين.)
[b]روح جي حقيقت
[/b]انسان جڏهن روح تي غور ڪرڻ ويهندو آهي ته سڀ کان پهريائين جيڪا ان جي حقيقت معلوم ٿيندي آهي، اها هيءَ آهي ته روح حيوان ۾ حياتيءَ جو منبع ۽ سرچشمو آهي. جڏهن حيوان ۾ روح ڦوڪيو ويندو آهي ته حيوان زندهه ٿي پوندو آهي ۽ جڏهن روح ان کان جدا ٿيندو آهي ته حيوان مري ويندو آهي. ان کان اڳتي جڏهن غور ڪيو ويندو ته معلوم ٿيندو ته بدن ۾ هڪ لطيف بخار دل ۾ بدن جي سمورين قوتن (انهن قوتن مان مراد ”اخلاط“ يا مزاج آهن. اهي چار آهن. خون، بلغم، سوداءُ ۽ صفرآء) جي نچوڙ سان پيدا ٿيندو آهي. ان ۾ حس، چرپر ۽ کاڌل غذا جي نظم ۽ انتظام وارين قوتن کي سنڀالڻ جو مادو پڻ موجود هوندو آهي. طب جي ان روح جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. طبي تجربي هيءَ ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته ان بخار جي سختيءَ ۽ نرمي، صفائيءَ ۽ گندگيءَ جو انساني قوتن ۽ انهن قوتن مان پيدا ٿيندڙ عملن ۾ وڏو اثر هوندو آهي. (يعني هن روح جون مختلف حالتون، انسان جي اندروني قوتن ۽ انهن جي ڪري پيدا ٿيندڙ عملن ۾ مختلف اثر وجهن ٿيون. جيڪڏهن هي روح صاف هوندو ته سٺا عمل نڪرندا ۽ جيڪڏهن خراب هوندو ته برا عمل ٿيندا.) اهڙي طرح بدن جي هڪ هڪ عضوي تي جيڪي آفتون اچي سگهن ٿيون ۽ ان بخار جي پيدا ڪرڻ ۾ جيڪي شيون رڪاوٽ ٿي سگهن ٿيون، انهن جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته ان بخار جا ڪم صحيح نه ٿي سگهندا آهن. ( يعني ان بخار لطيف جي سرچشمي تي ڪا آفت اچي وڃي يا جسم جي ڪنهن عضوي تي ڪا آفت اچي وڃي ۽ ان عضوي جي طرف ان بخار جي سپلائي بند ٿي وڃي ته ان صورت ۾ هن بخار جا ڪم خراب ٿي ويندا آهن، هن جو انتظامي ڍانچو بگڙجي ويندو. پوءِ يا ته انسان مري ويندو آهي يا ڪو عضوو خراب ٿي ويندو آهي. ان جي پيدا ٿيڻ سان حياتي اچي ويندي آهي ۽ ان جي تحليل ٿي وڃڻ سان موت اچي ويندو آهي. سوچ جي شروعاتي ڏاڪي تي ان کي روح چئي سگهجي ٿو. پر جڏهن ان کان به وڌيڪ گهريءَ نظر سان ڏسبو ته اهو روح جو تمام هيٺيون طبقو قرار ڏنو ويندو. ان جو بدن اندر، مثال اهڙو آهي جيئن گلاب جي گل ۾ گلاب جو پاڻي يا جيئن ڪوئلي ۾ باهه. مطلب ته يعني جهڙي طرح گلاب جو پاڻي، گلاب جي هر حصي ۾ هوندو آهي ۽ باهه جي قوت ڪوئلي جي هر هر جز ۾ هوندي آهي اهڙي طرح هي بخار جسم جي هر حصي ۾ هوندو آهي. جڏهن ان کان به وڌيڪ گهريءَ نظر سان ڏسبو ته ظاهر ٿيندو ته هيءُ روح، حقيقي روح لاءِ سواريءَ جو ڪم ڏئي رهيو آهي يا حقيقي روح لاءِ هيءُ روح مادي جو ڪم ڏئي ٿو، جنهن سان تعلق پيدا ڪري اهو پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿو. ان حقيقي روح ۾ هن طرح غور ڪري ۽ سوچي سگهجي ٿو ته هڪ ٻار کي اسان ڏسون ٿا، هو جوان ٿئي ٿو، وري پوڙهو ٿئي ٿو. ان جون بدني قوتون ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ روح (لطيف بخار) مسلسل تبديل ٿيندا رهندا آهن. هيءُ ٻار هڪ وقت ۾ ننڍو هوندو آهي، ٻئي وقت ۾ وڏو ٿيندو آهي.هڪ وقت ۾ سفيد رنگ رکندو آهي ته ٻئي وقت ۾ ڪار سرو رنگ رکندو آهي. هڪ وقت ۾ جاهل هوندو آهي ٻئي وقت ۾ عالم هوندو آهي. اهڙي طرح ٻيون به کوڙساريون صفتون هڪ ٻئي جي پٺيان اينديون رهنديون آهن. انهن وصفن جي تبديليءَ باوجود اهو هميشہ ساڳيو ئي ”انسان“ رهندو آهي. ته جنهن شيءِ جي بنياد تي انسان ۾ اها ”وحدت“ قائم رهي ٿي اها شيءِ انهن شين کان الڳ هئڻ گهرجي، جن شين جي ڪري ان انسان ۾ الڳ الڳ حالتون قائم ٿين ٿيون. (جن شين سان الڳ الڳ حالتون پيدا ٿين ٿيون اُهي ٻيون شيون هئڻ گهرجن ۽ جنهن شيءِ سان اها وحدت قائم رهي ٿي اها شيءِ الڳ هئڻ گهرجي.) ان بابت اسان جي راءِ اها آهي ته جنهن شيءِ جي ذريعي اها وحدت قائم رهي ٿي، اها لطيف بخار ۽ حيواني روح نه ٿو ٿي سگهي، نه ئي اها شيءِ بدن چئي سگهجي ٿا. نه اُهي خصوصيتون چئي سگهجن ٿيون جيڪي ان جي شخصيت ٺاهن ٿيون، (يعني اهي تشخصات (خصوصيتون) جيڪي هڪ فرد کي ٻئي کان الڳ ڪندا آهن.) بلڪ ٻار ۾ ابتدا کان آخر تائين وحدت قائم رکندڙ هڪ اهڙو ”نوراني نقطو“ آهي، جيڪو غير مرڪب آهي. ان جو انداز ۽ طريقو جسماني طريقن کان بنهه مختلف هوندو آهي.
هن مادي جهان ۾ ڪي شيون اهي آهن جيڪي پنهنجي ذات سان قائم آهن. انهن کي ”جوهر“ چيو ويندو آهي. ۽ جي شيون ٻين شين جي ڪري قائم آهن، انهن کي ”عرض“ چيو ويندو آهي. پر هيءُ نوراني نقطو جوهر توڙي عرض ٻنهي کان بنهه مختلف ۽ الڳ شيءِ آهي، اهو جهڙيءَ حالت ۾ ننڍي عمر ۾ هوندو آهي ان ئي حالت ۾ وڏي عمر ۾ به هوندو آهي. جهڙيءَ حالت ۾ ڪاري رنگ مهل هوندو آهي ساڳي حالت ۾ اڇي رنگ مهل هوندو آهي. البته ان جو سڌوسنئون تعلق هوائي روح سان هوندو آهي ۽ بدن سان ان جو تعلق ان هوائي روح جي واسطي سان قائم هوندو آهي ۽ اهو پاڻ اصل ۾ هڪ اهڙي سوراخ وانگي آهي جنهن مان ”عالم قدس“ جون شيون، ان هوائي روح (نسمي) تي، ان جي استعداد ۽ صلاحيت مطابق نازل ٿينديون رهنديون آهن. تبديليءَ جا جيترا به مرحلا آهن انهن سڀني جو سبب اها جسماني استعداد ۽ صلاحيت آهي، ان جو مثال ائين آهي ته سج جي گرميءَ ۾ ڌوٻي جڏهن ڪپڙا ڌوئندو آهي ته ڪپڙا اڇا نظر ايندا آهن پر پاڻ ڌوٻي ڪارو نظر ايندو آهي. (سج جو ڪپڙي تي اثر هڪڙو ٿو ٿئي ته ڌوٻيءَ تي ان جو ٻيو اثر ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هر هڪ جي اثر وٺڻ جي استعداد ۽ صلاحيت الڳ الڳ آهي.
==========================================================================
 جوهر ۽ عرض جي باري ۾ اسان ڪجهه مٿي مختصر عرض ڪري چڪا آهيون. ان کي غور سان سمجهڻ کپي. هي شاهه ولي الله جو امتياز آهي ته شاهه صاحب سمورن فلسفن ۽ حڪيمن کان الڳ ٿي ڪري جوهر ۽ عرض کان مٿي به هڪ شي تسليم ڪري ٿو. جڏهن ته سمورا فلسفي ۽ حڪيم هر شي کي جوهر ۽ عرض کان ٻاهر نٿا ڪڍن.)