حڪيم حاجي غلام نبي شر فقير قادري
حاجي غلام نبي شر جي گھڻ پاسائين شخصيت بابت لکندي ھڪ طرف ته مونکي تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي رھي آھي. ٻئي پاسي سندس ھفت پھلو شخصيت جي مڙني پھلوئن تي لکڻ ۾ مشڪلات درپيش اچن پيون.
حاجي صاحب ڪنهن زماني ۾ حاجي فتح علي لسڪاڻي جي سرڪاري ڊيپوءَ تي ڪم ڪندو ھو. ان بعد ڪجھه وقت ٿڌا مشروبات جھول جي شھرين کي پيش ڪيائين. بعد ۾ مڻياريءَ جو جنرل اسٽور جامع مسجد وارن دوڪانن ۾ کوليائين. سندس دوڪان مان اوھان کي عطر جو ٻڙو ڪن ۾ رکڻ لاءِ ملندو. عورتن لاءِ مڻيا، رنگين ڌاڳا، سُرما ۽ سرمي دانيون، ڪپڙا رڱڻ جا مختلف رنگ، سينگار جا سامان وٽس وڪري لاءِ موجود ھوندا ھئا. ادو گل حسن شر انهيءَ دوڪانداري جي ھنر سکڻ بابت سندس لائق شاگرد ھو.
حاجي صاحب خوش خوراڪ، خوش گفتار ۽ خوش دل انسان ھيو. جھول جي جامع مسجد جي توسيع ۽ تعمير بابت ڪافي سرگرم رھيو. ساڳئي وقت يونين ڪائونسل جھول جو وائيس چيئرمين به چونڊيو ويو. حاجي صاحب جھول شھر جو گشت ڪري ماڻھن کي تجاوزات ھٽائڻ لاءِ ھدايتون ڪندو ھو. حاجي فتح علي جي ساٿ ۾ اھو ھنر پڻ حاصل ڪيائين ته ھندن جا خالي ڪيل دوڪان سئٽلمينٽ کاتي کان ڪيئن حاصل ڪجن. ان ڪم ۾ چڱو ڪامياب ويو ان ڪري جھول جي بازار ۾ سندس فرزندن مان ھرھڪ کي پنھنجو پنھنجو دوڪان موجود آھي.
پنھنجي مڻياداريءَ وارو دوڪان ھلائيندي، حاجي صاحب کي خيال آيو ته حاذق حڪيم ٿيڻ گھربو ھو. ان ڪري پنھنجو اھو جنرل اسٽور پنھنجي موڀي پٽ جي حوالي ڪري پاڻ وڃي حڪمت ۽ پسارڪي وکر جو دوڪان کوليائين. آئون سندس حڪمت واري دوڪان تي اڪثر ڪري وٽس ڪچھري ڪرڻ ويندو ھوس. حاجي صاحب چانهه آڻڻ جو آرڊر ڏئي ٻاھر واري کي ان چانهه ۾ ڪجھه جڙي ٻوٽيون به شامل ڪرڻ جو چوندو ھو. حاجي صاحب جي دعوى ھئي ته يوناني حڪمت ۾ ھر مرض جو علاج موجود آھي ۽ ان جا وٽس معتبر نسخا تيار ٿيل موجود آھن. پوءِ چاھي ايڊز جو مرض ھجي يا ھيپاٽائيٽس جي بيماري. ھڪ دفعي ذڪر ڪيائين ته ”ٻڌو اٿم ته ڄام ..........صاحب کي جگر جي تڪليف ٿي پئي آھي. ان جو وٽس علاج شافي موجود آھي. حاجي صاحب طب جي قديم نسخن ۾ پنھنجي تحقيق موجب واڌارا پڻ ڪندو ھو. جنهنڪري نيون دوائون ايجاد ٿي پونديون ھيون ۽ انهن دوائن جا انساني طبيعتن تي ابتدائي تجربا ۽ نتيجا مخالفن ۾ مشھور ٿي ويا.
سندس جھول جي ٽن شر ڀائرن، رسول بخش شر لاري ڊرائيور، قادر بخش شر ۽ غفور شر سان تڪرار ھلندڙ ھو. رسول بخش شر لاري ڊرائيور تمام دلچسپ ماڻھو ھو. غريب عوام پارٽي جي نالي سان پمفلٽ شايع ڪرايائين. اسان کيس ”صدر صاحب“ جي لقب سان ياد ڪندا ھئاسون. قادربخش شر پلاٽن جو واپاري به دلچسپ ماڻھو ھو. سندس مير ضيغم الدين ٽالپر سان دوستي ھوندي ھئي. ھنن جو ننڍو ڀاءُ غفورو شر تمام شرارتي ۽ چرچائي ماڻھو ھو. ڪڏھين ڪپھه ۽ اناج جو واپار ڪندو ھو. آخر ۾ صحافي بنجي ويو. اھو چوندو ھو ته شر ذات جي ماڻھن درميان ھلندڙ تڪرارن جي پئنچائت ۾ شڪي ڏوھي کي جڏھين اھو چئبو ھيو ته ”جيڪڏھين تون بي ڏوھي آھين ته ثابت ڪرڻ لاءِ حاجي صاحب جون ايجاد ڪيل گوريون کائي ڏيکار.“ ويچارو ڏوھي شر گوريون کائڻ کان انڪار ڪندي، نيٺ ڏنڊ ڀري ڏيندو ھو. حاجي صاحب ڪجھه سال ٿيندا ته نوان ڪشتا تيار ڪري پاڻ سان سعودي عرب عمري ڪرڻ وقت کڻي ويو. جدي ايئرپورٽ تي ظالم ڪسٽم آفيسرن اھي ناياب ۽ قيمتي ڪشتا ضبط ڪري ڇڏيا.جنهن جو حاجي صاحب کي ڏاڍو ارمان ٿي پيو. اسان جو ھيءُ پيارو دوست پنھنجو ڪثير اولاد ڇڏي آخرڪار وڃي رب کي پرتو.