ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

عملن جي بري ڀلي هئڻ جو صحيح عقيدو

اها ڳالهه پنهنجي جڳهه تي بلڪل صحيح آهي ته هر حڪم جي اندر هڪ مصلحت موجود هوندي آهي ۽ ان حڪم منجهان اها ئي مصلحت مقصود هوندي آهي ۽ ان تي تحقيق ڪندڙ عالمن جا رايا پڻ متفق آهن. پر هيءَ ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي ثابت آهي ته ڪنهن شيءِ کي الله تعاليٰ جو حڪم سمجهي پنهنجي مٿان واجب ڪرڻ يا پنهنجي بنسبت حرام ڪرڻ، پڻ ثواب ۽ عذاب لاءِ هڪ مستقل ۽ وڏو سبب آهي. واجب يا حرام هئڻ جي باري ۾ الله تعاليٰ جي طرفان ڪنهن حڪم جو نازل ٿيڻ، خود فرمانبردار جي ثواب ۽ نافرمان جي عذاب جو مستقل ۽ وڏو سبب آهي. ان ثواب ۽ عذاب جو انهن مصلحتن سان ڪوبه تعلق نه هوندو، جن جي بنياد تي هيءُ حڪم ڏنو ويو آهي. يعني عذاب ۽ ثواب لاءِ ٻه مستقل سبب آهن: هڪ مصلحت ۽ ٻيو حڪم جو نزول.
اهو خيال به غلط آهي ته عملن جو سٺو يا خراب هئڻ (ان عملن ڪرڻ واري لاءِ عذاب يا ثواب جو مستحق ٿيڻ) صرف عقل ۽ مصلحت جي بنياد تي آهي، ان خيال مطابق شريعت جو ڪم صرف اهو آهي ته اها عملن جون خاصيتون ۽ مصلحتون بيان ڪندي رهي. جيئن هڪ ڊاڪٽر دوا جون خاصيتون ۽ بيماريءَ جا قسم بيان ڪندو آهي، تيئن شريعت به صرف مصلحتون بيان ڪندي رهي ۽ پنهنجي طور تي ڪوبه عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو حڪم نه ڪري. ان مطابق شرعي قانون موجب جيڪو حڪم مليل آهي، ان ۾ مصلحت نه سمجهه ۾ اچي ته ان تي عمل ڪرڻ ضروري ناهي. سنت تي غور ڪندڙ ماڻهو سرسري نظر سان اهو فيصلو ڪري سگهي ٿو ته اُهي خيالات سراسر غلط آهن. (ڇاڪاڻ ته ان خيال هيٺ، ڪنهن عمل جي قانون جي شڪل ۾ اچڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ جي جيڪا ضرورت ٿيندي آهي، ان کان بي پرواهي ڪئي وئي آهي. ڪوبه عمل جڏهن ڪنهن مصلحت کي سامهون رکي جوڙبو آهي ۽ ان کان پوءِ ان کي قانون بنايو ويندو آهي ته ان جي قانون بنجڻ کان پوءِ ان جي مخالفت نه ٿي سگهندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان عمل جي قانون بنجڻ کان پوءِ ان ۾ قانون جو شان ۽ طاقت غالب ۽ برتر رهندي. هاڻي ان عمل جي مصلحت کي ڪونه ڏسبو، هاڻي صرف ان جي قانون هئڻ ڪري ان جو ڪرڻ لازم ٿيندو. جيئن هڪ آفيسر جو حڪم ڀل غلط ڇو نه هجي، رد نه ڪري سگهبو آهي. ڇو ته قانون جو چوڻ آهي ته آفيسر جو حڪم مڃڻو آهي. البته آفيسر جو حڪم جيڪڏهن غلط آهي ته ان لاءِ الڳ طريقي سان ڪا ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، پر فوري طور قانون، آفيسر جي حڪم کان انڪار جي اجازت نٿو ڏئي.)
حضور ﷺ جن جو فرمان آهي ته توهان رمضان جي نماز گهرن ۾ پڙهو. ڇاڪاڻ ته مون کي خوف آهي ته اها توهان تي فرض نه ٿي وڃي. (جيڪڏهن فرضيت جو تعلق صرف مصلحت سان هجي ها ته گهر ۾ پڙهڻ يا ٻاهر پڙهڻ سان نماز جي فرض ٿيڻ جو خوف ڇو ڪيو وڃي ها؟) هڪ ٻئي حديث ۾ پاڻ سڳورنﷺ جو فرمان آهي ته مسلمانن ۾ سڀ کان وڏو مجرم اهو شخص آهي جنهن هڪ شيءِ جي باري ۾ سوال ڪيو، اها شيءِ مسلمانن تي حرام نه هئي، پر ان جي سوال جي ڪري حرام ٿي وئي. ان مان ثابت ٿيو ته حلال يا حرام جو سبب مصلحت کان سواءِ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته گهر ۾ رهندي مسافر کان وڌيڪ تڪليف واري ڪم ڪندڙ ”مقيم“ کي روزي افطار ڪرڻ جي اجازت مليل هجي ها. ڇاڪاڻ ته گهر ۾ ڏکيو ڪم ڪندڙ ماڻهو به مسافر جيان تڪليف ۾ ورتل آهي. جيئن مسافر کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ روزي نه رکڻ جي اجازت مليل آهي تيئن انهيءَ تڪليف واري ڪم ڪندڙ کي به اجازت هجي ها، پر ايئن ناهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪو خوشحال ماڻهو گهر کان به وڌيڪ آرام ڏيندڙ ۽ سکيو سفر ڪري رهيو آهي ته تڪليف وارو سبب نه هئڻ ڪري ان خوشحال مسافر کي به روزي ڇڏڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ها، پر ان کي به روزي ڇڏڻ جي اجازت آهي. اهائي ساڳي صورتحال انهن سزائن جي آهي جيڪي شريعت مقرر ڪيون آهن، اُهي پڻ انهن خاص صورتن ۾ عمل جوڳيون هونديون آهن جن لاءِ شريعت انهن سزائن کي مقرر ڪيو آهي. (انهن کي ڏسي، ڪن ٻين جرمن تي انهن سزائن کي جاري نه ٿو ڪري سگهجي.)
”سنت“ هن ڳالهه کي لازم قرار ڏنو آهي ته جڏهن شريعت جو حڪم صحيح طرح معلوم ٿي وڃي ته اُن حڪم جي فرمانبرداريءَ کي مصلحت شناسيءَ تي نه ڇڏڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ماڻهن جو عقل کوڙسارين مصلحتن کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ صحيح ڪم نه ڪري سگهندو آهي ۽ ان ڪري به ته حضور ﷺ جن جي سمجهه اسان جي سڀني عقلن کان وڌيڪ ڀروسي جوڳي آهي. اهوئي سبب آهي جو هيءُ علم خاص قسم جي صلاحيتن وارن ماڻهن کان سواءِ ٻين عام ماڻهن کان ڍڪيل ڇپيل رهيو آهي. هن علم ۾ راءِ رکڻ واري عالم لاءِ اُهي ساڳيا شرط آهن جيڪي ڪتاب الله جي تفسير لاءِ ضروري آهن. نبين ۽ انهن جي مڪمل پيروڪارن جي رستي کان الڳ ۽ ڌار رستو اختيار ڪري خالص عقل جي بنياد تي قاعدا جوڙڻ هن علم ۾ جائز ناهي.
مٿي جيڪو ڪجهه اسان ذڪر ڪيو، ان مان هيءَ ڳالهه صاف طرح سمجهه ۾ اچي ٿي ته شريعت جا حڪم سمجهڻ ۾ هيءُ مثال وڌيڪ صحيح ٿيندو ته هڪ سردار جا نوڪر بيمار ٿيا. سردار پنهنجي خاص ڊاڪٽرن مان هڪ ڊاڪٽر کي پورو اختيار ڏئي انهن بيمارن لاءِ مقرر ڪيو ته اهو انهن کي دوا ڏئي. ان صورت ۾ جيڪڏهن نوڪرن، ان ڊاڪٽر جي فرمانبرداري ڪئي ته ايئن چئبو ته انهن پنهنجي سردار جي فرمانبردار ڪئي، جنهن تي سردار يقيناً انهن تي راضي ٿيندو، کين سٺا انعام ڏيندو ۽ هو بيماريءَ کان شفاياب پڻ ٿيندا. پر جيڪڏهن اهي نوڪر انهيءَ ڊاڪٽر جي نافرماني ڪندا ته حقيقت ۾ اها سندن سردار جي نافرماني ٿيندي، جنهن ڪري سردار انهن تي ناراض ٿيندو، انهن کي سزا به ڏيندو ته گڏوگڏ بيماريءَ جي تڪليف به سهڻي پوندن. (ان مثال ۾ سزا توڙي انعام جهڙوڪر ڊاڪٽر جي نافرمانيءَ يا فرمانبرداريءَ جي بنياد تي ملي رهيو آهي.)
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرشتن کان روايت ڪيل هڪ حديث ۾ ان ڳالهه جي طرف اشارو ڪيو آهي ته هڪ نبيءَ جو مثال ايئن آهي جيئن هڪ شخص هڪ وڏو گهر ٺاهيو ۽ ان ۾ هر قسم جو طعام وغيره تيار ڪري رکيائين، ان کان پوءِ هڪ ماڻهو موڪلي مهمانن ۽ محتاجن کي اطلاع ڏنائين ته کاڌو تيار آهي، اچو کائي وڃو. جنهن جنهن ماڻهوءَ ان سڏ ڏيندڙ جي ڳالهه مڃي، ان اچي ڀرپور نموني سان طعام کاڌو، پر جنهن ماڻهوءَ ان سڏ ڏيندڙ جي ڳالهه نه مڃي، اهو نه گهر ۾ اچي سگهيو، نه طعام کائي سگهيو. اهڙيءَ طرح جي هڪ ٻي ڳالهه به پاڻ سڳورنﷺ فرمائي ته منهنجو ۽ جيڪو ڪجهه مون کي الله تعاليٰ ڏئي موڪليو آهي، ان جو مثال ائين آهي جيئن هڪ ماڻهو هڪ قوم وٽ آيو ۽ کين چيائين ته ڀائرو! مون پنهنجي اکين سان توهان تي حملو ڪندڙ لشڪر ڏٺو آهي، آءٌ وڏي واڪي توهان کي تنبيهه ٿو ڪيان ته جيڪڏهن پنهنجي جان بچائڻ چاهيو ٿا ته هتان جلدي ڀڄي وڃو! قوم جي هڪڙي ڌر ان ماڻهوءَ جي ڳالهه مڃي ۽ راتو رات نڪري ويا، ته آرام سان نڪري ويا ۽ لشڪر جي حملي کان بچي ويا. پر قوم جي جنهن حصي ان ماڻهوءَ جي ڳالهه نه مڃي، اهي صبح تائين گهر سُتا پيا رهيا، صبح جو لشڪر پهتو، ان کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. پاڻ سڳورنﷺ هڪ ڳالهه پنهنجي رب جي طرفان هن طرح بيان ڪئي آهي ته ”الله تعاليٰ ماڻهن کي چوندو ته توهان کي جيڪو بدلو ملي رهيو آهي، اُهي توهان جا پنهنجا عمل آهن جيڪي توهان کي واپس ملي رهيا آهن.“