ھاسٽل جي زندگيءَ جون ڪجھه جھلڪيون
مونسان ته ميس جي ماني ڪري گذاري، تنهن ڪري پرنسپال صاحب کي درخواست لکي ڏنم ته ھاسٽل جي ماني مونکي سخت تڪليف ڏني آھي، تنهنڪري مونکي ھن سال تربيت کان آجو ڪري واپس اسڪول موڪليو وڃي. پرنسپال صاحب مونکي گھرائي چيو ته ”بابا! جيڪڏھن نوڪري ڪرڻي اٿئي ته پوءِ ڏکيو، سکيو وقت گذار، باقي تربيت کان واپسي معنى نوڪري ختم. تنهنڪري ٿوري گھڻي پرھيز سان وقت گذار!“
ڇا ڪجي؟ بھرحال درد جون دانهون ڪندي ڪندي، ڇا ٿيو جو درجي به درجي انهيءَ دال مانيءَ تي سسٽم ٺھي ويو ۽ آھستي آھستي شڪايتون دور ٿينديون ويون.
اسان ٽي ڄڻا روم ميٽ اڳيئي ھڪ ٻئي جا واقف ھئاسون. مولابخش حاجياڻو سگريٽ جو موالي، آئون به سگريٽ جا سوٽا ھڻندڙ باقي مراد علي خان ڪلوئي ڪڏھين ڪڏھين تجرباتي ڦوڪ ڀريندو ھو. ٻي ڳالھه ته اسان ٽيئي ڄڻا چانهه جا موالي. صبح جو ميس مان ڪاري چانهه سان ماني کائڻي پوندي ھئي. ان لاءِ مراد علي خان ڪلوئي، ڳوٺان گاسليٽ تي ٻرندڙ اسٽوو کڻي آيو. آئون گھران چانهه ڪاڙھڻ لاءِ ديڳڙي ۽ ڪوپ ساسريون کڻي آيس. ڀر واري ڳوٺ مان کير وڪڻندڙ ھمراھه سان صبح شام کير آڻڻ جو بندوبست ڪيوسون. اھڙي طرح چانهه جو بندوبست ٿي ويو. مونکي امڙ ھر دفعي گيھه جو شيشو ڀري ڏيندي ھئي، جيڪو ميس مان ملندڙ ٻوڙ ۾ ملائي، ان کي وڌيڪ ذائقيدار ڪرڻ سان گڏ صحتمند کاڌي ۾ تبديل ڪندا ھئاسين.