آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

مھاڳ ۽ شروعات

[b]ارپنا[/b]

ارپيان ٿو،
هيءَ تحرير
جيجل امڙ جي نانءَ

______


[b]ڌڻيءَ در دُعا
[/b]
المدد منهنجا ڌڻي!
ڪارڻي او ڪارڻي!
سنڌ ساري پئي سڙي،
ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!
باه جو درياءُ آ_،
پاتڻي او پاتڻي!
دل سندي ڌرتي بڻي،
ڇانوڻيءَ تي ڇانوڻيءَ!
دار جي وهنوار جي،
ريت آهي پارڻي.
ظلم جي ديوار هيءَ،
ڊاهڻي آ ڊاهڻي.
ڳل مٿي ڳوڙها ته ڏس!
سانوڻي آ سانوڻي.

- الهورايو اُداسي

_________

[b]حُر ڪئمپ جو قيدي ٻار
استاد الهورائي بهڻ جي سارُوڻين متعلق ويچار[/b]

الهورائي بهڻ صاحب پنهنجي زندگيءَ جا پهريان تقريبن يارهن سال ”ڄائي ڄم کان ڏوهاري مجرم قبيلي“ (ڪرمنل ٽرائبز) جي فرد جي حيثيت سان نوابشاھ، شهدادپور، ۽ جهول جي لوڙهن يعني ڪنسنٽريشن ڪيمپن يا سيٽلمينٽن ۾ گذاريا. پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين يا يادگيرين جي هن مختصر ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ قيد بند جو اهو سڄو داستان، الهورائي صاحب جي سرگذشت جو پهريون حصو آهي، جنهن کي بهڻ صاحب تمام سهڻن، سادن لفظن ۾ ٻاراڻي سوچ ويچار يا فڪر عين پٽاندڙ، اهڙي تدريجي انداز۾ بيان ڪيو آهي، جنهن مان هن هوشيار، تجسس جي مجسمي، ذهين ٻار جي فڪر ۽ بصارت جي اوسر ۽ واڌ ويجھ جو نهايت ئي دلڪش ۽ مؤثر نقشو چٽيو ويو آهي.
دم شاخ ۽ جمڙائو واھ جي ڀرپاسي ۾ الهورايو پٽ آگو بهڻ، 1942ع ڌاري، زان زان روسو جي قول مطابق ”آزاد ڄائو“، ۽ سو به حشمت ۽ برڪت واري ”گڙنگ“ بنگلي واري ڳوٺ ۾، پر ڄمڻ شرط بيٺڪي راڄ وارن آڻي ماءُ پيءُ سميت نوابشاھ لوڙهي ۾بنا زنجيرن جي سوگهو ڪيائونس.
Here he is in chains. One thinks oneself the Master of others, and still remains a greater slave than they.”
لوڙهي جي گهُٽيل محدود ماحول ۾، سنگينن ۽ بندوقن جي پاڇي هيٺ، مجبور، مقهور۽ مظلوم،ننڍڙو الهورايو نپجڻ پلجڻ لڳو. پهريان لفظ جيڪي صبح شام سندس سجاڳ ۽ سَرلن ڪنن تي هر روز پيا ٿي اُهي هُئا ”حاضر سائين، حاضر سائين“ جيڪي قطارن ۾ بيٺل حـُر جماعت جي اٻوجھ قيدي مردن توڙي عورتن جي واتان ”حاضريءَ دؤران نڪتا ٿي. ڏهڪاءَ هيٺ نڪرندڙ اهي لفظ سندس دل جي ڪنن تي تتل شيهي جي پُلٽ وانگر وري وري وسڪارا ڪندا رهيا ٿي. جن ساهوارن جي آڏو اهڙا ”حاضر سائين، حاضر سائين“ چوڻو ٿي پيو، سي هُئا، بيٺڪي راڄ جا نمڪ خوار، ڪهڪاءَ کان وانجهيل، اڀاڳا، ندورا ۽ ڪڳوراسپاهي ۽ لوڙهن جا منشي ۽ مئنيجر، جن جي آڏو دل تي پٿر رکي، زهريلي ڳيت سان اهي لفظ چيا ٿي ويا، جيڪي اهڙن شخصن جي باري ۾ چيا ٿي ويا، جيڪي ڪنهن به ليکي اهڙن خطابن ۽ اهڙين دعائن جي لائق نه هُئا، اهي دعائون ڄڻ ته دليئون پاراتي جي صورت اختيار ڪري ظاهري وات مان ٿي نڪتيون. ڄڻ حڪومت جي ٻَرَ ۽ زور تي بَعل بت جي پوڄا ابراهيم عليه السلام جي اولاد کان ٿي ڪرائي وئي.
اهي آواز ٻڌندي ٻڌندي،ننڍڙو الهورايو، اُن ڊگهي بيٺڪي راڄ دؤران، قيدين ۽ غلامن جي حيثيت سان، سانڀر ڀريو ٿيڻ لڳوته ڪڏهن رات جي ٻاٽ اونداهين ۾ ته ڪڏهن ڏينهن جو ادي ڪرڙيءَ جي گهر ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن سان راند ڪرڻ وڃڻ لڳو ته ڪڏهن راتين جي اونداهين ۾ يا تارن جي سُهاءَ ۾ يا چنڊ جي چانڊوڪين ۾ ”نانا جانيءَ“ جي زباني، آزاد اڏامندڙ ديون ۽ پرين، جنن ۽ ڀوتن، نائڪن ۽ راڪاسن، بادشاهن ۽ فقيرن جون ڪهاڻيون، ٻُڌي، روضي ڌڻيءَ جي چئن تسبيحن واري ذڪرسان دل کي سُرور وٺائي، ۽ سرفراز ڪلهوڙي جي مناجات ”بسم الله، لڳ الله، ... ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون “ آلاپيندي وڏو پي ٿيو.
لوڙهي يا ڪنسنٽريشن ڪيمپ جي ڀرسان هر روز لنگهندڙ ريلوي گاڏيءَ جون ڪُوڪون ۽ ڇِـڪ ڇـِڪ ٻُڌي، ننڍڙو الهورايو سوچيندو ٿي رهيو ته اُهي ڪهڙا ماڻهو هوندا جيڪي انهيءَ گاڏيءَ ۾ سفر ڪندا هوندا، اُهي ڪهڙي رنگ روپ جا هوندا، ڪهڙي ڊيل ڊول جا، ڪهڙيءَ هاٺي ڪاٺي جا هوندا، ڪهڙيءَ شڪل صورت وارا هوندا، ڪهڙا ويس وڳا پائيندا هوندا؟ مرد هوندا يا عورتون؟ مون جيڏا ڪي ٻار به هوندا يا نه؟ اُهي ڪيرهوندا جيڪي انهيءَ”مُئيءَ گاڏيءَ“ جي گاڏن ۾ سوار ٿي، آزاد، پنهنجي مرضيءَ مطابق،بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي، ڪنهن پابنديءَ کان سواءِ، دنيا جي الائي ڪهڙي ڪُنڊ کان الائي ڪهڙي پاسي ايندا ويندا هوندا. (ننڍڙو الهورايو ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن هو به سوچيو هجي ته الائي انهن گاڏن ۾ ويٺل ماڻهن کي به جهڙس ”ٻه اکيون ٽيو نڪ“ هوندو، يانه؟ انهن ماڻهن ۽ ساڻس لوڙهن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ الائي ڪهڙو فرق هوندو! ٻيو نه ته سـڱ ته ضرور هوندن!)، نيٺ هڪڙي ڏينهن بابا کيس گاڏيءَ جي ويجهو به وٺي ويو، جتان خوب پيٽ ڀري گاڏيءَ ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏٺائين، سندُن مهن مهانڊن جو مطالعو ڪيائين، سندن لباس تي تجسس ڀريل نظر وڌائين.
ننڍڙو الهورايو ٿورو وڏڙو ٿيوته لوڙهي ۾ موجود اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي ”بيٺڪي راڄ جي بادشاھ کي ”اسان جي شهنشاھ“ سڏي، کيس وڏي ڄمار نصيب ٿيڻ لاءِ دعائيه گيت به ”طوعا او کرها“ ڳائڻا پي پيس. پر، نيٺ هڪڙو ڏينهن خدا جو اهڙو آيو جو ڪنهن وقت (بظاهر14 آگسٽ 1947 کان پوءِ) اوچتو اهو شهنشاھ جي شان ۾ سندس ڊگهي عمر جي دعائيهِ ”زور جي ميندي وارو گيت“ (قومي ترانو، نيشنل اينٿم؟) ڳارائڻ بند ڪيو ويو. معصوم الهورائي کي سمجھ ۾ نه آيو ته ائين ڇو ٿيو!
ڪو وقت آيو جو انهيءَ لوڙهي جي ڀرسان لنگهندڙ گاڏيءَ ۾ ڪي اوپرا ماڻهو، اوپري نياري لباس وارا، ۽ اوپرن آراڌن مهانڊن وارا ماڻهو، تمام وڏي تعداد ۾، ٽمٽار گاڏن اندر ڳُتيل ڀرڀريل ماڻهن کان سواءِ گاڏن جي ڇتين تي ماڻهو ويٺل نظر ايندا رهيا، جن مان ڪي نواب شاھ ۾ لهي ٿي پيا. ننڍڙي الهورائي ڏٺو ته لوڙهن جي قيدين، پنهنجي ڪنگالپڻي، تنگدستيءَ ۽ ڪسمپرسيءَواري حالت هوندي به، پنهنجي ڏتڙيل، تڙجي آيل، پناهگير مهاجر، ”مسلمان ڀائرن“ لاءِ ڀَت جون ديڳيون رڌي ڪيتري وقت تائين کارائڻ لاءِ کڻي ويندا رهيا.
ان وقت پاڻئون وڏن ٻارن جي واتئون پنج ساله ننڍڙي الله جي ورايل کي خبر پئي ته ماڻهو چون پيا ته ”ملڪ آزاد ٿيو آهي.“ انگريز بيٺڪي راڄ جي شهنشاھ جي نالي ٻار چون پيا ته ”مائيءَ جنا“ ڀڄائي ڇڏيو آهي، پر ڪي ٻار چون پيا ته اهو ماڻهو مائي ڪانهي، مڙسالو آهي. پر ننڍڙي وريل فقير کي وري خبر نه پئي پوي ته ”آزادي“ ڪهڙي ساهواري جانور يا بيساهي شئي جو نالو هوندو، جيڪا الائي ڇو اڃا لوڙهي جي گهٽيءَ تي پهتي ڪانهي. الائي ڪڏهن ايندي؟
نيٺ هڪڙي ڏينهن پاڙهڻ واري قيدي ماستر اسڪول جي ٻارن کي ايندڙ ڏينهن تي ڌوتل ڪپڙن پائي اچڻ جو چيو. چيائين ته ”وزير صاحب“ اسڪول ۾ ايندو. انهي کي گڏجي گلن جا هار پارائي سندس آجيان ڪجو. ۽ هڪڙي آواز ۾ گڏجي کيس آزاديءَ لاءِ عرض ڪجو. وڏڙن جو خيال هو ته ”آزاديءَ جي ديوي“ وٽن، سندن لوڙهي جي سوڙهيءَ گهٽيءَ تي به نيٺ ته پرگهٽ ٿيندي. ”اليس الصبح بقريب! “ (ڇا صبح ويجهو ناهي؟) (قرآن، سورة هود 11.81)
“Oh Western Wind,
If winter comes,
Can Spring be far behind?” (Percy Bysshe Shelley (4/8/1792-8/7/1822.
الهورايو ٻئي ڏينهن امڙ جي هٿان ساڙيل لاڻيءَ مان ٺهيل ڪاريءَ کارُ سان ڌوتل ڪپڙا زيب تن فرمائي صبح سوير،آزاديءَ جي پري ڏسڻ خاطر، وزير صاحب جي آجيان ڪرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيو. استاد ۽ مائٽن جي چوڻ تي، وڏي خوشيءَ سان عمل ڪندي وزير صاحب جي خدمت اقدس ۾ گلن جا نذرانا پيش ڪيا ويا، ۽ ”بخدمت عاليشان فيضواري جناب“ جي شان ۾ قصيدا پڙهڻ کان پوءِ آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو ويو. پر ڪاري کارُ سان ڌوتل ڪپڙن پاتل ٻارن جي نوراني چمڪندڙ چهرن ۽ اُگهاڙن پيرن جو ”حُضور وزير صاحب“ جي کَهُري پٿر مان جُڙيل دل تي ذرو به اثر ڪونه ڪيو، نڪي گلن جي نذراني جي رُکي سُکي رشوت جو ڪو مثبت نتيجو نڪتو. جيئن ئي معصوم ٻارن وزير بهادر کي هڪ آواز ٿي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو، ته وزير جواب ۾ فورن، بنا هٻڪ، معصوم ٻارن کي سندُنِ ابن ڏاڏن جي ڌاڙن هڻڻ جو مهڻو ڏنو. ”اوهين آزادي ٿا گهرو، هوڏانهن اوهان جا ابا پيا ڌاڙا هڻن!“) ٻارڙن جي دلين تي ۽ سندُن آسُن ۽ اميدن مٿان سياري واري ٿڌي پاڻيءَجي مٽَن جا مٽَ هارجي ويا. ۽ ٻين ٻارن وانگر معصوم ننڍڙو الهورايو فقير به سوچيندو رهيو، ۽ کيس ڪنهن به صورت ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته سندُس پيءُ ماءُ ۽ ٻين ٻارن جا پيئر مائر ته لوڙهي (ڪنسٽريشن ڪيمپ) ۾ ڪسمپرسي (يعني ڪير نه پڇي ته ڪهڙو حال اٿئي) واري زندگي گذاري رهيا هُئا، ان صورتحال مطابق اُهي الائي ڪنهن جا ابا ڏاڏا هُئا جيڪي وزير جي دل تي ڌاڙا هڻي رهيا هُئا، جنهن جي ڪري انگريز جي ظالماڻي بيٺڪي راڄ خلاف وڙهڻ جي سلي ۾ سڄي حر جماعت جا ماڻهو، سندن ابن ڏاڏن جي زماني (1895 کان 1952ع تائين) تقريبن سٺن سالن کان لوڙهن ۽ جيلن ۾، ٻارين ٻچين، زندگيون گهاري رهيا هُئا. هاڻي جڏهن انگريز ڀڄي ويو آهي ته به نوَن حاڪمن جي نظر ۾ هو قاتل ۽ ڌاڙيل، ڪرمنل ٽرائبز Criminal Tribes (مجرم ڏوهاري قبيلن جا فرد هُئا). ننڍڙي وريل فقير کي ڪهڙي خبر ته حاڪمن جا جاسوسي ادارا پنهنجي ڇڏيل ماڻهن هٿان قتل ڪرائيندا آهن ۽ چوريون ۽ ڌاڙا هڻائيندا آهن، ۽ پوءِ پنهنجي دشمن جي نالي مشهور ڪرائيندا آهن. اهڙي طريقهءَ ڪار کي عـُرف عام ۾ ”ڪوڙن جهنڊن واريون وارڌاتون“ (false flag operations) سڏبو آهي، جيڪي اڄ به هر نام نهاد مهذب قومن جا اڳواڻ ڪرائيندا آهن ۽ ان وقت به ڪونه گهٽائيندا هُئا. لوڙهن کان ٻاهر ڪي ٿورا اهڙا ماڻهو اُن زماني ۾ به هُئا جيڪي (قرباني ۽ ٻين اخبارن وزيرن ۽ حاڪمن کي اپيلون ڪري،انگريز جي اجتماعي سزا (collective punishment)واري بي انصافي ۽ غير قانوني ڪڙن ۽ ڪارن قانونن جي بطلان ڏانهن توجهه ڇڪائي اهو پڇندا رهندا هُئا ته نمڪ حلالي ملهائڻ وارن جا ”ابا ڏاڏا“ انگريز ندورا ته مُجاهدن جي ڪاررواين ان بيزار ٿي، نيٺ مُلڪ ڇڏي ويا هُئا هليا، پوءِ ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ مجاهدن جا ٻار اڃا ڪهڙي حساب ۾ لوڙهن يا ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾ بند هُئا؟ پر انگريز جي پوئتي ڇڏيل اولاد جا منصوبا سخت ناپاڪ هُئا.
آزاديءَ جي ديوي، لوڙهن کان پري پري، ڪٿي ٻين ماڻهن جي شهرن ۽ بيابانن ۾ پنهنجو وقت گذاري رهي هئي، پر حُرن جي انهن لوڙهن ۽ جيلن جي ڀر پاسي ۾ به نڪا سندُس بوءِ هئي نڪا سندس باس هُئي.
نيٺ هڪڙو ڏينهن خدا جو اهڙو آيو جو ميٺ ماٺ ۾، بنا توجه ۽ توضيح جي شهنشاھ جي وڏي عمر لاءِ دعائيه گيت ڳائڻ جو رواج بند ٿيو. وري ائين ٿيو جو بنديخانن ۾ رهندڙ ڪٽنبن جي لوڙهن کان ٻاهر رهندڙ مائٽن کي ملاقاتن جي سهولت ڏني وئي، جو ننڍڙي وريل فقير جو وڏو ڀاءُ جهول مان مکڻ ۽ ماکي کڻي ملاقات لاءِ آيو. لوڙهن ۾ رکيون سڪيون مانيون کائڻ وارا ٻار مکڻ ماکي کائي گهڻو خوش ٿيا. وري ڪيوڙي فقير جهڙا تارڪ فقير به ملاقات لاءِ اچڻ لڳا، جيڪي پنهنجي حيران ڪندڙ گودڙي، لٺ، ۽ راڳ روپ ذريعي جماعت ڳوريءَ جي ننڍن وڏن کي دين ايمان تي قائم رهڻ ۽ صبر ۽ استقامت کان ڪم وٺڻ جا درس ڏيڻ لڳا.
اهڙين ننڍڙين ننڍڙين نعمت ڀريل سهولتن ملڻ کان پوءِ، ڪنهن وقت ننڍڙي الهورائي کي سندس ماءُ پيءُ سُميت نوابشاھ جي لوڙهي مان بدلي ڪري، انهي ڀرسان لنگهندڙ مسحور ڪندڙ ريل گاڏيءَ تي سوار ڪرائي، شهدادپور لوڙهي ۾ وٺي آيا. ٻيون قيد بند جون حالتون ساڳيون رهيون. ”حاضر سائين، حاضر سائين،“ جون پڪارون بدستور ساڳيون جاري رهيون، رزق روزگار (کاڌي پيتي) جي تلاش ساڳيءَ طرح ڏُکي رهي. پر نواب شاھ ۾ هميشه يا گهڻو ڪري بنا ڳـُنڌڻ، جيڪا سُڪل ماني رُکي سُکِي کائڻي پوندي هُئي، تنهن ۾ ايترو سو فرق آيو جو شهدادپور جي ويجهڙائپ (ڀر پاسي) ۾ ڪن مائٽن مٽن وٽان کين ڪڏهن ڏُڌَ ته ڪڏهن کيرَڪڏهن مهي، ڪڏهن ڌئونرو ملڻ لڳا، جيڪي اڳي نوابشاھ جي لوڙهي کان مائٽن جي ڏورانهن پنڌن تي هُئڻ جي ڪري ڪونه ٿي ملي سگهيا. هاڻي اُها اڻڀي سُڪل رُکِي ماني ڪڏهن ڪڏهن ڏُڌ ۽ کير واري(nutritious) غذا جي نعمت ملڻ ڪري، رُکي چٻاڙڻ، ڳيتون ڏئي ڳهڻ، ۽ ويلي ويلي تي وِيلي ڏيڻ بدران چَهَر سان چٻاڙڻ، ڳُنڌڻ سان ڳِهڻ، ۽ هيجئون هضم ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري ورتي۽ ”غذائيت جي اڻاٺ“(malnutrition) جو ستايل،سنهڙو سيپڪ، ڏُٻرو، اَڀَروالهورايو، هڏن تي ماس ورائڻ لڳو، ۽ اڳي جي اڀرائيءَ مان نڪري نسبتا سڀرو، سگهارو ۽ صحتمند ٿيڻ لڳو. حالانڪ آزاديءَ جي پرِي اڃا به لوڙهن ۽ جيلن کان پاسو ڪيو، ڪٿي ڏوراهين ڏيھ ۾ سيبتي ۽ ٿانيڪي ٿيو سُتي پئي هُئي، ۽ الهورائي ۽ سندس ڪٽنبن جي اوڏي وينجهي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي. اهڙي گهٽتائيءَ جي احساس جي باوجود وريل خان ۽ سندس گهر جا سڀئي ڀاتي اڳي واري ارهائي واري اڙانگي حالت مان نڪري صحت ۽ سرهائيءَ هاڻا ٿيا. البته بنديخاني جا بند اڃا ساڳيا سوگها رهيا.
اُن زماني ۾ نوابشاھ واري لوڙهي ۾ مولا بخش جي مارُن جي ڇانوُن هيٺان پلجي وڏي ٿيندڙ هن چار درجا پڙهيل ۽ خوشخط الهورائي بنديخاني جي باندين لاءِ سندن بدلين ۽ ٻين حاجتن لاءِ درخواستون لکڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. اهڙيءَ طرح مفت ۾ منشگيري ڪندي، نيٺ ڏسندي ڏسندي، هڪڙي ڏينهن پنهنجي دل جي تانگھ تي، پنهنجي والد صاحب کان پڇڻ بنا،هڪ درخواست لکي ٽپال ۾ وجهي ڇڏيائين. ان درخواست جي نتيجي ۾ ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ(ٿوري ڪين گهڻين ڏينهن)، شهدادپور واري لوڙهي مان سندس ڪٽنب جي جهول شهر جي ويجهو وڌل لوڙهي ۾ بدلي ٿي وئي. اهو جهول وارو لوڙهو سندن اصلي ڳوٺ گڙنگ جي ويجهو هو. نوابشاھ ۽ شهدادپور وارن اڳيان لوڙها جهول واري لوڙهي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرانها هئا. وَريل فقير جو وڏو ڀاءُ عرس اڳي ئي جهول ۾ رهيو ٿي. ان ڪري جڏهن هن ڪـُٽنب جي بدلي جهول ۾ ٿي ته گهر جا سڀ ڀاتي وڌيڪ سَرها ٿيا. جهول شهر ۾ پهچڻ شرط، پهريون دفعو، ننڍڙي الهورائي ٻارن کي ڀڄ ڊوڙ ڪرائڻ واري (ڊُڪندڙ ۽ ڊُڪائيندڙ) بنا دونهين واري، هڪ ڦيٿي، ”مشين“ يا ”گاڏي“ هٿ ڪئي، جنهن کي ”ڊيڪلي“ٿي سَڏيائين. ان بنا بجلي ۽ بنا پيٽرول تي هلندڙ ڊيڪليءَجي پويان ڊوڙندي، الهورايو جهول جي ننڍڙي، ”ڏيڍ اڍائي، پوڻن پنجن ۽ ساڍن ستن“ گهرن واري ننڍڙي شهرجهول ۾، ڊوڙندي ۽ ڊوڙائيندي، اکين ۽ ڪنن کي ڪم آڻيندي، هوائي جهاز واري سواريءَ وارا مزا وٺندي، پنهنجون اکيون تيز ۽ ڪن سرلا ڪري، ماڻهن، عمارتن، روڊن، رستن، ريل گاڏين جون پنهنجي مرضيءَ سان، بنا پگهار، حاضريون ڀريندي، ۽ ريل ۾ چڙهيل ماڻهن کي حسرت ۽ حيرت جي نظرن سان ڏسڻ ۽ آبزرو (observe) ڪندي، شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ سان واقفيت پيدا ڪندو رهيو. ماڻهن جي مهانڊن، لباس، ڪپڙن، ۽ هلڻ چلڻ جو من ئي من ۾ مطالعو ڪندو رهيو. نيٺ وڏڙن جي ڳالهين مان اهڙا آسرا ٿيڻ لڳا ته هي قيد بند ٽٽڻ وارا هُئا، ظلم جا اهي لوڙها نيٺ کڄڻ جا امڪان ٿيڻ لڳا. ۽ آسرا ٿيا ته بنديخاني وارا باندي آزاد ٿي پنهنجي ماڳن تي موٽندا، ۽ سندس امڙ، پنهنجي سوچن کي لفظ ڏئي، ان اُميد جو اظهار ڪرڻ لڳي ته ڪيئن پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن موٽي گڙنگ ڳوٺ وڃبو ۽ اتي رهي، ٻني ٻاري جو اهو ڪم وري سنڀالبو جيڪو بنديخاني ۾ اچڻ کان اڳي ڪبو هو.
(ٻارن کي تاريخن جي خبر ڪانه هُئي، پر هاڻي وڏن کي خبر آهي ته پير صاحب سورهيه بادشاه شهيد جا شهزادا ڊسيمبر 1951 ۾ وطن واپس آيا، ۽ چوٿين (4) فبروري 1952ع تي گادي بحال ٿي، ۽ ان سونهاري موقعي کان پنجونجاھ ڏينهن پوءِ، ايڪٽيهين مارچ 1952ع جي شام جو لوڙهن جي قيدين کي ٻُڌايو ويو ته اڄ رات جڏهن گهنڊ تي پورا ٻارهن وڄندا ته لوڙهن جا دروازا هميشه لاءِ کلندا، ۽ڪرمنل ٽرائبز جا بيڏوها قيدي آزاد ٿيندا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي مرضيءَ مطابق، پنهنجي پنهنجي خرچ تي يا پنهنجي پيرن جي زور تي،آزاديءَ ڏانهن اڳتي قدم وڌائي سگهندو. وڏي انتظار کان پوءِ بقول وريل فقير اُها ”اپريل فول“ واري گهڙي نيٺ آئي، ۽ رات جي ٻارهين وڳي سچي پچي گهنڊ وڳا، ۽ ڏهڪاري سپاهي ڪٿي اوڏو ويجهو ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، (الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا)، حُرن جا ننڍا وڏا ٻار آزاد ٿي پنهنجي ماڳن مڪانن ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا. ننڍڙو الهورايو ۽ سندس ماءُ پيءُ انهي آزاديءَ جون آخري گهڙيون لوڙهي ۾ ئي گذاريون، ايندڙ صبح جو لوڙهو پوئتي ڇڏي، ساڳئي شهر ۾ موجود سندس وڏي ڀاءُ جي گهر ۾ وڃي رهيا. وري سگهوئي پنهنجو ڇپر اڏي ان ۾ رهڻ لڳا. گڙنگ تي وڃي ٻني ٻاري ۽ سندن پراڻن گهرن جي حالت ڏسڻ لاءِ هڪڙي ڏينهن نيٺ وڏين امنگن ۽ جذبن سان، ۽ ڌڙڪندڙ دلين سان، ”اکيون پير ڪري“ جڏهن پهتا، ته اُتي 1942ع ۾ ليمبرڪ جي باهين ڏنل گهرن ۾ ڪاريءَ وارن ڪکن جو نظارو ڏسي، نجهرا سڙيل ۽ پڊ ويران پسي، زمينون پراون ڌارين ماڻهن جي قبضن ۾ ڏسي، گڙنگ موٽي اچڻ جي حسرت دل ۾ سانڍي وري جهول موٽي آيا، ۽ اڃا تائين اتي آهن.
سگهوئي خبر پئي ته تڙجي آيل ڏتڙيل ڀائر پنهنجي ديس ڀائي عملدارن، وزيراعظمن، ڪليڪٽرن، پوليس ۽ ملٽريءَ ڪامورن جي آڌار تي زمينن ۽ ملڪيتن، جاين، مڪانن ماڳن، باغن بستانن جا مالڪ ٿي ويهي رهيا، ۽ ڏسندي ڏسندي عرب جي اُٺ وانگي، سنڌي تڙيل ۽ ڌڪاريل ٿي ويا، سندن زمينن تي ڌارين جو قبضو ٿي ويو، ۽ ٻاهران آيل ڌرتيءَ جا ڌڻي ٿي ويا ۽ جاگيردار ۽ نواب ٿي ويا، ۽ سنڌ جا ”ڀائو“ انهن جا هاري ۽ ڌنار ٿي ويا..
او قابيل، اکين ۾ تير تکا توکي!
اياڻي ۽ اٻوجهه ”ڀائوءَ“سان زيرڪ ۽ ڀڙ ”ڀائيءَ“ اهڙي ڪئي جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان. ڀائر هجن ته اهڙا!)
وقت وڏو مرهم آهي. اهو گڙنگ ڳوٺ آهستي آهستي نيٺ آباد ٿيو، ۽ ڪي ماڻهو موٽي آيا، نيٺ اتي اسڪول کليا، هاءِ اسڪول برپا ٿيو. ڪو وقت ٿيو آهي ته گڙنگ ۾ سورهيه بادشاھ جون ورسيون ٿيڻ لڳيون آهن جيڪي اڃا ملهائجن پيون.
پنهنجي سرگذشت جي ٻئي حصي ۾ بهڻ صاحب رزق روزگار جي سلسلي ۾ لاهين چاڙهين ۽ علم جي تلاش ۾ هٿ پير هڻڻ جي مختلف مرحلن جو بيان ڪيو آهي.
هن سرگذشت پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته لوڙهن ۾ رهائش جي زماني ۾ ”ماسترن جي مار، نڪا خبر، نڪا چار“ وارا لقاءَ ڏسي، الله جي ننڍڙي ورايل جو ارواح هيڪر ته پڙهڻ تان بلڪل وري (کَڄِي) ويو. ايتري قدر جو مڪتب جي وڌيڪ مارن کان بچڻ لاءِ پاڻهئي پاڻمرادو پنهنجي مائٽن آڏو تجويز پيش ڪيائين ته هو اسڪول جي در جو مُنهن ڏسڻ بدران مينهون چارڻ وڌيڪ پسند ڪندو. پنهنجي ٻاراڻي سمجھ مطابق ڀايائين ته پڙهڻ جي ڪـُلهن ڇنندڙ ڪم کان مينهون چارڻ جو ڪم وڌيڪ سولو ۽ سُودمند ٿيندو. اهو فيصلو جڏهن مائٽن اڳيان پيش ڪيوويو ته انهن به بنا ”چون“ (ڪيئڻ) ۽ ”چرا“ (ڇو، ڇا لاِءِ)، سندِيَس اها تجويز قبول ڪرڻ فرمائي. ان منصوبي جي پيش نظر، هن ننڍڙي مٽيءَ جي ماڻهوءَ کي، بنا پگهار، بنا وِرو (ڏيهاڙي گذر سفر جي الائونس) جي، لسي ڏُڌ مکڻ جي آسري تي، مائٽ پنهنجون مينهون چارڻ جي ماموريت ڏئي ڇڏڻ ۾ بلڪل ارها ڪونه ٿيا. هن ننڍڙي همراھ به نڪا ڪئي هم نڪا تم، پنهنجي قد کان ڊگهي لٺ هٿ ۾ کڻي، وڃي مينهُون پهرايون، ۽ جهنگن جي وڻن ٽڻن، پکي پکڻ، ساهوارن، ڍورن ڍڳن جي صحبت اختيار ڪيائين:
مطلب ته(ترجمو):
”(۽ چوپاين کي خلقيائين، توهان لاءِ انهن ۾ آهي گرم اوڇڻ، ۽ (کائڻ پيئڻ ۽ ڪم ڪار جا) گهڻا فائدا آهن، ۽ توهان انهن مان کائو ٿا، ۽ توهان لاءِ انهن ۾ زيب (سينگار) آهي جڏهن (مال شام جو چاري ورائي ٿا اچو، ۽ جڏهن صبح جو مال ڇوڙي، چارڻ لاءِ ڪاهي، وٺي ٿا وڃو. (سورة النحل آيتون 5 ۽ 6)
جُتي لڀي ڪانه، آڙهڙ ۾ هڪڙي پاسي ڪنڊا، ٻئي پاسي پير سڙن، سياري ۾ سيءُ تپائي ڏئي، ۽ اونهاري ۾ وري گرميءَ جي شدت ۾ پاڻيٺ جي کوٽ (ڊي هائڊريشن dehydration)، جگر جيرا بڪيون بڪيون سيخن ۾ ٽيئي، مڙس اڳئي سنهڙو سيپڪ ۽ حالئون هيڻو، سُورئون ٻيڻو، يرقان ۽ سائيءَ جو خطرو.
هيڏانهن سائين الهورايو 11 دم ۽ جمڙائو جي وچ تي پنهنجون مينهون چاريندو رهيو، هوڏانهن هي خاڪسار، حالتن کان لاچار، 22 دم ۽ 49 جمڙائو جي وچ ۾ پنهنجون ڍڳيون چارينديون رهيو. نيٺ اسان ٻنهي کي جڏهن هوش آيو ۽ ڪو صوفي نما ماستر سهڻو لڳوسون ته هڪ ٻئي جي حالتن کان ٻئي بي نياز، وڃي اسڪول ڀيڙا ٿياسون. سائين الهورايو، جهول مان پرائمري ۽ مڊل اسڪول جي ”گريجويشن“ ڪري وڃي ميرپور خاص الفقراءَ هفتيوار جي محمد رحيم ولد محمد فقير مهر جي اوطاق ۽ دفتر پهتو، ۽ هاءِ اسڪول ۾ ڇهين درجي انگريزي تائين اُتي پڙهيو. وچ ۾ ورنيڪيولر (سنڌي فائنل) جو امتحان به ڏنائين، ۽ ميرپور خاص جون گهٽيون، محلا، بازاريون، به گهمندو رهيو، ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن، دڪانن، وهٽن، گاڏين، جو مطالعو به ڪندو رهيو، محمد حيات جوڻيجي جي گهر الفقراءَ پهچائڻ جي ڪري جيڪو روپيو خرچي (Tip) ملندو هوس ان مان فلمون ڏسي ديا بابت پنهنجي معلومات وڌائيندو هو ۽ فڪر ۽ ذهن کي وسيع ڪرڻ جو بندوبست ڪندو هو، بچيل چئن آنن مان ٻيا کائڻ پيڻ ۽ ڪتاب وٺڻ جا عيش ڪندو هو. ڪوڙن ڪليمن جا ڌڻي (لڏ پلاڻ ڪرڻ جي ارادي رکڻ) (intending evacuees) جي بهاني سان سندس هندو ڪلاس ڀاين جي مائٽن مٽن جي اُتي موجود هوندي سندن گهرن تي قبضو ڪندا ويا. نيٺ ڳالهه ايستائين پهتي جو ڪوڙن ڪليمن وارا ڌڻي اچي محمد رحيم مهر جي پويان لڳا، جيڪو الفقراءَ جو دفتر بند ڪري، شهر پناهگيرن جي حوالي ڪري، پاڻ رمندو رهيو، ۽ وڃي ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ واسو ڪيائين. هيڏانهن الهورايو ڇهين درجي جا رهيل امتحان بُک تي ڏئي، ريلوي جي ڦاٽڪ (گيٽ) تي وڃي بيٺو ته من ڪو ڳوٺ وارو اچي جنهن جي واهر سان واپس جهول پهچي سگهجي. رب پاڪ ڪو واهرو موڪليو، جنهن اسان جي مٽيءَ هاڻي ماڻهوءَ کي مانيون به کارايون ۽ آڻي ماڳ ڀيڙو پهچايو. ان کان پوءِ روزگار جي تلاش ۾ ڪنهن ڌنڌي سکڻ جو خيال آيو ته الهورائي جهول جي درزي مهراج جو وڃي ٻالڪو ٿيو جنهن ڪاڄن کان سلائي ۽ ڪٽنگ سيکاري وريل سائينءَ کي ”ڀَڙ“ يعني قابل درزي (ٽيلر ماسٽر بنائي ڇڏيو، ۽ ان کان پوءِ ڪنهن وقت ”مجيد پنجاپي“ وٽ ڪپڙا سبندو رهيو، تان جو ڪو پرائمري استاد وٽس ڪپڙا سبائڻ آيو جنهن ڳالهين ڪندي سائينءَ سڳوري کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن سنڌي فائنل جو امتحان ڏنل هجئي ته ماستريون پيون ملن. حالانڪ ان زماني ۾ درزي چڱو موچارو روزگار ڪمائي وٺندو هو ۽ پئسا به نقد نارائڻ کان هر روز ملندا هُئا، پر ”ازل جو لکيو دير ڪري، پر وقت مقرره تي ڪڏهن به نه ٽري.“ درزي استادن کان موڪلائي، سنڌي فائنل جو سرٽفڪيٽ هٿ ڪري، سائين الهورايو وڃي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر اسڪولز آڏو پيش ٿيو، ۽ ٿورين ڪين گهڻين ڏينهين نوڪريءَ جو پروانو اچي مليس ته نواب الهداد ٽالپور صاحب جي ڳوٺ ۾ وڃي هيڊ ماستر ٿيءُ ۽ جيڪڏهن اسڪول هٿ اچئي ته اُتي وڃي پڙهاءِ. وڏين مشڪلن سان اهو ڳوٺ ۽ اسڪول وڃي پاڻ واري سائينءَ هٿ ڪي. جتي وڻ جي ڇانو ۾ بلئڪ بورڊ لڳائي، تڏي تي ٻارن کي ويهاري، وڃي پڙهائڻ شروع ڪيائين. رلي ڪلهي تي، ماني راڄ جي چڱي مڙس تي، پوءِ ڪڏهن سريوالن جي ڳوٺ ۾ ته ڪڏهن پياري لنڊ جي ڳوٺ ۾ ته ڪڏهن ڪٿي ته ڪٿي، سائينءَ کي ماستريءَ جو مقدس پيشو اهڙو مٺو لڳو جو نه ڇڏيائينس؛ تان جو وڃي رٽائر ڪري زور مس ڪري گهر موڪليائونس. پر سائينءَ الهورائي کي جس هُجي جو پنهنجي ساروڻين ۾ انهن مڙن ئي ڳوٺن جي ماڻهن جا نالا، انهن جون ذاتيون، انهن جو ماحول، پسگردائي بابت تمام سهڻي ۽ مؤثر معلومات ياد ڪري بيان ڪئي آهي، جنهن جي ڪري اُهي ڳوٺ ۽ اُهي ڀيڻيون زندھ جاويد ٿي پيا آهن. جنهن مان سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۽ اٿڻ ويهڻ ۽ سٺن ۽ ڀلن ۽ لانون ۽ اڍنگن استادن، شاگردن، وڏيرن، اميرن، غريبن، هفيسرن، جو ذڪر تمام سهڻي پيرائتي ۾ ڪيو ويو آهي.
پرائمري استاديءَ تي سائين ورچي ڪونه ويٺو. (ورنه گـُلشن مين علاج تنگيءَ دامان بهي هي..“ جي مصداق سائين الهورائي تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندو رهيو: ميٽرڪ ۽ بي اي جا امتحان خانگي طور پاس ڪري، نيٺ بي ايڊ (بچيلر آف ايجوڪيشن) جي تربيت لاءِ سڪرنڊ روانو ٿيو.
هاڻي سڪرنڊ ۾ سندس رهائش جي زماني جون ڳالهيون تمام دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيون اٿس جيڪي نوجوان پڙهندڙن لاءِ تمام ڪارائتيون (مفيدھ ٿينديون ته ڪيئن هاسٽلن ۾ رهبو آهي. تفصيل پڙهڻ وارا پاڻهئي پڙهندا، پر ٻه ٽي ڳالهيون پنهنجي طرفان ”واڌو حد ادب“ سان اضافو ٿيون ڪجن:
جتي ”سڪرنڊ“ جو شهر يا ڳوٺ آهي اُتي ڪنهن وقت مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ هُئي، جنهن جي ڪري چون ٿا ته ”شڪر ڍنڍ“ (مٺي ڍنڍ، سڪرڍنڍ، سڪرنڍ، سڪرنڊ) اهو نالو پيو. ڪنهن وقت مير صاحبن پنهنجا محلات هتي ٺاهيا هُئا جتي ڍنڍ ۽ جهنگ جا شڪار ڪندا هُئا. پاڻي۽ ٻنين جي لحاظ کان انگريزن جڏهن پهريان لوڙها 1901 ۾ محمد يعقوب جي سفارش تي وڌا ته هن ڍنڍ جي ڀرسان جلالاڻين جي ڳوٺ وٽ لوڙهو وڌائون. جتي بهڻ صاحب جي وڏڙن جي اڳئين نسل مان ڪي رهي چُڪا هوندا ۽ ڪي اڃا ان وقت تائين رهندا پئي آيا. حاجي ڪيريو صاحب به ان علائقي ۾1947ع ۾ ڄائو. جارج پنجون 1910 کان 1936ع تائين انگلنڊ جو بادشاھ رهيو. سندس راڄ دؤران،سڪرنڊ ۾ 1929ع ۾ ڪنگ جارج ففٿ ايگريڪلچر انسٽيٽيوٽ جُڙي راس ٿي، شروع ٿي، جتي پوني مان پڙهيل ماڻهو پڙهائڻ آيا. 1960 واري زماني ۾ به پوني مان پڙهي آيل هتي جا ڪي پروفيسر ٽنڊي ڄام ۾ پڙهائيندا هُئا، جيئن آغا حبيب الله.هن انسٽيٽويٽ کي پوءِ ڪاليج جو درجو ڏنو ويو،جتي بي ايس سي ايگريڪلچر (B.Sc. Agriculture) جي ڊگري ڏيندا هُئا. هتي تحقيق (ريسرچ) لاءِ باغ ۽ ٻنين پوکڻ لاءِ جهجهي ايراضي مُيَّسر هُئي. هڪڙو عاليشان بوٽانيڪل گارڊن ۽ وڏو فروٽ فارم هو. اُن جهڙو ٻيو فروٽ فارم ميرپورخاص ۾ رکيو هئائون، جنهن جي جوڀن جا ڏينهن ڏسندڙن ڏٺا. ان مان پيدا ٿيل جيڪ فروٽ (ڪٽهل) جي ڀٽ شاھ ۾ نمائش ۾ وضاحت ڪرڻ لاءِ مون کي به 1958ع ڌاري وجهه مليو. انهن سرڪاري باغن کي ڏسي، سنڌ جي زميندارن به پنهنجا باغ پوکيا، جن مان ڪاڇيلي وارن جا باغ اڄ به مشهورآهن. پر سرڪاري ۽ ذاتي باغن جو نتيجو اهو نڪتو جو سرڪاري باغ سڀئي سڙي ٻري، کُٽل کاتي وانگي،ويران ٿي ويا، پر ذاتي باغن مان ڪي اڃا به موجود آهن. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي، ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي اي ٿامس (G.A. Thomas) کي رب پاڪ ڪڍيو، ۽ سنڌ تي لانسيلاٽ گراهام (Lancelot Graham) گورنر مقرر ٿي آيو، جيڪو 1936 کان وٺي مارچ 1941ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. ان عرصي دؤران ڪنهن وقت ان بلڊنگ جو اضافو ٿيو، جنهن تي الهورائي صاحب ”سر ليسينلاٽ گراهام“ جي طرفان رکيل سنگ بنياد جو ذڪر پنهنجي هن سرگذشت ۾ ڪيو آهي. هن ڪاليج ۾ 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ميرچنداڻي پرنسيپال هو.
ايگريڪلچر وارن کي هڪڙي پاسي سُجهيو پئي ته مٺي ڍنڍ (شڪر ڍنڍ) سُڪندي ٿي وئي، ۽ مڇرن اچي ملڪ کي تپائي ڏنو هو، ان ڪري ڪنهن وقت سنڌ حڪومت کي عرض ڪيو ويو ته ٽنڊي ڄام جي علائقي، رسول بخش ٽالپر صاحب کان زمينون وٺي، اُتي ايگريڪلچر ڪاليج ۽ ريسرچ ۽ ورڪشاپ ٺاهيا وڃن. انهي منصوبي تحت هيءُ ايگريڪلچرڪاليج 1955ع ڌاري ٽنڊي ڄام بدلي ٿي ويو. پوئتي رهيل بلڊنگون سنڌ حڪومت جي تحويل ۾ رهيون، جن مان ڪي ايگريڪلچر جي فيلڊ اسسٽنٽن جي تربيت لاءِ استعمال ٿيون ٿي، جتي ڪنهن وقت پروفيسر عبدالحئي سومرو صاحب پرنسيپال رهيو، ۽ پوءِ ڪنهن وقت ايگريڪلچر ڪاليج ۾ اسان جو ڪلاس فيلو سجاد ڀٽي به پرنسيپال رهيو. ڪي بلڊنگون تعليم کاتي وارن کي مليون، جن مان ڪنهن بلڊنگ ۾ اهي هاسٽلون هيون ۽ ڪلاس هُئا جن ۾ سائين الهورايو وڃي رهيو ۽ پڙهيو. هاڻي ان ڪيمپس ۾ وٽرنري (جانورن جي مرضن ۽ جانورن جي پرورش جي علم جي) يونيورسٽي به هلي رهي آهي، ۽ ڪي ٻيا انيڪ اسڪول ۽ ڪاليج موجود آهن. نواب شاھ ۾ اڳ ئي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليج هُئا جن مان ڪيترا هاڻي يونيورسٽين جي درجن تي پهچي چُڪا آهن.
بهرحال، الهورايو بهڻ بي ايڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن وقت ايم ايڊ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻي ڪيمپس (ايلسا قاضي ڪيمپس) ۾ داخل ٿيو، ۽ استاد نور محمد جي لائبررينشپ مان مستفيض ٿيڻ جو ذڪر ڪيو اٿس، ۽ ايني بيسنت هال جي ڀرسان ٻاويهين جمڙائو جي استاد احمد علي آرائين جي ميٺارام هاسٽل ۾ رهي، کاڌي پيتي ۽ هيٽر کان مستفيض ٿيڻ جو ذڪر به موجود آهي. ۽ اهو به ٻُڌايو اٿس ته ڪيئن استاد پرويز شامي ۽ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ليڪچرن مان علم جي وهندڙ واهڙن مان ڪي سُرڪيون پي، وري وڃي پڙهڻ پڙهائڻ جي ڪم کي لڳو.
انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ائنڊ ريسرچ جيڪا پوءِ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ٿي، ان ۾ آءٌ به ڪو وقت گذاري چڪس، ۽ جن پروفيسرن ۽ استادن جو ذڪر سائين الهورائي صاحب ڪيو آهي، اهي منهنجا بزرگ ۽ ساٿياري رهي چُڪا، ان ڪري اُنهن جو ذڪر خير ڪيوسون.
**
پر الهورايو صاحب، هٿن ۽ اکين جو صاحب (اولي الايدي والابصار) (سورة ص 38.45)، رب پاڪ وٽان ڏسندڙ اکيون، ٻُڌندڙ ڪن، ۽ محسوس ڪندڙ دل (سمع، بصر ۽ فواد)( 16.78، 17.36،23.78)،وٺي پيدا ٿيو جو قيد بند جي زماني توڙي نام نهاد آزاديءَ وارن مختلف دؤرن جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيائين، تفڪر ۽ تدبر کان ڪم ورتائين، ۽ ترقي ڪندو رهيو تان جو پرائمري، مڊل، ۽ هاءِ اسڪول ۾ استاد رهي، پنهنجي تجسس ۽ تفڪر وارن حواسن کان ڪم وٺي، سائين الهورائي، ماڻهن جي منهن مهانڊن، ويس، وڳن، کي جاچيندي، دنيا جي لاهين چاڙهين کان گهڻو واقف ٿيو، ۽ نيٺ آپا شمس عباسي صاحبه جي برڪت وارين ڪارگذارين جي ڪري ٻاهرين ملڪن جون اسڪالرشپون پرائمري تعليم جي استادن لاءِ منظور ٿيون ۽ برٽش ڪائونسل وارن جي نظرداريءَ هيٺ سائين الهورايو ٻين استادن سان گڏجي مليشيا، سنگاپور، ۽ آسٽريليا جي سفر تي روانو ٿيو. اول ڪوالالمپور پهچي، مليشيا جي تعليمي ترقيءَ تي گامزن نظام تعليم کي تپاسي، ”جيون ۾ ٻه ڀيرا سنگاپور“ مان ايندي ويندي، آسٽريليا جي سڊني ۽ ميلبرن جي سير تفريح کان سواءِ ايڊليڊ ۾ تعليمي ڪاليج ۾ شاگرديءَ جو شغل فرمايو، جتي لبنان جي عرب خاندان، بس اسٽينڊ تي بيٺل بنگلاديش جي خاتون، روهڙيءَ جي ڊاڪٽر قاضي صاحب ۽ ٻين نه وسرندڙ سنڌي ۽ پاڪستاني ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ کان سواءِ آسٽريليا جي لوڙهن اصيل (Original) ماڻهن کي (ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾) ۽ ٻاهر رهندڙ ڌرتيءَ جي ڌڻين کي بي واهو، سنڌي حرن کان وڌيڪ ڏتڙيل ڏٺو، ۽ گهڻو حيرت، اندوھ ۽ علم ڪجهه پرائي، وطن موٽي آيو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جا عزيزترين ڏينهن تعليم کاتي ۾ ٻيا استاد ۽ شاگرد پيدا ڪندي، ادبي سنگتن ۽ ٻين سماجي ڪارگذارين ۾ اڳواڻي ڪندي گذاريائين، تان جو رٽائر ٿيا، ۽ سائينءَ جي زندگيءَ جي سرگذشت جو هيءُ ٻيو حصو خير خوبيءَ سان پڄاڻيءَ کي پهتو.
هاڻي ذڪر ڪريون ٿا سائين الهورائي صاحب جي هن آتم ڪهاڻيءَ جي ٽئين حصي جوته ڪيئن جهول ۽ سانگهڙ ۾ ڪيئن تعليمي، ادبي ۽ سماجي ڪارروايون ۽ جاکوڙون شروع ڪيائون ۽ ڪيئن ڪي تمام اوچيون ڪاميابيون حاصل ٿيون، ۽ ڪي مايوسيءَ جا سبب به يا. ڳالھ شروع ٿا ڪريون ته ڪيئن باقر رضا صاحب سانگهڙ ۾ هيڊ ماستر ي آيو، جنهن جي همت افزائيءَ سان الهورائي صاحب پهريون مخزن تيار ڪرائي ڇپايو. باقر صاحب منهنجو به ٽنڊي ڄام ۾ استاد رهي چڪو هو، ۽ ساڻن تا حياتي تعلق ۽ اچڻ وڃڻ رهيو.) باقر صاحب جي صحبت ۾ رسالن ڇپائڻ کان سواءِ سوشل ۽ لبرل ادب پڙهڻ جو شوق وڌيو ۽ ويجهيو ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ خورشيد قائم خاني ۽ حسن عسڪري، لکمير ڏاهري، آفتاب نظاماڻي، محمد صالح گوپانگ جهڙن ذهين ۽ علم پرور ماڻهن جي رفاقت ۾ لينن، مارڪس،وغيره پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. خصوصا بهڻ صاحب شهزادي پرنس ڪروپاتڪن Prince Peter Protopkin جي ڪتاب An Appeal To The Young (1888) ذڪر ڪيو آهي جيڪو برڪت آزاد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. بهرحال، انهن سڀني اثرن جي ڪري جهول، سانگهڙ شهر بلڪه پورو سانگهڙ ضلعو ڪامريڊن ۽ انٽيليڪچولز، سندن چواڻي ”چريا پڙِيءَ“ جي سڳنڌ سان هُٻڪار جي ويا، ۽ گهڻا نوجوان ليکڪ، اديب، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن پيدا ٿي پيا جيڪي خدمت خلق ۾ لڳي پيا آهن. ان کان سواءِ، ويهن ٽيهن سالن جي ان جاکوڙ کان پوءِ سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترا افسانه نويس، شاعر، ليکڪ، ۽ صحافي پيدا ٿي ويا. الهورائي جو اهو سڄو بيان تمام گهڻو دلچسپ آهي، جو ان ۾ فڪر ۽ اوسر جا لاها چاڙها تمام تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن، ڪليمن ۾ ويل گهرن ۽ زمينن، مختلف ذاتين ۽ قومن جي اڀرڻ ۽ انهن جي زوال جو تجزيو ڪيو ويو آهي، ۽ اين جي اوز (NGOs) ۽ ڌرتي سڌار سنگت جي ڪوششن سان جيڪي پراجيڪٽ تيار ٿيا، ڪامياب ٿيا يا ناڪام ٿيا، ۽ انهي چريا ڙيءَ جي ڪوششن جي خلاف جيڪي پراجيڪٽ (مثلا سم پاڻيءَ جا واھ ڪهڙي نموني ڌرتيءَ لاءِ نيٺ هاڃيڪار ٿيا ۽ تعليم جو نظام ڪيئن پرائويٽ يونيورسٽين ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ ڪوڙن سرٽيفڪيٽن ۽ هاڃيڪار ۽ بربادي پکيڙيندڙ ڪاررواين جي ڪري تباھ ٿيو. اُهي ٽريننگ ڪاليج جيڪي محبت جي پاڻيءَ سان اُساريا ويا، سي ڪيئن بيپرواهي ۽ خودغرضين جي ور چڙهي برباد ٿيا. پيغمبراڻي پيشي وارا استاد جيڪي اڳي عزت ۽ ايمان جا علمبردار هُئا، سي ڪيئن رشوتن ۽ علم جي اڻاٺ ڪري اسفل سافلين ۾ ڪري پيا، ۽ هاڻي 77 سالن جي عُمر جو استاد الهورايو، جهول جي سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ آرام سان ويٺو سوچي ته هي ڇا مان ڇا ٿي ويو، ۽ هيءُ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، سو اڳتي قدم آهي يا پٺتي قدم؟ ماڻهو ته پڙهي لکي ڪامريڊ ٿي ويا، پر تعليمي نظام اڳتي ڊهندو يا ٺهندو؟ اها ڳالھ سائين ويٺو ڳڻي، ۽ جهوريءَ ۾ جهڄي! پر وري گذريل وقت جي ڪاميابين ڏانهن نظر ڊوڙائي، سائين الهورائي جي چهري تي سرهائي اچي ٿي جو چوي ٿو ته هيترا اديب ۽ شاعر سانگهڙ ضلعي پيدا ڪيا آهن، ۽ حر جماعت جي ڪم ۾ جيڪا اڳواڻي سانگهڙ جي هنن فقيرن ڪئي آهي، اُها مايوسيءَ ۽ نا اميديءَ جي مقام کان اميديءَ جي آسٿان ڏانهن ”مٿي چاڙهو“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ساڍن ٽن سون صفحن جو هيءُ ڪتاب نئين نسل جي پڙهڻ لاءِ هڪ ضروري سُوکڙي آهي جو ان پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ڌارئين بيٺڪي راڄ جي ڪري ملڪ ڪهڙي مصيبت ۾ هو، ڌارئين جي نڪري وڃڻ کان پوءِ پنهنجن هن ملڪ سان پنهنجن ڪهڙو ڪم ڪيو. ڪوڙن ڪليمن، رشوتن، ڪرپشن، ۽ عام انتظامي بڇڙائيءَ هن ملڪ کي ڪهڙيءَ منزل تي اچي پهچايو آهي. ۽ .”نيٺ ڇا ڪجي“، ليو ٽالسٽائيءَ جو سوال جيڪو پنجاھ ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ سائين الهورائي کي اچي ستايو هو، سو اڃا به ڪر کنيو بيٺو آهي، ۽ ”غلاميءَ مان مٿي ڪيئن چڙهجي“، آزديءَ جي ڇڙواڳيءَ جي برباديءَ مان ڪيئن ٻاهر نڪرجي. استاد بخاري گذاري ويا، استاد الهورايو رٽائر ٿيو ويٺو آهي، جهول ۾ يادگيرين جي ڇانوَ ۾ وقت پيو ڪاٽي، ۽ ”اُستاد نظاماڻي“ محمد ابراهيم جهڙن استادن جو هاڻي وقت آهي، قوم ملڪ ۽ جماعت جون اکيون انهن ۾ آهن. ڏسجي ته اهي ڇا ٿا ڪن؟! اميد ٿي ڪجي ته قوم ۽ ملت جي هيءَ ٻيڙي نون استادن جي هٿن لڏندي پر ٻُڏندي ڪانه.
آخر ۾ مونکي خيال آيو ته ليمبرڪ ۽ دِم واهه کي ياد ڪندي، پڙهڻ جي خدمت ۾ عرض ڪجي ته اسان ۽ الهورائي صاحب جي وچ ۾ جمڙائو ۽ ڦٽل دم قدر مشترڪ آهن جن جي پيچ سان اسان ٻنهي جا ڳوٺ ۽ کيت سرها ۽ سر سبز ٿيندا هُئا.
ٻي ڳالهه ته جڏهن ”مٽيءَ هاڻو“ ماڻهو، الهورايو فقير، يارهين دم تي پنهنجون مينهون چاريندو هو تڏهن، تقريبن ساڳئي زماني ۾، ٿورو پرڀرو، هيءُ خاڪسار، ٻاويهين دم جي ڦٽل دڙن تي پنهنجي ڍڳين جي پويان لٺ کنيو گهمندو وتندو هو. ٽي ڳالهه ته اها نوابشاھ ۽ جهول مان لنگهندڙ ريل گاڏي اسان جي ڳوٺ پراڻي نوآباد جي ڀرسان نوآباد اسٽيشن وٽان اُئين ئي ”ڇڪ ڇڪ“ ڪندي، ڪوڪون ڪندي لنگهندي هُئي، جيڪا پنجاب پاڪستان جي حاڪمن بند ڪري ڇڏي.
پر هاڻي سنڌ جي حصي جو سڄو پاڻي پنجاب وارا کڻي ويا، ۽ اسان وٽ سنڌ م هر سال پاڻيءَ جو قحط ۽ پوکن ۾ ڏُڪر سالي آهي، ۽ زمينون سڀ ڪلر ٿي ويون آهن.
سائين الهورائي ۽ اسان ٻنهي جي وچ ۾ چوٿون قدر مشترڪ اهو به رهيو ته اسان ٻنهي سنڌي فائنل جا امتحان ڏنا ۽ پاس به ٿياسون. سائين بهڻ صاحب ماستري ڪئي، آءٌ به هٿ پير هڻي، نيٺ وڃي ماستر ٿيس.
پنجين قدر مشترڪ اها ته سڪرنڊ جي ڪيمپس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن سان اسان ٻنهي جو ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان واسطو رهيو.
ڇهين قدر مشترڪ اها ٿي جو سائين مليشيا، سينگاپور مان ٿيندو، آسٽريليا مان فارين ريٽرنڊ ٿي آيو، ۽ هيءُ خاڪ جو پتلو مليشيا جي ڀرسان بورنيو ٻيٽ جي برونائي واري علائقي ۾ وقت، مليشيا ۽ سينگاپور مان ٻه ٽي بار ٿيندو، آسٽريليا کان پري، نيوزيلينڊ جا وڻ وسايو ويٺو آهي، ۽ ويٺو رڙيون ڪري ته:
”حيف تني کي هوءِ وطن جنين وساريو!“
سائين الهورائي کي رب پاڪ وڏي عمر، صحت عافيت، دين ايمان، ۽ رزق اگوندرو عطا فرمائي. مونکي حڪم ڪيائون ته ”ٻه اکر“ هن ڪتاب بابت لکي ڏي. مون عرض ته ڪيو ته ٻن اکرن جي بدران 6172 لفظ لکي حاضر ٿو ڪريان، پر ڪم جي ڳالهه شايدئي ڪا هُجي.

[b]محمد عمر چنڊ
[/b] 
نيوزيلئنڊ،
27 فبروري 2019ع

_______________


[b]ساروڻيون ساڻيهه جون
[/b](ٻه اکر ڪتاب متعلق)

محترم سائين الهورايو بهڻ صاحب جي آتم ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي سياستدان، فلسفي، عظيم ليکڪ، ناول نگار، کلاڙي، موسيقار يا ڪنهن سائنسدان جي ناهي، هي هڪ پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ، حساس طبيعت جي مالڪ هڪ اُستاد؛ شاعر، سجاڳ فرد جو مختصر زندگي نامو آهي.جنهن جو بچپن حُرڪئمپن ۾ باقي زندگي اڙانگن پيچرن جي سفر ۾ گذري،جيڪو هن ڪتاب جو خاص موضوع پڻ آهي.سائين الهورائي بهڻ صاحب جو جنم ٻي عالمي جنگ دوران فيبروري 1942ع ۾ ٿيو، سندن جنم جي ڪجه مهينن بعد پهرين جون 1942ع ۾ حُرن خلاف سنڌ جي اوڀر پاسي مارشلا لڳي جڏهن ته حضرت سيدصبغت الله شاه شهيد سنڌ کان ٻاهر جيل ۾ قيد و بند ۾ هو، هن معصوم ٻالڪ جي ڪُٽنب سميت حُرجماعت جا ماڻهو ڪربناڪ بيڪسي جي حالت ۾ قيد ڪيا ويا، ڪئمپن اندر بک، بدحالي، وبائي بيمارين جي ڪري ڪيترائي گُل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائي ويا.
”بي موت مئا تو لاءِ ڪُٺا انسان هزارين مان نه رڳو.“
(اياز)
برصغير ۾ واحد سنڌ جا حُر ئي هئا جن کي هندستان جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل ويهارو ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ قيد ڪري رکيو ويو، ڪنهن به قوم سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ستم ٿيندو جو معصوم ٻار هڪڙي ڪئمپ ۾ هجن، ۽ والدين انهن کان پري ڪنهن ٻي ڪئمپ ۾، کين به اها خبر نه هجي ته سندن عزيز ڪٿي آهن! زنده به آهن يا نه؟
سائين الهورائي بهڻ صاحب جيڪي به مشاهده، تجربه، ۽ ڳالهيون، لکيون آهن، ظاهر آهي اسان کي ٻين ليکڪن جي ڪتابن ۾ ڪون ملنديون، اهائي آتم ڪٿائن جي خاصيت واهميت هوندي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي. آتم ڪٿا ۾ ڏنل ڄاڻ، گهڻي ڀاڱي نئين اڻ ڇپيل ڳالهين تي مشتمل هوندي آهي. تمام وڏا ماڻهو جن جي فڪر قومن ۾ تبديليون آڻي ڇڏيون پر سندن زندگي ڪيڏي ڪٺن گذري سا خبر سندن آتم ڪهاڻين ۽ جيون ڪهاڻين کي پڙهندي پوي ٿي. دنيا ۾ کوڙ ساريون آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جيڪي ڏاڍيون مقبول پڻ رهيون آهن جن جا ايڊيشن بار بار پئي شايع ٿيا آهن، نيلسن منڊيلا، مهاتما گانڌي، ارنيسٽ هيمنگوي، ليو ٽالسٽائي، ميڪسم گورڪي، جڏهن ته اردو ادب ۾ قدرت الله شهاب، جوش مليح آبادي، قرت العين حيدر وغيره اهي وڏا نالا آهن جن جي لکيل ڪتابن برصغير جي پڙهندڙن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، جن جي آتم ڪٿائن جا بار بار ايڊيشن شايع ٿيندا رهن ٿا. پر ڪي اهڙا ماڻهو به هئا جن جو ڪو ڪلاس اوچي طبقي وارو ڪون هو نه ئي ڪي وڏا سياستدان اديب هئا، پر انهن جي آتم ڪهاڻين يا جيون ڪهاڻين وڏي مڃتا ماڻي. جيئن سنڌي ادب ۾ مجنون بلوچ جو مسڪين جهان خان کوسو تي لکيل جيون ڪهاڻي جو ڪتاب.
آتم ڪهاڻي هڪ انسان جي زندگي جو رڪارڊ هوندو آهي، جنهن مان ليکڪ جي خيالن، ويچارن جي خبر پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته ليکڪ پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جا سبب به ڄاڻائيندا آهن. پڙهندڙن خاص طور نوجوانن کي ڄاڻ سان گڏ هڪ تجربي ڪار ماڻهو جي زندگي مان سکڻ جو سبق به ملي ٿو.
مون جڏهن الهورائي بهڻ صاحب جي هي آتم ڪهاڻي پڙهي، ته مطالعي جي آڌار قيد و بند تي لکيل ڪجهه آتم ڪهاڻيون منهنجي شعور جي وهڪري ۾ وهڻ لڳيون، حالانڪه انهن آتم ڪٿائن جي ليکڪن جو ڪلاس، سائين الهورائي سان ڀيٽا ڪون ٿو رکي، پر جڏهن موضوع آتم ڪٿا جو نڪري پيو آهي ته انهن مان ٻن ٽن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ٿو چاهيان ته ڪهڙن حالتن ۾ ليکڪن پنهنجون آتم ڪٿائون لکيون، بعد ۾ انهن جي ڪيڏي اهميت رهي.
1995ع ۾ مان جڏهن لاهور جي مال روڊ جي فوٽ پاٿ تي وڪامندڙ پراڻن ڪتابن کي ڏسي رهيو هيس، ته منهنجي نظر هڪ جلد ٿيل ڪتاب ”ڪالا پاني“ تي پئي، جنهن جو پهريون ٽائٽل هو تاريخ عجوبه، جعفر ٿانيسري(1838ع کان 1905ع) جو لکيل اهو ڪتاب پهريون دفعو 1884ع ۾ ڇپيو هو. مون ڪتاب کي ڏسي يڪدم خريد ڪيو، ڇاڪاڻ ته ’ڪالا پاني‘ جو عنوان ڏسي منهنجي ذهن ۾ اهو آيو ته سنڌ جا حُر به ’ڪالا پاني‘ جي علائقي ڏانهن قيد ٿي ويا هئا، مون انهن ڏينهن ۾ انهي موضوع تي مضمون پڻ لکيو پئي. مولانه جعفر ٿانيسري جيڪو 1866ع ۾ انگريزن طرفان دهشت گردي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ڪاري پاڻي (جزائر انڊيمان ) ۾ ويهه سال قيد رهيو. اتي جون يادگيريون تاريخ عجوبه جي نالي سان لکيائين، جيڪا قيد وبند جي اردو ادب ۾ پهرين مقبول ترين آتم ڪهاڻي آهي. ٻيو ڪتاب جيڪو مون اتان خريد ڪيو هو اهو هوديوان مفتون سنگهه جو قيد وبند ۾ لکيل “ناقابل فراموش” جي نالي سان. جيڪو هن ناگپور جيل ۾ لکيو. انهي جيل ۾ سورهيه بادشاه به قيد ۾ رهيو هو. ديوان مفتون صاحب، ڪمال جو صحافي ليکڪ هو. هن جيل مان پنهنجي اخبار لاءِ ڪالم لکيا جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ مالي مدد سندس دوستن ڪئي. دوستن کيس اهو شرط وڌو ته سندن نالو ظاهر نه ڪيو ويندو. ڪتاب بعد ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. انهن ڪتابن ۾ ليکڪن جي سچائي، ڪمٽمينٽ، پخته ارادي جو عزم ۽ بلند حوصلو پڙهي منهنجو ذهن ڪيترو قت انهن تحريرن جي سحر ۾ جڪڙيل رهيو، سچائي، انسانيت، جذبو جيڪو هاڻ ناپيد ٿي ويو آهي، ڪجهه انسان آهن جيڪي اڄ به پنهنجي سچائي جي سينڌ کي سنواريو بيٺا آهن. اهي ئي مهان انسان جن جون ڳالهيون اڳتي هلي يقينن ڪنهن داستان وانگي هونديون، بس انهي اردو شعر وانگي جيڪو ديوان صاحب جي ئي ڪتاب ۾ آهي.
ہے آج جو داستاں اپنی،
کل اس کی کہانیاں بنے گی۔
مون پنهنجي مطالعي واري زندگي ۾ ايترا ناول ڪون پڙهيا هوندا جيتريون ماڻهن جي زندگي بابت لکڻيون پڙهيون آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اهي انسان جيڪي پنهنجي زندگي جي مشاهدن، حالتن کي پيش ڪن ٿا، انهن مان اسان گهڻو ڪجهه سکون ٿا، دلچسپي جي لحاظ کان آتم ڪٿا، يا جيون ڪهاڻيون ڪنهن ناول وانگي سرير ۾ سُرورُ بخشينديون آهن. جڏهن اسان سنڌي ادب ۾ لکيل آتم ڪٿائن کي کوليون ٿا ته انهن ۾ اهم اوائلي ڪٿا سيٺ نائونمل هوتچند جون يادگيريون آهن سيٺ نائونمل پهريون سنڌي هو جنهن پنهنجون يادگيريون لکيون، ‘جيڪڏهن سيٺ اهي يادگيريون نه لکي ها ته شايد اسان کي سنڌ جي تاريخ جا اهم واقعا جيڪي 1804ع کان وٺي 1878ع تائين پيش آيا، انهن جي ڄاڻ نه ملي ها.‘
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ٻي اوائلي آتم ڪهاڻي مرزا قليچ بيگ جي ”سائو پن ڪارو پنو“ لکي سمجهي وڃي ٿي، جيڪا مرزا صاحب پنهنجي وفات کان ڇهه سال اڳ يعني 1923ع ۾ لکي مڪمل ڪئي. مرزا قليچ بيگ؛ حضرت پيرحزب الله شاه مسند ڌڻي، جيڪو حضرت سورهيه بادشاه جو پڙ ڏاڏو هو تنهن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيو هئائين، ان جو ذڪر به ڪيو اٿس. پاڻ 1929ع ۾ وفات ڪري ويو، سندن زندگي ۾ شهيد سورهيه بادشاه 1921ع) ۾ گادي نشين ٿيا. مرزا صاحب جي خوبي اها هوندي هئي جو هو پنهنجو روزنامچو (ڊائري) لکندو رهندو هو، شايد اهو واقعو به پنهنجي ڊائري ۾ ڪٿي نوٽ ڪيو هُجيس،پر سندن مختصر آتم ڪٿا ۾ ان جو ذڪر ناهي، مرزا صاحب ذاتي حوالي سان واقعن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. آس پاس جي واقعن حالتن تي تفصيل نه ڏنو اٿس. ان بعد ٻي آتم ڪهاڻي شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي لکيل آهي، جيڪو پڻ هڪ پورهيت (ڊکڻ،) جو پُٽ هو جيڪا ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ جي نالي سان 1959ع ۾ شايع ٿي. مون جڏهن حُر تحريڪ جي حوالي سان مواد ڳولڻ لاءِ ان دور جو اکين ڏٺي گواه محمد اسماعيل عرساڻي؛نالي وارو ليکڪ؛ تعليمي ماهر، جنهن پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”سکر سي ئي ڏينهن“ لکيو. پاڻ 1935ع ۾ ايڊيوڪيشن سپروائيزر جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين. ميرپورخاص، سڪرنڊ، نوابشاه، هالا، حيدرآباد ۽ سڪرنڊ ٽريننگ اسڪول جيڪو 1956ع ۾ کليو. هو ان جو هيڊ پڻ رهيو، پاڻ جتي به رهيا، ان جو احوال تفصيل سان لکيو اٿن، هي اهو دور هو جڏهن حُرجماعت جا ماڻهو انگريزن جي سخت عتاب هيٺ هئا، انهن ڏينهن ۾ عرساڻي صاحب جو حُر ڪئمپن جي پاسي کان گذر به ٿيندو هوندو پرآتم ڪٿا جي صفحن ۾ ڪٿي به هڪڙي لائن ڪون ٿي ملي. انهن آتم ڪٿائن کانسواءِ بعد ۾ کوڙ ساريون آتم ڪهاڻيون شايع ٿيون آهن، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي ۾ مارشلائن جي دور جا ڪيترائي زندان نامه شايع ٿيا، سنڌ جي سياستدانن اديبن شاعرن به پنهنجون جيل ڊائريون لکيون، انهن آتم ڪٿائن جي احوال ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته، حُر ڪئمپن يا حر تحريڪ جو احوال انهن ۾ نه آهي. لکڻ ۽ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اُهي ليکڪ جيڪي ان وقت يعني 1900ع کان 1952ع تائين جا اکين ڏٺا گواه هئا، 1942ع جي مارشل لا ۽ حرڪئمپن جو قيام، سوين ماڻهن جو ڦاسي چڙهڻ؛سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪو گهٽ سانحو نه هو. جڏهن سائين الهورائي صاحب جي آتم ڪٿا ۾ حُر ڪئمپن جو اندوهناڪ احوال پڙهون ٿا ته ذهن اهو سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو، ذي هوش حساس ليکڪن کان اهو پاسو ڇو موضوعِ ممنوع رهيو. صرف قاضي فيض محمد، لڇمڻ ڪومل به صرف چند سٽن ۾ اظهار ڪيو آهي، ڪجهه احوال ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي يادگيرين جي سلسلي رهاڻ هيرن کاڻ ۾ ڪيو آهي. ان کان علاوه ڪجهه سال اڳ (2015ع ۾ ) مرحوم امير بخش شر جي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”رائي پير رت ڪيا“ ڇپيو آهي جنهن ۾ حُرتحريڪ ۽ سانگهڙ شهر ۾ ٿيندڙ واقعن جو مختصر احوال لکيو آهي.
ان لحاظ کان هي آتم ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ انهن سڀني کان منفرد آهي، سائين الهورائي جي آتم ڪهاڻي جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو پاڻ ان حُرڪئمپن جي اذيت گاهن جا اکين ڏٺا قيدي ليکڪ آهن. انهن اذيت گاهن جو ذڪر به گهڻي ڀاڱي جماعت سان وابسطه ليکڪن ئي ڪيو آهي. انهن ۾ سائين الهورائي صاحب جو مواد منفرد آهي. سائين الهورايو صاحب جيڪڏهن تاريخ جي لڪيل گوشن تي قلم نه کڻي ها ته شايد ايندڙ نسل هزارين انسانن جي قربانين؛ عقيدي جي عشق ۾ جلندڙ پروانن جي پَرجَ جو پڙلاءَ پنهنجن سينن ۾ نه سُڻي سگهن ها.
ڳالهه هلي پئي حُر ڪئمپن جي يادگيرين جي، ملهار فقير خاصخيلي به پنهنجي ڪتاب ”پنهنجون پچارون ۾“ ٻن حُرڪئمپن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، سائين الهورائي صاحب؛ ڪئمپن جو ذڪر پنهنجي شاعري جي ڪتاب ايڏو درد عميق، جي مهاڳ ۾ به ڪيو. ڪجهه سال اڳ سائين الهورائي صاحب جو سان گڏ نوڪري ڪندڙ شاعر اُستاد عبدالرشيد لغاري صاحب جي آتم ڪٿا جو ڪتاب ڇپيو آهي، سائين جن حُرتحريڪ دوران پيش ٿيندڙ هڪ واقعي جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر وڌيڪ تفصيل نه ٿو ملي. حاجي ولي محمد نظاماڻي، عبدالرشيد لغاري صاحب، الهورايو صاحب هڪڙي ئي دور ۾ سانگهڙ جي حالتن جا اکين ڏٺا پڙهيل لکيل شاعر، اُستاد آهن، گڏ قــربدار به رهيا آهن؛ پنهنجن لکڻين ۾ هڪ ٻئي جو ذڪر به ڪيو اٿن. اهي تحريرون نوجوان طبقي لاءِ خاص طور سانگهڙ تي لکندڙ ن لاءِ اهم دستاويز آهن.
اسان جڏهن حاجي ولي محمد نظاماڻي صاحب سان ڪچهري ڪندا هئاسين؛ تڏهن سائين جي زباني حُر ڪئمپن جو ذڪر ٿيندو هو ۽ سائين الهورايو به حُر ڪئمپن جو درد ڀريو حال احوال اوريندو هو. جڏهن مون جهونگار 1999ع ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪيو ته؛ سائين الهورائي صاحب کي گذارش ڪيم ته ’سائين اوهان پنهنجون يادگيريون جهونگار لاءِ لکي ڏيو.‘ هن کان اڳ محترم حاجي ولي محمد نظاماڻي صاحب؛ پنهنجي ڊائري مونکي آڻي ڏني هئي، اها ڊائري نوٽس جي شڪل ۾ موجود هئي،جنهن ۾ لوڙهن جون يادگيريون، لکيل هُيون، جيڪي مون فيئر ڪري ”ڳالهيون من اندر ۾“ جي عنوان سان پهرين جهونگار (مارچ 1999ع) کان شايع ڪرڻ شروع ڪيون. اهڙي نموني سائين الهورائي بهڻ صاحب پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي جي پهرين قسط ”جي مون گهاريا بند ۾“ لکي ڏني جيڪا جهونگار نمبر-3، مارچ 2000ع ۾ شايع ٿي. اهڙي نموني سائين الهورائي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو باقاعده آغاز ڪيو. بعد م حاجي گُل محمد نظاماڻي به پنهنجيون يادگيريون لکيون، ان کان علاوه بعد ۾ حاجي خان ڪيريو پنهنجي آتم ڪهاڻي واري ڪتاب ۾ سنجهوري لوڙهي جو مختصرٽن صفحن جو احوال ڏنو آهي، جيڪو جهونگار نمبر-9 ، 2003ع ۾ ڇپيو هو. جڏهن حُر ڪئمپن جو اهو المناڪ داستان پڙهندڙن تائين پُهتو ته پڙهندي پڙهندي سندن نيڻ ڀرجي ٿي پيا. اهي حُرڪئمپن واريون يادگيريون پڙهندڙن لاءِ نيون ڳالهيون هيون، جن جي اهميت کي محسوس ڪندي مون انهن ٽنهي باندي ٻارن جون شروعاتي آتم ڪهاڻيون سهيڙي ”جي گهارياسين بند ۾“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب ۾ شايع ڪرايون اهو ڪتاب سنجيده حلقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ اڄ به مقبوليت جي عروج تي آهي. خوش قسمتي سان انهيءَ جو تسلسل موجوده تاريخي ڪتاب پڻ ڇپرائڻ جو شرف حاصل هئڻ ڪري، بزرگن جي خدمت جو موقعو ملي رهيو آهي.
سائين الهورائي صاحب پنهنجي ٻاروتڻ کان وٺي حُرڪئمپن جي خاتمي يعني 1952ع تائين جا حالات قلم بند ڪري قلم رکي ڇڏيائون، جيتوڻيڪ مان سائين کي بار بار گذارش ڪندو رهيس، ته سائين وڌيڪ قسطون لکي آتم ڪٿا جو سلسلو مڪمل ڪيو. پر سائين شايد انهي ڪئمپن جي ڪسمپرسي واري ڪيفيت مان نڪري ڪون سگهيو، وڌيڪ لکڻ تي طبع مائل نه پئي ٿيس. ڇاڪاڻ ته سندسن ذهني ڪيفيت کي مان ئي محسوس ڪري پئي سگهيس، جن ماڻهن جا خاندان، گهر تڙ قربان ٿي وڃن، ۽ نتيجو:
منزل انہیں ملی جو شریک سفر نہ تھے۔
تازو وري سائين قلم کنيو زندگي جي باقي حصي واريون يادگيريون لکڻ شروع ڪيائون، سائين جي اها طبيعت نه رهي جيڪا ڏهاڪو سال اڳ هئي،. ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڳالهيون جيڪي سائين لکڻ چاهيندو هجي، هيڻائي ڪري لکي نه سگهيو هجي. جنهن جو اظهار سائين پنهنجي پيش لفظ ۾ به ڪيو آهي.
جڏهن پهريون دفعو ڪتاب ”جي گهارياسين بند ۾“ ڇپرايو هيم تڏهن ٻه اکر لکندي من ملول ٿي پيو هو، اڄ به طبيعت تي سوز جي ڇمرن جو سايو آهي. ڇاڪاڻ ته هي ڪٿا هڪ ٻار جي ڀوڳنائن جي نه پر هڪ نسل جي المين جو طويل داستان آهي، هي جيڪو قيد ڪشالن، پيڙائن جو سمنڊ آهي جنهن ۾ سنڌ جي اڌ آبادي ؛ لڙهندي؛ ٻڏندي رهي. سائين الهورائي جو شاعراڻو نثر؛ خوبصورت ٻولي؛ رشين ناول نگارن جهڙي منظر نگاري، پڙهندي؛ پڙهندڙ سحر ۽ سوز ۾ سمائجي ٿو وڃي.
”سج لھڻ وقت ڪارخاني جي در مان ٻاھر نڪرندي، جڏھن اھي ٿڪل ٽٽل معصوم قيدياڻيون، ڪونجن وانگر قطارون ڪري، راجا واري ريل گاڏيءَ وٽان گذرنديون ھيون تڏھين اوچتو آواز ايندا ھئا. ” ڀلاڙي مئي ڪاري گاڏي! الئه ڪڏھن اسان کي پنھنجي اباڻن ماڳن ڏي وٺي ھلندئين!!“ حسرت منجھان ريل جي پٽڙيءَ ڏانهن نهاريندي، اھو ڪونجن جو قافلو واپس اچي قيد خاني ۾ قابو ٿيندو ھو ۽ وري ساڳئي قيد جي ڪارمُنهين رات ظاھر ٿيندي ھئي. مظلوم، مقھور، بکيا، ڏکيا، ڏٻرا، جسم وري بنديخاني جو در لتاڙي ساڳئي ميدانتي قطارن ۾ بيھي حاضر سائين! حاضر سائين! جي صدا بلندا ڪندا ھئا.” (ڪتاب مان سٽون)،
حُرتحريڪ دوران جيڪو حُرجماعت جي ماڻهن ڀوڳيو، ان جو حقيقي اندازو صرف ان تحرير مان ئي لڳائي سگهجي ٿو مان سمجهان ٿو سائين الهورايو، انهن ڪئمپن تي جيڪڏهن ناول لکي ها ته رشين ليکڪن جهڙو ناول تخليق ڪري پئي سگهيو.پاڻ انتهائي خوبصورت انداز سان ڪئمپن ۾ ستم جو منظر پيش ڪيو اٿن، انهي ڪئمپن جي سموري سفاڪي هن چند سٽن ۾لکي ڄڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو اٿن.
سائين الهورايو اڳتي لکي ٿو،
”حر تحريڪ جي تاريخ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مردن، عورتن، ٻارن کي قيد و بند ۾ قابو رکڻ جو ھيءُ عذابناڪ داستان، اسان کي احساس ٿو ڏياري ته، ھنن باندي ماڻھن جا سندن قيد دوران، پيارا عزيز تخته دار تي لٽڪايا ويا، سندن ڳوٺ جلائي ڀسم ڪيا ويا. سندن مال لٽايا ويا. سندن عورتون اغوا ڪيون ويون. ۽ سندن ڪيترائي جگر گوشا گم ٿي چڪا ھئاته پوءِ جڏھين سانوڻ جو واءُ ورندو ھو، پوربي ھوائن ۾ برسات جي خوشبو رچندي ھئي ۽ ڪڪر ڪنڍرون ڪري، اتر پاسي کان اٿندا ھئا ۽ جڏھين وڏڦڙا مينهن وسندا ھئا، تڏھن ھنن قيدين کي پنهنجا دل گھريا دلدار ڪيئن نه ياد ايندا ھوندا؟“
سائين محمد عمر چنڊ صاحب لکن ٿا ته ”پاڪستان جي آزادي تي جيڪي به هيستائين تاريخون لکجي ڇپجي چُڪيون آهن تن مان ڪنهن هڪ ۾ اهو لکيل ڪونهي ته سنڌ جي هن ڌرتي تي انگريزن جي خلاف هڪ ڍڪيل ڇپيل نه پر کليل ۽ پڌري تحريڪ هلندڙ هئي جيڪا هڪ ڏينهن يا هڪ مهينو ڪانه هلي پر هڪ پوري صدي تائين هلي جنهن ۾ جيلن ۽ لوڙهن۾ ويندڙ ماڻهن جو تعداد پنج ست ماڻهو نه هيا پر گھٽ ۾ گھٽ ڇهه لک ماڻهن جا هئا جيڪي نسل در نسل پيڙهين جون پيڙهيون ٻارن ٻچن سميت، ڍورن ڍنگرن سميت يا ڪنسنٽريشن ڪيمپس ۾ بي يارو مددگار سڙندا ۽ اذيتون سهندارهيا. جن لوڙهن ۾ انهن ماڻهن کي رکيو ويو سي رڳو سنڌ ۾ نه هئا پر سنڌ کان هزارين ميل ڏور هندوستان جي اڻڄاتل اڻ سڃاتل، پرانهن علائقن (راجستان، دکن بينگال، ۽ انڊيمان جي ٻيٽن ۾) هوندا هئا. پاڪستان جي آزادي جي تاريخ تي جيڪي به ڪتاب هيستائين لکيا ويا آهن. تن مان ڪنهن هڪ ۾ به اهو لکيل ڪونهي ته انگريز جي حڪومت سان هڪ سئوساله ڊگهي هن جنگ ۾ ڪي ڏهه پندرهن ليڊر نما ماڻهو نه ڪي ٻه ٽي سئو ڪارنده نه پرهزارين ماڻهو مقابلن ۾ شهيد ٿي ويا يا گرفتار ٿي ڦاسين تي چڙهي ويا. يا حر هئڻ کان انڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ماريا ويا يا ڪنهن غير مريد جي ٿانو مان پاڻي نه پيئڻ جي ڪري شهيد ڪيا ويا. ايترين عقوبتن هوندي ايترين اهکاين ۽ تڪليفن سهندي مجموعي طرح هن قوم جي وڏائي جي آڏو هڪ سئو سالن تائين آڻ نه مڃي ايستائين جو 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيو.“
سائين الهورائي جي آتم ڪهاڻي جو ٻيو حصو 1952ع کانپوءِ جي زماني جو آهي. ڪئمپن کانپوءِ باشعور طبقي ۾ ذهني طور تبديليون به آيون جيڪو فطري ردعمل هو. سائين جي باقي زندگي به غربت جي چڪي ۾ پسجندي، جدوجهد ڪندي نظر اچي ٿي، قيد ڪشالن جي ڌٻڻ مان نڪري تعليم حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ؛ پنهنجي خاندان جو ڀرجهليو بڻجي ان کي منزل تائين پهچائڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي فرد چڪي ۾ پيسجي ٻاهر نڪرن وري پيرن تي بيهي ڏيکارين سي مانجهي مڙس مٿير ئي ٿي سگهن ٿا.
پهرا منهنجي پريت تي، اوچا ڪوٽ ڪڙيون،
ساروڻيون ساڻيهه جون، ڳوڙهن منجهه ڳڙيون،
آڌيءَ اُڀ اڙيون، اکڙيون باک اُڪنڍيون.
(اياز)
سائين الهورائي بهڻ صاحب؛ هجرتن جي موسم کي اکين سان ڏٺو ته ڪيئن هڪڙا ديس واسي وڇوڙي جا گيت ڳائيندا پرديس پيا وڃن ۽ ٻيا ديس واسي (حُر) پنهنجي وطن ۾ رهندي به مهاجر بنجي ويا. ملڪن جي ورهاڱي جا منظر، وڇوڙن جي ورلاپ ۾ رت جا دريا، خوشحال خوبصورت مُکن تي بيوسي جا ڳوڙها ڳڙندي ڏٺائون. ملڪ آزاد ٿي ويو پر معصوم حُر قيدين لاءِ خاردار تارون،سنگينن جا پهرا پوءِ به گهايل دلين کي ڏکوئيندا رهيا. کين ايتري به آزادي نه هئي جو پنهنجي پاڙيسرين کي وداع جا ٻه لڙڪ آڇي سگهن.
نيٺ زنجيرون ٽُٽيون، پکين کي پرواز جي آزادي ملي، هي ٻالڪ (سائين الهورايو) فطرت جي وسيع ميدانن تي هڪ ڌنار جي حيثيت سان چرند، پرند، وڻن، ٻوٽن جو مشاهدو ڪندي نظر اچي ٿو، علم جي دروزاي ڏانهن وک وڌائيندي، تعليم حاصل ڪري پيغمبري پيشي ۾ داخل ٿئي ٿو. جتي ڪتاب ۽ قلم سندس پاڇي جيئان ساڻ سفر ڪري شعوري طور روشن دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو
سائين الهورايو صاحب جنهن جي شعوري تبديلي جو سبب بڻجندڙ روسي انقلابي اديب پرنس پيٽر ڪروپاٽڪن جو نوجوانن ڏانهن (Message to youth) ڪتاب آهي. ڪروپاٽڪن پنهنجي هن ڪتاب ۾ در اصل اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته:
”سماج ۾ ماڻهو خاص طور نوجوان طبقي کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ ايئن هن ڪتاب جو ليکڪ ڪروپاٽڪن انجنيئر، وڪيل، ماستر ۽ فنڪار وغيره بنجڻ جي خواهش رکندڙ نوجوانن کي مخاطب ٿيندي تلقين ڪري ٿو ته،“انجنيئر، وڪيل، ڊاڪٽر، ماستر يا فنڪار وغيره بنجڻ وڏي ڳالهه ناهي، پر پنهنجي غريب عوام ۽ ماڻهن جي بهتري، ڀلائي، آسودگي توڙي سندن سڀ طرفي ڇوٽڪاري واسطي هلندڙ تحريڪ ۽ جدوجهد ۾ پنهنجي صلاحيت آهر حصو وٺڻ ۽ توڙ نڀائڻ ئي اصل ڳالهه آهي ۽ ان لاءِ انقلابي سائنسي پورهيت فڪر ۽ نظرئي سان هٿياربند ٿيڻ اڳواٽ، لازم ۽ ضروري شرط هجڻ گهرجي.“ (کنيل حوالو)
سائين الهورايو بهڻ صاحب هڪ اُستاد جي حيثيت سان پنهنجي زندگي فڪري طور روشن خيالي جي تبليغ ڪندي گذاري، انهي فڪر تحت شاعري،توڙي نثر لکيائون، جنهن ۾ پڻ سنيهو ۽ سنديس پورهيت عوام جي آجپي لاءِ آهي.
غربت جي چڪي ۾ پيسجي نڪرندڙ هن پورهيت انسان جي آتم ڪٿا، نه صرف هڪ فرد جي ڪٿا آهي بلڪي هن سنڌي سماج جي تاريخ آهي، اهو سماج جيڪو هڪ وڏي بحران ۾ گذريو، سائين جي آتم ڪٿا جو ٻيو حصو سنڌي سماج جي ڀڃ ڊاهه جي ان وقت جي داستان آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو لڏپلاڻ جي سفر ۾ وڃايل منزل جي ڳولا ۾ سرگردان رهيا. انهي لڏپلاڻ ۾ سنڌ جي ماڻهن ڇا پئي سوچيو ۽ کين ڇا نصيب ٿيو! ان تي سائين پنهنجي خيالن جو اظهار هنن عنوانن ۾ ڪيو آهي:
- ”هندو ڀائي بند ۽ مقامي تاڪائو طبقو، سنڌي سماج جو ورهاڱو.“
- ”خالي ٿيل جهول شهر ۽ دڪانن تي قبضه“
- ”سنڌي ماڻهن جي دڪانداري فقط چند روز.“
انهن عنوانن ۾ ان دور جي حالتن، سنڌي ماڻهن جي نفسيات، ايندڙ پرڏيهين جي ڪاروباري سوچ، مقامي ماڻهن جي ترقي نه ڪرڻ جو الميو، مهاجرن جو ڪاروبار سان گڏ ملڪيتن تي قبضي وارو رجحان، حرفت بازيون ۽ چالاڪيون ملن ٿيون. تاريخ جي ورقن کي ورائيندي اهو به پڙهيوسين ته قومون جيڪي زوال، المين مان اڀري سبق پرائينديون آهن، اُهي ئي عظيم قومون ٿي اُڀريون، پر هتي سنڌ جي ماڻهن ڇا وڃايو ۽ پِرايو؛ ان آتم ڪٿا جو هڪ هڪ ورق سمجهڻ سلجهڻ جهڙو آهي.
سائين الهورائي صاحب ان وقت جو مشاهدو، تجربو، گهري فڪر ۽ دورانديشي سان قلمبند ڪيو آهي. اڳتي قلمبند ٿيل هن حصي ۾ جيڪي جهول شهر ۾ رهندڙ مختلف ذاتين، برادرين، خاندانن متعلق، انهن جي سماجي پسمنظر جو جائزو نه صرف هڪڙي علائقي جو مشاهدوآهي، پر انهي فڪري آئيني ۾ اسان سموري سنڌ جي سماجي صورتحال کي پُرجهي پروڙي سگهون ٿا. اڳي سنڌ جي شهرن جي ڪهڙي حالت هئي، هاڻي ڇا آهي؟ سنڌ جي ٻهراڙي جا ماڻهو علم، هنر جي ميدان ۾ ڪيترو اڳتي آهن، ڪيتري تبديلي آئي آهي، ان جو ليکڪ تُز نتيجو ڪڍيو آهي. رڳو سانگهڙ جهول ۽ ان جي آس پاس ئي ڏسجي ته قدرتي وسيلن تي ڪنهن جو قبضو آهي، مارڪيٽ ۾ ڪير حاوي آهن، تعليم ۽ نوڪرين ۾ هاڻي اسان ڪهڙي درجي تي آهيون. ان متعلق ليکڪ ماضي جي تجربي آڌار آگاهي ڏني آهي.
سائين پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ جڏهن آسٽريليا جو سفر ٿو ڪري ته انهن سانورن ابارجين Aborigine (آسٽريليا جي اصلي رهاڪن) لاءِ پنهنجي لفظن ۾ پاٻوه سان اظهار ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته ڌرتي ڌڻين سان جڏهن ڌاريا ويساه گهاتيون ڪن ته، ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. انهن جي دردن کي اهوئي سمجهي سگهي ٿو جن جي پيرن هيٺان پنهنجي ڌرتي، ٻولي کِسڪندڙ هجي.
ان قحط الرجال واري دور ۾ سائين پنهنجي انهن هم عصرن، دوستن، مشاهيرن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي اونده ۾ ٻرندڙ لاٽ مثل هئا. جن جو سماج ۾ هڪڙو اهم ڪردار هو، سائين جي جنب جا ساٿي؛ پورهيت ڪلاس جا هم سفر، جن مان ڪجهه جيئرا آهن، ڪي گذاري ويا آهن، انهن جي خاصيتن، خصلتن جو احوال ڄڻ هن ڪُني جو اهو چاڻوُ آهي. جنهن کانسواءِ هي دسترخوان بي سوادو آهي. اڃان به سائين جي دل جا ڪي دمساز هوندا، جن جي نازبوءَ جهڙي خوشبو تي قلم کڻندي کڻندي سندس هٿ رُڪجي ويا هوندا، سائين ته دولابن سان به دغا نه ڪئي، .... پوءِ ...؟ اهي لُڙڪن مرڪن جون ملاقاتون، روح جون رمزون، جن جو ميلاپ ڪنهن اجنبي اسٽيشن تي ٿيو، ۽ هميشه لاءِ ساه جي سڳي ۾ سبجي، ساڻ سانجهه جي شفق تائين به سرنهن جي پيلن گُلن وانگي، سندن روڳي روح مٿان جهومندا رهيا، هن بي مروت سماج ۾!... اهڙا سبب به آهن جن جو اختيار ليکڪ کي به ناهي.
وڏي وقت کانپوءِ سائين کي سهنج نصيب ٿيا آهن، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته کيس اهنجن جي اُجاڙ اَڇ مان اُڪرڻ مهل ڪيترن جذبن جي بلي ڏيڻي پئي.
سائين الهورائي صاحب جي هن آتم ڪٿا جو بيانيه انداز اهڙو ته سهڻو سلوڻو آهي جو پڙهندڙ ڄڻ لفظن جي لهرن ۾ پاڻ به ترندو پيو وڃي. نيٺ ڪتاب ختم ٿي ٿو وڃي، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ پڙهندڙ ڪناري تي پهچي به حيرت مان دريا جي وهندڙ لهرن کي پيو ڏسي.
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هي آتم ڪٿا ڪيتري مقبوليت ماڻيندي اهو ته وقت ثابت ڪندو، مان ذاتي طور اهو ضرور چوندس ته، سنڌي ادب جي آتم ڪٿائن تي ڪو به محقق جڏهن ٿيسز لکندو تڏهن هن ڪتاب کي نمايان حيثيت حاصل هوندي..ڇاڪاڻ ته هي آتم ڪٿا، انهن اوجاڳن جي آتم ڪٿا آهي جن خوابن جي ساڀيان لاءِ پنهنجا لڙڪ به مرڪن جي آڙ ۾ تبديل ڪري خوشين جا گل نڇاور ڪيا. هي ڪٿا ان مسافر جي آهي جنهن پنهنجا پير پٿون ڪري ٻين کي منزل تي پهچايو. هي ڪٿا ان پورهيت جي آهي جنهن جي مرڪ به هميشه گهايل رهي.
مون هتي لکڻ ته ٻه اکر اڌ صفحي جيترا پئي چاهيا، پر سنڌي ڪي بورڊ جي ٽڪ ٽڪ ماٺي ئي نه ٿي ٿئي، نه ئي روح ٿو رهي. نيٺ ڪي بورڊ تا آڱرين کي نه چاهيندي به هٽائڻو ٿو پوي، مان هاڻ وڌيڪ هن پوِتر جهرڻي کي جهوٻِڻُ نه ٿو چاهيان.....! بس، سائين الهورائي صاحب کي هميشه هڪڙي شڪايت رهي آهي، جنهن جي اظهار لاءِ ايترو ئي امداد حُسيني جي سٽن وانگي:
رت لُڙڪ، مس مان، ان لاءِ ڪهڙا اکر لکان مان،
ڪنهن قوم آ وڪيو، اتــهاس رديءَ ۾.


[b]اُستاد نظاماڻي
[/b]سانگهڙ، سنڌ.
15-فيبروري 2019ع