آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

ڪليمن جي ڪاري ڪاروبار جو دور

ڪليمن جي ڪاري ڪاروبار جو دور

1960ع واري زماني ۾ سنڌ اندر ھندن جي ڇڏيل زمينن ۽ سنڌ جي سڀني شھرن ۾ ھندن جي شھري ملڪيتن بابت ايوب حڪومت ڪليمن جي ڪاري ۽ ڪوڙي ڪاروبار جي پٺ ڀرائي ڪندي، حڪم ناما جاري ڪيا ته ھندن جون زرعي زمينون ۽ شھري ملڪيتون، دوڪان، محل ماڙيون ھندستان مان ھجرت ڪري ايندڙ ھمراھن جي قوم لاءِ سندن ڪليمن موجب انهن جي حوالي ڪيون وڃن. ڪليم ڀرڻ جي عمل کي تمام گھڻو آسان ڪيو ويو. ڪليم فارم ۾ ھندستان ۾ پوئتي ڇڏي آيل زمينن ۽ مڪانن بابت فقط ھڪ سادي سودي شرط ھئي ته ڪو به گزيٽيڊ ڪامورو ان تي تصديقي دستخط ڪري. اھو ڪم ماٺ ميٺ ۾ ڪو اڳيئي ٿي چڪو ھو. اسان جي تر جي ”واڻڪين زمينن “ جا اچانڪ دعويدار ڪليم بوڪ ھٿن ۾ کڻي، ڪٿان ڪٿان اچي ظھور پذير ٿيا. مون ڏٺو ته ان زماني ۾ روينيو کاتو، ھندستان کان آيل ڪليمين جو وڏو مددگار ٿي پيو. ان زماني جا مختيار ڪار ۽ تپيدار ڪوڙن ڪليمن جا وڏا ٻانهن ٻيلي ٿي پيا. خاص ڪري سنڌي ھارين جي ان طبقي جي خلاف جيڪي ھندن جي ڇڏيل زمينن تي ھارپو ڪندڙ ھئا ۽ پوءِ انهن کي ”الاٽي ھاري“ جو نالو ڏئي 8-10 ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ڏني وئي ھئي. اھا زمين الاٽي ھاري آباد ڪري فصل کڻڻ لڳا ۽ ساڳئي وقت سرڪاري ڍل به ادا ڪندا رھيا. ڪليمن جو ھيءُ ڪارو قانون الاٽي ھارين مٿان مصيبت وانگر نازل ڪيو ويو. الاٽي ھارين کي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ سندس نالي الاٽ ٿيل زمينن جي بلي ڍل کانسواءِ زمين جي مقاطعي جا ڳرا بل روينيو کاتي جاري ڪيا، جن جي ادائيگي ڪرڻ ھارين جي وس کان ٻاھر ھئي. ان بعد انهن الاٽي ھارين کي قبضو ڇڏڻ ۽ زمين ڪليمين حوالي ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ٿيا.
منھنجي وڏي ڀاءُ جي نالي ديھه 11-دم تي زمين جا ڪجھه ايڪڙ الاٽ ٿيل ھئا. انهيءَ تي پنجاب کان آيل ڪليمين زوري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جھڳڙو ٿي پيو. ڪليمين وڃي ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. پوليس ھڪدم ايڪشن ۾ اچي گرفتاريون شروع ڪيون ۽ معاملو ڪورٽن، ضمانتن ۽ وڪيلن تائين پھتو. ان واقعي ۾ زمين ته ڪليمي ڦري ويا، پر جھيڙي جي ڪيس ۾ ڍڳا ڍور وڪڻي وڪيل ڪري مس وڃي جان ڇڏائي سون!