عالمِ مثال جا طبقا
عالمِ مثال جو هڪ هيٺيون طبقو آهي، جنهن ۾ انسانن جي عقيدن جي اثر هيٺ خاص خاص صورتون پيدا ٿي پونديون آهن، ڪوبه ڪم جنهن تي انسانن جي هڪ وڏي جماعت جمع ٿي وڃي ۽ ان کي پختي عقيدي جي حيثيت ۾ قبول ڪري. اها ڳالهه سچي هجي يا ڪوڙي. اهڙي قسم جي ماڻهن جي عملي اجتماعيت سان عالمِ مثال جي هيٺئين طبقي ۾ هڪ صورت پيدا ٿي پوندي آهي. جنهن سان ان عقيدي کي مڃڻ وارا تعلق پيدا ڪري فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. پر عالمِ مثال جو هڪ مٿيون طبقو آهي، جنهن ۾ حق کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ جاءِ ۽ مقام حاصل نه ٿي ڪري سگهي. نبين ۽ الاهي حڪيمن جو تعلق انهيءَ مرڪز سان هوندو آهي.
[b]سماء ۽ افلاڪ
[/b] عالم مثال جي مٿئين طبقي کي ”سماء“ چوندا آهن ۽ هيٺئين طبقي کي ”افق“ (فضا) چوندا آهن ۽ هن وجودي عالم يا مادي عالم کي زمين چوندا آهن. ”سماءَ“ اصل ۾ عالم مثال جي هڪ طبقي جو نالو آهي، پر پوءِ اسان جي مفسرن مٿان ارسطو وغيره جي فلسفي جي اثر ڪري افلاڪ (آسمان) سڏجڻ لڳو.
[b]عالمِ مثال ۾ نزول ۽ صعود
[/b] هڪ شيءِ عالمِ مثال جي مٿئين طبقي ۾ موجود آهي، جڏهن ان شيءِ جو عڪس هيٺئين طبقي ۾ ايندو آهي، ته ان جو نالو ”نزول“ (لهڻ) رکيو ويندو آهي. جنهن شيءِ جو عڪس هيٺ لهندو آهي، اها ته مٿئين طبقي ۾ ئي رهندي آهي، البته ان جو مثل يا عڪس هيٺئين طبقي ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ طرح هيٺئين طبقي ۾ ڪا شيءِ موجود هجي ۽ ان جو مثل يا عڪس مٿئين طبقي ۾ چڙهي وڃي ته ان کي ”صعود“ (چڙهڻ) چوندا آهن.
[b]عالمِ مثال جي مڃڻ جي ضرورت
[/b] مولانا اسماعيل شهيد رحه جو چوڻ آهي ته جيڪو شخص عالمِ مثال کي نه ٿو مڃي، اهو اهل سنت ۾ محقق ڳڻي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته ان کي قرآن ۽ حديث جي هزارين اهڙين ڳالهين جي ”تاويل“ ڪرڻي پوندي جيڪا تمام گهڻو پري وڃي پوندي. سو جيڪو شخص قرآن شريف ۽ حديث جي تفصيلي طور پڙهڻ پڙهائڻ جي طرف متوجه آهي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته اهو پنهنجو اعتقاد، اهو ٺاهي ته جيڪي شيون هن محسوس ۽ مادي دنيا ۾ پيدا ٿين ٿيون، انهن جو هن دنيا ۾ اچڻ کان پهريائين الله تعاليٰ وٽ هڪ وجود هوندو آهي ۽ جڏهن اهي شيون هن مادي دنيا منجهان غائب ٿي وينديون ته ان کان پوءِ به الله تعاليٰ وٽ انهن جو ڪنهن نه ڪنهن قسم جو وجود ضرور هوندو آهي. ۽ ڪي وڏيون ساريون شيون آهن، جيڪي عالمِ مثال جي هڪ ننڍڙي حصي ۾ سمائجي وڃن ٿيون. ان سان انهن جو پاڻ ۾ ٽڪر نه ٿيندو آهي.
مطلب ته اهڙين شين سمجهڻ لاءِ هڪ محقق کي عالمِ مثال جو مڃڻ نهايت ضروري ٿي پوي ٿو، جيڪو هڪ مستقل ۽ الڳ جهان آهي. علم طبيعات ۾ ان جو مثال ايٿر (Ether) جو آهي. ڇاڪاڻ ته روشني، بجلي، چقمق وغيره جون لهرون هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي جو پهچن ٿيون، انهن لاءِ هن ”ايٿر“ کي واسطي جي طور مڃڻ ضروري آهي. صدين جي ڪوششن کان پوءِ جڏهن ڪنهن ٻئي طريقي سان اهو مسئلو حل نه ٿي سگهيو، ته اهي شعاع هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي ڪهڙيءَ طرح پهچن ٿا؟ تڏهن ڪنهن عقل مند هيءُ تجويز ڪيو ته انهن جي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي پهچڻ جو ضرور ڪو ذريعو ۽ واسطو هوندو، ان واسطي جو نالو ايٿر (Ether) رکيو ويو. هاڻي ان بابت يقين ڪيو ويندو آهي ته اها هر قسم جي ٿلهي ۽ ٺوس شيءِ منجهان آرپار گذري ويندي آهي. اهڙيءَ طرح طبيعاتي دنيا کان مٿي جيڪي واقعات پيش اچن ٿا، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ عالم کي مڃڻ ضروري آهي جنهن جو نالو ”عالمِ مثال“ رکيو ويو آهي.