پهريون بحث ; انسان مٿان شرعي ذميواري ۽ ان مطابق عملن جي جزا ۽ سزا جا سبب
شاهه صاحب جو فلسفو پنهنجي سمورن پهلوئن کان اڳئين دور جي ڪنهن به هڪ فلسفيءَ سان پوريءَ طرح ڀيٽ ڪونه ٿو کائي. ڪيتريون شيون يونان جي افلاطوني فلاسفرن سان ملن ٿيون، ته ڪيتريون شيون وري ارسطوءَ جي فلسفي مڃيندڙن سان ٺهڪن ٿيون. ان کان پوءِ جيڪي اسلامي دور جا صوفي ٿي گذريا آهن، جن ۾ شيخ اڪبر ابن عربي، امام رباني شيخ احمد سرهندي ڳڻي سگهجن ٿا، شاهه صاحب جا کوڙسارا خيال وري انهن سان ڀيٽ کائن ٿا. ان کان پوءِ ڪجهه خيال بچن ٿا جيڪي شاهه صاحب جي پنهنجي ذاتي راءِ ۽ ذاتي خيال آهن. شاهه صاحب جي انهن ذاتي راءِ وارن مسئلن سان شاهه صاحب جو فلسفو نبين جي شريعتن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏاڍو موزون ٿي پيو آهي. ان تي شاهه صاحب پنج ڇهه مختلف ڪتاب تصنيف ڪيا آهن.
پر ان ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي منجهائيندڙ آهي، اها هيءَ ته شاهه صاحب پنهنجي مختلف نظرين جي وضاحت ڪرڻ مهل، ڳالهه کي ڪڏهن ”الف“ کان شروع ڪندو آهي ته ڪڏهن ”ي“ کان پيو شروع ڪندو آهي. هڪ ئي شيءِ جو هڪ ڪتاب ۾ هڪڙو نالو رکندو آهي ته ٻئي ڪتاب ۾ وري ٻيو نالو رکيو ڇڏي. جنهن ڪري سندس نظرين جو سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو پئي. شاهه صاحب رحه کان پوءِ سندن وڏو فرزند شاهه عبدالعزيز سندن سمورن علمن جو سهيڙيندڙ ۽ وارث بڻيو. ان جو ننڍو ڀاءُ شاهه رفيع الدين، شاهه ولي الله جي فلسفي جو خاص ماهر ٿيو. انهن ٻنهي بزرگن جي محنت سان دهليءَ ۾ عالمن جي هڪ وڏي جماعت پيدا ٿي. جن پهرئين دور جي فلاسفرن، جيئن ارسطو، افلاطون، اشراقي شيخ شهاب الدين سهروردي ۽ شيخ اڪبر ابن عربي وغيره جي فلسفن تي پوري نظر وڌي، ان کان پوءِ شاهه صاحب جي فلسفي ۾ پوري مهارت حاصل ڪيائون. انهن عالمن منجهان شاهه اسماعيل شهيد جو نالو سڀني ۾ نمايان آهي. شاهه اسماعيل شهيد هڪ ننڍڙو ڪتاب ”عبقات“ جي نالي سان تصنيف ڪيو آهي، ان ۾ شاهه اسماعيل شهيد، شاهه صاحب جي خاص فلسفي کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ شاهه اسماعيل ان منجهائيندڙ مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مطابق شاهه صاحب هڪ ئي شيءِ جا مختلف ڪتابن ۾ الڳ الڳ نالا ڏنا آهن. شاهه اسماعيل شهيد ان ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي فلسفي جا اُهي سڀ مسئلا ذڪر ڪيا آهن جن جا نالا مختلف ڪتابن ۾ مختلف رکيا ويا آهن ۽ ان جي وضاحت ڪئي آهي ته ڪهڙي شيءِ جا ڪهڙا نالا آهن. هتي اسان ان ڪتاب جي ڪجهه حصن جو خلاصو پيش ڪيون ٿا. وڌيڪ مطالعي لاءِ اصل ڪتاب پڙهڻ گهرجي.