بقا محمد قريشي جو دور
آپا شمس عباسي صاحبه کان پوءِ مختصر عرصي لاءِ ڪجھه ڀلا ماڻھو ۽ ماھر تعليم بيورو جا ڊائريڪٽر رھيا. کوکر صاحب تمام ذھين ماھر تعليم ھو. جيڪو ھڪ ڪار حادثي ۾ گذاري ويو. ان کان پوءِ بقا محمد قريشي، جيڪو دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ ھڪ مخصوص منفي سوچ رکندڙ، نهايت سخت گير انسان اچي بيورو تي قابض ٿيو. ھن صاحب جي اچڻ جي ٿوري عرصي بعد بيورو ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪن، اڪائونٽنٽ ۽ ڪجھه ماھر مضمون صاحبان جو مزاج انتهائي غير دوستانه بنجي ويو. آپا شمس عباسي جن ڪلارڪ گريڊ جي ماڻھن کي ترقيون ڏياري وڏن عھدن تي پھچايو. انهن جو رويو انتهائي مغرور ڪامورا شاھي وارو بنجي ويو.
باقي رھيو آءِ ٽي آءِ محمد سليمان خاصخيلي صاحب، ھيءُ جينٽلمين نهايت مھربان ۽ راڄائتو انسان ھو. ان جي خلاف به اندرون اندر ڪا سازش ٿيڻ لڳي. منھنجي مٿان يقين محمد لغاري جيڪا ڪميونسٽ ۽ جيئي سنڌ ھجڻ جي رپورٽ سيڪريٽري ايجوڪيشن کي موڪلي، ضياءُ الحق جو مارشلائي دور ھو. اھا درخواست جڏھين بقا محمد قريشيءَ وٽ پھتي، مون کي خبر پيئي ته آئون ساڻس وڃي مليس. کيس عرض ڪيم ته مسٽر يقين محمد عادتي شڪايتون ڪندڙ ماڻھو آھي. ھن مون مٿان ڪوڙا ليڪن سنگين الزام لڳايا آھن. توھان مھرباني ڪري ان کي ايتري اھميت نه ڏيو. مگر بقا محمد نهايت ڪاوڙ ۾ چيو ته تنھنجي مٿان انتهائي سخت الزام لڳل آھن. اسان انڪوائري ڪميٽي مقرر ڪئي آھي. اھا اچي سانگھڙ ۾ انڪوائري ڪندي. بھرحال حيدرآباد مان انڪوائري ڪرڻ لاءِ محمد سليمان خاصخيلي صاحب، ٻيو سنڌي ٻولي جو ماھرِ مضمون جيڪو مٽياري سان تعلق رکندڙ ھو ۽ ٽيون ميمبر ياد نه ٿو پوي ته ڪير صاحب ھو. اھي سانگھڙ ۾ اچي وارد ٿيا. مونکي ڪمري ۾ اڪيلو ويھاري، شڪايت واري رپورٽ ڏيئي چيائون ته ڏھن منٽن اندر ان جو جواب لکي ڏي! مون کانئن ان جي ڪاپي طلب ڪئي. پر جواب ڏئي ڇڏيائون. بھرحال مون ان ڪوڙي رپورٽ بابت ثابتين سان لکي ڏنو ته اھا ذاتي دشمني تي مبني آھي. توھان ڀلي ڪاليج اسٽاف جي استادن کان پڇا ڪري ڏسو! پوءَ ھنن ھمراھن ڪاليج اسٽاف جي سڀني استادن کان اڪيلائي ۾ پڇا ڪئي. مونکي اھا پڪ ھئي ته دوست مون تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندا، ٿيو به ائين. آئون بھرحال انهيءَ دوران ٻڏتر ۾ رھيس ته آخر ڪھڙو نتيجو ٿو نڪري. آخرڪار ھڪ مھيني کان پوءِ مونکي چيو ويو ته ھاڻي ھڪ ٻي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آھي. جنهن جو سربراھه سکر جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال ميراڻي صاحب پنھنجي ٽيم سان اچي انڪوائري فرمائيندو. ميراڻي صاحب بنا رک رکاءَ جي مونکي ٻڌايو ته مون ڊائريڪٽر صاحب کي لکي ڏنو آھي ته يقين محمد نهايت غلط الزام لڳايا آھن. ان کان سبب پڇيو وڃي. پر ڇا ٿيو جو مونکي سانگھڙ مان حيدرآباد ٽرانسفر ڪيو ويو. جتي ٻه ٽي مھينا ڪم ڪرڻ بعد خود بخود مونکي سانگھڙ موڪليو ويو. ياد رھي بقا محمد قريشيءَ بيورو ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر ماڻھن ۾ بيوروڪريسي جو ڪلچر واپس رائج ڪري ڇڏيو. ڪجھه ماھرِ مضمون صاحبن کي ڇڏي، ٻيا سڀ ھمراھه انتهائي مغرور صاحب بنجي ويا.
بقا محمد قريشي تربيتي نصابي پروگرام اندر ”سيمسٽر سسٽم“ رائج ڪيو. جنهن ته ھيڪاري تربيت، تعليم ۽ تدريس جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ڪاليجن جا استاد انهيءَ سسٽم بابت ڪا ڄاڻ ڪونه رکندا ھئا. ھن سسٽم ۾ رڳو اسائنمنٽ جي ڀرمار ھئي. شاگرد ڇا ڪندا ھئا، جو لڳ ڀڳ ساڳين موضوعن تي ھڪ ٻئي کان اسائنمنٽون لکائي پيش ڪندا ھئا. ان ڪري استادن مٿان تمام گھڻو ورڪ لوڊ وڌي ويو. جو ڪو به ڪم ڍنگ سان ڪونه پيو ٿئي.
بقا جي دور ۾ سنڌ اندر ۾ پرائيويٽ ٽريننگ ڪاليجن جو وڏو ڪاروبار کلي پيو. مٿان وري مزيدار ڳالھه اھا ته انهن مڙني پرائيويٽ نقلي ڪاليجن جي شاگردن جو امتحان بيورو آف ڪريڪيولم جو رجسٽرار وٺڻ لڳو. اھڙي طرح ھزارين ماڻهو نقلي طور پي ٽي سي ۽ سي ٽي جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري تعليم جي ڌارا۾ شامل ٿي ويا. انهن سان گڏ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي به فاصلاتي تعليم جي نالي ڪوس ڪرايا، جيڪي پڻ نقل جو شڪارٿيا.
بھرحال محمد بقا قريشيءَ جو دور ٽيچر ايجوڪيشن سنڌ جو انتهائي زوال وارو دور بنجي ويو. ھن صاحب جو ذاتي مزاج بلڪل اڄ ڪلھه جي سيڪريٽري ايجوڪيشن مسٽر پيچوھو صاحب جھڙو ھيو. الله معاف ڪريس، مونکي آخر تائين زيرعتاب رکندو آيو. ان زماني ۾ آئون سخت بيماري جي ڪري ڇھه مھينا موڪل وٺي ڪراچي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ آپريشن ڪرائي ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري تي پيو ھوس. ھو صاحب منھنجي موڪل واري معاوضي جا ڪاغذ روڪي رکي ويٺو. نيٺ آئون سندن ذات واري ھڪ وڪيل وٽ دانهن کڻي ويس. ان پنھنجو فرزند مونسان گڏ محمد بقا قريشي ڏانهن موڪلي ڏنو. جنهن کيس چيو ته ھي استاد توھان تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ آيو آھي. اوھان آخر جائز ڪم ڇو نه ٿا ڪريو! ان بعد ھن منهنجا ڪاغذ وڃي اي- جي سنڌ ڏي روانا ڪيا! خدا رحم ڪريس، عجب ظالم مزاج ماڻھو ھو.