حسن عسڪري جي چريا پڙيءَ جي ميمبر ٿيڻ جو امتحان
حسن عسڪري صاحب جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ خاص ڪري ”يوٿ ليگ“ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪڙي امتحان مان گذرڻو پوندو آھي. جنهن ۾ مون پارا متفقين ڪجھه قدر ٻاھرئين ٻني تي رھيا. پر ھن گروپ جي اندروني مرڪزي سرڪل جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪامريڊ جي انقلابي ڀاشڻن سان گڏ، انهن نوجوانن کي عقيدن جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ Purgative طور سخت انقلابي جمال گھوٽي جو ڊوز ڏنو ويندو ھو ته جيئن ھنن جا ” غائب شاھن“ طرفان ڏنل خانقاھي ادارن وارا عقيده ڌوپي صاف ٿي وڃن. بھرحال ”يارن ڌوئي صاف ڪيو ورق وجود جو“ جي مصداق انهيءَ امتحان ۾ ڪي ٿورا سچائي سان ڪامياب ٿيندا ھئا. باقي ٻيا روايتي امتحاني طريقي موجب نقل ڪري اھو مرحلو لنگھي ”ڪامريڊيءَ“ جي ڊگري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن. حسن عسڪري صاحب پنھنجي عددي ميمبرشپ ۾ واڌارو ڏسي خوش ٿي ويندو آھي. آئون سندس ان ساده دليءَ بابت ڀوڳ چرچا ڪندو رھندو آھيان. جواب ۾ مونکي چوندو آھي ته ”آخر ته تون حر جماعت جو ماڻھو آھين نه!!“
بھرحال ھن موقعي تي آئون نهايت سنجيدگيءَ سان اھو چوان ٿو ته انگريزن خلاف بغاوت ڪندڙ حر جماعت ۾ جنم وٺندڙ، حر ڪئمپن جي قيد ۾ پنھنجي والدين سان گڏ ڏکيا ڏينهن ڏسڻ وارو ماڻھو آھيان. مونکي قدرتي طور سامراج کان سخت نفرت آھي ۽ ھي جيڪي ھن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺا آھن، اھي انهن ڀوتارن جو ٽيون نسل آھن، جن حرن تي ظلم برپا ڪرڻ ۾ انگريز جي مدد ڪئي. مون جڏھن روسي دانشور پرنس ڪروپاتڪن جو ڪتاب، جنهنجو ڪامريڊ برڪت آزاد سنڌيءَ ۾ ترجمو ”نوجوانن ڏانهن“ پڙھيو، انهي وقت کان وٺي پنھنجي خيال و عمل، پنھنجي تحرير خواھه تقرير ۾ مزدور انقلاب جو خواب ڏسندو رھيو آھيان. البت اھا ٻي تلخ حقيقت آھي ته ھن دور ۾ مارڪسي انقلاب جو نظريو مري ته ڪونه ويو آھي البته سوا صديءَ بعد ٺري ضرور ويو آھي. انساني نظريا ٺري ويندا آھن، پر مرندا ڪونه آھن. اھي نظريا تاريخ جي سفر ۾ نئين روپ ۾ وري نروار ٿيندا آھن.