مولوي محمد الياس جو حج تي وڃڻ جو واقعو
حج تي وڃڻ ھر ھڪ سرنديءَ واري مسلمان لاءِ فرض ھوندو آھي، پر ھتي ڳالھه آھي ھن غريب مولوي جي معجزانه طور حج تي وڃڻ جي. اھا به V.I.P حج ڪرڻ جي. ٿيو ائين جو ھڪ ڏينهن، حج وارن ڏينهن ۾ مون مولوي صاحب کان پڇيو ته ”توھان حج ڪرڻ چاھيو ٿا؟“ جواب ڏنائين ته ”ھائو سائين! پر اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو؟“ مون کيس چيو ته ”ھڪ سفيد ڪاغذ آفيس ڪلارڪ کان وٺي اچ ته پاڻ حج بابت درخواست ٿا موڪليون، جناب صدر پاڪستان محمد ضياءُالحق ڏانهن“ مولوي صاحب ڪاغذ کڻي آيو، مون نهايت ادبن سان اردو زبان ۾ سندس حج جي درخواست پاڪستان جي صدر ڏانهن لکي ته ” غريب ديني عالم آھيان، اسلامي تعليم جي خدمت ڪندو پيو اچان، منھنجو عرض آھي ته مونکي سرڪاري خرچ تي حج جي سعادت بخشي وڃي!“
مولوي صاحب جي درخواست صدر پاڪستان کي بذريعه رجسٽري رواني ڪئي سون. مولوي محمد الياس، سندس درخواست جي قبوليت جو انتظار ڪندو رھيو پر ڪوبه جواب ڪونه آيو. پاڻ چيائين ته ”سائين! آخري حج پرواز به اڄ خيرسان رواني ٿي چڪي آھي!“ مون کيس دلاسو ڏنو ته مولوي صاحب ھن سال نه ته آئينده سال وري ڪوشش ڪنداسين!“
انهن ڏينهن ۾ آئون ۽ مولوي صاحب، آفيس جي ڪم سان حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ ويل ھئاسين ته سانگھڙ مان فون آيو ته مولوي محمد الياس کي ڊپٽي ڪمشنر طلب ڪيو آھي، جلد اچي حاضر ٿئي. مولوي صاحب چيو ته خبر نه آھي ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ڪھڙي مسئلي بابت طلب ڪيو آھي. بھرحال مولوي ڪم اڌ ۾ ڇڏي، واپس وڃي ڊي سي آفيس ۾ حاضر ٿيو. کيس ٻڌايو ويو ته سڀاڻي صبح جو توکي حاجي ڪئمپ ڪراچيءَ ۾ پھچڻو آھي. جتان توکي حج تي روانو ٿيڻو آھي. ڪمال معجزو ٿي ويو. مولوي صاحب ھتان ھتان ٻه ٽي سئو اڌارا وٺي، رات و رات وڃي حاجي ڪئمپ پھتو. اتي مولوي صاحب کي سرڪاري طور حج بابت سڀ سرڪاري دستاويز ڏنا ويا. پر ان سان گڏ چڱي موچاري زاد راھه بابت رقم، حج بابت لباس، ھڪ شاندار سوٽ ڪيس به کيس ڏنو ويو! اصل ۾ ھن ڀاڳ واري ماڻھوءَ جي قسمت ۾ اھو معجزو ٿي گذريو. اصل حقيقت اھا ھئي ته ان سال ڪنهن سعودي شھزادي ٻه سئو مسلمانن کي حج ڪرائڻ پئي چاھيو. ان لاءِ ھن خصوصي جھاز روانو ڪيو، جنهن ۾ اسلام آباد کان حاجي سوار ٿي ڪراچي آيا، جتان سنڌ وارا حاجي جھاز ۾ سوار ٿيا. ان ڏينهن شام جو مون ٽيليويزن ڏٺي ته احرام پھريل مولوي محمد الياس کي حج جو وزير پاڻ جھاز ۾ سوار ڪرائڻ لاءِ موجود ھو!!