عملن جي نتيجن جا سبب
انسان جا عمل، سندس وجودي نظام کان اهڙيءَ طرح پيدا ٿيندا آهن، جو انسان پاڻ کي انهن عملن جو پيدا ڪندڙ ۽ موجد سمجهندو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ائين نه هوندو آهي. حقيقت ۾ ان عمل لاءِ جڏهن کوڙسارا سبب گڏ ٿي ويندا آهن تڏهن وڃي اهو عمل ظاهر ٿيندو آهي. پر ان عمل جي وجود ۾ اچڻ مهل ان جي سڀ کان ڀرسان واري علت جي جيڪا ڪڙي هوندي آهي، اها انساني ارادو هوندي آهي. انسان جي ذهنيت اهڙي آهي جو انسان ٻين سڀني سببن کي ته وساري ڇڏيندو آهي پر پنهنجو ارادو کيس ياد رهندو آهي. ان جو مثال هڪ انجڻ کي ڪري وٺو، انجڻ ۾ جيڪا به چرپر هوندي آهي، ان ۾ سڄي مشينريءَ جو عمل دخل هوندو آهي. پر ان سڄي مشينريءَ جي مٿان هڪ ماڻهو بحيثيت ڊرائيور ڪم ڪندڙ هوندو آهي. ان مشينريءَ جو نتيجو سامهون آڻڻ لاءِ علت جي آخري ۽ ويجهي ڪڙي ڊرائيور جو ڪم هوندو آهي. انسان پنهنجي عام محاوري ۾ مشينريءَ کي بلڪل وساري ڇڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته هيءُ ڊرائيور جو ڪيل ڪم آهي. اهڙيءَ طرح انساني عمل به مجموعي طور انساني مشينري ۽ ان مشينريءَ جي مدد ڪندڙ ٻاهرين قوتن جي مدد سان ٿيندا آهن، پر انسان جو ارادو هن مجموعي سببن جي آخري ڪڙيءَ جي طور تي اچي پڇاڙيءَ ۾ ملندو آهي. ان آخريءَ سببان انسان عام طور پنهنجو پاڻ کي ان عمل جو پيدا ڪندڙ سمجهندو آهي.
هاڻي توهان ان عمل کي هڪ مستقل علت سمجهيو، ان مان هڪ ٻيو لازمي نتيجو پيدا ٿيندو ۽ اهڙيءَ طرح لاڳيتو ان نتيجي پٺيان ٻيا نتيجا پيدا ٿيندا رهندا (يعني هر اڳيون نتيجو پوئين لاءِ علت بڻبو ويندو ۽ هر علت مان معلول جو پيدا ٿيڻ ضروري هوندو آهي.) ۽ اهو سلسلو هميشه جاري رهندو ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. انسان پنهنجي ذهنيت کان هن حوالي سان مجبور آهي، جو جنهن نتيجي سان سندس واسطو پوندو آهي ته سمجهندو آهي ته اهو منهنجو ئي ثمر آهي، اهو ڪم مون ڪيو هو ۽ ان جو بدلو مون کي ئي ملڻ گهرجي.
ٻيو مثال، انسان نڪاح ڪندو آهي، قدرتي قوتن جي نتيجي جي طور ٻار پيدا ٿيندو آهي، البته انسان جو ان ٻار پيدا ڪرڻ ۾ هڪ ننڍڙو حصو هوندو آهي، پر ماڻهوءَ جو ذهن اهو سمجهندو آهي ته، اهو منهنجو ئي ڪمال آهي. ان ذهنيت جو ئي نتيجو هوندو آهي جو انسان، ٻار جي تربيت ۽ ان جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ لاءِ کوڙساريون مصيبتون وڏي خوشيءَ سان سهندو آهي ۽ ان کان پوءِ ٻار جيڪي نتيجا پيدا ڪندو آهي، انهن کي به هو پنهنجو ڪمال سمجهندو آهي ۽ ان تي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي مالڪي ثابت ڪندو آهي. توهان جيڪڏهن ان عمل جي گهرائيءَ ۾ ويندؤ ته جن علتن تحت ٻار پيدا ٿيو آهي، انهن ۾ ماءُ پيءُ جو بنهه هڪ ننڍڙو حصو هوندو آهي. ان حصي مطابق کين اولاد جي مالڪ ٿيڻ جو ڪنهن به طرح حق نه ٿو پهچي.
انساني نوع جون گڏيل ۽ اعليٰ مصلحتون انسا ن جي دماغ تي ڪجهه اهڙي قسم جو اثر وجهنديون آهن، جنهن کان پوءِ انسان اهو يقين ڪرڻ لڳندو آهي، ته هيءَ سڀ منهنجي پيداوار آهي ۽ آءٌ ئي ان جي نتيجن جو مستحق آهيان. ڪيترو به کولي، چٽي ۽ واضح نموني ۾ توهان پروپئگنڊا ڪيو ته ماڻهو پنهنجي اولاد تي مالڪيءَ جو حق نه ڄاڻائن، توهان قطعي ڪامياب نه ٿيندؤ. ڇاڪاڻ ته انساني نوع جي تقاضا اِها آهي ته ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد جي پرورش تي مجبور ٿين ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن انسان پنهنجي اولاد کي پنهنجو سمجهندو ۽ ان تي پنهنجي مالڪي جي دعوا رکندو. ان کان پوءِ ان جي پرورش لاءِ والدين هر قسم جي مصيبت خوشيءَ سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اهو سڀ انساني نوع جي عمومي ۽ گڏيل مصلحت جو انساني دماغ تي اثر جو نتيجو آهي.
انسان جهڙي تمام ننڍڙي ۽ ڪمزور هستيءَ کان الاهي فطرت جيڪو ڪم وٺڻ گهري ٿي، سو انسان جهڙي ڪمزور هستيءَ لاءِ تمام ڏکيو آهي. ۽ اهڙي پنهنجي وت کان وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ انسان پنهنجي جان کي جوکي ۾ تڏهن وجهي سگهي ٿو جڏهن سندس ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي وڃي ته هو پنهنجي عملن جو پاڻ مالڪ آهي. جڏهن ته حقيقت ائين ناهي. انسان پنهنجي عملن جو پاڻ اڪيلو مالڪ ۽ پيدا ڪندڙ ناهي، هو پنهنجي طور تي پاڻ آزاد نموني عمل نه ٿو تخليق ڪري سگهي. انساني عملن جي پيدا ڪر ڻ لاءِ خدا ٿو ڄاڻي ته تمام گهڻا اسباب ڪم ڪندا آهن، تڏهن ڪم ٿي سگهندو آهي. سببن جي آخري ڪڙيءَ ڊرائيور جيان مشين جي پرزن کي هيڏي هوڏي ڪرڻ جيترو ڪم انسان جو ارادو ڪندو آهي. جنهن جي بنياد تي کيس حق ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي عملن کي پنهنجي ذاتي تخليق سمجهي. انسان کي جڏهن اهو حق ملي ٿو وڃي، ته ان کان پوءِ ان ڪم کي پورو ڪرڻ ۾ ماڻهو پنهنجي پوري قوت، طاقت ۽ زور لڳائي ڇڏيندو آهي. ڪم دوران جيڪڏهن قتل ٿي ويندو آهي ته پاڻ کي شهيد سمجهندو آهي ۽ ان تي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو آهي. اهو انسان جي نوعي نظام جي ضرورت آهي، ان کان پوءِ انهن عملن مان جيڪي نتيجا پيدا ٿيندا آهن، انهن تي انسان پنهنجو حق ڄاڻائيندو آهي. انهن نتيجن کي جزا چيو ويندو آهي.
جيڪڏهن انساني نوع جي آمدني ۽ خرچ جو ڪڏهن حساب ڪيو ويو، ان جا جيڪي نتيجا پيدا ٿيا ۽ اهي ڪهڙيءَ قوت پيدا ڪيا ۽ ان جو سموري ڪائنات تي مفيد اثر ڪيترو ٿيو، ان جو ڪاٿو ڪيو ويندو، يعني صرف انساني نوع جو ڪم الڳ طور ڏيکاريو ويندو، ته ان جو عنوان هيءُ هوندو ته، ”انساني نوع پاڻ ۾ گڏجي هيءُ ڪم ڪيو ۽ ان جو نتيجو کيس هيءُ مليو.“ جيڪڏهن انسان جي ان گڏيل عمل منجهان انساني ڪائنات ۾ ترقي ٿي ته سموري ڪائنات جي زبان سان کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن ترقيءَ جي بجاءِ نقصان ٿيو ته سڄي ڪائنات پنهنجو پاڻ کي ان کان آجو قرار ڏيندي ۽ نقصان جو ذميوار انساني نوع کي قرار ڏيندي ته ان پاڻ ڪم ڪيو ۽ نقصان ڪيائين. انساني نوع کي جيڪڏهن ٻي ڪائنات جي مقابلي ۾ اهڙي طرح الڳ ۽ مستقل حيثيت ڏيڻ، ممڪن مڃبي، ته اهو به مڃي سگهبو ته مٿي ذڪر ٿيل انسان جي ذهنيت، جنهن مطابق هو هر ڪم کي پنهنجي ملڪيت سمجهندو آهي، سا صحيح آهي. پر جيڪڏهن انساني نوع کي هن سڄي ڪائناتي مشينريءَ جو هڪ ننڍڙو، خادم پرزو سمجهي ان کي هن ڪائنات جي ٻين پرزن ۾ گم ڪري ڇڏبو، ته انسان پنهنجي الڳ ۽ مستقل هستيءَ کي فرض به ڪونه ڪري سگهندو ۽ اهو نظريو به مڃڻ لائق نه رهندو ته انسان پنهنجا عمل پاڻ تخليق ڪندو آهي ۽ ان جا نتيجا کيس جزا جي طور ملندا آهن.
اسان اڳتي هلي اهو وڌيڪ وضاحت ۽ چٽائيءَ سان بيان ڪنداسين ته انسان هن ڪل ڪائنات جو هڪ ننڍڙو جزو ۽ پرزو ضرور آهي، پر تنهن هوندي به کيس هڪ قسم جي مستقل ۽ الڳ حيثيت حاصل آهي ۽ ان ”مستقل ۽ الڳ حيثيت“ تي ئي سمورن نبين جي تعليم جو دارومدار آهي.
ان سوچ جي مقابلي ۾ طبيعات (Physics) جي عالمن جي سوچ آهي، جيڪي انسان کي هن وڏي مادي مشين جو هڪ تمام معمولي پرزو سمجهندا آهن ۽ ان مشين جا جيڪي ڪارناما ٿين ٿا، تن کي سمورين مادي قوتن ڏانهن منسوب ڪرڻ ۽ انهن کي ڪريڊيٽ ڏيڻ تي ته راضي ٿيندا آهن، پر ان ۾ جيڪو انساني نوع جو حصو آهي، ان جو ڪريڊيٽ ۽ حق اڪيلي طور انساني نوع کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. جيتوڻيڪ مادي جي تبديلين ۾ انسان به سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ طور شامل ضرور آهي پر طبيعات جا عالم ان کي الڳ ۽ مستقل حيثيت ۾ ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. سندن نظر ۾، هيءَ ٿورڙن ڏينهن جي دنياوي زندگي ئي انسان لاءِ پرڪشش ۽ دل کي خوش ڪرڻ جو سامان پاڻ وٽ رکي ٿي. هن دنياوي زندگيءَ ۾ هو هڪ الڳ اجتماعي صورت ٺاهي وٺندا آهن ۽ هڪ الڳ جماعت ۽ ميڙاڪي جي حيثيت ۾ ڪائنات جي ٻين قوتن ۽ اسبابن سان مقابلو ڪندا آهن، پوءِ ڪڏهن فتح حاصل ڪندا آهن ته ڪڏهن شڪست کائيندا آهن.
هن وقت فتح ۽ شڪست جي مسئلي تي ڳالهائڻ مقصد ناهي، ڏسڻو صرف هي آهي ته انساني نوع هن دنياوي زندگيءَ ۾ هڪ مستقل هستي پيدا ڪري چڪو آهي. (يعني هو پنهنجو پاڻ کي ڪائنات جي قوتن ۽ اسبابن اڳيان مجبور ۽ بيوس مڃڻ لاءِ تيار ناهي.) ۽ نه ئي هو پنهنجو پاڻ کي هن ڪائنات جو صرف هڪڙو پرزو ۽ ان جي سلسلي جي هڪ غير محسوس ڪڙي مڃڻ لاءِ تيار آهي. ان کان پوءِ هن ڳالهه تي سوچڻو آهي ته انسان جي دماغ ۾ جيڪا هيءَ ڪيفيت پيدا ٿي آهي، جنهن مطابق هو پنهنجو پاڻ کي مستقل سمجهڻ لڳو آهي، سا هن مادي تسلسل ۾ عارضي طور پيدا ٿيندڙ سندس ڪا اتفاقي سوچ آهي ۽ حقيقت ۾ هو نه اڳ ۾ ڪنهن مستقل حيثيت ۾ هو ۽ نه هاڻي آهي، يا جن مادي قوتن سندس تخليق ۾ حصو ورتو آهي، انهن جي هيءَ طبعي تقاضا آهي ته انساني نوع پنهنجو پاڻ کي مستقل سمجهي. جيڪڏهن پويون خيال درست مڃي وٺبو ته پوءِ نبين جي پيروڪارن ۽ طبيعياتدانن جي ان اختلاف کي صرف لفظن جو جهيڙو چئبو ۽ نظرياتي طور ڪوبه اختلاف نه ٿيندو. اسان ان مسئلي جو ابتدائي طور تعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ شاهه اسماعيل شهيد ”عبقات“ ۾ اهو مسئلو پوريءَ طرح سمجهايو آهي، وڌيڪ ضرورت آهر ”حجة الله البالغه“ جي ترجمي ۾ پڻ ان جو ذڪر ڪندا رهنداسين.
انساني حياتيءَ جي هن ڊگهي سلسلي ۾، جن به عملن جي نتيجن (جزائن) سان سندس واسطو پوندو آهي، انهن جا هونءَ ته تمام گهڻا سبب آهن، پر انهن کي ٻن قانونن ۾ سهيڙي سگهجي ٿو: