آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

شخصيتون ۽ شھر جو حال

شخصيتون ۽ شھر جو حال

مير ظفر علي جڏھين جھول ۾ پڙھائيءَ ۾ چاڙھو ڪونه ڪيو، تڏھين مير وڏي، مير ظفرعلي خان کي ڪنهن مدرسي ۾ ديني تعليم ڏيارڻ جو ارادو ڪيو ۽ مير ظفر علي خان کي وٺي وڃي ٺيڙھيءَ جي سنڌ مشھور مدرسي ۾ داخل ڪرايائين، جتي ھڪ سال کان پوءِ مدرسي جي معلمن مير وڏي کي اچي عرض ڪيو ته پنھنجي فرزند کي گھر ڀيڙو ڪري، ڇوته ھو ٻين خطابين کي فلمون ڏيکاري خراب ٿو ڪري. بھرحال ٺيڙھي پلٽ مير صاحب، سندس والد جي وفات کان پوءِ فقھ جعفريھ اختيار ڪئي. ياد رھي ته سندس والد مير غازي خان مذھبي خيالن جو نيڪ نمازي سُني طريقي تي ھلندڙ بزرگ ۽ جھول شھر جي جامع مسجد جو مستقل صدر ۽ مددگار ھوندو ھو.
استاد عبدالرحيم ٽالپر جون ٻه خوبيون مشھور ھيون، ھڪڙي شاگردن کي زبردست مار ڏيڻ ۽ سندس ٻي خوبي ھئي، پگھار جي پئسن جي ڪيئن بچت ڪجي. ان زماني ۾ استادن کي پگھار اسڪول ۾ اچي ادا ڪيو ويندو ھو. ھر دفعي جڏھن استاد کي پگھار 80-90 رپيا ملندو ھو، ان مان فقط 10 رپيه رکي، باقي پئسا پوسٽ آفيس سيونگ بئنڪ ۾ رکندو ھو. سندس صبح جي ماني وڏيري حبيب الله خان ڀنڀري وٽان ايندي ھئي ۽ رات جي ماني مير صاحبن جي حويلي مان. استاد جا سليپر پالش يا مرمت جي طلب ڪندا ھئا ته ميگھواڙ شاگرد کي ڏيندو ھيو، جيڪو پنھنجي موچي پيءُ کان ڳنڍ ٽوپ ۽ پالش مفت ۾ ڪرائي کڻي ايندو ھو. استاد کي شيو ڪرڻ لاءِ ھڪ استرو/ پاڪي ھوندو ھو، ان کي تيز ڪرڻ لاءِ حجام جي ڇوڪري کي ڏيندو ھو ته سندس والد جي دوڪان تان پاڪي تيز ڪرائي اچي. باقي رھيا ڪپڙا ڌوئارڻ ان لاءِ آئون خود ۽ ماستر لکاڏنو خاصخيلي سندس ڌوٻي ٿي ڪم ڪندا ھئاسون. ڪپڙن جا ھڪ ٻه ميرا وڳا ٻن آنن واري ڪاري صابڻ جي ٽڪي سان اسين جھول جي وڏي کڏ/ تلاءَ وٽ ڌوٻي گھاٽ جي پٿر تي ڌوئي، سڪائي اچي پيش ڪندا ھئاسون. ھن ڪم مان مونکي پنهنجن ڪپڙن ڌوئڻ جو ھنر مليو ۽ ميرپور خاص ۾ پڙھڻ دوران آئون پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئي پائيندو ھوس. اسان جي استاد پنھنجي حق حلال جي پگھار مان بچت ڪري آخري ڏينهن ۾ اٽڪل ٽي سئو ايڪڙ زمين جا ٺاھيا ۽ آخري عمر تائين حڪمت سان گڏ سانگھڙ شگر مل وٽ ھڪ مانڊڻي کولي، ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر ڊرائيورن کي ڪمند جا انڊينٽ فارم ڀري ڏيندو ھو. ان سان گڏ حڪمت به ھلائيندو ھو.
ھن محترم استاد جي مار کان ڪوبه شاگرد ڪونه بچيو، ڀلي مير ھجي يا وڏيرو. مونکي ھڪ دفعي چڱي خاصي مار ڏنائين ته آئون آچر ڏينهن اڀپور ۾ علي ڏني شاھه قلندر بخاري وٽ والي بال مئچ کيڏڻ ڇو ويو ھوس. حاجي عثمان خاصخيلي، ادو گل حسن، خود مير ضيغم ٽالپر کي استاد جي مار جو مزو چکڻو پيو. ھوت تنبراڻي وڏي ڊگھي قد وارو شاگرد ۽ گھنڊڻ مان ايندڙ چانگ شاگرد پڻ مار جو مزو چکي چڪا ھئا. مار جي وقت ادي گل حسن جي ترڪي ٽوپيءَ جو گل ھر ڌڪ تي لڏندو ھو. حاجي عثمان خاصخيلي مار ملڻ کان اڳ پڪي گاني جي انداز ۾ رڙيون ڪندو ھو. بھرحال استاد ته ھر حال ۾ استاد ھو ۽ پنھنجو وارو وڄائي ويو. البته اھو چوندس ته سائين ڊيوٽيءَ جو پابند ۽ پڙھائڻ جي ھنر جو وڏو ڄاڻو استاد ھو، جنهن ماري ڪٽي اسان کي ته پڙھايو، پر افسوس سندس فرزندن مان ڪوبه باقاعده پڙھي ڪونه سگھيو.
آئون اڃان ٽئين درجي انگريزي ۾ ھئس ته منهنجا ھم ڪلاسي وڌيڪ انگريزي پڙھڻ لاءِ ٻين شھرن ڏانهن وڃڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته جھول وارو A.P class فقط ٽن درجن تائين تعليم ڏيندڙ ھو. ان ڪري مونکي به شوق ٿيو ته وڌيڪ تعليم لاءِ آئون به ڪٿي وڃان. غربت سبب ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي آئي. ڪافي ڏينهن انهيءَ ٻڏتر ۾ گذريا، نيٺ وڃي ان مسئلي جو حل ڳوليم. ان زماني ۾ فقير محمد رحيم مھر ميرپور خاص ۾ مقيم ھو. اُتي ھفتيوار ” الفقراءَ“ اخبار ڪڍندو ھو. مون حجت ڪري وڃي کيس چيو ته مونکي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ميرپور خاص ۾ داخلا وٺرائي ڏئي. منھنجو خيال ھو ته ھاءِ اسڪول جي بورڊنگ ھائوس ۾ مونکي ”فري بورڊر“ جي سھولت ملي ويندي. ان جي نتيجي ۾ محمد رحيم مھر مونکي مير پور ۾ پنھنجي رھائش گاھه تي رھايو ۽ ھاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏنائين.
آخر تياري ڪري ھڪ ڏينهن جھول جي ريلوي اسٽيشن تي بابا مونکي الوداع ڪرڻ آيو. مونسان گڏ ھڪ سونهون ماڻھو به گڏ ھيو، جنهن کي ميرپور شھر ۾ مونکي الفقراءَ ھائوس تائين پھچائڻو ھو. انهيءَ راجا واري ريل ۾ سفر ڪرڻ جو اڳئي دل ۾ ڪافي شوق ھيو. منھنجو پھريون ريل جو سفر مونکي ڪافي قدر رومينٽڪ پئي محسوس ٿيو. جھول کان ميرپور خاص ڏانهن اسٽيشون ڳڻيندو پئي ويس، نيٺ ميرپور خاص جنڪشن اچي وئي. ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن واقعي شاندار ٺھيل ھئي. اتان اسٽيشن تان ٽانگي تي سوار ٿي ميرپور خاص جي بُخاري پڙ، نائي پاڙي ۾ واقع الفقراءَ ھائوس پھتاسون. الفقراءَ ھائوس بخاري پڙ جي چونڪ ۾ ھندن جي ڇڏيل ھڪ ٻه ماڙ بلڊنگ ۾ واقع ھو. سامھون بخاري پڙ جو وسيع چوڪ ھو، جنهن ۾ نمن جا وڏا وڻ ڇانو ڪيو بيٺا ھئا.
ھڪ ٻن ڏينهن ۾ منھنجي داخلا گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ميرپور خاص ۾ ٽئين درجي انگريزي ۾ ٿي وئي. ان وقت ھاءِ اسڪول ميرپور خاص جو ھيڊ ماستر دين محمد آرائين تعلقي سنجھوري جي ديھه 22 جو رھاڪو ھو. پھرئين ڏينهن ڪلاس ۾ ويھڻ کان پوءِ مونکي احساس ٿيو ته آئون غريب جو ٻار، مال جو ڌراڙ ھن ڪلاس ۾ اوپرو پيو لڳان. خاڪي پينٽ ۽ سفيد قميص ان وقت ھاءِ اسڪول جي شاگردن جي ڊريس ھئي. پھرئين ڏينهن جڏھن ڪلاس ٽيچر جڏھن حاضري پڪاري ته مون اٿي بيھي Yes Sir چيو. ڪلاس ٽيچر سائين نظر محمد عباسي مونکي ڏسي مسڪرايو، ھيءُ ڄٽ ڪٿان اچي ويو آھي. مون سائين نظر محمد کي ديدار خواھه پوشاڪ ۾ واقعي ھڪ مثالي استاد جي نظر سان ڏٺو. سائين جا دليپ ڪٽ وار، سوٽ، ٽائي ڪافي متاثر ڪندڙ ھئا.
پھرئين ڏينهن سائين ٽئين درجي جي انگريزي ڪتاب مان ڊڪٽيشن لکائي، ڪلاس جي شاگردن جا نوٽ بوڪ ميز تي رکي چيڪ ڪيا. اسپيلنگ جي غلطين تي گول ليڪا ڏيندو پئي ويو. خوشقسمتيءَ سان منھنجي لکائي ۾ ڪابه غلطي ڪونه ھئي ۽ منھنجي انگريزي تحرير به ڪافي قدر معياري ھئي. استاد ڪلاس جي شھري ٻارن کي ٻڌايو ته الھورائي جي ڊڪٽيشن ۾ ڪابه غلطي ڪونهي. استاد جي ان ريمارڪ منھنجي خود اعتمادي بحال ڪري ڇڏي. موڪل کان پوءِ گھر وڃي مون ڪوشش ڪئي ته منھنجي مٿي جي وارن جي ھيئر ڪٽ بلڪل ڪلاس جي ٻين شھري ڇوڪرن وانگر ھئڻ گھرجي، ان لاءِ نائي پاڙي جي حجام کان مدد ورتيم.
اھا سڄي شام آرسي جي سامھون بيھي ” چٻي سينڌ“ اردوءَ ۾ جنهن کي ”ترڇي مانگ“ چيو ويندو آھي، ان اسٽائيل تي ويھارڻ جي ڪوشش ڪيم. نئون تجربو ھو جنهن بابت ڪوشش ڪري وارن جي اسٽائيل کي رائج فيشن مطابق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. ان وقت ھاءِ اسڪول ۾ سائين الھڏتو مھر صاحب به استاد مقرر ٿيل ھيو، جيڪو اسان واري رھائش جي ڀرسان رھندو ھو. صبح جو سائين مھر صاحب سان گڏ اسڪول ويندو ھئس. الھڏتو مھر صاحب، ميرپور خاص (کاڻ) جي جماعتي مھرن مان پڙھيل لکيل نوجوان استاد ھو، ھن صاحب به منھنجي ڪافي حوصلا افزائي ڪئي. ٻئي پاسي سائين نظر محمد عباسي جي مھربان طبيعت به مونکي ڪلاس ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. سائين نظر محمد عباسي صاحب، ٿور ڳالھائو ۽ مسڪرائيندڙ طبيعت وارو استاد ھيو. ڪلاس ۾ پھريائين واقفيت شرف الدين نالي ھڪ شاگرد سان ٿي. جيڪو کڏڙي جي پاسي کان ھتي، پڙھڻ آيو ھو. ڪلاس ۾ سائين نظر محمد عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ ”مظھر عباسي“ ننڍڙي قد وارو ھوشيار ٻالڪ به ھم ڪلاسي ھيو. ھڪ ٻيو مزيدار ڪلاس ميٽ ھيو ”خوشي رام“ ميرپور خاص جي اوائلي وڏن سيٺين جو اولاد. قد بت ۾ ڪجھه وڌيڪ ٿلھو ھوندو ھئو، جنهن ڪري اسڪول جا شرارتي ڇوڪرا موٽو موٽو ڪري خوشيءَ کي چيڙائيندا ھئا ۽ خوشي به پنھنجي طبيعت ۾ ويڙھاڪ طبع ھو، چٿر ڪندڙ ڇوڪرن سان ٺونشي بازي ڪرڻ لڳندو ھو. خوشيءَ سان به ڪافي بي تڪلفي ٿي. ٽيون نمايان شاگرد ھندو سيٺين جو، کڙو قد، ٿور ڳالھائو ۽ ھميشھ مسڪرائيندڙ ڇوڪرو جنهن کي ”جئه“ سڏيندا ھئاسين، سندس رھائش عمر ڪوٽ روڊ جي پاسي ڪاٽن فيڪٽرين ڏي ھوندي ھئي.