جيون ۾ ايڪ بار جانا سينگاپور!
27 جنوري صبح جو ڪولالمپور مان فلائيٽ رستي ٿوري دير ۾ وڃي سنگاپور پھتاسين. جيئن ته شام جو سينگاپور مان اسان کي آسٽريليا اڏام ڪرڻي ھئي، تنهنڪري سموري گروپ پنھنجو ھڪ روز سينگاپور جي سير ۽ خريداريءَ ۾ گذاريو.
مونکي سينگاپور مان ھڪ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊر وٺڻو ھو. ڇاڪاڻ ته آسٽريليا ۾ سنڌي موسيقي جو بندو بست ڪري وڃڻو ھو. آئون ڳوٺان استاد منظور علي خان، عابده پروين ۽ ڪجھه ٻين فنڪارن جون ڪئسٽون ساڻ کڻي ويو ھوس. ٽيپ رڪارڊر ھٿ ڪري، ھندستاني ٽائيپ جي بازار شايد سرنگون روڊ تي پئي گھمياسين ته ھڪ دوڪان مان جڳجيت ۽ چترا جو غزل ٻڌڻ ۾ آيو. ڳولي وڃي ڪئسٽ خريد ڪيم. بھرحال سنگاپور ايترو اوپري يا اجنبي ڪونه لڳي. ھتي ھندستاني، سک، پاڪستاني پنجابي جتي ڪٿي نظر آيا. شام ستين وڳي اسان جي سڊني ڏانهن اڏام ھئي. آسٽريليا جي ڪئنگرو ڇاپ ايئر لائين وسيلي شام جو ايئرپورٽ پھچي سج لٿي مھل سامان چيڪ ڪرائي، بورڊنگ ڪارڊ وٺي اٺين وڳي ڌاري جھاز ۾ روانا ٿياسون. مونکي اٽڪل پنجن ڪلاڪن جي ڊگھي فلائيٽ ۾ ننڊ ڪونه آئي. انهن 5 ڪلاڪن ۾ اوڀر ڏانهن سفر ڪندي رات وھامي چڪي ۽ صبح جي وقت اچي سڊني ايئرپورٽ تي پھتاسون. اتي برٽش ڪائونسل جو نمائندو آجيان لاءِ موجود ھو. جنهن ايئرپورٽ تي اسان لاءِ ڪجھه ساھي پٽڻ ۽ ناشتو ڪرڻ لاءِ ھڪ ڪمرو بڪ ڪرايو. اتي وڃي سامان رکيوسون، ھٿ منهن ڌوئي ناشتي جو انتظار پئي ڪيوسين ته اوچتو ھڪ ”ٽال اينڊ بلانڊ“ آسٽريلين عورت تمام مختصر لباس سان ھڪ ڪارو ڪتو ڪاھي اچي اسان جي گروپ کي ”ھيلو“ ڪيو. وڏي زبردست سرپرائيز ڏنائين! جو اسان جي وفد ۾ شريڪ ملتان مان آيل محترمه دانهن ڪري چيو ته ”اس ڪي ڪپڙي ڪڌرھين!“ پوءِ خبر پئي ته ان مڊم ڪارو ڪتو شايد اسان جو سامان سونگھڻ لاءِ آندو ھو. بھرحال گوري نسل جي سيميٽالاجي واھه جا وڻي!
ھاڻي اسان کي ساڳئي وقت سڊني ايئرپورٽ تان، آسٽريليا جي گاديءَ واري شھر ڪئنبرا لاءِ فلائيٽ پڪڙي، سامان سڙو کڻي برٽش ڪائونسل جي ھمراھه جي اڳواڻيءَ ۾ ڪئنبرا لاءِ جھاز ۾ سوار ٿياسون. ڪلاڪ کن جي اڏام ھئي، ھوائي جھاز به ننڍو ھو. ڪئنبرا جي ھوائي اڏي تي اسان جي استقبال لاءِ ڊاڪٽر وينزٽي صاحب موجود ھو. ياد رھي ته ڊاڪٽر وينزٽي اسان جي ھن سفر کان ٽي مھينا اڳ اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ اسان جي رھبري لاءِ آيل ھو. ھن صاحب اسان جو ساز و سامان ھڪ وين ۾ رکي، اسان کي وڃي ھڪ ھوٽل حوالي ڪيو.
ھن ھوٽل جو عجيب نالو ھو ”گيري ڪامن ويلٿ ھوٽل“ پنج سئو ڪمرن تي مشتمل ھي تمام وڏو عوامي ھوٽل ٿي لڳو. اسان کي ھوٽل جي ھڪ منزل تي لاڳيتا ٻارھن ڪمرا ڏنا ويا. ڊاڪٽر وينٽزٽي ٻڌايو ته ”سڀاڻي آسٽريليا جو قومي ڏينهن آھي. جنهن ڪري موڪل ھوندي. سموري گاديءَ واري شھر مان مفت بس سروس ھلندي ۽ خاص ميلي واري ھنڌ پھچائيندي!“ ٻئي ڏينهن استاد وينٽزي جي سربراھي ۾ وڃي ميلي۾ پھتاسون، جتي راڳ رنگ، ناچ گاني ۽ ٻين ڪيترين ئي سرگرمين جو مشاھدو ڪيوسون. ميلي واري ھنڌ Captin Cook جو يادگار پڻ ٺھيل ھو برلي ڍنڍ جي ڪناري تي. ياد رھي ته اھو برطانوي رولاڪ جھازي ھو، جنهن آسٽريليا جو کنڊ ڳولي اتي برطانيه جو جھنڊو اچي کوڙيو ھو. مون جھڙي ٻهراڙيءَ سان واسطو رکندڙ ماڻھوءَ جو مغربي مڊمون ڏسي وات گودو ٿي پيو. ڇا ته انساني حسن جو نماءُ ھيو.