حضور ﷺ جن جون ٻڌايل حڪمتون
ان طرح پاڻ سڳورنﷺ ڪيترن حڪمن جا سبب پڻ ٻڌايا. جيئن حڪم آهي ته ماڻهو جڏهن سمهڻ کانپوءِ اٿي ته پنهنجا هٿ ڌوئڻ کان سواءِ پاڻيءَ ۾ نه وجهي. پاڻ ان جو سبب اهو ٻڌايائون ته ستل حالت وارو ماڻهو اهو ڪونه ڄاڻندو آهي ته سندس هٿ ڪٿي ڪٿي پيو آهي؟ نڪ صاف ڪرڻ بابت فرمايائون ته رات جو شيطاني قوت ماڻهوءَ جي نڪ ۾ جمع ٿي ويندي آهي. ننڊ ڪرڻ سان وضو ٽٽي پوندو آهي، ان بابت فرمايائون ته سمهڻ وقت ماڻهوءَ جا عضوا ڍرا ٿي ويندا آهن، ان ڪري وضو ڪرڻ گهرجي. منى ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ متعلق فرمايائون ته خدا کي ياد ڪرڻ لاءِ اهو عمل ڪبو آهي. اجازت وٺي گهر ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ان ڪري ٿيو ته ماڻهوءَ جي نظر ڪنهن پردي واري شيءِ تي نه پوي. ٻليءَ جي اوڀر متعلق فرمايائون ته اها پليت ناهي، ڇاڪاڻ ته اها هروقت توهان جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ واري شيءِ آهي.
ڪن موقعن تي فرمايائون ته هن حڪم ۾ هڪ فساد کان بچڻ مقصود آهي. جيئن کير پيارڻ واري مدت ۾ عورتن جي ويجهو وڃڻ کان منع فرمايائون، جو ان سان ٻار کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. يا ڪڏهن باطل فرقي جي مخالفت واري خيال کان حڪم فرمايائون. جيئن پاڻ سڳورن جو فرمان آهي ته سج شيطان جي ٻن سڱن جي وچ مان اڀرندو آهي، ڪافر ان مهل ان کي سجدو ڪندا آهن، ان ڪري مسلمانن کي ان وقت نماز نه پڙهڻ گهرجي ته جيئن ٻئي فرقي سان مشابهت نه ٿئي.
ڪڏهن وري حضور ﷺ جن فرمايو ته هن حڪم جي حڪمت هيءَ آهي ته غلو ۽ تحريف جو دروازو بند ٿي وڃي. جيئن حضرت عمر رضي الله هڪ ماڻهوءَ کي جيڪو مسجد ۾ اتي جو اتي نفل پڙهڻ پيو گهري، هيءُ لفظ چئي ايئن ڪرڻ کان روڪيو ته ”اڳيون اُمتون به ان قسم جي بي احتياطيءَ جي ڪري تباهه ٿي ويون.“ تنهن تي پاڻ سڳورنﷺ ان جي تصديق ڪرڻ فرمائي. (ته عمر جيڪو ڪجهه چيو، سچ چيو) ۽ فرمايائون: ”اصاب الله بک يا ابن الخطاب“ (يعني اي ابن خطاب! الله توکي صحيح راءِ قائم ڪرڻ جو سٺو بدلو ڏئي.) يا ڪڏهن ڪنهن حڪم جي اجازت ان حڪمت تحت ڏنائون ته ماڻهو حرج ۽ تڪليف ۾ نه پون. جيئن هڪ ڪپڙي ۾ به نماز پڙهڻ کي جائز قرار ڏنائون. ڪن اصحاب سڳورن چيو ته اسان کي ٻه ڪپڙا ميسر آهن؟ ته پاڻ فرمايائون ته سڀني کي ته ٻه ڪپڙا ميسر ڪونه آهن. جيڪڏهن ٻن ڪپڙن ۾ نماز پڙهڻ لازم ڪبي ته کوڙ ماڻهو نماز نه پڙهي سگهندا.
اهڙي طرح قرآن شريف ۾ آهي ته:
عَلِمَ اللّٰہُ اَنَّکُمۡ کُنۡتُمۡ تَخۡتَانُوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ فَتَابَ عَلَیۡکُمۡ وَ عَفَا عَنۡکُمۡ ۚ (البقره: 187)
(يعني الله ڄاڻي پيو ته توهان پنهنجي نفسن سان دوکو پيا ڪيو. پوءِ الله توهان تي رحمت ڪئي ۽ توهان کي معاف ڪيائين.)
رمضان جي راتين ۾ ڪي ماڻهو زالن سان هم بستري ڪندا هئا ۽ ان لاءِ بهانا پيا ٺاهيندا هئا. تنهن تي الله انهن جي ان ڏکيائيءَ کي ختم ڪيو، انهن کي معاف ڪيائين ۽ رمضان جي راتين ۾ زالن سان همبستريءَ جي اجازت به ڏنائين.
ڪڏهن ته عذاب ۽ ثواب ٻڌائڻ ۾ به حڪمت ۽ مصلحت بيان فرمايائون. جيڪڏهن اصحاب سڳورن کي ڪنهن ڳالهه تي ڪو شبهو ٿي پيو ته پاڻ ان کي به حل ڪيائون ۽ ان کي قانون ۾ به آندائون. پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته جيڪو ماڻهو جماعت سان نماز پڙهي ٿو ته ان جو درجو ان جي گهر جي يا بازار جي نماز کان پنجويهه (25) دفعا وڌي وڃي ٿو. ان کان پوءِ ان جو تفصيل ٻڌايائون ته جڏهن ماڻهو گهر کان وضو ڪري مسجد جي طرف نڪري ٿو ته ان کي قدم قدم تي ثواب ملندو آهي. هڪ هنڌ فرمايائون ته توهان کي پنهنجي شهوت پوري ڪرڻ مهل به ثواب ملي ٿو. ماڻهن چيو ته يارسول الله! شهوت پوري ڪرڻ ۽ وري ان ۾ ثواب، اهو ڪيئن ٿيندو؟ پاڻ فرمايائون ته اهائي شهوت جيڪڏهن حرام طريقي سان پوري ڪئي ويندي ته ان تي گناهه ٿيندو يا نه؟ جڏهن ماڻهو حرام طريقي سان شهوت پوري ڪرڻ سان گهنگار ٿئي ٿو ته جائز طريقي سان شهوت پوري ڪرڻ سان ضرور اجر ملڻ گهرجي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي ته جڏهن ٻه مسلمان تلوارون تاڻي پاڻ ۾ وڙهندا ته قاتل توڙي مقتول ٻئي جهنم ۾ ويندا. ماڻهن چيو ته قاتل ته جهنم ۾ ويندو، اهو ته ٺيڪ آهي. پر مقتول ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو جهنم ۾ ويندو؟ پاڻ فرمايائون ته مقتول کي به حرص هو ته پنهنجي مخالف کي قتل ڪري ڇڏي. (پر اتفاق سان پاڻ قتل ٿي ويو.) ان کان سواءِ به کوڙسارا مثال آهن جن جو هتي ڳاڻيٽو تمام ڏکيو آهي.