هن جهان جي نظام ۾ فرشتن جو مقام
صاف، سچي ۽ کري ڳالهه هيءَ آهي ته الله تعاليٰ جي انساني نوع مٿان پنهنجي خاص عنايت ان وقت کان وٺي آهي، جڏهن الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، ان عنايت جو ئي نتيجو آهي جو انسانن کي ائين بي مهار اٺ وانگر نه ٿو ڇڏيو وڃي، بلڪه عملن ۽ اخلاقن تي سندس پڪڙ ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي هر هڪ عمل جي جزا ڏني ويندي آهي. اهو جزا جو ملڻ الاهي عنايت جو ئي نتيجو آهي، پر ان جزا جي ملڻ واري قانون کي مڪمل طرح سمجهڻ تمام ڏکيو آهي، ان لاءِ اسان فرشتن جي دعا کي ان جي عنوان طور استعمال ڪيو آهي. (عنايت الاهي کي هڪ معنيٰ فرض ڪيو ۽ ملائڪن جي دعا کي ان جي صورت ۽ لفظ فرض ڪيو) قرآن شريف جي هن آيت ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي:
اِنَّ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا وَمَاتُوۡا وَہُمْ كُفَّارٌ اُولٰٓئِکَ عَلَیۡہِمْ لَعْنَۃُ اللہِ وَالْمَلٰٓئِکَۃِ وَالنَّاسِ اَجْمَعِیۡنَ ﴿۱۶۱﴾ۙ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا ۚ لَا یُخَفَّفُ عَنۡہُمُ الۡعَذَابُ وَ لَا ہُمۡ یُنۡظَرُوۡنَ ﴿۱۶۲﴾ (البقره 162)
(جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا، انهن تي الله جي لعنت، فرشتن جي لعنت ۽ سمورن ماڻهن جي لعنت آهي، اهي ان حالت ۾ هميشه رهندا، نه انهن جو عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه کين مهلت ڏني ويندي.)
انهن ٻنهي قاعدن کي ملائڻ سان عجيب عجيب صورتون پيدا ٿينديون آهن. انساني نفس جي صلاحيت ۽ استعداد مطابق انسان جي عملن کي کليءَ طرح سمجهڻ ۾ هيءُ صورتون مدد ڏينديون آهن. پهريون قاعدو، جيڪو اسان شروع ۾ ذڪر ڪيو، ان جو اثر اهڙن عملن ۽ اخلاقن ۾ نمايان طور تي نظر ايندو آهي، جيڪي انساني نفس جي اصلاح ۽ فساد ۾ خاص طور اثر ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن. (پهرئين قاعدي مطابق جنهن ماڻهوءَ جي ملڪيت بلڪل پاڪيزه ۽ تمام گهڻي طاقتور هوندي، اهو انساني نفس جي اصلاح ۽ فساد وارن عملن جو وڌيڪ اثر قبوليندو. ان جا مخالف اهي ماڻهو آهن جيڪي ٻئي نمبر قاعدي هيٺ اچن ٿا، جن جي ملڪيت نهايت ڪمزور ۽ ڪنهن ڪم جي نه هوندي آهي. اهي وري انهن عملن ۽ اخلاقن جو اثر وڌيڪ قبوليندا آهن، جيڪي نوع انسان جي عموعي مصلحتن ۽ مفادن جي موافق يا مخالف هجن.)
مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي قاعدن جي اثرن اڳيان هڪڙيون شيون رڪاوٽ ٿينديون آهن:
1- پهرئين نمبر قاعدي جي اثر اڳيان جيڪا شيءِ رڪاوٽ ٿيندي آهي، اها هوندي آهي ڪنهن ماڻهوءَ اندر ملڪيت جي ڪمزوري ۽ بهيميت ۽ حيوانيت جو طاقتور ٿي وڃڻ. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بهيميت ايترو زور وٺي ويندي آهي جو هو نجو حيوان ۽ درندو ٿي پوندو آهي، ان حالت ۾ ان جي ملڪيت بنهه ڪمزور ٿي ويندي آهي. جنهن سببان اهو ماڻهو حيواني عادتون اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ ملڪيت جي خلاف ڪم ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس نه ڪندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ تي جڏهن اهو وقت ايندو آهي، جڏهن ماڻهو حيواني لباس اڇلائي ڦٽو ڪندو آهي (مٿس موت ايندو آهي) ۽ ان وقت حيوانيت جي خاتمي جي ڪري حيواني محرڪ ختم ٿي ويندا آهن، مڪمل طرح ملڪوتي قوت جون بجليون مٿس چمڪڻ لڳنديون آهن، ان وقت کيس عذاب يا انعام جو پوريءَ طرح احساس ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. (يعني ملڪيت جي موافق ڪم ڪرڻ تي خوشيءَ ۽ مخالف ڪم ڪرڻ تي تڪليف محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.)
ان مسئلي کي سمجهڻ لاءِ هڪ مثال آهي، هڪ نوجوان پنهنجي گهر ۾، جوانيءَ ۽ طاقت جي نشي سان ڀرپور زندگي گذاري رهيو آهي، سندس پوڙهي ماءُ کيس هڪڙا مشورا ۽ حڪم ڏئي ٿي، انهن ۾ ان نوجوان جو فائدو آهي، پر نوجوان جوانيءَ جي نشي ۾ انهن ماءُ جي حڪمن کي ليکي ئي نٿو. هڪڙو ڏينهن اهڙو ٿو اچي جو سندس پوڙهي ماءُ لاڏاڻو ڪري ٿي وڃي، هلندي هلندي پاڻ اچي ماءُ واري جڳهه ٿو والاري ۽ پوڙهو ٿي ٿو وڃي، کيس به نوجوان پٽ ٿين ٿا، جيڪي سندس ائين نافرماني ڪن ٿا جيئن هن پاڻ جوانيءَ ۾ پنهنجي پوڙهي ماءُ جي نافرماني ڪئي هئي. ان وقت کيس پنهنجو ماضي پڇتاءُ جي روپ ۾ ڏنڀ ڏيندو آهي. حسرت، ندامت ۽ پشيمانيءَ جو احساس، سندس دماغ وٺي ڇڏيندو آهي. اهو احساس، لاعلاج بيماري جي صورت ۾ کيس نهوڙي وجهندو آهي. ان وقت کيس پنهنجي پوڙهي ماءُ جي چيل ڳالهين جا فائدا ۽ حڪمتون سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿينديون آهن. اهڙي قسم جا تجربا انساني زندگيءَ ۾ تمام گهڻو پيش ايندا رهندا آهن.
2- ٻئي نمبر قاعدي جي اثر اڳيان رڪاوٽ بڻجندڙ شيءِ هيءَ آهي ته اهڙا قدرتي اسباب جمع ٿي وڃن جيڪي ان اثر ۽ جزا جي خلاف هجن، اهڙي صورت ۾ قدرتي سببن جون گهرجون اڳريون ليکبيون ۽ انهن جي ڪري جزا ۾ رڪاوٽ ٿيندي رهندي. (يعني کوڙ زمانو گذري ويندو پر جزا کيس نه ملندي.) ان کان پوءِ جڏهن الله تعاليٰ جو مقرر ڪيل وقت اچي پهچندو ۽ قدرتي اسباب پنهنجو ڪم ختم ڪري ڇڏيندا، ان وقت عملن جي جزا ۽ انهن جو لاڀ ۽ اثر جيڪو هڪ وڏي عرصي کان بند ٻڌي بيهاريل پاڻيءَ وانگر بيٺل ۽ روڪيل هو، سو اچي مٿس ٽٽندو. قرآن جي هن آيت جو اهوئي مطلب آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته:
وَ لِکُلِّ اُمَّۃٍ اَجَلٌ ۚ فَاِذَا جَآءَ اَجَلُہُمۡ لَا یَسۡتَاۡخِرُوۡنَ سَاعَۃً وَّ لَا یَسۡتَقۡدِمُوۡنَ ﴿۳۴﴾ (الاعراف: 34)
(يعني هر هڪ امت لاءِ وقت مقرر آهي، جڏهن اهو وقت اچي پهچندو آهي ته جزا هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه اڳتي ٿيندي آهي، نه پوئتي.)