ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

تمهيد

هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هيءَ سموري ڪائنات، هڪ تمام وڏي ۽ وسيع قانون جي پابند آهي. ان کان پوءِ ڪائنات ۾ رهندڙ مختلف مخلوقات، پنهنجي پنهنجي جنسي ۽ نوعي قانونن جي پابندي ڪندڙ آهن. انساني نوع جنهن قانون جي تقاضا ڪري ٿو، جڏهن ان قانون مطابق ڪم ڪندو ته کيس ان جا نتيجا ضرور ملندا، اُهي عملن جا نتيجا پنهنجي طور تي وري ٻين نتيجن کي جنم ڏيندا آهن. وري اُهي نتيجا اڳيان وري ٻين نتيجن جو سبب ٿيندا. اهڙيءَ طرح انسان جي جيتري عمر وڏي ٿيندي، ان کي سندس عملن مطابق نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ان ڪري ضروري آهي ته هر هڪ فرد پنهنجي نوعي فرضن ۽ گهرجن کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ۽ ان لاءِ کيس اهو يقين رکڻ گهرجي ته هو ڪنهن به عمل جي نتيجن کان پاڻ کي بچائي نه ٿو سگهي. (ان جو هڪ مثال هيءُ آهي ته انسان جي ننڍپڻ جي، صحت جي اصولن مطابق ٿيل تربيت ۽ پالنا، ان جي جوانيءَ لاءِ صحت جو باعث ٿيندي آهي ۽ جوانيءَ ۾ صحت جو خيال رکي گذاريل زندگي، پوڙهپ ۾ صحت جو باعث ٿيندي آهي. ان طرح انسان جو هر عمل ان جي اڳئين مرحلي لاءِ بهتر نتيجن جو سبب ٿيندو آهي. ساڳئي طرح انسان جي دنيا جي عملن جا نتيجا انسان جي اڳئين جهان جي لاءِ سٺن نتيجن جو سبب ٿيندا.) هن باب ۾ عملن ۽ انهن جي نتيجن کي ورهايو ويو آهي.