ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

حظيرة القدس ڏانهن انساني روحن جي ڪشش

انساني روح نوعي حيثيت ۾ حظيرة القدس ڏانهن ٻن طريقن سان ڇڪبا آهن:
1- پهرين ڇڪ ۽ ڪشش ۾ بصيرت ۽ همٿ جو وڏو دخل هوندو آهي. يعني انسان پنهنجي اکين سان ان کي ڏسي ڪري ارادو ڪندو آهي ته کيس اتي پهچڻو آهي. پوءِ ته سندس ارادي جي قوت، سندس طبعي ڪشش جي لاءِ مددگار ٿيندي. ان جو قانون هيءُ آهي ته ڪوبه انسان جڏهن بهيميت جي نجاستن کان آجو ٿيندو آهي تڏهن لازمي طور سندس نفس حظيرة القدس ۾ پهچڻ گهرندو آهي. تنهن کان پوءِ اتاهون جون ڪجهه شيون کيس نظر اچڻ لڳنديون آهن. هڪ حديث ۾ ايندو آهي ته: ”اجتمع آدم و موسيٰ عند ربهما“ (آدم ۽ موسي پنهنجي رب وٽ گڏ ٿيا.) انهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ به حظيرة القدس آهي. هڪ ضعيف روايت ۾ حضور جن کان منقول آهي: (جيتوڻيڪ ان روايت جون سندون به گهڻيون آهن.) ” ان ارواح الصلحین تجتمع عندالروح الاعظم“ صالحين جا روح، روح اعظم ۾ گڏبا آهن. (ان قسم جون جيتريون به روايتون آهن، محقق محدث انهن کي صحيح نه ٿا مڃين. سندن چوڻ آهي ته پهرين صديءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙن ماڻهن جو ڏس ملي ٿو، جن جي دل ۾ غيبي قوتون هونديون هيون ۽ اهي ڪشف جي ذريعي سان غيب جون ڳالهيون معلوم ڪري وٺندا هئا. هن قسم جا جملا حقيقت ۾ اهڙن ماڻهن جون چوڻيون آهن، جن کي ڪمزور يادگيري وارن راوين پاڻ سڳورن ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو آهي. ان قسم جي روايتن تي اها جرح (تنقيد) نه ڪئي ويندي آهي ته ڪو انهن ۾ ٻڌايل ڳالهيون غلط يا صحيح آهن. جرح جو مقصد صرف اهو هوندو آهي، ته انهن حديثن جي حضور جن ڏانهن جيڪا غلط نسبت آهي، ان کي ثابت ڪيو وڃي. پوئين دور جي فقيهن ۽ صوفين اهڙين حديثن مان جن کي، محدثن جي فيصلن کي نظرانداز ڪندي، پنهنجي راءِ ۽ ڪشف جي مطابق سمجهيو تن کي قبول ڪري ورتو. زير بحث حديث به ان قسم جي آهي. هن ڪتاب جو مصنف شاهه ولي الله رحه حديث جو به وڏو امام هو، ان ڪري اهو واضح طور ٻڌائي رهيو آهي ته هيءَ حديث ضعيف آهي. ۽ ڪشف جي وڏن امامن ڇاڪاڻ ته ان کي قبول ڪري ورتو آهي، ان ڪري شاهه صاحب سندن پيروڪارن لاءِ دليل جي طور هي حديث پيش ڪري ڇڏي آهي. حسن اتفاق اهو به آهي ته مصنف جو پنهنجو (شاهه ولي الله) ڪشف به ان حديث جي موافق آهي.)
2- انساني روحن جو نوعي حيثيت ۾ حظيرة القدس ڏانهن ڇڪجڻ ۽ ڪشش جو ٻيو طريقو هيءُ آهي ته تڪليف يا انعام جي ذريعي بصيرت ۽ همٿ جا آثار صورتن ۽ شڪلن ۾ ظاهر ٿيندا آهن. ان جو قانون سمجهڻ کان پهريائين هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ٻيهر جسم جو پيدا ڪرڻ ۽ ان ۾ روح جو واپس اچڻ نئين زندگي ناهي، بلڪه اها زندگيءَ جي تڪميل آهي. ان جو مثال ائين سمجهو جئين گهڻو کائڻ سان ماڻهوءَ کي بدهضمي ٿي پوندي آهي. اها زندگي ڪو شخص نئين ڪئين ٿو تصور ڪري سگهي؟ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هي جيڪي ماڻهو ٻيهر پيدا ٿين ٿا، سي اُهي ناهن جيڪي پهريائين مري چڪا آهن ته پوءِ انهن مري ويلن جي ڪمن جو حساب هنن کان وٺڻ ڪيئن صحيح ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن حشر ۾ پيدا ٿيندڙ واقعا اڳين زندگيءَ جي عملن جي اهڙي صورت سمجهجن، جيئن هڪ جذبو خواب ۾ هڪ خاص شڪل اختيار ڪندو آهي يا هڪ خاص انسان جي خواهش خواب ۾ هڪ خاص رنگ اختيار ڪندي آهي، ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه ٿو ڪري سگهجي، پر حشر جا واقعا خواب جو درجو نه رکندا آهن. ان ڪري هيءُ سمجهڻ ضروري آهي ته کوڙساريون شيون جيڪي خارجي دنيا ۾ نظر اچن ٿيون، انهن ۾ هڪ خاص معنيٰ کي مناسب جسمن ۾ صورت ڏيڻ منظور هوندي آهي، ان حيثيت سان اهي به خواب جي مثال بنجي وينديون آهن. ان جا ڪجهه مثال ڏسو:
1- حضرت دائود  جي اڳيان هڪڙا ٻه فرشتا هڪ ٻئي جي خلاف (مدعي ۽ مدعي عليه جي حيثيت ۾) دانهين ٿي آيا، پنهنجي جهيڙي جي متعلق فيصلو ڪرائڻ ٿي گهريائون. ان خارجي واقعي کي ڏسي دائود  هيءُ محسوس ڪيو ته هنن جي جهيڙي جي صورت منهنجي ان غلطيءَ جي آهي جيڪا مون اوريا جي زال متعلق ڪئي آهي، ان کان پوءِ پاڻ بخشش گهريائين ۽ توبه ڪيائين. (اوريا جو قصو تمام مشهور آهي، پر آهي سراسر غلط. تنهن هوندي به ان قصي جي بدنما ۽ غلط حصي کي ڇڏي باقي قصي کي مصنف (شاهه ولي الله) صحيح مڃي ٿو. ”تاويل الاحاديث“ (مصنف جو مشهور ڪتاب آهي) ۾ ان تي تفصيلي بحث ڪيو اٿس. اڄڪلهه عالم ان قصي بابت شاهه ولي الله جي تاويل کي پسند نه ٿا ڪن ۽ قرآن شريف جي ان قصي بابت اهي ڪا ٻي معنيٰ تلاش ڪن ٿا، جنهن جو هن عورت جي واقعي سان ڪوبه تعلق ناهي. هتي هيءُ مسئلو هڪ مثال جي طور پيش ڪيو ويو آهي، ان ڪري نون محققن تي ان جو ڪو بار نه پوندو.)
2- معراج جي رات رسول ڪريم ﷺ جن اڳيان ٻه پيالا پيش ڪيا ويا، هڪ ۾ کير ۽ ٻئي ۾ ماکي هئي. پاڻ سڳورن کير جو پيالو پسند فرمايو. هيءُ واقعو هن ڳالهه جي تصوير هو ته حضور ڪريم ﷺ جن جي امت اڳيان شهوت پرستيءَ جا رستا ۽ فطري ترقيءَ جون راهون ٻئي گڏ پيش ڪيون وينديون. جيڪي ماڻهو رسول ڪريم ﷺ جن جي پويان هلندا، سي شهوت پرستيءَ جو رستو ڇڏي فطري ترقيءَ جو صحيح رستو اختيار ڪندا.
3- رسول ڪريم ﷺ جن هڪ کوهه جي پڳ تي ويٺا، حضرت ابوبڪر آيو ۽ اچي رسول ڪريم ﷺ جن سان گڏ ويهي رهيو، ان کان پوءِ عمر فاروق آيو، سو به پاڻ سڳورن سان گڏ ويهي رهيو، کوهه ننڍو هو، جنهن ڪري وڌيڪ ماڻهو اتي ويهي نه ٿي سگهيا. جنهن ڪر ي جڏهن حضرت عثمان آيو ته ٽنهي کان الڳ ٿورو وٿيرڪو ٿي ويهي رهيو. سعيد بن المسيب مديني جي تابعين ۾ مک حيثيت جو ماڻهو هو، ان انهيءَ واقعي جي تاويل اها ڪئي ته انهن سڳورن جي قبرن بابت تقدير جو جيڪو فيصلو هو، هي واقعو ان جي تصوير هو. رسول ڪريم ﷺ، ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق  ٽئي گڏ دفن ٿيا ۽ عثمان الڳ ”بقيع“ ۾ دفن ٿيو. (مصنف جي راءِ ۾، سعيد بن المسيب جهڙي امام جي ان واقعي بابت اهڙي قسم جي تاويل، اسان جي موقف جي تمام وڏي ثابتي ۽ شهادت آهي.)
اڪثر ماڻهن جي ”نفس ناطق“ (روح الهي) جو سندن حيواني روح (نسمي) سان تمام مضبوط تعلق هوندو آهي، جنهن ڪري عام طور اهڙا ماڻهو اعليٰ علمن کي جلد سمجهي نه سگهندا آهن. يعني ”نفس ناطقه“ جيڪڏهن مجرد هجي (يعني روح حيواني کان الڳ هجي. ان جو حيواني روح (نسمي) سان تعلق رهندو پر ڪجهه آزاد رهندو.) ته اهڙي صورت ۾ ماڻهو عالم مثال جي واقعن کي جلدي سمجهي سگهندو. پر جيڪڏهن ان کي روح حيوانيءَ جي رفتار سان هلڻو پيو ۽ ان سان ان جو تعلق مضبوط هئڻ ڪري ان کي مجبوراً ائين ڪرڻو ئي پوندو ته اهڙي حالت ۾ عالم مثال جي واقعن کي تمام گهڻو دير سان سمجهي سگهندو. ان جو مثال ائين آهي جيئن مادر زاد انڌو، جيڪو ڪنهن به قسم جي رنگ ۽ روشنيءَ جو پنهنجي دماغ ۾ تصور به پيدا نه ٿو ڪري سگهي، پر تنهن هوندي به ممڪن آهي ته هڪ تمام وڏي عرصي کان پوءِ انڌو ماڻهو مختلف ڳالهين، مثالن ۽ آکاڻين جي ذريعي ڪڏهن نه ڪڏهن روشنيءَ ۽ رنگن کي ڪنهن حد تائين سمجهي سگهي.
هتي حافظ جي کير جو مثال ٻڌائڻ سان ڳالهه واضح ٿي ويندي.
هڪ انڌي پنهنجي دوست کان پڇيو، انڌو: تو ڇا کاڌو؟ دوست: کير. انڌو: کير ڪئين ٿيندو آهي؟ دوست: کير اڇو ٿيندو آهي. انڌو: اڇو ڪيئن ٿيندو آهي؟ دوست: جيئن بگله. انڌو: اهو ڇا ٿيندو آهي؟ دوست هٿ جو نشان ٺاهي کيس ٻڌايو، هيئن ٿيندو آهي.
انڌي ان کي هٿ لائي چيو، هيءُ ٽيڙو کير ان جي نڙي مان ڪيئن لٿو هوندو؟
انسان کي لکڻ پڙهڻ شروع ڪئي وڏو زمانو گذري ويو آهي پر انڌن لاءِ لکڻ پڙهڻ جو بندوبست گهڻي دير کان پوءِ ٿي سگهيو آهي. ان ۾ جيڪڏهن ترقي ٿيندي رهي ته هڪ ڊگهي زماني کان پوءِ ممڪن آهي ته انڌا روشنيءَ ۽ رنگ کي به سمجهي وٺن. اهڙيءَ طرح جن ماڻهن جي نفس ناطقي جو حيواني روح سان مضبوط ڳانڍاپو هئڻ ڪري انهن ۾ ناطق نفس آزاد نه هوندو ته انهن ۾ عالم مثال جي واقعن سمجهڻ جي صلاحيت به بلڪل گهٽ هوندي، جنهن ڪري اهي انڌي جي مثال وانگر عالم مثال جي واقعن کي تمام گهڻي دير کان پوءِ سمجهي سگهندا. جيستائين انسان پاڻ ۾ اهڙي بصيرت پيدا نه ڪري وٺندو ۽ ان ذريعي حظيرة القدس ۾ پنهنجو مقام ٺاهي نه سگهندو تيستائين ان جو حشر ختم نه ٿيندو. جن ماڻهن ۾ علمن سمجهڻ جي تمام گهٽ صلاحيت آهي، انهن کي اتي وڏي زماني تائين مختلف ڏکيائن سان منهن ڏيڻو پوندو، تڏهن وڃي کين بصيرت نصيب ٿي سگهندي. جنهن کان پوءِ انهن جو اهو حشر وارو دور ختم ٿيندو ۽ اڳيون دور شروع ٿيندو.