عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان پرائمري ايجوڪيشن پروجيڪٽ جو پروگرام
ھيءَ غالبن آڪٽوبر – نومبر 1979ع جي ڳالھه آھي، عالمي بئنڪ طرفان بنيادي تعليم جي سڌاري بابت تمام وڏي رقم سان پاڪستان ۾ انهيءَ پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي ويئي. ھن پروگرام تحت پاڪستان جي ماھرين تعليم کي ٻاھرين ملڪن ۾ مطالعاتي خواھه تربيتي پروگرامن لاءِ موڪلڻ جو بندوبست ڪرڻو ھو. اھي ماھرِ تعليم اھڙا ماڻھو ھئا. جن جو واسطو پرائمري تعليم جي نصاب ۽ خاص ڪري استادن جي تربيت سان ھيو. پاڪستان مان ھڪ ھڪ درجن ماھرن جا ٻه گروپ ٺاھيا ويا. جن کي پھريائين پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ طرفان مقرر ڪيل ماھرِ تعليم کي اسلام آباد، لاھور ۽ ڪراچيءَ ۾ اچي تعارفي تربيت ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو.
قسمت سانگي ڇا ٿيو جو انهن ماھرِ تعليم جي ھڪ گروپ ۾ منھنجو نالو بيورو آف ڪريڪيولم طرفان Alternate candidate جي حيثيت ۾ تجويز ڪيو ويو. ھن پروگرام جو اصل اميدوار سيد شيرشاھه، جيڪو منھنجو پراڻو واقفڪار دوست ھيو. سندس نالو Principal candidate جي حيثيت ۾ تجويز ڪيل ھو. ھن پروگرام ۾ اصل ڳالھه اھا ھئي ته Alternate candidate کي به انهن سڀني پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻي ھئي. جيڪي ھن پروجيڪٽ پروگرام جو حصو ھئا. مطلب منھنجو نالو ”پَخَ“ طور شامل ڪيو ويو. ان لاءِ سمورا مڪمل ڊاڪيومينٽ ورتا ويا ويندي پاسپورٽ تائين.
بھرحال انهيءَ پروگرام تحت اسلام آباد، لاھور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تعارفي تربيتي پروگرامن ۾ سائين شيرشاھه سان گڏ آئون به ”پَخَ“ طور شريڪ رھيس. مونکي اھا سئو سيڪڙو پڪ ھئي ته اصل اميدوار سائين شيرشاھه آھي، جنهن کي ٻاھر موڪليو ويندو. سنڌ مان انهيءَ پروگرام لاءِ اسان جي سابق پرنسپال محترم اقبال ملڪ ۽ اسان جي پياري دوست محمد صالح گوپانگ جو نالو به شامل ھو. ان زماني ۾ تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محترم مراد علي خان نظاماڻي صاحب ھوندو ھو. ياد رھي ته مراد علي خان نظاماڻي صاحب، اسان جي تر جو رھاڪو ھو ۽ ڪنهن زماني ۾ جڏھين آئون پرائمري استاد ھوس، تڏھين اسان جو سپروائيزر به رھي چڪو ھو. ان زماني ۾ ھن صاحب مونکي چيو ته ”الھورايا! تون جيئن ته پرائمري ٽيچر رھي چڪو آھين. ھن پروگرام لاءِ سٺي انگريزي ڄاڻندڙ ماڻھو چونڊيا ويندا“ مون کيس چيو ته ”سائين! اصل اميدوار ته سيد شير شاھه صاحب آھي، باقي منھنجي انگريزي ڄاڻي آئون ڄاڻان!“ ڊسمبر 1979ع جي آخري ھفتي ۾ برٽش ڪائونسل جا ماھر تعليم حيدرآباد ۾ آيا، اسان سنڌ وارن سان ٻه ڏينهن پروگرام ڪيائون. جنهن ۾ تعليم جي مختلف موضوعات تي ڪجھه سوال جواب ڪجھه ڳالھه ٻولھه ٿي. ھنن دراصل اسان واري انگريزي ٻوليءَ جي صلاحيت کي پئي ڏٺو.
بھرحال قسمت جي ڪرڻي اھا ٿي جو. 12 جنوري 1980ع ۾ مونکي برٽش ڪائونسل طرفان بيورو آف ڪريڪيولم معرفت اطلاع ڏنو ويو ته آئون ٻاھرين ملڪ وڃڻ لاءِ تيار رھان! منھنجي حيرت جي حد نه رھي ته آخر ھي ڇا ٿيو؟ بھرحال انهيءَ دوران اسان کي Gratus Pasport ملي ويا. ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور ملائيشيا جي ھوائي ٽڪيٽ، ويزا وغيرهه سڀ ملي ويا. اسان واري گروپ ۾ سنڌ مان محترم عبدالحميد بلوچ، ڪراچيءَ وارو دوست مسٽر سميع الله ۽ آئون شامل ھئاسين. مونکي ھن ڳالھه تي تمام گھڻو تعجب ھيو ته آخر شير شاھه صاحب جو مک نالو ڇو ڪاٽيو ويو. حالانڪه شير شاھه نهايت ھلندي پڄندي وارو استاد ھو. خاص ڪري بيورو ۾ سندس تمام گھڻي رھائي پِڻ ھئي. خبرناھي ڇا ٿيو!
بھرحال 12 جنوري 1980ع تي اسان جي گروپ جا ٻارنهن ميمبر اچي موجود ٿيا. برٽش ڪائونسل جو نمائندو اسان کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪرڻ آيو ۽ اسان جي جھاز ڪراچيءَ کان اڏام ڀري. ان ڏينهن مون وٽ ايئرپورٽ ٽيڪس جا به ڏوڪڙ ڪونه ھئا. جيڪي شايد عبدالحميد کان اڌارا ورتم. بھرحال جھڙي تهڙي حال ۾ وڃي ڪوالالمپور جي ھوائي اڏي تي پھتاسين! جھاز مان لھڻ کان پوءِ خبر پئي ته ھتي ته سخت آڙنگ واري گرمي آھي. جسم تي پاتل سويٽر لاھي ڦٽي ڪياسون. اتي اسان جو استقبال برٽش ڪائونسل ڪوالالمپور جي نمائندي ڪيو. ڇاڪاڻ جو ھن اسٽڊي پروگرام جو ٺيڪو عالمي بئنڪ طرفان برٽش ڪائونسل کي ڏنل ھو. ملائيشيا جي پندرھن روزه اسٽڊي پروگرام بابت مون پنھنجي سفرنامي ”رنگارنگ ملائيشيا“ ۾ مڪمل تفصيل لکيو آھي. اھو ڪتاب سن 1983ع ۾ مرحوم آفتاب نظاماڻي صاحب جي ڪوشش سان شايع ٿيل آھي.