آسٽريليا جي شھر ايڊليڊ ۽ آسپاس جو دورو
اسان واري ٽيم کي ايڊليڊ شھر جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ھڪ قديم ھوٽل ۾ ترسايو ويو. ھن ھوٽل جا ڪاريڊور عجيب و غريب ورن وڪڙن وارا ھئا. اسان کي پنھنجو روم ڳولڻ ۾ دشواري ٿيندي ھئي. ھيءُ شھر تمام وسيع ۽ کليل رستن ۽ بازارن تي مشتمل ھو. چيو ٿي ويو ته ايڊليڊ سائوٿ آسٽريليا جي صوبي وارو شھر اصل ۾ لنڊن جي شھر سان مناسبت رکي ٿو. ھتان کان اسان کي وڌيڪ ڏکڻ جي علائقن جو سير ڪرايو ويو. انهن ۾ وائلا شھر جو نالو ياد اچي پيو. ھن علائقي ۾ اسان کي لوھه جي ھڪ کوٽيل کاڻ ڏيکاري وئي. ميلن ۾ Open pit mine جي زمين ۾ کڏون ۽ کاھيون کوٽيل ھيون. اتي ھڪ ماحوليات جي ماھر اسان کي ٻڌايو ته زمين جي سيني کي کوٽي معدنيات يا ڌاتون ڪڍڻ بعد اڪثر ڪمپنيون زمين جي سطح کي برباد صورت ۾ ڇڏي وينديون آھن. ھن ٻڌايو ته آسٽريليا جي تمام وڏي ڪمپني BHP ھن کاڻ کي کوٽي ھلي وئي. جنهن جا مزدور اڃان تائين معاوضن لاءِ جدوجھد پيا ڪن. ھڪڙي ڏينهن شام جو ھوٽل جي ڀرسان، ڪجھه پنڌ سير ڪرڻ بعد ”ريٽا ريسٽورينٽ“ جو بورڊ نظر آيو. ريسٽورينٽ ۾ اندر وڃڻ بعد خبر پئي ته، ھندستان کان آيل ماڻھن جو ريسٽورينٽ آھي ۽ ھندستاني ويشنو کاڌا پيش ڪري ٿو. مون ان ريسٽورينٽ تي مڱن جي دال، پاپڙ ۽ ڦلڪا کاڌا. ڪجھه پيڪ ڪرائي عبدالحميد بلوچ لاءِ ھوٽل کڻي ويس. ھن صاحب به ڏاڍو پسند ڪيا.
ھوٽل جي دريءَ مان آئون ريلوي اسٽيشن جو منظر ڏسندو رھندو ھوس. ريل گاڏي ته ڪا خاص نظر ڪونه ٿي آئي. ليڪن شام وقت سامھون روڊ تي خوبصورت ميڊمون اڪثر بيٺل نظر اينديون ھيون. پوءِ خبر پئي ته اھي سيڪس ورڪر آھن، گيراھڪن جو انتظار پيون ڪن.
ايڊيليڊ شھر ۾ ترسڻ دوران اسان کي ٻڌايو ويو ته، ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان The Sculpture Garden يعني ته پٿرن مان تراشيل باغ ۽ اتي ايڊليڊ شھر جو ساليانو جشن يا ميلو ٿي رھيو آھي، ميلي جي شروعات ۾ وڃي شريڪ ٿياسين. ميدان تي رنگارنگ پٿرن مان جوڙيل عجيب و غريب ٿنڀا ۽ سامھون Festival theater جي عمارت نظر آئي. عام جاءِ تي ڪنٽري ميوزيڪ فنڪار پيش ڪري رھيا ھئا. تماشبين چڪڙو چاڙھي پنھنجي گرل فرينڊس سان نچي رھيا ھئا. آسٽريليا ۾ گھڻو ڪري ھر شھر ۾ ساليانا ميلي جي تاريخ مقرر ٿيل آھي. ان تي ماڻھو گڏجي ميلو ملھائيندا آھن. ھاڻي اسان جو آسٽريليا ۾ ترسڻ جو باقي ھفتو کن وڃي بچيو ھو. مون اسان جي سيمينار انچارج ڊاڪٽر وينزٽي کي چيو ته پاڪستان واپس وڃڻ وقت، ھڪڙو ڏينهن رات آسٽريليا جي اڳوڻي گادي واري شھر سڊني ۾ ترسڻ جو موقعو ضرور ملڻ گھرجي. ان لاءِ اسان جي گروپ ڪئنبرا کان ڊاڪٽر وينزٽي کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. ساڻس گڏ سندسن آفريڪي گھر واري ميڊم ھيلڊا پڻ الوداع چوڻ آئي ۽ وفد جي سڀني ميمبرن کي ھڪ ھڪ رومال تحفي طور ڏنائين. سڊني ايئرپورٽ تي اسان کي آسٽريلين برٽش ڪائونسل جو نمائندو وٺڻ آيو ۽ YMCA جي پراڻي بلڊنگ ۾ واقع ھاسٽل جي بلڊنگ ۾ رھائش جو بندوبست ڪيائين. سڊني ۾ اسان کي سڊني برج، سڊني اوپيرا ھائوس، زيرزمين ميٽرو ريل ڏسڻ سان گڏ سڊني جو مشھور بيچ بونڊائي بيچ ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪجھه دوست ڪنگس ڪراس جون رونقون ڏسي آيا. بھرحال آسٽريليا جو ھي يادگار سفر چار اپريل 1980ع تي پورو ٿيو، جتان کان ھڪ رات ھڪ ڏينهن سنگاپور ۾ دوستن شاپنگ ۾ گذاريو. سنگاپور جا ڪجھه تفريحي ھنڌ به ڏٺاسين. جن ۾ سنتوشا آئلينڊ وغيره گھمي ڏٺوسون. ست اپريل تي بئنڪاڪ ۾ ھڪ ڏينهن ھڪ رات ترسڻ ٿيو، جتي مون سڄو ڏينهن مھاتما ٻڌا جا مندر گھمي ڏٺا. بئنڪاڪ جون عجيب رونقون ڏٺيوسين. مغربي سياحن جي گھڻائي نظر آئي. ھرھڪ سياح سان گڏ ٻه عدد خوبصورت عورتون به ظاھر گائيڊ طور نظر پئي آيون. ھي اھو زمانو ھو جو سنڌ جا وڏيرا اڪثر ڪري بئنڪاڪ گھمڻ ايندا ھئا. ھاڻي اھي وڏيرا دبئي جو رخ ڪن ٿا. اھڙي ريت 7 اپريل 1980ع تي بئنڪاڪ کان ڪراچي روانا ٿي، اچي پنھنجي وطن پھتاسون. ڪراچي ايئرپورٽ تي رات جو 3 وڳي پھچڻ ٿيو. جھول جي مير صاحبان مان مرحوم مير ناظم الدين ٽالپر ايئرپورٽ تي اچي مليو. مون وٽ ڪا ڪسٽم جھڙي شئي ڪونه ھئي. بھرحال مير صاحبان جا ٿورا جو رات جي وقت اچي ملڻ جو قرب ڪيائون.
نوٽ
منھنجي آتم ڪٿا ۾ آسٽريليا وارو تعليمي دورو، مون خبر ناھي ڇو شامل ڪيو آھي. آگسٽ 2017ع ۾ مونکي برين اسٽروڪ جو حملو ٿيو. جنهن ۾ کاٻي اک جي نظر تي پردو اچي ويو. حافظو ڪمزور ٿي پيو. ۽ منھنجي تحرير ۾ اھا ادبي رواني نه رھي. تڏھين به زندگيءَ جي ڪشٽ ڪشالن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي اٿم.