آفتاب نظاماڻي صاحب سان ملاقات
ڪجھه وقت کان پوءِ آفتاب نظاماڻي سان ملاقات ٿي. ڏاڍو پيارو انسان لڳو. شروع ۾ صحافت سان گڏ افسانا به لکندو ھو. کاٻي ڌر سان واڳيل وڏيرا شاھيءَ جو سخت ناقد، آفتاب سانگھڙ جي ٻين دوستن سان تعارف جو ذريعو بنيو، تڏھين سانگھڙ ۾ ” سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ ڪونه ھئي. مون کيس جھول سنگت جو حوالو ڏئي، ادبي سنگت جي شاخ کولڻ جي صلاح ڏني. ضياءُالحق جي مارشلا دوران، اسان گرھوڙي ادبي سنگت جي نالي سان ادبي سرگرميون شروع ڪيوسون. ان نالي تي شمشيرالحيدري اسان کي ٽوڪيو! ڇوته مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي سخت مذھبي ۽ جھادي خيالن جو بزرگ ٿي گذريو آھي. اسان گرھوڙي فقير جو نالو ان ڪري اختيار ڪيو، جو مارشلا حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ سنڌي ادبي سنگت توڙي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن ۾ شرڪت کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڪونه ٿي ڏٺو. اسان جي دوستن اھو خيال ڪيو ته نالي ۾ ڪجھه ناھي، اصل ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب بابت سرگرميون جاري رکي سگھن.
آفتاب نظاماڻي صاحب حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ ھتان کان دوستن کي ساٿ ۾ وٺي ويندو ھو. سندس ڪھاڻين جي مجموعي ۾ ”اوھيرا“ جو مھورت حيدرآباد ۾ ڪيوسون، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب شريڪ ٿيا. آفتاب صاحب جي علم دوستي، سندس قلم ۾ وڏيرا شاھي جي خلاف سخت تنقيدي ڪھاڻيون، ان زماني ۾ ڪافي مشھور ٿيون. سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”ارپنا“ اڳ شايع ٿي چڪو ھو، اڪثر ڪري سياري ۾ برھمڻ آباد جي آثارن ۾ وڃي مچ ڪچھري مچائيندا ھئاسين. برھمڻ آباد جي آثارن سان سندس جذباتي لڳاءُ، ان موضوع تي سندس ڪھاڻيون خاص ڪري عربن جي سنڌ تي قبضي ۽ راڻي لاڏيءَ جي موضوع تي لکيل آھن. آفتاب صاحب جي آزاد خياليءَ کي سندس نظاماڻي قبيلي جا خاص افراد جن کي ھو ”ڍينگ“ لفظ سان سڏيندو ھو، ان کي پسند ڪونه ڪندا ھئا. اڪثر ھن شريف ماڻھو خلاف جرڳائي فيصلا صادر ڪندا ھئا.
انهيءَ زماني ۾ نوابشاھه کان صالح بلو، آفتاب سان ملڻ ايندو ھو، جنهن بابت آفتاب جو چوڻ ھو ته صالح صاحب، سندن ” انڊرگرائونڊ انقلابي پارٽي“ جو عھديدار آھي، ھميشھ اڪيلائي ۾ پارٽي ميٽنگ ڪندا ھئا. صالح بلو صاحب حال حيات آھي، آفتاب شھيد جي ورسيءَ تي، نواب شاھه مان سانگھڙ ايندو آھي. صالح ھن وقت نوابشاھه مان ھفتيوار اخبار ” سنڌ گرين“ جي نالي سان شايع ڪري ٿو.
بھرحال اھو ڪريڊٽ شھيد آفتاب نظاماڻي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن سانگھڙ جھڙي عجيب و غريب سماج ۾ نه صرف ادبي سرگرميون جاري ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوانن کي ادب پڙھڻ ۽ لکڻ جو اتساھه مليو، ساڳئي وقت سانگھڙ جي تاريخ سان پڻ دلچسپي پيدا ٿي پئي. سانگھڙ جي اھا تاريخ جيڪا انگريزي راڄ خلاف سنڌ ملڪ مان پھرئين عوامي بغاوت ھئي. ان تاريخ کي پڙھڻ، سھيڙڻ ۽ لکڻ جو اڳتي ھلي رواج پيو.
1980ع جي اوائلي مھينن ۾ مونکي ملائيشيا ۽ آسٽريليا وڃي ڪجھه سکڻ جو موقعو مليو. آفتاب صاحب مونکي صلاح ڏني ته انهن ملڪن بابت سفر ناما لکان. مون ”رنگا رنگ ملائيشيا“ جي نالي سان سفرنامو لکيو، آفتاب صاحب ان کي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان ڪتاب جو تمام سٺو ادبي مھورت پڻ منعقد ڪرايائين. ھيءُ يار سندس افسانن، اخباري تحريرن، مضمونن بابت دوستن جي تنقيد يا ٽيڪا ٽپڻي تي بلڪل ناراض نه ٿيندو ھو. اڄڪلھه جا نوجوان قلم ڪار پنھنجي تحريرن تي ھلڪي تنقيد برداشت نه ٿاڪن ۽ ادبي مخالفت تي لھي ٿا اچن. آفتاب صاحب ان زماني ۾ ھڪ جنرل انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪندڙ ھو. ھن صاحب پھريان پنھنجو نئون گھر تعمير ڪرايو، ان بعد ھڪ پڙھيل ڳڙھيل خاندان مان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس پٽن جو اولاد ٿيو. (آفتاب صاحب جي پھرئين شادي مان کيس ھڪ پٽ ۽ نياڻيءَ جو اولاد آھي.)
اھو 1988ع جو سال آھي، آئون ان وقت اپريل مھيني ۾ ڪراچيءَ جي انڪل سيريا اسپتال ۾، سخت بيماري سبب داخل ھوس. جتي منھنجو ميجر آپريش ٿيو. ان بعد نهايت ڪمزور حالت ۾، اچي گھر ڀيڙو ٿيس، علاج جاري ھو. ھلڻ چلڻ جو ست ساھه ڪونه ھو. انهيءَ حالت ۾ آفتاب صاحب جي شھادت بابت اخباري خبرپڙھي، وڏو صدمو پھتو. ان زماني ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ايم ڪيو ايم وارن، قتل و غارت گريءَ جو فساد شروع ڪيو ھو. حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳايو ويو ھو، آفتاب صاحب جو ھڪ مھاجر دوست جيڪو ٽنڊو آدم نيشنل بيئنڪ جو مئنيجر ھو، ان کيس چيو ته شام جي وقت ڪرفيو لھندو، تون مھرباني ڪري پنھنجي ڪار ۾ مونکي لطيف آباد، حيدرآباد ۾ ڇڏي اچ. ان دوست جي فرمائش تي آفتاب صاحب کيس گھر ته پھچايو، پر واپسيءَ ۾ انهيءَ لطيف آباد جي رستي تي فسادين آفتاب نظاماڻيءَ کي ۽ سندس ڊرائيور نور محمد سولنگي کي شھيد ڪري ڇڏيو.