ھو جي ھليا ويا........!
منھنجي عمر ھن وقت ستهتر سال تي پھتي آھي. سندم زندگيءَ جا پھريان 9-10 سال انگريز طرفان قائم ڪيل حر ڪئمپ ۾ پنھنجي ماءُ پيءُ قيدين سان گڏ گذريا. جڏھن 1947ع ۾”ورھاڱي“ جو واقعو ٿي گذريو ته مون ٻاروتڻ ۾ نوابشاھه ۾ قائم ڪئمپ مان پناھگيرن جي آمد جا منظر به ڏٺا.
سنڌي سماج جي ورھاڱي جو پروگرام سنڌ جي مسلم ليگي اڳواڻن دراصل 1939ع جي مسجد منزل گاھه وارن فسادن ڪرائڻ سان شروع ڪري ڇڏيو ھو. ڪنور ڀڳت جي 1939ع ۾ قتل سنڌ جي ھندن کي ڌرمي طور وڏو صدمو رسايو. ان بعد اسين ڏسون ٿا ته 3 مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي قرارداد پاڪستان فقط 24 ووٽن سان پاس ڪري ٿي. ھن قرارداد جو متن پڙھي ڏسو ته سمورو ٻه قومي نظرئي موجب آھي.
پر منھنجي لاءِ عجيب ڳالھه اھا آھي ته اھا قرارداد جڏھين سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪئي پئي وئي ته ان وقت سنڌ جي سماج ۾ ڇا وھيو واپريو پئي. پھرئين جون 1942ع کان سنڌ جي اوڀرواري سموري حصي کان وٺي جيسلمير تائين تاريخ جي ڇتي مارشلا لڳائي وئي ھئي. جنهن ڪري حر جماعت جا ھزارين ٻڍا ٻار، عورتون ۽ مرد ڳوٺن مان گرفتار ڪري ڪئمپن ۾ قيد ڪيا ويا ۽ سندن ڳوٺ جلايا ويا. سنڌ جي سينٽرل جيلن حيدرآباد ۽ سکر جي مارشل لا ڪورٽن ۾ سوين مردن کي ڌڙا ڌڙ ڦاھيءَ جون سزائون پئي ڏنيون. ڪئمپن ۾ قيدين جا وڏي تعداد ۾ موت ٿي رھيا ھئا!
ان وقت جي ٻي اھم ڳالھه اھا ھئي ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ حضرت سورھيھ بادشاھه تي مارشل لا ڪورٽ ۾ ”تاج برطانيھ سان جنگ جوٽڻ“ جي الزام تحت، مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل رچرڊسن جي سربراھيءَ ۾ ساڳئي مارچ مھيني ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. حضرت قائداعظم باوجود درخواستن جي ھن ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان معذرت ڪئي.
اصل ۾ ھڪ سازش تحت ھڪ ٻن ھندن جي قتل ٿيڻ جي واقعن کان پوءِ 16 مئي 1942ع تي لاھور ميل جا ٽنڊو آدم جي ڏکڻ طرف ريل جا نٽ بلٽ ڪڍي حادثو ڪرايو ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي ھڪ اھم ميمبر جيڪو ان وقت جي ضلعي نوابشاھه مان اسيمبليءَ ۾ چونڊيل ھئو ۽ جنهن ھنڌ ريل کي ڪيرايو ويو ان تر ۾ ان ميمبر صاحب جي وڏي جاگير ھئي. رڪارڊ مان خبر پئي ٿي ته هن صاحب کي ان ريل ڪيرائڻ جي پوري ڄاڻ ھئي. ڊاڪٽر حميده کُھڙو موجب هي صاحب ڄام جان محمد هيو (حوالو: ڪتاب محمد ايوب کُھڙو) تنهنڪري لاھور ميل جنهن مغرب وقت اچي حيدرآباد پھتي ته ان ۾ ان وقت سنڌ جو وزيراعلى شھيد الھه بخش سومرو اسپيشل بوگيءَ ۾ سفر ڪري رھيو ھيو. جنهن کي اھو ميمبر صاحب اوڀاريون، لھواريون ڳالھيون ڪري، ريل مان لاھي، حيدرآباد ۾ پنھنجي اوطاق تي وٺي ويو. اڳتي ڇا ٿيو جو اھا ريل ٽنڊي آدم ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي ۽ سمورو الزام سازش تحت حرن تي لڳايو ويو. اھو حادثو 17 مئي جي رات ٿيو. ۽ پھرئين جون تي مارشلا لاڳو ڪري سنڌ جي عوام مٿان قھر برپا ڪيو ويو. انهيءَ نازڪ وقت ۾ حرن جي ھزارين لاشن مٿان سنڌ اسيمبلي اھا قرارداد پاس ڪئي. ھڪ ٻه ھندو قتل ڪرائي سنڌ جي گورنر ھيوڊو، شھيد الھه بخش سومري کي گانڌيءَ ڏانهن موڪليو. جنهن گانڌيءَ کي چيو ته حُر آزاديءَ جا پروانا ناھن. گانڌي ڇاڪاڻ ته ان وقت Quit India جي تحريڪ ھلائڻ وارو ھيو. انگريزن کي خدشو ھو ته متان مھاتما گانڌي سڄي ھندستان کي حر تحريڪ سان کڙو نه ڪري، تنهنڪري گانڌيءَ جي من ۾ اھو شڪ پيدا ڪري، سنڌ جي مارشل لا وارن ظلمن ۾ حرن کي اڪيلو ڪري ماريو ويو. ساڳي طرح حضرت سورھيھ بادشاھه کي 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد جيل ۾ شھيد ڪيو ويو.
ھن سموري سانحي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا سڀئي فيوڊل لارڊ ميمبر خاموش رھيا. نه ته ڪنهن اسيمبليءَ ۾ ڳالھايو، نه ڪو پريس ۾ ڪا ڳالھه ڪيائون. آئون ھيءَ ڳالھه تصديق سان چوان پيو. محترمھ حميده کھڙو جو ڪتاب سندس والد محمد ايوب کھڙو بابت پڙھي ڏسو ته اصل سازش جي پروڙ پئجي ويندي. اھي ھزارين ٻار ٻڍا عورتون ۽ مرد 1942ع کان 1952ع تائين ڪئمپن ۾ بيمار، بکيا ۽ بي حال پيا ھئا. انهن بابت ورھاڱي بعد به انهيءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪنهن اڳواڻ ڪا قرارداد پاس ڪئي ھجي ته رڪارڊ مان حوالا ڳولي ڏيکاريو! اھا ته ھلتا (ظلم) ٿي سنڌي حرن سان، باقي جيڪو جبر ۽ ڏاڍائي سنڌي ھندن سان ٿي ان جو داستان الڳ آھي.