ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

مادي دنيا جي تقسيم

ڄاڻڻ گهرجي ته معدنيات، نباتات، حيوانات ۽ انسان جي صورتن لاءِ مادو ۽ انهن جي هڪ قسم جي سواري (Vehicle) مخصوص هوندي آهي ۽ اها ٻين لاءِ مادي سواريءَ جو ڪم نه ڏيندي آهي. ۽ هيءُ به ياد رکڻ گهرجي ته انهن چئن صورتن (معدنيات، نباتات، حيوانات ۽ انسان) جون بظاهر شڪليون هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون پر انهن مان هر هڪ ۾ اهڙو پهرئين درجي جو ڪمال هوندو آهي جيڪو ٻين ۾ نه هوندو آهي.
عنصرن (باهه، پاڻي، مٽي، هوا) جا جيڪڏهن ننڍا ننڍا جزا ڪيا وڃن ۽ مختلف طريقن سان انهن ۾ ترڪيب ۽ جوڙجڪ شروع ڪئي وڃي، جيئن هڪ عنصر سان ڪو ٻيو عنصر ملايو وڃي ۽ ڪنهن ۾ ٻه عنصر وڌايا وڃن ته ان مان هيٺينءَ طرح جا مرڪب پيدا ٿيندا:
1- اهڙا مرڪب جن ۾ ٻه جزا هجن جيئن ٻاڦ، اها پاڻيءَ ۽ باهه مان ٺهندي آهي. جيئن واچوڙو، مٽيءَ ۽ هوا مان ٺهندو آهي. دونهون، آلي مٽي، (پاڻيءَ سان ڀڳل) زمين هر جوٽيل ۽ باهه جي چڻنگ ۽ شعلو هيءُ ٻن ٻن جزن جا ٺهيل آهن. (انهن کي مرڪب ثنائي چيو ويندو آهي.)
2- اهڙا مرڪب جن ۾ ٽي ٽي جزا هجن، جيئن خمير ڪيل مٽي (پاڻيءَ جي مٿان واري سبزي) (انهن کي ثلاتي مرڪب چيو ويندو آهي.)
3- اهڙا مرڪب جن ۾ چار چار جزا هجن، ان جا مثال به اهڙا ملي سگهن ٿا. (انهن کي رباعي مرڪب چيو ويندو آهي.)
انهن چئن قسمن جي مرڪبن جون جيڪي خاصيتون هونديون آهن، سي جزن جي خصوصيتن جي ميلاپ ۽ گڏيل خصوصيتن سان پيدا ٿينديون آهن، انهن ۾ ڪا ٻي نئي خاصيت پيدا نه ٿيندي آهي. (يعني اهي غير ڪيمياوي ترڪيبون آهن) انهن جو نالو ”ڪائنات الجو“ آهي يعني فضا ۾ پيدا ٿيندڙ شيون.
معدنيات: ڪيميائي مرڪب ۾ پهريون درجو معدنيات جو آهي. معدنيات غيرڪيمياوي مرڪبات مان ترقي ڪري پيدا ٿيندي آهي. (يعني عنصريت مان ترقي ٿيندي آهي ته مادو سڀ کان پهريائين معدنيات جي شڪل اختيار ڪندو آهي.) ۽ ان ۾ هڪ نوع جون خاصيتون هونديون آهن، جيڪي ان ۾ محفوظ رهنديون آهن يعني پنهنجي غير ڪيمياوي مرڪبن منجهان ان ۾ اهڙي طاقت ايندي آهي، جيڪا ان کي ”لوهه“ بنائي ڇڏيندي آهي. ته هاڻي ”لوهه هئڻ“ کي ان جي صورت ڪوٺبو ۽ ان جو نالو ”معدنيت“ آهي ۽ جيڪي ان جا جزا آهن، سي ان جو مادو ۽ سواري آهن. ان ترڪيبي صورت جيئن نيون خاصيتون پيدا ڪيون آهن، تيئن انهن کي محفوظ به رکندي آهي. لوهه جتي به هوندو اتي ان جون خاصيتون به برابر موجود هونديون ۽ انهن ۾ تبديلي نه ٿيندي. انهن خصوصيتن کي پيدا ڪندڙ ۽ انهن کي محفوظ رکندڙ قوت جو نالو (حديديت) لوهائپ يا معدنيات رکبو آهي. هي ان جو روح چوِرائينديون آهن.
[b]وڌندڙ جسم:
[/b] ان کان پوءِ ترقي ڪندڙ ڪيميائي مرڪبن جي هڪ نئين صورت ظاهر ٿيندي آهي، جنهن کي ”وڌندڙ جسم“ (نباتات) چيو ويندو آهي. هيءَ صورت ٺهيل ٺڪيل مزاج واري جسم کي پنهنجي سواري ۽ مادو بنائيندي آهي ۽ عناصر ۽ فضا ۾ پيدا ٿيندڙ قوتن کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي وٺندي آهي. ان جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو هڪ خاص قسم جو ڪمال پيدا ٿي پوندو آهي. اهو ڪمال ٻيون جسماني قوتون ”نامويت“ (وڌڻ واري خصوصيت) کان پهريائين ظاهر نه ڪري سگهنديون آهن.
[b]حيوانيت:
[/b]ان کان پوءِ حيوانيت جو دور ايندو آهي. اها هوائي روح کي، جنهن ۾ غذا هضم ڪرڻ ۽ وڌڻ جون قوتون موجود هونديون آهن، پنهنجي سواري بنائي وٺندي آهي ۽ ان جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ پنهنجي ارادي ۽ حواس سان پنهنجو اثر نافذ ڪندي آهي. جنهن کان پوءِ اها ڪنهن مفيد شيءِ جي طلب ڪرڻ لڳندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن شيءِ کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. (يعني هاڻي ان ۾ ارادو ۽ محسوسات پيدا ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي نفعي ۽ نقصان جو ننڍي ۾ ننڍو فهم ۽ سوچ ان ۾ اچي وئي آهي.)
[b]انسانيت:
[/b]ان کان پوءِ انسانيت جو دور اچي ٿو. هيءَ روح هوائي يا نسمي کي، جيڪي حيواني بدن ۾ عمل ڪري رهيا هئا، پنهنجي سواري بنائي وٺندي آهي ۽ پنهنجو توجهه انهن اخلاقي قوتن طرف ڪندي آهي، جيڪي ڪنهن ڪم لاءِ اڪسائڻ يا پوئتي ڪرڻ جي قوتن جو مرڪز آهن. انسانيت انهن قوتن کي نهايت خوبصورت بنائيندي آهي ۽ انهن جي سياست کي بهتر طريقي سان هلائيندي آهي ۽ ان کي حظيرة القدس کان ايندڙ شين جو مرڪز بنائيندي آهي.
هاڻي انهن هڪ ٻئي پٺيان مرڪب صورتن ۾ جيتوڻيڪ سرسر نظر سان اهو ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته سمورا ڪم انسانيت ڪري رهي آهي، پر باريڪ نظر سان جڏهن ڏسبو ته اهو معلوم ٿيندو ته حيوانيت جا ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ انسانيت جي هيٺان حيوانيت بلڪل اهڙيءَ ئي طرح ڪم ڪري رهي آهي، جيئن انسانيت جي جسم کان ٻاهر حيوانيت ڪم ڪندي رهندي آهي ۽ نامويت جا ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ حيوانيت جي هيٺان نامويت جي قوت پنهنجي پوريءَ طاقت سان ڪم ڪندي رهندي آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح معدنيت ۽ ان کان پوءِ هر هڪ عنصر جي قوت کي سمجهڻ گهرجي. (ان جو مطلب هي آهي ته جيڪا نئي صورت مخصوص خاصيتن واري جڙي آهي ان ۾ ان صورت جي مادي جون به خصوصيتون اچي وينديون آهن ۽ گڏ انهن سڀني مادن جون خصوصيتون به جيڪي هن مخصوص صورت جي مادي جو مادو هونديون آهن، جيئن مٿي گذري چڪو آهي ته صورت ۽ مادي جو هڪ سلسلو هوندو آهي ۽ هر هڪ صورت جي پنهنجي خصوصيت هوندي آهي. مطلب ته نئين صورت ۾ ان کان اڳ ۾ ٿيل سڀني صورتن جون به خصوصيتون اچي وينديون آهن.)
هيءُ ته ظاهر آهي ته هر هڪ صورت لاءِ هڪ مادو هئڻ ضروري آهي، جنهن تي ان صورت کي بيهاري سگهجي، ڇاڪاڻ ته صورت جو مثال ته هڪ ميڻ جي ٺاهيل انسان جي صورت جهڙو آهي. ميڻ جي ٺهيل انسان جي صورت ميڻ جي وجود کان ٻاهر ته تصور ئي نٿي ڪري سگهجي، تئين هر هڪ صورت جو ان جي ڪنهن نه ڪنهن مادي کان سواءِ تصور ڪرڻ به ناممڪن آهي. ۽ هيءُ به واضح آهي ته هر صورت لاءِ ان جو جيڪو مادو هوندو آهي سو ان صورت سان مناسب ۽ ميچ کائيندڙ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص اهو ٿو چوي ته انسان جو مخصوص نفس (نفس ناطق) موت کان پوءِ مادي کي بلڪل ڇڏي ڏيندو آهي ته اهو ماڻهو غلط آهي. (اهو ٿيو صورت جو مادي کان بنا هئڻ، جيڪو ناممڪن آهي.)
ها البته انساني نفس لاءِ ٻه مادا هئا:
1- هڪ اهو جنهن سان سندس سڌو تعلق آهي، جنهن کي اسان روح هوائي يا نسمو چوندا آهيون.
2- ٻيو اهو جنهن سان انساني نفس (روح الهي) جو تعلق اڻ سڌيءَ طرح ۽ ڪنهن واسطي سان هوندو آهي. اهو آهي جسم، جنهن سان انساني نفس (روح الهي) جو تعلق نسمي ۽ روح هوائي جي واسطي سان هوندو آهي. ته جڏهن انسان مرندو آهي ان وقت هيءُ زمين جو مادو (انساني جسم) ته کائنس جدا ٿي ويندو آهي ۽ ان سان انساني نفس کي ڪوبه نقصان نه پهچندو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ نسمي ۽ روح هوائيءَ کي پنهنجي سواري بنائي وٺندو آهي. باقي روح هوائي ۽ نسمو کائنس جدا نه ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته ان سان ان جو سڌو تعلق هوندو آهي.
انساني نفس (روح الهي) جو پنهنجي مادي جسم کان ڌار ٿي وڃڻ کان پوءِ به نقصان نه ٿيڻ جو مثال ائين آهي جيئن هڪ لکڻ جي ماهر جا هٿ ڪٽي ڇڏجن ته اهو ماڻهو لکڻ جي صلاحيت کان ته پوءِ به وانجهو ڪونه ٿيندو. ان جو ٻيو مثال جيئن ڪنهن هلڻ جي صلاحيت رکندڙ شخص جا پير ڪٽي ڇڏجن تڏهن به ان ۾ هلڻ جي صلاحيت باقي رهندي آهي. (جيڪڏهن ان کي ٻيهر پير ملي پون ته ساڳيو هلڻ لڳندو) ٽيون مثال جيئن ڪنهن ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ انسان کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏجي.
انسان جا ڪجهه ڪم ۽ اخلاق اهڙا ٿيندا آهن، جيڪي هو پنهنجي دل جي شوق ۽ خواهش کان ڪندو آهي. اهڙن ڪمن لاءِ جيڪڏهن کيس آزاد ڇڏي ڏبو ته اهي ڪم پاڻ سدائين ڪندو رهندو، ڪڏهن به انهن جي مخالفت نه ڪندو. ڪجهه ڪم ۽ اخلاق وري سندس اهڙا هوندا آهن، جيڪي پاڻ پنهنجي ٻين ساٿين جي صرف موافقت لاءِ ڪندو آهي يا وري ڪن ٻين عارضي اثرن ۽ سببن جي ڪري ڪندو آهي. جيئن بک يا اڃ جي سببان ڪو ڪم ڪندو آهي. هن قسم جي ڪمن جاجيڪي عارضي سبب ٿين ٿا سي جڏهن ختم ٿي ويندا آهن ته انسان اهي ڪم ڪرڻ به ڇڏي ڏيندو آهي، بشرطيڪ ڪو ماڻهو ڪن اهڙن ڪمن جو عادي نه ٿي وڃي. ان جو مثال ائين آهي ته ڪنهن انسان ڪن خاص ماڻهن سان دوستي رکي، مثال ڪنهن شاعر يا طبيب سان ته اهڙي صورت ۾ ان دوستي سببان ماڻهو مجبور ٿيندو آهي ته لباس ۽ ڪپڙا به انهن جهڙا پائي. اهڙو ماڻهو جڏهن پنهنجي اصلي طبيعت تي اچي ويندو يا سندس کي پنهنجي مرضي تي ڇڏي ڏبو ۽ اهي سبب به ختم ٿي وڃن (مثلاً انهن ماڻهن سان هن جو تعلق ختم ٿي وڃي) ته هو پنهنجي مرضي سان اهي لٽا پائڻ ڇڏي ڏيندو ۽ مٿس ان جو ڪوبه اثر نه ٿيندو. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن لباس کي دل سان پسند ڪري ٿو ته اهو پنهنجي پسند جو لباس نه پائي سگهندو ته يقيناً دلي طور تڪليف محسوس ڪندو.
انسانن جا ٻه قسم ٿين ٿا: هڪڙا اهي انسان جيڪي طبعي طور بيدار مغز، ذهين ۽ گهري سوچ سمجهه وارا ٿين ٿا. سندن سامهون جن شين جو ذڪر ٿيندو يا سندن اڳيان ڪي واقعا پيش ايندا آهن ته انهن واقعن منجهه جيڪو گڏيل قدر هوندو آهي، ان کي هو پروڙي وٺندا آهن. انهن ماڻهن جي طبيعت واقعن جي علتن ۽ سببن کي نوٽ ڪري ۽ نچوڙ کي محفوظ ڪري واقعن کي وساري ڇڏيندي آهي. يعني واقعن ۽ ڳالهين جو خلاصو، نتيجو ۽ انهن مان حاصل ڪيل سمجهه، ملڪو ۽ مهارت کي محفوظ ڪندا آهن ۽ واقعا وساري ڇڏيندا آهن. ٻيا اهي انسان آهن جيڪي غافل، بي خبر ۽ بي سمجهه ٿيندا آهن. اهي کوڙسارن واقعن منجهان ڪو گڏيل قدر، خاص نتيجو ۽ نچوڙ ڪڍي ۽ ان کي محفوظ ڪري نه سگهندا آهن، اهي ماڻهو وحدت کي ڇڏي ڪثرت ڏانهن ڀڄندا آهن. يعني گهڻن واقعن جي ”بنيادي وحدت“ کي هو خيال ۾ نه آڻيندا آهن ۽ هڪ هڪ ڪري سمورا جو سمورا واقعا ويٺا ياد ڪندا آهن. اهڙي ذهن جا ماڻهو روح کي پڻ سمجهي نه سگهندا آهن، صرف صورت کي ئي ذهن ۾ رکندا آهن.
انسان جڏهن مري ويندو آهي ته ان جو مادي جسم مٽي ٿي زمين ۾ ملي ويندو آهي. البته ان جو ”نفس ناطق“ (روح) نسمي (روح هوائي) جي زور تي قائم رهندو آهي. مرڻ کان پوءِ انسان جو روح (نفس ناطق) فارغ ٿي پنهنجي طبعي شين طرف متوجهه ٿيندو آهي. دنيا جي اندر هو جيڪي ڪم دنياوي زندگيءَ جي ضرورتن خاطر، دلي خواهشن کان بنا ڪندو هو، هاڻي اهي سڀ ڇڏي ڏيندو. وٽس صرف اهي ئي شيون باقي رهنديون آهن جن کي هو پنهنجي جوهر ۾ ذاتي طور محفوظ ڪندو هو. ان وقت سندس ملڪوتي قوت پڻ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ سندس بهيميت ڪمزور ٿي ويندي آهي. حظيرة القدس ۾ محفوظ ڪيل سندس سمورن ڪمن بابت، حظيرة القدس مان يقين جي پالوٽ ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.
ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو هڪ ملڪ ۾ هڪ ڊگهو عرصو زندگي بسر ڪري ٿو، اتي ان جا دوست، دشمن پيدا ٿي وڃن ٿا. هر واقعي جي متعلق پنهنجي فيصلن تي عمل ڪندو وڃي ٿو. پر ڇاڪاڻ ته هو ان وقت نهايت مصروف هوندو آهي، ان ڪري ان جاسڀ ڪم صحيح نه هوندا آهن. اوچتو ان کي اهو ملڪ ڇڏڻو ٿو پوي ۽ ان ملڪ جي ماڻهن سان سندس تعلق ڪٽجي ٿو وڃي، ان وقت ان کي پنهنجي اڳين فيصلن تي سوچڻ جو موقعو ملي ٿو، جيڪي هو اڳئين ملڪ ۾ رهي وٺ وٺان جي حالت ۾ ڪري چڪو آهي. ته ڪٿي ڪنهن دوست کي نقصان پهچايم، ڪٿي دشمن کي نقصان ڏئي ٿي سگهيس، پر بي توجهيءَ جي ڪري شڪست کاڌم، اهڙي طرح سٺن ڪمن کي ياد ڪري خوشي محسوس ڪندو آهي. ته جيئن ان مختصر زندگيءَ جي عرصي کي انسان جو دماغ محفوظ ڪندو آهي، بلڪل اهڙي طرح حظيرة القدس، انسان جي هر ننڍي وڏي عمل کي محفوظ ڪندو آهي.
موت کان پوءِ انسان جو حظيرة القدس ڏانهن توجهه هوندو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته حظيرة القدس، انسان جو طبعي مرڪز آهي. صوفي سڳورا عام طور هڪ حديث بيان ڪندا آهن. ”حب الوطن من الايمان“ ان جو مطلب اهو وٺندا آهن ته ملڪيت کي حظيرة القدس سان محبت آهي. اها ملڪيت موت کان پوءِ ظاهر ٿيندي آهي، پر صوفي سڳورا ان کي هن زندگيءَ ۾ ئي حاصل ڪري وٺندا آهن، هيءَ وطن جي محبت آهي ۽ ايمان جو جز آهي. مقصد ڳالهه جو اهو ته جڏهن ملڪيت کي حظيرة القدس جي طرف طبعي طور توجهه هوندو آهي ته پنهنجو پاڻ آهستي آهستي کيس حظيرة القدس ۾ محفوظ سندس عملن جي ڪارروائي نظر ايندي آهي، ان وقت کيس تڪليف پهچڻ لڳندي آهي يا انعام ۽ خوشي ملڻ لڳندي آهي.