الله تعاليٰ جون، هن جهان جي پيدا ڪرڻ بنسبت ٽي صفتون
[b](1)ابداع
[/b] هڪ شيءِ کي، ڪنهن ٻئي شيءِ جي بنا ٺاهڻ. يعني پهريائين ڪابه شيءِ نه هئي، ان کان پوءِ هڪ شيءِ کي پيدا ڪرڻ، يعني هڪ شيءِ بغير ڪنهن مادي جي، عدم مان وجود ۾ اچي وئي، (يوناني فلاسفر ان کي ”جعل بسيط“ چوندا آهن، افلاطون ان جو قائل ناهي.) حضور ﷺ جن کان پڇيو ويو ته هن ”امر“ (مخلوقات) جي ابتدا ڪٿان ٿي؟ پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ هيو ۽ ان کان پهريائين ڪابه شيءِ ڪانه هئي. (الله جي لفظ ۾ الله تعاليٰ جي ذات، سندس صفتون ۽ سندس نالو سڀ اچي ٿا وڃن، جيڪڏهن ڪا ٻئي شيءِ الله تعاليٰ سان گڏ هجي، ته ظاهر آهي ان جو پنهنجو الڳ منبع ۽ سرچشمو (ڦٽڻ يا نڪرڻ، پيدا ٿيڻ جي جاءِ) هوندو، ته ان طرح سان جهڙوڪ اها ڳالهه لازم ايندي ته الله تعاليٰ کان اڳ ڪا شيءِ هئي، ان ڪري پاڻ سڳورن جو اهو چوڻ ته الله تعاليٰ کان پهريائين ڪابه شيءِ نه هئي، اهو ٻڌائي ٿو ته ان سان ڪابه ٻي شيءِ ڪانه هئي.)
[b](2)خلق
[/b] هيءُ هڪ شيءِ کي ٻئي شيءِ مان پيدا ڪرڻ جو نالو آهي، جيئن آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين ۽ جنن (نظر ۾ نه ايندڙ مخلوق) کي باهه جي شعلن مان ٺاهيائين.
عقل ۽ ٻين دليلن سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته الله تعاليٰ هن جهان کي مختلف نوعن ۽ جنسن ۾ پيدا ڪيو آهي. هر نوع ۽ جنس لاءِ الڳ الڳ خصوصيتون مقرر آهن. (جن سان هر هڪ نوع هڪ ٻئي کان جدا ٿيو پوي) انساني نوع جي خصوصيت آهي ته اهو سوچي سمجهي ڳالهه ڪندو (نطق جي معنيٰ آهي سمجهي ڪري ڳالهه ڪرڻ) ۽ ان جو بدن صاف، قد سڌو ۽ هو هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهندڙ هوندو. گهوڙي جي نوع جي خصوصيت اها آهي ته هڻڪندو، جسم تي وار هوندس، قد جهڪيل هوندس ۽ ڳالهه نه سمجهندو. زهر جي خصوصيت اها آهي، جيڪو ان کي کائيندو ان کي ماري ڇڏيندو. سنڍ جي خاصيت اها آهي ته هوءَ گرم ۽ خشڪ ٿيندي آهي ۽ ڪافور جي خاصيت ٿڌاڻ ٿيندي آهي. ان طرح نباتات ۽ حيوانات جون الڳ الڳ خصوصيتون آهن.
هن الاهي نظام جي تسلسل منجهان هيءُ قائدو طئي ٿي ۽ مقرر ٿي چڪو آهي ته جنهن شيءِ لاءِ جيڪا خاصيت مقرر ٿي چڪي آهي، اُها ان کان ڪڏهن به جدا نه ٿي سگهندي. (يعني علت ۽ معلوم ۾ عقلي لزوم آهي.) ۽ جهڙيءَ طرح نوع ۾ تخصيص کي وڌائبو آهي ته فرد پيدا ٿيندا آهن، تيئن نوع جون خصوصيتون وڌائڻ سان فردن جون خصوصيتون پيدا ٿينديون آهن. ڪي خصوصيتون جيڪي نوع ۾ مبهم هيون، اهي فرد ۾ معين ٿي وينديون آهن. (مثال، انساني نوع کي ڪونه ڪو رنگ هوندو آهي، نوعي حيثيت ۾ ان جو رنگ معين نه هوندو آهي. پر فرد ۾ اچي اهو رنگ مقرر ۽ معين ٿي ويندو آهي، جيئن ڪنهن فرد جو رنگ ڪارو هوندو آهي ته ڪنهن جو اڇو.) ان طرح جنس ۾ تخصيص وڌائڻ سان نوع پيدا ٿيندا آهن، ان ڪري جنس جون خصوصيتون وڌائڻ سان نوعن جون خصوصيتون پيدا ٿينديون آهن. مطلب ته جنس ۾ خصوصيت پيدا ڪرڻ سان نوع ۽ نوع ۾ خصوصيت پيدا ڪرڻ سان فرد جون خصوصيتون پيدا ٿينديون آهن، جيئن ”جسم“ هڪ عام جنس آهي. (هڪڙا جسم وڌندڙ ٿيندا آهن ته هڪڙا جامد ٿيندا آهن.) ”جسم“ سڀني تي ڳالهائبو، ان ۾ جيڪڏهن تخصيص ڪبي ته چئبو ”وڌندڙ جسم“ ته ان سان ”نه وڌندڙ جسم“ الڳ ٿي ويندا. وڌندڙ جسمن ۾ نباتات به وڌندڙ ٿين ٿيا ته حيوانات به وڌن ٿا، جيڪڏهن ان ۾ اسان اڃان وڌيڪ تخصيص ڪنداسين ۽ اهو چونداسين ته وڌندڙ جسمن مان صرف اهي وڌندڙ جسم جيڪي پنهنجي ارادي سان حرڪت ڪري سگهن ٿا ۽ انهن کي حس جي به قوت آهي ته ان سان نباتات الڳ ٿي ويندا. ۽ رڳو هاڻي حيوان وڃي بچندا. حيوان ۾ وري ان جا ڪيترائي قسم شامل آهن. جيڪڏهن حيوان ۾ اسان اڃا وڌيڪ تخصيص ڪنداسين، چونداسين ته حيوان مان صرف ”حيوان ناطق“ (ڳالهائيندڙ) ته ان سان ٻيا حيوان جا سڀ قسم الڳ ٿي ويندا، انسان جو تعين ٿي پوندو. وري انسان جي لفظ ۾ به کوڙسارا انسان شامل آهن. جيڪڏهن اڃان وڌيڪ تخصيص ڪنداسين، چونداسين زيد، عمر، بڪر ته ان سان وڌيڪ تخصيص پيدا ٿيندي ۽ وڌيڪ تعين ٿيندو. (ڇو ته تخصيص سان نکيڙ ٿيندي آهي. شيون جيڪي ڪنهن ”قدر مشترڪ“ ۾ مليل هيو، اهي تخصيص سان جدا ٿي وينديون.) بظاهر اهي مرتبا هڪ ٻئي سان مليل جليل معلوم ٿيندا، جيئن زيد فرد به آهي ته جنس (حيوان) به آهي ۽ نوع (انسان) به آهي، پر عقل انهن ۾ فرق ڪندو. هر هڪ خصوصيت کي ان شيءِ جي طرف منسوب ڪندو، جنهن لاءِ اصل ۾ اها خصوصيت آهي. مثال نوع جي خصوصيت نوع کي ڏيندو، جنس جي جنس کي ۽ فرد جي خصوصيت فرد کي ڏيندو. جڏهن اسين انسان جي ڪنهن هڪ فرد کي ڏسون ٿا ته ان ۾ ڊيگهه ۽ ويڪر ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اها جسم جي خصوصيت آهي، ان ڪري چونداسين انسان ” جسم“ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ جسم واري وصف (خصوصيت) موجود آهي. ان انسان ۾ چرپر ڪرڻ جي قوت موجود آهي، ان ڪري اهو ”وڌندڙ جسم“ به آهي. ڏسون ٿا ته ان ۾ حواس موجود آهن ۽ پنهنجي ارادي سان حرڪت ڪرڻ جي قوت به ان ۾ آهي، ان ڪري اهو ”حيوان“ به آهي. وري ان ۾ سوچڻ سمجهڻ جي خاصيت به ڏسجي ٿي، ان ڪري اهو ”انسان“ به آهي. هيءُ شخص هڪ خاص زماني ۾ پيدا ٿيو آهي، خاص ماحول ۾ ڄائو آهي، خاص ماءُ ۽ پيءُ سان تعلق رکي ٿو، ان ڪري ”فرد“ به آهي. هيءُ شيون ان جي خصوصيت لاءِ ”معلول“ آهن، يعني جيڪڏهن ڪا خاصيت ڪٿي نظر ايندي ته اتي ان جي علت ضرور موجود هوندي.
پاڻ سڳورن ﷺ کوڙسارين شين جون خاصيتون بيان ڪيون آهن ۽ شين جي اثرن کي انهن شين جي طرف منسوب ڪيو آهي. جيئن ”تلبينه“ (هيءَ عربن ۾ ٺاهي ويندڙ هڪ قسم جي خوراڪ آهي.) مريض جي اندر کي آرام پهچائيندي آهي، فرمايائون ته ڪلونجي موت کان سواءِ هر مرض لاءِ شفا آهي. اٺن جو پيشاب ۽ کير، پيٽ کي وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ شبرم (هڪ قسم جو اناج) نهايت گرم آهي.
[b](3)تدبير
[/b] جڏهن مخلوقات جو هڪ چڱو خاصو تعداد پاڻ ۾ گڏجي ايڪو ۽ اتحاد پيدا ڪري هڪ وحدت بنجي پوي، ته ان وحدت ۽ اڪائيءَ ۾ کوڙساريون صورتون پيدا ٿي سگهن ٿيون پر ان وحدت جو عمومي مفاد هڪ خاص قسم جي مصلحت جي گُهر ڪندو آهي، جنهن مصلحت مطابق ان وحدت ۽ اڪائيءَ ۾ عمل ڪيو وڃي ۽ اهو نتيجو حاصل ٿي سگهي جيڪو وحدت ۽ اڪائيءَ جي عمومي مفاد وٽان هجي.
ان وحدت جو عمومي مفاد جنهن مصلحت جي گُهر ڪري ٿو، ان مصلحت مطابق ان وحدت ۾ عمل ڪري عمومي مفادن مطابق نتيجا حاصل ڪرڻ کي ”تدبير“ چئبو آهي.
مثال 1- هن زمين جا عمومي مفاد هن ڳالهه جي تقاضا ڪن ٿا ته انسان ۽ حيوان هڪ عرصي تائين هن زمين تي زندهه رهن، حيوان ۽ انسان جي زندگي نباتات سان لاڳاپيل آهي. جڏهن ته نباتات پاڻيءَ کان بغير پيدا نٿا ٿي سگهن ۽ زمين جو هڪ حصو اهڙو آهي جتي طبعي طور تي چشمن جو پاڻي چڙهي ڪونه ٿو سگهي، اهڙين حالتن ۾ الله تعاليٰ سمنڊ منجهان ٻاڦ جي صورت ۾ پاڻيءَ کي مٿي ٿو آڻي، جهڙ ٺاهي ٿو، ان کان پوءِ اهڙي قسم جي زمين تي مينهن وسائي ٿو، جنهن سان مختلف نباتات ڦٽي پون ٿا. انهيءَ سڄي عمل جو نالو آهي ”تدبير“، جنهن سان هڪ ڊگهي عرصي تائين حيوان ۽ انسان جي حياتيءَ جو بندوبست ٿي وڃي ٿو.
مثال 2- حضرت ابراهيم عه کي دشمنن ٻرندڙ باهه ۾ اڇلايو، الله تعاليٰ ان باهه کي حضرت ابراهيم لاءِ ٿڌو ۽ سلامتيءَ وارو بنائي ڇڏيو. انساني اجتماعيت لاءِ هڪ پاسي عمومي مفاد جي تقاضا هئي ته حضرت ابراهيم زندهه رهي، ٻئي پاسي باهه هئي جنهن جي طبعي خاصيت آهي ساڙڻ. تنهن ڪري ان جي طبعي تقاضا هيءَ هئي ته اها ابراهيم کي ساڙي ڇڏي، اهڙي صورت ۾ ضروري ٿي پيو ته باهه ۾ اهڙو تصرف ڪجي جنهن سان باهه ٿڌي ٿي پوي. باهه ۾ اهڙي ٿڌي لطيف هوا داخل ڪئي وڃي جو باهه جي گرميءَ مٿان ٿڌاڻ غالب اچي وڃي. اهڙي قسم جي تصرف کي ”تدبير“ چئبو آهي.
مثال 3- سيدنا ايوب عليه السلام جي بدن ۾ بيماريءَ جا جراثيم جمع ٿي ويا، ان جي شفا لاءِ الله تعاليٰ هڪ اهڙو پاڻيءَ جو چشمو ڦٽايو، جنهن جي معدني خصوصيتن سان حضرت ايوب عليه السلام کي بيماريءَ کان شفايابي ٿي.
مثال 4- زمين تي رهندڙ سمورن عرب توڙي عجم جي انسانن جي اجتماعي حالت الله تعاليٰ جي نظر ۾ ناپسند هئي، ان کي سڌارڻ لاءِ الله تعاليٰ پنهنجي نبي حضرت محمد ﷺ جي دل تي الهام ڪيو ته ماڻهن کي خراب عملن جي خراب نتيجن کان خبردار ڪري (۽ جيڪڏهن اهي سڌي رستي تي نه اچن ته) انهن کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ انهن سان جهاد ڪري. ۽ گڏ ان سوسائٽي مان هڪ الله جي پسنديده جماعت تيار ڪري جيڪا حق تي ثابت قدم رهي ۽ حق لاءِ جدوجهد ڪندي رهي.