آخرت واري ڏينهن تي ايمان
وچين درجي جي ذهنيت رکندڙ جماعت جا ماڻهو ”آخرت واري ڏينهن تي ايمان“ جو مطلب اهو سمجهي سگهن ٿا ته انسان کي هن بدن جي عيوض هڪ روحاني وجود هوندو جنهن ۾ مادي واريون خصوصيتون هونديون ۽ هن دنيا جي زندگيءَ کان هڪ بهتر زندگي گذارڻ جو کيس موقعو ملندو. هي ماڻهو ڇاڪاڻ ته وچولي ذهنيت وارا آهن، ان ڪري کين يقين ڏياري سگهجي ٿو ته اعليٰ زندگيءَ گذارڻ جو دور ان کان پوءِ شروع ٿيندو. هيءَ منزل ان زندگيءَ لاءِ هڪ مقدمو آهي ۽ ان لاءِ هڪ قسم جي تياري آهي. جهڙيءَ طرح دنياوي زندگيءَ ۾ هو هڪ مقصد جي حصول لاءِ ڪم ڪندا هئا، ان طرح هو هن قبر جي زندگيءَ ۾ پڻ پنهنجي شروع ڪيل ڪمن جي پوري ڪرڻ ڏانهن متوجهه رهندا، کين معلوم هوندو ته سندن پويان هڪ جماعت، سندن ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو آهي. ان ڪري هو ان جي همٿ افزائي ڪرڻ جي لاءِ جيڪو کانئن پڄي سگهندو، ڪرڻ جي ڪوشس ڪندا. (انهن وٽ هڪ معنوي جسم هوندو جنهن سان هو ائين اثر وجهي سگهن ٿا، جيئن هڪ ڪامل مرشد پنهنجي معنوي طاقت سان پنهنجي شاگردن تي اثر وجهندو آهي، اهڙي طرح اهي ماڻهو به پنهنجي پيروڪارن تي اثر وجهي سگهندا آهن) ۽ انهن کان جيترو الله تعاليٰ جي طرف توجهه ممڪن ٿي سگهندو، الله کان دعا گهرندا ته سندن پويان هلندڙ ماڻهو به ڪامياب ٿين. موت کان پوءِ هي جنهن عمل ۾ مصروف رهندا آهن، ان جو هيءُ اجمالي خاڪو آهي.
انهن ۾ جيڪا اعليٰ درجي جي جماعت آهي، اها جهڙيءَ طرح دنيا ۾ اجتماعيت جو مرڪز هئي، اهڙيءَ طرح ان کي هتي عالم برزخ ۾ به انهن سڀني ۾ هڪ طرح جي مرڪزي حيثيت حاصل رهندي. هيءَ مرڪزيت اجتماعي نه هوندي آهي بلڪ انفرادي هوندي آهي. جيئن فوج جا کوڙ آفيسر جڏهن آخري جماعت ۾ تعليم حاصل ڪندا آهن ته پنهنجي دل ۾ ان قسم جو تصور ويهاريندا آهن ته اهي ڪنهن دوست جي مدد کان سواءِ سموري فوج جو نظام پنهنجو پاڻ اڪيلي سر، سرانجام ڏئي ڇڏيندا. يعني اهي پنهنجو پاڻ مرڪز بنجي ويندا آهن. انهن آفيسرن کي جڏهن ميدان ۾ ڪم ڪرڻو پوندو آهي ته منجهن انفراديت نه رهندي آهي، اهي پاڻ سان گڏ هڪ وڏي جماعت کي ميدان ۾ آڻي وٺندا آهن. اڪيلو ويهي هڪ قوت کي هلائين، ائين نه هوندو. پر هيءُ اعليٰ قسم جو ڪم صرف اهي ئي ڪري سگهندا آهن، جن ڪاليج جي تعليم جي زماني ۾ اڪيلو پنهنجي لاءِ اهو پروگرام تجويز ڪري ورتو هوندو.
اڳتي هلي هيءَ ڳالهه واضح ٿي ويندي ته انسانيت جو هيءُ اعليٰ طبقو پنهنجي انتهائي مقام کي پهچڻ کان پوءِ الله تعاليٰ جي قدرت کي ۽ الله تعاليٰ جي علم کي ٻين تائين پهچائڻ جو هڪ واسطو بڻجي پوندو آهي. هيءَ مرڪزيت آهي جا انسان کي حاصل ٿي سگهي ٿي. ان مرڪزيت جو هڪ ڌنڌلو تصور يا عڪس، ان اعليٰ جماعت کي موت کان پوءِ نصيب ٿيندو. اهي سمجهندا ته ان برزخ ۾ جيڪا به الاهي قدرت ڪم ڪري رهي آهي، ان ۾ اسان هڪ واسطو آهيون ۽ اُهي پنهنجو ڪمال ان ۾ سمجهندا ته الله تعاليٰ کان سواءِ سندن ڪنهن سان به ڪو تعلق نه هجي. هي جڏهن برزخ جي زندگي ختم ڪري محشر جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندا ته سندن مثال ائين ٿيندو، جيئن انهن ڪاليج ڇڏي ميدان عمل ۾ قدم رکيو هجي. انهن لاءِ اتي ڪابه شيءِ غيرمتوقع نه هوندي. جيترو عرصو قبر ۾ رهندا، اهو محسوس ڪندا ته پنهنجو ڪورس پورو ڪري رهيا آهن ۽ سندن اهو ڪورس ان ڏينهن پورو ٿيندو جڏهن حشر جو ڏينهن ٿيندو، هو هن عالم مان نڪري ميدان ۾ اچي ويندا. انهن تبديلين جو انهن جي فيصلا ڪن قوت تي ڪوبه اثر نه پوندو. (يعني اهي اهو نه محسوس ڪندا ته پهريائين دنيا جي زندگيءَ ۾ هڪڙي طرح ٿي رهيو هو، وري عالم برزخ ۾ ٻي طرح ٿي رهيو آهي، عالم حشر ۾ وري ٻيو ڪجهه ٿيندو، بلڪ اهي سمجهندا ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو هڪ سلسلو آهي جيڪو ترتيب وار هلندو ٿو اچي. ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪنهن ماڻهوءَ کي مڪمل پروگرام ڏنو ويو هجي ۽ هو ان پروگرام جا حصا هڪ ٻئي جي پٺيان باقاعدي طور پورا ڪندو رهندو هجي.) هيءُ اعليٰ طبقو پنهنجي اندر هڪ ورهاست رکي ٿو، انهن مان هڪڙو ته انتهائي چوٽيءَ تي آهي، ٻيو ان کان پوءِ متصل ان جي ويجهو ويجهو، پر ان کان هيٺ آهي. هيءُ ٿورڙي مدت کان پوءِ پهرين سان ملي ويندا ۽ انهن جي جڳهه وچين درجي جا ماڻهو اچي ڀريندا. يعني عالم قبر جو جيڪو نظام آهي، اهو به انساني نوع جي باقاعدي ترقيءَ جي هڪ وچ واري ڪڙي آهي.
برزخ ۾ انسان ڪيترن ئي قسم جا هوندا، انهن جو شمار تقريبن ناممڪن آهي. پر ان جا وڏا قسم چار آهن.
پهريون قسم ”سجاڳ ماڻهن“ جي نالي سان منسوب ڪرڻ گهرجي، انهن تي جيڪو عذاب يا نعمتون اينديون آهن، اهي ملڪيت جي انهن مناسب يا مخالف صورتن جا نالا آهن. (يعني انهن ۾ ملڪيت جي ترقيءَ سان جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿي چڪيون آهن، انهن سان کين لذت به ايندي آهي ۽ انهن سان ئي کين تڪليف به ايندي آهي. ان کي سمجهائڻ جي لاءِ ڪنهن ٻي شڪل ۾ بدلائڻ جي ڪا ضرورت ناهي.) قرآن شريف ۾ آهي:
اَنۡ تَقُوۡلَ نَفْسٌ یّٰحَسْرَتٰی علٰی مَا فَرَّطۡتُ فِیۡ جَنۡۢبِ اللہِ وَ اِنۡ كُنۡتُ لَمِنَ السّٰخِرِیۡنَ ﴿ۙ۵۶﴾
(الزمر آيت 56 )
(انسان چوندو، افسوس! جو مون الله جي حڪمن ۾ ڪوتاهي ڪئي ۽ مان ٺٺول ڪندڙ ماڻهن ۾ رهيس. (يعني ان دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ڪمايو، ان کي ڏسي سندس نفس پاڻ فيصلو ڪندو آهي ته ان ۾ کانئس تمام گهڻي ڪوتاهي ٿي آهي، ايتري تائين جو انهيءَ ڪم کي هڪ طرح سان ٺٺول چوڻ جائز آهي.)
هيءَ آخري سجاڳيءَ جي نشاني آهي جو هو پنهنجي غلطين کي صحيح طرح محسوس ڪري رهيو آهي. (اهل الله جو هڪڙو اهڙو گروهه مون ڏٺو، جن جا روح اهڙا ٿي ويا هئا جيئن پاڻيءَ سان ٽٻ ٿيل حوض، جنهن کي تيز هوا به لوڏي لمي نه ٿي سگهي ۽ ٻنپهرن مهل جڏهن ان حوض تي سج جا ڪرڻا پيا ته اهو سڄو حوض نور جو هڪ ٽڪرو بنجي ويو، انهن الله وارن جي روح ۾ جيڪو نور چمڪي رهيو هو اهو ٽن قسمن جو نظر ٿي آيو.
1- جن سٺا ڪم ڪيا ۽ انهن تي ثابت قدم رهيا. ان سان انهن ۾ هڪ نور پيدا ٿي پيو. (هي عام طور سالم فطرت طبيعتن ۾ ٿيندو آهي. جن کي، جيڪڏهن هڪ بهتر ڪم ٻڌائبو آهي ته اُهي پنهنجي طبيعت منجهان ئي اهو سمجهي ۽ يقين ڪري وٺندا آهن ته اهو ڪم تمام بهتر آهي، جنهن کان پوءِ ان ڪم ۾ ڪوتاهي کانئن نه ٿيندي آهي.)
2- ”ياداشت جو نور“ (هي لفظ نقشبندي طريقي جو اصطلاح آهي. ان مطابق انسان پنهنجي قلبي نور کي هميشه الله تعاليٰ جي طرف متوجهه رکندو آهي ۽ ان ۾ ننڊ يا جاڳ جو ڪو به فرق نه ٿيندو آهي. ان طرح اها عادت اهڙي راسخ (پڪي) ٿي ويندي آهي جو اهڙي قسم جو ماڻهو جڏهن ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندو آهي ته ان غفلت ۾ به اهو ماڻهو الله تعاليٰ ڏانهن متوجهه رهندو آهي. ان حالت جو نالو انهن وٽ ”ياداشت جو نور“ آهي.) يعني انهن ماڻهن ۾ اهڙي عادت ٿي ويندي آهي جو اهي مصروف ڀل ڪهڙي به ڪم ۾ هجن، پر انهن جو توجهه الله تعاليٰ ڏانهن رهندو آهي. ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪا ناري ٻه گهڙا پاڻيءَ جا ڀري پنهنجي مٿي تي رکيو اچي رهي هجي، رستي ۾ کيس ٻي ناري ملي وڃي ۽ ان سان ڳالهين ڪرڻ ۾ لڳي وڃي، اها ناري ڳالهين ڪرڻ ۾ به مصروف رهندي آهي ته گڏوگڏ سندس دماغ ۾ انهن ٻنهي گهڙن کي سنڀالڻ طرف به پورو توجهه رهندو آهي.
3- ”رحمت جو نور“ ڪي ماڻهو فطري طور اهڙا هوندا آهن جو انهن سان ائين رحمت جو برتاءُ ڪيو ويندو آهي جيئن ماءُ پيءُ پنهنجي ننڍن ٻارن سان ڪندا آهن، انهن ۾ ڪوبه برو خيال يا ڪنهن به قسم جي خراب ڪمن ڏانهن توجهه جو مادو ئي نه هوندو آهي.