آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

تعليم کاتي جا ڪجھه ڪامورا ۽ آفيسر

تعليم کاتي جا ڪجھه ڪامورا ۽ آفيسر

مونکي 1960ع جي نومبر ماھه ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي. ان وقت سيد جلال الدين شاھه صاحب ضلعي سانگھڙ جو DIS ھيو. ھي بزرگ نهايت سادو، نيڪ دل ۽ مھربان صورت وارو انسان ھو. ھن صاحب کان پوءِ حافظ عبدالستار ميمڻ، جيڪو اصل ۾ شڪارپور جي طرف جو رھاڪو ھو، سو ھن عھدي تي مقرر ٿي آيو. حافظ عبدالستار نهايت برجستو آفيسر ٿي گذريو آھي. ھن صاحب جو پرائمري اسڪولن تي اچانڪ ڇاپا ھڻڻ جو غلغلو سڄي ضلعي ۾ مشھور ٿي ويو. ان ڪري سموري ضلعي جا استاد وقت جا پابند ٿي پيا. سندس انهيءَ انداز جي ڪري اسڪولن جي تعليم خواھه انتظام اندر تمام گھڻو سڌارو آيو. ساڳئي وقت استادن ۾ محنت سان ٻارن کي پاڙھڻ جو سلسلو جاري ٿيو.
ضلعي جي آفيس جي ڪاروبار کي به ساڳئي وقت ذاتي طور ھلائيندو ھو. ھرھڪ استاد طرفان موڪليل ڪنهن استدعا کي پاڻ پڙھي، ساڳئي ڪاغذ جي پُٺ تي پنھنجي ھدايت- ريمارڪ لکي ٽپال رستي پاڻ موڪليندو ھو. ان زماني ۾ سياستدانن جي تعليم کاتي ۾ بي جا مداخلت بلڪل ڪونه ھئي. ان ڪري جيڪڏھن ڪو استاد ڪنهن طرح سان عتاب ھيٺ آيو ٿي ته ان کي ڇڪي جند ڇڏائڻي پوندي ھئي. حافظ صاحب قابل استادن جو قدردان۽ مددگار به ھوندو ھو. ھتي آئون ھڪ واقعي جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان، جيڪو نهايت دلچسپ ۽ مزيدار واقعو آھي.
اسان جي جھول مين سنڌي پرائمري اسڪول جي برانچ ڳوٺ دلاور خاصخيلي ۾ ھوندي ھئي. برانچ اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ استاد جيڪڏھن چار پنج ڏينهن موڪل تي ويندو ھو ته مين اسڪول مان ھڪ استاد کي اتي موڪليو ويندو ھو. ڳوٺ دلاور خاصخيلي برانچ اسڪول ۾ اڪثر ڪري مونکي موڪليندا ھئا. ھن ڳوٺ ۾ پاڙھيندڙ استاد جيڪو اصل ۾ اتر طرف جو رھاڪو ھو، ان سان ھڪ ڳوٺاڻي خاصخيلي ذات جي ماڻھوءَ جو پئسن تان تڪرار ٿي پيو. انهيءَ تڪرار دوران ھڪ نوجوان استاد صاحب کي مغز ۾ لٺ وھائي ڪڍي، استاد ويچارو زخمي ٿي پيو. اھا خبر جڏھن حافط عبدالستار ميمڻ کي پئي ته يڪدم ٿاڻي تي پھچي ان لٺڙئي خاصخيلي کي گرفتار ڪرايائين ۽ زخمي استاد کي سول اسپتال سانگھڙ کڻائي وڃي داخل ڪرايائين. حافظ صاحب جڏھن جھيڙي جي ڪارڻ جي انڪوائري ڪئي ته معلوم ٿيو ته استاد صاحب ڪجھه رقم ان ڳوٺاڻي خاصخيلي کي نفعي خاطر اڌاري ڏني ھئي، ان تان تڪرار ٿيو آھي. ھاڻي ڇا ٿيو جو حافظ صاحب کي استاد تي سخت ڪاوڙ ٿي. ان ڳالھه تي ته استاد ٿي ڪري، مسلمان ٿي ڪري وياج تي پئسا ڇو ڏنائين. سو ڇا ٿيو جو جڏھن استاد صاحب اسپتال مان فارغ ٿيو ته حافظ صاحب ان کي ”وياج“ واري الزام تحت سسپنڊ ڪري ڇڏيو. حافظ عبدالستار جيتوڻيڪ سخت طبع رکندڙ آفيسر ھو. پر نهايت ايماندار ۽ رات ڏينهن جاکوڙ سان ضلعي جو تعليمي نظام ھلائيندو رھيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حافظ صاحب حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪئي، 1980ع ڌاري تلڪ چاڙھي واري تاريخي ٽريننگ ڪاليج ۾ نماز پڙھڻ ايندو ھو. سندس گھر شايد ڪاليج جي ڀرپاسي ۾ ھو.