انسان جي ڪمن جا نتيجا
[b]1- پهريون قسم آهي صورت نوعيءَ جي گهرجن ۽ تقاضائن مطابق پيدا ٿيندڙ نتيجا.
[/b] ان سان هڪ خاص قسم جا نتيجا پيدا ٿيندا آهن، جيئن هڪڙا جانور گاهه کائن ٿا ته ٻيا گوشت کائن ٿا، انهن جي صورت نوعيه جي تقاضا اها آهي. پر جيڪڏهن پنهنجي صورت نوعيه جي تقاضا جي ابتڙ، گاهه کائڻ وارا جانور گوشت کائن ۽ گوشت کائڻ وارا جانور گاهه کائڻ شروع ڪن ته سندن طبيعت خراب ٿي پوندي، پر جيڪڏهن صورت نوعيه جي تقاضا مطابق گاهه کائڻ وارا گاهه کائن ۽ گوشت کائڻ وارا گوشت کائن ته سندن طبيعت درست رهندي. بلڪل اهڙيءَ طرح انسان جي صورت نوعيه جي گهرج اها آهي ته انسان اهڙا ڪم ڪري جن جي پس منظر ۾ هيءُ چار خوبيون هجن:
1- ”اخبات“، الله جي سامهون جهڪڻ.
2- ”پاڪائي“، پنهنجو پاڻ کي خيالن توڙي عملن ۾ صاف رکڻ. (يعني ذهني ۽ جسماني پاڪيزگي اختيار ڪرڻ.)
3- ”سماحت“، تنگ دليءَ ۽ لذت پرستيءَ کان پري رهڻ.
4- ”عدالت“، وچٿرائپ اختيار ڪرڻ ۽ انصاف قائم ڪرڻ.
هنن چئن خوبين مطابق انسان ڪم ڪندو ته سندس ملڪي طبيعت صحت مند رهندي. پر جيڪڏهن انسان پنهنجي ارادي سان اهڙا ڪم ڪندو جن جي پس منظر ۾ مٿيون چار خوبيون نه هونديون بلڪ انهن جي مخالف شيون هونديون ته انسان جو ملڪي مزاج خراب ٿي پوندو. اڄ جيڪڏهن انسان ان تڪليف کي محسوس نه ٿو ڪري، ته جڏهن جسم جي وزن کان هلڪو ٿيندو (يعني موت کانپوءِ ان کان جسم کسيو ويندو) ته ان وقت کيس عملن جي سٺائيءَ ۽ خرابيءَ جو احساس ٿيندو. جيئن جسم جي ڪنهن عضوي جي سڙڻ کان پوءِ جيڪڏهن ان کي سُن ڪندڙ دوا لڳائبي ته ان وقت تڪليف محسوس نه ٿيندي، پر جڏهن دوا جو اثر ختم ٿيندو ته فوري طور تي تڪليف جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي.
[b]2. “ملاءِ اعليٰ”، عملن جي نتيجن جو ٻيو سبب
[/b]اسان مان هر هڪ انسان ۾، جهڙيءَ طرح محسوس ڪندڙ قوتون دماغ اندر رکيون ويون آهن، جو جڏهن انسان جو پير ٽانڊي يا برف تي پوندو آهي ته فوري طور تي دماغ محسوس ڪري وٺندو آهي، اهڙي طرح حظيرةالقدس ۾ موجود انسان جي صورت نوعيه (انسان اڪبر) لاءِ به حواسن جي قائم مقام هڪڙا فرشتا پيدا ڪيا ويا آهن. صورت نوعيه انهن ملائڪن جي شرڪت کان بنا پنهنجو ڪم پورو نه ڪري سگهندي آهي. ان جو صحيح مثال اهو آهي ته جيئن انسان محسوس ڪندڙ قوتن بنا پنهنجو ڪم پوريءَ طرح نه ڪري سگهندو آهي، تيئن ”انسان اڪبر“ انهن ملائڪن بنا ڪم نه ڪري سگهندو آهي. جنهن وقت به انساني نوع جو ڪو فرد سٺو ڪم ڪندو ته ان جو پهريون اثر فوري طور تي حظيرةالقدس ۾ ان انساني نوع تي پوندو ۽ ان جي چوڌاري جيڪي فرشتا آهن انهن مان خوشيءَ ۽ سرور جا شعاع نڪرندا. اهڙي طرح جڏهن ڪو ماڻهو خراب ڪم ڪندو ته انهن فرشتن مان نفرت ۽ بغض جا شعاع نڪرندا، ان کان پوءِ اهي شعاع ان انسان اڪبر جي روح ۾ ويهي ويندا آهن. جنهن ڪري ان جو اثر هتي به ان فرد تي پوندو آهي. (سٺي ڪم وقت خوشي ۽ خراب ڪم وقت ڏک محسوس ٿيندو آهي.) ان سان گڏوگڏ ملاءِ سافل جي فرشتن ۽ نيڪ انسانن تي به ملاءِ اعليٰ جي فرشتن جي شعاعن جو اثر پوندو آهي. جيڪو ڪم سٺو هوندو ته ملاءِ سافل جي فرشتن ۽ نيڪ ماڻهن جي دل ۾ پنهنجو پاڻ اها ڳالهه به پيدا ٿي ويندي ته ان انسان سان محبت ڪن ۽ ان سان سٺو سلوڪ ڪن. پر جيڪڏهن عمل خراب هوندو ته انهن جي دل ۾ اها ڳالهه پيدا ٿيندي ته ان مانهوءَ کان نفرت ڪن ۽ ان سان سٺو سلوڪ نه ڪن. ان جو مثال ائين آهي ته جيئن اسان جو پير باهه جي شعلي تي پوندو آهي ته دماغ جون ادراڪي قوتون سڙڻ جي تڪليف ۽ سور محسوس ڪنديون آهن. جنهن سان دماغ منجهان هڪ شعاع نڪرندو آهي جيڪو دل تي اثر ڪندو آهي، جنهن سان دل ڏکوئبي آهي ۽ پوءِ طبيعت ۾ اثر پيدا ٿيندو آهي ۽ بخار ٿي پوندو آهي. ملاءِ اعليٰ جي فرشتن جو اسان جي جسم ۾ پڻ بلڪل اهڙو اثر آهي، جهڙو اسان جي ادراڪي قوتن جو اسان جي جسم تي.
ادراڪي قوتون اسان جي جسم تي ڪهڙيءَ طرح اثرانداز ٿين ٿيون؟ ان جي وڌيڪ وضاحت لاءِ هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي. هڪ ماڻهو جنهن کي ڏکوئيندڙ واقعو پيش اچڻ جو امڪان هجي يا ڪنهن به قسم جي ذلت جو امڪان هجي ته ان کي توهان ڏسندؤ ته ان جو جسم ڏڪندو آهي، ان جو رنگ پيلو ٿي ويندو آهي، بدن ڪمزور ٿي ويندو آهي، ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن ته کائڻ پيئڻ ئي وسري ويندو اٿس. پيشاب ڳاڙهو اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته خوف وڌي وڃڻ ڪري هنگڻ مٽڻ نڪري ويندو آهي، جڏهن ته اڃا اهڙو واقعو پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي بلڪ ان جي ٿيڻ جو صرف امڪان هو. ان سان هيءُ واضح ٿي وڃي ٿو ته ادراڪي قوتون بدن جي مختلف طاقتن کي پيغام پهچائينديون آهن ۽ انهن تي غلبو به رکنديون آهن. ساڳيءَ طرح ملاءِ اعليٰ جي فرشتن وٽان جبلي الهام ۽ طبعي حالتون، انسان ۽ ملاءِ سافل جي فرشتن تي پونديون رهنديون آهن. ڳالهه جو خلاصو اهو ته هن زمين تي رهندڙ سمورا انسان ملاءِ اعليٰ جي فرشتن جا ائين تابع آهن جيئن اسان جون بدني قوتون اسان جي ادراڪي قوتن جي تابع آهن. پوءِ جهڙي طرح ملاءِ اعليٰ کان متاثر ٿيڻ کان پوءِ شعاع هيٺ لهندا آهن، اهڙيءَ طرح حظيرة القدس جي اعليٰ طبقي جي فرشتن تائين پڻ ان جو هڪ قسم جو نوراني رنگ پهچندو آهي. اتي اهو رنگ هڪ قسم جي نئين استعداد ۽ طاقت پيدا ڪندو آهي. جيئن باهه جي ڀرسان پاڻي رکبو آهي ته ان ۾ گرمي پيدا ٿي پوندي آهي يا جيئن ذهن ۾ ٻن مختلف مسئلن تي غور ڪبو آهي ته ذهن نتيجي سمجهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي يا جيئن انساني دعا الله تعاليٰ جي طرف کان رحمت نازل ٿيڻ جي استعداد پيدا ڪري وجهندي آهي. اهڙيءَ طرح هيءُ نوراني اثر پڻ تجلي الاهي مان هڪ اهڙي حيثيت پيدا ڪرڻ جو سبب ٿيندو آهي، جنهن کي نيڪ عملن جي صورت ۾ رحمت ۽ الاهي رضا سڏيو ويندو آهي ۽ برن عملن جي صورت ۾ غضب ۽ لعنت سڏيو ويندو آهي. اهڙي وقت ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ته الاهي صفتن ۾ ان طريقي سان هڪ نئون رنگ پيدا ٿي ويو آهي، مثال پهريان غضب هو ته هاڻي رحمت ٿي وئي يا پهريان رحمت هئي ته هاڻي غضب ۾ تبديل ٿي وئي. (جيئن هڪ شخص خراب ڪم ڪيو ته غضب جو رنگ نازل ٿيو، الله کي غضب جي صفت سان پڻ سڏيو ويندو آهي. ۽ جڏهن ان سٺو ڪم ڪيو ته ساڳيو غضب، رحمت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جيئن الله تعاليٰ کي رحمت جي صفت سان پڻ سڏيو ويندو آهي.)
قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
لَہٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ مِنۡ خَلۡفِہٖ یَحۡفَظُوۡنَہٗ مِنۡ اَمۡرِ اللّٰہِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُغَیِّرُ مَا بِقَوۡمٍ حَتّٰی یُغَیِّرُوۡا مَا بِاَنۡفُسِہِمۡ ؕ وَ اِذَاۤ اَرَادَ اللّٰہُ بِقَوۡمٍ سُوۡٓءًا فَلَا مَرَدَّ لَہٗ ۚ وَ مَا لَہُمۡ مِّنۡ دُوۡنِہٖ مِنۡ وَّالٍ ﴿۱۱﴾
(الرعد: 11)
(الله تعاليٰ ڪنهن قوم جي حالت ايستائين نه بدلائيندو آهي جيستائين قوم پنهنجي (دل جي) حالت نه ٿي بدلائي.)
۽ پاڻ سڳورن ﷺ جن کوڙسارين حديثن ۾ فرمايو آهي ته فرشتا ماڻهن جا عمل آسمان تي کڻي ويندا آهن ۽ الله تعاليٰ کانئن پڇندو آهي ته منهنجي ٻانهن کي توهان ڪهڙي حالت ۾ ڇڏيو؟ (فرشتن کان رپورٽ ورتي ويندي آهي) پاڻ فرمايائون ڏينهن جا عمل رات ٿيڻ کان پهريائين آسمان تي پهچايا ويندا آهن. انهن حديثن ۾ پاڻ سڳورا اهو سمجهائڻ چاهين ٿا ته فرشتا ماڻهن ۽ الله تعاليٰ جي نور (جيڪو حظيرة القدس ۾ آهي) جي وچ ۾ هڪ قسم جو واسطو آهن.
[b]3-عملن جي نتيجن جو ٽيو سبب، شرعي قانون جي تقاضا
[/b]عملن جي جزا ۽ سزا جو ٽيون سبب آهي دنيا ۾ شرعي قانون جي نازل ٿيڻ کان پهريائين، ان جو حظيرة القدس ۾ لکجڻ. (جيتوڻيڪ هيءُ ٽيون سبب پهرين سبب سان ملندڙ جلندڙ آهي. پر پهريون مصلحتون ۽ سبب انسانيت جي عام تقاضا جي طرف اشارو ڪن ٿا ۽ اهي قانون اندر اچي چڪا آهن.) انصاف ڪندڙ قوت، اعليٰ ۽ ادنيٰ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. ادنيٰ طاقت قانون جي صورت جو هميشه وڌيڪ لحاظ رکندي آهي ۽ اعليٰ طاقت قانون جي روح جو وڌيڪ خيال رکندي آهي. قانون کان ٻاهر ملڪ يا قوم جي لاءِ جيڪي مصلحتون ضروري ٿينديون آهن انهن تي نه اعليٰ طاقت بحث ڪري سگهندي آهي ۽ نه ادنيٰ طاقت. اهو قانون ٺاهڻ واري قوت جو ئي فرض آهي ته اها ان تي بحث ڪري.
ٻئي ۽ ٽئين سبب ۾ فرق اهڙو آهي جهڙو قانوني ڪائونسل جي ميمبرن جي نظرين ۽ عدالتي ڌر جي ماڻهن جي نظرين ۾ فرق هوندو آهي. قانوني ڪائونسل جا ميمبر قانون جي روح کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته عدالت سان تعلق رکندڙ ماڻهو قانون جي لفظن جي پيروي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻئي سبب ۾ انسانيت جي عام تقاضائن جو ذڪر هو ۽ ٽئين ۾ انهن قانونن جو ذڪر آهي جيڪي ان روح کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.
انسانن مٿان شريعت ڪهڙي طرح مقرر ٿي؟ ان جو مثال پراڻي نجوم جي علم منجهان ڏيڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. (ڇاڪاڻ ته ابراهيم عليه السلام کان پهريائين واريون شريعتون عام طور نجوم جي قاعدن تي مرتب ٿينديون رهيون آهن.) ستارن جي جهرمٽ ۾ جڏهن ڪو سيارو هڪ خاص شڪل ۾ ٻين سيارن جي مقابلي ۾ ايندو آهي ته نجومي سمجهي وٺندو آهي ته هڪ اهڙي روحانيت پيدا ٿيڻ واري آهي جيڪا انهن جي جهرمٽ جي قوتن مان جڙيل آهي. اها روحانيت آسمان جي هڪ حصي ۾ مقرر ڪئي ويندي آهي. (آسماني سيارن جي احڪامن کي زمين تي پهچائڻ جي اڪيلي ذريعي) چنڊ جي توسط سان اها روحانيت زمين تي پهچندي آهي. جنهن کان پوءِ ماڻهن جا خيالات، ان روحانيت جي اثر سان تبديل ٿي ويندا آهن. ان کان پوءِ نجومي هڪ خاص جنتري ٺاهي وٺندو آهي ته روحاني اجتماع جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. جنهن کي شريعت ۾ ”مبارڪ رات“ چيو ويو آهي، ان ۾ حڪمت جون سموريون ڳالهيون تقسيم ٿينديون آهن، ان وقت ملائڪن جي دنيا ۾ هڪ روحانيت پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾ انساني نوع جا احڪام ۽ ان وقت جون تقاضائون پڻ لحاظ ۾ رکيون وينديون آهن. اتاهون کان ان زماني جي مقدس ماڻهوءَ تي الهام نازل ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ ان جي واسطي سان، مقدس انسان جي ويجهي واري طبقي جي ماڻهن ۾ الهام پهچندو آهي ۽ انهن کان وري عام انسانن ۾ ان الهام کي قبول ڪرڻ ۽ سٺو سمجهڻ جو الهام ٿيندو آهي. جيڪو ماڻهو انهن الهامن کي قبول ڪندو ۽ انهن جي تائيد ڪندو آهي ته ان کي قدرتي مدد ملندي آهي ۽ جيڪو ماڻهو انهن الهامن جي خلاف ورزي ڪندو آهي، اهو قدرتي طور تي شڪست کائيندو آهي. اهڙيءَ طرح ملاءِ سافل جي فرشتن کي الهام ٿيندو آهي ته اُهي انهن الهامن کي مڃيندڙ هر ماڻهوءَ سان سٺو سلوڪ ڪن ۽ نه مڃيندڙن سان خراب سلوڪ ڪن. ان کان پوءِ انهن الهامن کي قبول ڪندڙ ماڻهن مان هڪ قسم جو نوراني رنگ ملاءِ اعليٰ ۽ حظيرة القدس ۾ پهچندو آهي، جنهن کان پوءِ اتي الاهي صفتن ۾ نئين نموني سان خوشيءَ ۽ ناراضگيءَ جا اثر ظاهر ٿيندا آهن.
[b]4-عملن جي نتيجن جو چوٿون سبب، نبيءَ جي اطاعت
[/b]نبي جڏهن ماڻهن ۾ پنهنجي پيغام پهچائڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽ الله جو ارادو اهو هوندو آهي ته ان نبيءَ جي نڪرڻ سان ماڻهن تي مهرباني ڪري ۽ انهن کي نيڪ ڪمن ۽ ترقي جي اعليٰ درجن جي قريب پهچائي ته مٿن ان نبيءَ جي اطاعت لازم ۽ فرض قرار ڏيندو آهي ۽ جيڪو علم نبيءَ وٽ الهام جي ذريعي آيو هو، نبيءَ جي دعا ۽ همٿ سان هڪ مخصوص شڪل پيدا ڪري وٺندو آهي ۽ اهڙي طرح الله تعاليٰ جو حڪم ان خاص شڪل کي پڪو بنائي ڇڏيندو آهي.
(نبي پنهنجي آس پاس پنهنجي قوم جي سٺن ماڻهن جو جڏهن انتخاب ڪندو آهي ۽ انهن کي پاڻ سان کڻندو آهي، تڏهن مٿي ذڪر ٿيل اعليٰ ۽ بنيادي قانون جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ماڻهن لاءِ، ٻئي درجي جا قانون (By laws فروعي قانون) جوڙيندو آهي. ان وقت ان قانون ۾ ايتري عموميت/ وسعت نه رهندي آهي جهڙي ٽئين درجي اندر قانون ۾ عموميت ۽ وسعت هئي. بلڪ ان مخصوص جماعت جي اثرن هيٺ هاڻي هو هڪ خاص شڪل ۾ معين ٿي ويندو آهي. ٽئين درجي ۾ قانون لاءِ اهو ضروري نه هوندو آهي ته ڪو ان لاءِ خاص زبان مقرر ڪئي وڃي. اهو قانون جڏهن چوٿين درجي ۾ ايندو آهي، تڏهن ان لاءِ نبي جي زبان قانون جو درجو حاصل ڪري وٺندي آهي.)