محمد شريف طالب جو سانگھڙ ڪاليج ۾ اچڻ
ھي 1977ع ڌاري جي ڳالھه آھي ته ميرپور بٺوري ٽريننگ ڪاليج مان شريف طالب بدلي ٿي سانگھڙ ڪاليج جوائن ڪئي. محمد شريف طالب ضلعي سانگھڙ جي اوائلي پنجابي جٽ آڪھه سان واسطو رکندڙ ھو. جن کي انگريز جمڙائو ڪئنال تي زمينون ڏنيون. شريف طالب جي آبائي ٻني دلور موري وٽ واقع ھئي. سندن ننڍڙو ڳوٺ پڻ آباد ھو.
شريف دراز قد، ديدار خواھه پوشاڪ ۾ پرڪشش، کيس شاعريءَ جو شوق پڻ ھيو. سنڌي خواندھه ھجڻ ڪري سٺي شاعري لکندو ھو. عاشق مزاج بندو، سندس شخصيت، قد ڪاٺ ڏسي مخالف جنس به کانئس متاثر لڳندي ھئي. شريف طالب کي فوٽو گرافي جو تمام گھڻو شوق ھو. ھو ھميشھ ھڪ معياري ڪئميرا تيار رکندو ھو. سنڌ ۾ قلندر شھباز جي ميلي کان وٺي ڀٽائي جي ميلي ۾ ٿيندڙ ثقافتي تقريبن جي فوٽو گرافي ڪندو ھو. منھنجي ھڪ اندازي ۾ وٽس انهن تاريخي پروگرامن جي فوٽو گرافيءَ جو وڏو خزانو موجود ھو. طالب صاحب ساڳئي وقت موسيقي سان به لڳاءَ رکندو ھو. ميرپور بٺوري جي ڪاليج ۾ خاصخيلي ڳائڻن سان سندس گھاٽي ياري دوستي ھئي. طالب صاحب جي، استاد محمد جمن سان به گھري دوستي ھئي. استاد محمد جمن خود به ياري دوستي وارو فنڪار ۽ ڪچھرين جو ڪوڏيو ھو، شريف طالب سان گڏ منھنجيون به ساڻس ڪچھريون ٿيون، شريف طالب جا محترمه عابده پروين سان به تمام سٺا تعلقات ھئا. اھا مائي صاحبه شريف طالب وٽ ٽنڊي آدم ۾ سندس مھمان به ٿي ايندي ھئي. شريف طالب ٽريننگ ڪاليجن جي زوال واري دور ۾ سانگھڙ جي ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. انهيءَ زماني ۾ سندس صحت خراب رھڻ لڳي. مون سندس دور ۾ نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ ورتي. بھرحال طالب صاحب تمام پيارو دوست ھو. ھميشھ ياد رھندو.