آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

جھول پرائمري اسڪول ۾

جھول پرائمري اسڪول ۾

1964ع ڌاري S.V پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ پرائمري اسڪول جھول ۾ نائب استاد جي حيثيت ۾ ڊيوٽي شروع ٿي، مونکي پاڙھڻ لاءِ پھريون درجو ڏنو ويو. جيڪو مون ھيڊ ماستر صاحب کان گھري ورتو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻي ڪلاس جي معصوم ٻارن کي پڙھائڻ جو عمل ڏاڍو دلچسپ ھوندو آھي. اسڪول جو ھيڊ ماستر مسٽر محمد يوسف ڪوريجو صاحب اصل ۾ موري جو رھاڪو ھو. ان زماني ۾ سانگھڙ جي تعليم کاتي ۾ نوابشاھه ضلعي سان واسطو رکندڙ استادن جو چڱو خاصو تعداد نوڪري ڪندڙ ھو. محترم محمد يوسف ڪوريجو تمام سٺو منتظم، خوشخط ۽ محنتي استاد ھو. ٻيا ھمعصر استاد به ڏاڍا لائق استاد ھئا. پيارو خان لغاري مکيءَ جي پاسي جو رھاڪو، سنهڙو سيپڪڙو، نهايت مھربان استاد، والي بال سان دلچسپي رکندڙ. ياد رھي ته محترم محمد يوسف ڪوريجو شوٽنگ والي بال راند جو پھرئين جوڙ جو رانديگر ھو. آئون به سائيڊ تي کيڏندڙ والي بال جو شوقين ھوس. جھول ۾ ان زماني ۾ شوٽنگ والي بال جي زبردست ٽيم ھئي. کاھي ڪنڊا جي رھاڪو آبدار ميمڻ جا ڇوڪرا زبردست رانديگر ھئا. اسان جي پرائمري استادن مان ڪرم علي شاھه ”وفا“ جيڪو ٻوٻي شھر جي پاسي جو رھاڪو ھو. انهيءَ شاھه صاحب کي به والي بال جو وڏو شوق ھو. ھن پرائمري اسڪول ۾ منھنجو فلاسافر دوست محترم مراد علي خان ڪلوئي به ڪجھه وقت ھتي پاڙھيندو رھيو. نهايت نيڪ دل انسان ھو.
جيئن ته ھي اسڪول سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ ۾ ھلندڙ ھو، انهيءَ سال جھول شھر لاءِ عبدالقادر سنجراڻي صاحب وزير صحت پاران رورل ھيلٿ سينٽر جڙي راس ٿيو، ان ڪري جھول جي ضلعي ڪائونسل جي پراڻي ڊسپينسري جيڪا بزرگ ڪنڊي فقير ڀنڀري جي پاڙي ۾ ھئي، ان جا ڊاڪٽر ھيلٿ سينٽر جي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيا. (ان وقت 1965ع جي جنگ ھلندڙ ھئي.) اھا جڳھه خالي ٿيڻ تي محترم مير جان محمد ٽالپر اسان کي صلاح ڏني ته توھان سنڌي پرائمري اسڪول کي ھاڻي انهيءَ جاءِ ۾ وڃي ھلايو. اسان شاگردن جي مدد سان فورن لڏو کڻي نئين جاءِ اچي والاري. ياد رھي ته ھاڻوڪو سنڌي پرائمري مين اسڪول ان ساڳئي ھنڌ ھلندڙ آھي، نهايت مناسب جاءِ آھي. پر افسوس ته عمارت جي مناسب مرمت به ٿيڻ ڪري، ڇتين جا چاپوڙا ڪرڻ ڪري، تمام خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي پئي آھي.