خليل الرحمان دائود پوٽي جي شخصيت
پياري لنڊ جو اھو مڊل اسڪول ان زماني ۾ استادن لاءِ جيتوڻيڪ جھڙوڪر ڪاري پاڻي جي سزا برابر ھو. اتي خليل صاحب جي شخصيت سندس ڪچھري ۽ خوش طبعي جي ڪري زندگيءَ جي ڪٺنائن جو احساس گھٽ ٿي پيو. خليل صاحب نصرپور جي تاريخي شھر جو رھاڪو، پياري لنڊ ۾ ايندي ويندي ”شترسواري“ کي انجواءِ ڪندڙ جوان، نصرپور جي مدرسي کان متاثر. ياد رھي ته نصرپور شھر جو وڏو عالم با عمل مولوي صاحب نه رڳو نصرپور ۾ علم جي روشني ڦھلائيندڙ شخصيت ھو، پر سندس جماعت جي طرفان ميرپور خاص شھر ۾ ھڪ ھاءِ اسڪول پڻ ھلندڙ ھو. جتي غريبن جا ٻار وڌيڪ تعليم حاصل ڪندا ھئا. خليل صاحب به اتان جو فارغ التحصيل بندو آھي.
انتهائي سادي زندگي گذاريندڙ، وڏو مطالعو رکندڙ ۽ بھترن استاد. ان زماني ۾ خليل صاحب صوبائي مقابلي جو امتحان P.C.S پاس ڪري، ڪراچيءَ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ٿيو. اتي به سندس اھا سادگي ۽ سچائي برقرار رھي. سندس سيڪشن جا ڪلارڪ ذاتي گاڏيون رکندڙ ھئا، پر خليل صاحب سنڌ سيڪريٽريٽ سامھون پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندي پنھنجي رھائش تان ايندو ويندو ھو.
جنرل مشرف جي دور ۾ خليل صاحب ضلعي سانگھڙ ۾ فنانس آفيسر مقرر ٿي آيو. ان پوسٽ تي جيتوڻيڪ ھو سرڪاري گاڏي رکي پئي سگھيو، پر مون ڏٺو ته ان جي پاران عام ٽرانسپورٽ تي ڳوٺان ايندو ويندو ھو. آئون ساڻس ڪچھري ڪرڻ لاءِ مھيني ۾ ٻه چار دفعا سندس آفيس ۾ ويندو ھوس ۽ کيس پياري لنڊ واري ساڳي ”پيور چانهه“ پيارڻ جي فرمائش ڪندو ھوس. 1969ع ۾ مونکي نصرپور شھر گھمائڻ لاءِ وٺي ويو. سندس خاندان ۽ عزيز ڪپڙي اڻڻ جو صدين کان ڪم ڪندڙ ھئا. نصرپور جون لونگيون ۽ چادرون آڏاڻن تي تيار ڪندا ھئا. ان زماني ۾ مون سندن آڏاڻن ۽ رنگسازيءَ جا ڪارخانا ڏٺا. سندن صدين جو اھو ھنر ڪيڏو نه شاندار رھيو ھيو. مون خليل صاحب کي چيو ته سندس ھنڌ تي جيڪا چادر آھي، ان جھڙي مونکي تيار ڪرائي ڏئي!
اتي ڪاريگرن روبرو مونکي ٻڌايو ته انهيءَ خوبصورت چادر جي رنگن ۽ تاڃي پيٽي جو حساب رکندڙ ڪاريگر الله کي پيارو ٿي ويو آھي. سندس اھا ڊيزائين ٻيو ڪير ڪو نه ٿو ڄاڻي،!! سنڌ ۾ سنڌ جو اھو اوائلي ھنر ائين درجي به درجي نا پيد ٿيندو پيو وڃي. خليل صاحب جي رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ آئون ھڪ دفعو نصرپور ساڻس ملڻ لاءِ حاضر ٿيس. مونسان گڏ ھڪ ٻه نوجوان ھئا، جن اھي خوبصورت لونگيون ۽ چادر اڻڻ جا ڪارخانا ڏسڻ پئي چاھيا. پر افسوس ته انهيءَ نصر پور ۾ ڪو ڪم ڪندڙ آڏاڻو نظر ڪونه آيو. خليل صاحب کي رب پاڪ خوش رکي، پاڻ ھڪ مثالي استاد، سادگيءَ جو پيڪر، رشوت جي وھندڙ درياءَ مان پنھنجو دامن بچائي، پنھنجي مانائتي سروس پوري ڪيائين. مونکي ٻڌايائين ته سندس فرزندن ڪمپيوٽر سائنس جا امتحان نمايان طور پاس ڪيا آھن ۽ مختلف تعليمي ادارن ۾ پروفيسر مقرر ٿيل آھن. اھو خليل صاحب لاءِ قدرت جو انعام چئبو. الله تعالى کيس سکيو ۽ سلامت رکي.