محترم محمد صالح گوپانگ
1965ع ڌاري تعلقي سنجھوري تي سائين ايجوڪيشن سپروائيزر ٿي آيو. آئون ان زماني ۾ جھول شھر جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙھائيندو ھئس. انهيءَ ساڳي اسڪول ۾ جيڪو ڪنڊي فقير ڀنڀري جي درگاھه وٽ آھي. ان وقت مون وٽ سنڌي پھريون ڪلاس ھو ۽ اسڪول جي مين گيٽ سامھون ڏاکڻين پاسي ورانڊي ۾ ڪلاس ھلائيندو ھوس. ھڪ روز ڏٺم ته ھڪ صاحب لوڪ قسم جو ھمراھه، فلئٽ ھئٽ، ٽاءِ ۽ سلڪي پينٽ ۾ ملبوس اسڪول ۾ اچي پرگھٽ ٿيو. مونکي سامھون پڙھائيندي ڏسندو سڌو ھيڊ ماستر پرائمري اسڪول، مسٽر محمد يوسف ڪوريجي جي آفيس ۾ لنگھي ويو. خبر پئي ته ھيءُ صاحب محترم محمد صالح گوپانگ اسان جو نئون صاحب آھي. مون ڪلاس ڇڏي وڃي نهايت ادب سان ھٿ ملائي کيس ڀليڪار چئي. سائين گوپانگ صاحب ھفتي ۾ ٻه ٽي ڏينهن اسان جي اسڪول ۾ اچي ويھندو ھو، جتان ڀرپاسي جا اسڪول وزٽ ڪرڻا ھوندا ھئس. سندس انهيءَ اچ وڃ دوران آئون پنھنجي ڪلاس جي ڪم ۾ مصروف رھندو ھوس. ساڻس پھريون ڀيرو ڀليڪار لاءِ ويس. پر ان جي برعڪس اسان جي اسڪول جا ٻيا استاد ھر دفعي سائينءَ جو سلام ضرور ڪندا ھئا.
محترم محمد صالح گوپانگ ڪنڊياري پاسي جو رھاڪو ھو. پاڻ به فائنل پاس استاد جي حيثيت ۾ نوڪري جي شروعات ڪيائين ۽ ان سان گڏ تعليم به جاري رکندو آيو. انگريزي زبان ۾ ايم اي ڪري چڪو ھو. سندس سنڌي زبان جو مطالعو به نهايت وسيع ھو. اھا ھئي محترم محمد صالح صاحب سان منھنجي پھرئين شناسائي. پوءِ ڇا ٿيو جو 1970ع ۾ آئون جڏھين گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ مقرر ٿيس ته سائين اتي فرسٽ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ ھو. اڪثر مئٽرڪ جي ڪلاس جا پيريڊ پاڙھيندو ھو. انهيءَ عرصي دوران سائين گوپانگ صاحب سان ويجھڙائي ٿي، پاڻ اڪثر ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ ھو ۽ چاھيندو ھو ته ان مطالعي کي ٻين دوستن سان شيئر ڪجي. آئون سندس ادبي مطالعي واري ڪچھري ۾ نهايت دلچسپي وٺندو ھوس. گوپانگ صاحب ھاءِ اسڪول ۾ نهايت ٽپ ٽاپ ۽ خوش لباس ٿي ايندو ھو. سندس سگريٽ ۽ چانهه دوران ساڻس ڪچھري جاري رکبي ھئي. ھڪ ڏينهن مونکي چيائين ته ”الھورايا! آئون جڏھن جھول ۾ تنھنجو آفيسر ٿي ايندو ھوس ته تون مونسان ڪلاس ڇڏي ملڻ ڪونه ايندو ھئين. حالانڪه ٻيا سڀ استاد حاضر ٿيندا ھئا. مون سمجھيو ته ھي ماستر مغرور قسم جو ماڻھو آھي. موقعو مليو ته کيس ”سبق سيکاريندس!“ پر يار! ھاڻي آئون ان نتيجي تي پھتو آھيان ته منھنجو اھو آفيسرانه خيال غلط ھو ۽ تون صحيح ھئين. ان ڪري جو تو پنھنجي ڪلاس جي پڙھائي کي جاري رکڻ وڌيڪ بھتر سمجھيو!“
گوپانگ صاحب جي شخصيت جي اھا خوبي ھئي ته ھو اسڪول ۾ اچڻ وقت ديدار ۽ پوشاڪ جو خاص خيال رکندو ھو. مونکي ھميشھ شيو وڌي وڃڻ تي ٽوڪيندو ھو. سندس ٻي خوبي ھئي مطالعي ڪرڻ جي، خاص ڪري انگريزي ادب جا ڪتاب پڙھندو ھو ۽ انهن مان خاص ڪوٽيشن کيس ياد رھندا ھئا. تنهن ڪري علمي، ادبي گفتگو ۾ اھي قول بيان ڪندو ھو. سائين گوپانگ صاحب پنھنجي علمي واڌاري لاءِ تمام گھڻي جدوجھد ڪئي. فائنل پاس پرائمري استاد مقرر ٿيو، ان بعد وڃي انگريزي ادب ۾ ايم- اي ڪيائين. ان سان گڏ ايم – ايڊ جو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين. ساڳئي وقت پنھنجي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندو رھيو ۽ ضياءُ الحق جي زماني ۾ سائين گزيٽيڊ گريڊ حاصل ڪري، خيرپور جو ڊي-اي-او ٿيو. سندس ترقيءَ جي منزل وڌندي رھي. پاڻ حيدرآباد ۾ تعليم جو ڊائريڪٽر به رھيو ۽ اتان پوءِ تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيو. انهيءَ دوران جڏھن به ملاقات ٿيندي ھئي ته ھميشھ قرب سان ملندو ھو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گوپانگ صاحب محنت ڪري وڃي P.H.D جي ڊگري حاصل ڪئي. يعني ته ”ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ“ جو لقب حاصل ڪيائين. سندس ڊاڪٽريٽ جو موضوع ”سنڌي زبان جي نصابي ڪتابن جو تاريخي مطالعو“ ھيو. سندس اھو مقالو سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. ھن دلبر ماڻھو زندگيءَ ۾ محنت سان اڳتي وڌي عھدو ۽ عزت ماڻڻ جو مقام حاصل ڪيو. اھو سندس مثالي ڪردار جو ڪمال آھي ته ھڪ غريب خاندان جو فرد علمي ادبي محنت ڪري علم جي اعلى منزل ماڻي چڪو. رٽائر ٿيڻ بعد ڪجھه وقت حيدرآباد ۾ به وڪالت شروع ڪيائين. ڪاري ڪوٽ ۽ ٽاءِ ۾ سائين زبردست وڪيل ٿي لڳو. ھڪ ٻه دفعا آئون کيس حيدرآباد بار ۾ ملڻ ويو ھوس. سندس دل وڪالت ۾ نه لڳي ۽ پوءِ ھڪ شگر مل جي سيڪينڊري اسڪول جو پرنسپال ٿي رھيو. ھيتريون ساريون ڪاميابيون محنت سان ماڻڻ وارو ھيءُ عاشق مزاج، حسن جو پوڄاري انسان ڪچھريءَ دوران فقط ھڪ ڏک مونسان سليندو ھو. ”الھورايا! يار منھنجي خواھش جي باوجود منھنجي فرزندن مان ڪو ڊاڪٽر، انجينيئر ڪونه ٿي سگھيو، مونکي حيدر ۾ اميد ھئي ته پڙھي ڊاڪٽر ٿيندو، پر ائين ڪونه ٿي سگھيو، البته منھنجي نياڻي ايم بي بي ايس پاس ڪري ڊاڪٽرياڻي ٿي آھي.!“ سندس انهيءَ شڪايت جو سندس فرزندن کي خبر نه آھي ته ڪيترو احساس ٿيو يا نه!!